تاريخ ۽ جاگرافي
دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ مختلف زمانن ۽ دؤرن ۾ ماڻهن جيڪي به ڪم ڪيا آهن، تن تي طبعي حالتن ۽ جاگرافي ماحول جو وڏو اثر پيو آهي ماڻهن به پنهنجي گهرج ۽ عقل آهر پنهنجي طبعي ماحول ۽ گهڻ طرفي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، ته جيئن حيات انساني ۾ بهتري آڻي سگهجي. ان طرح ڪي جاگرافيءَ جا ماهر ٿا چون ته، تاريخ تي جاگرافيءَ جو اثر طبعي حالتن موجب سؤ سيڪڙو پوندو آيو آهي.
مطلب ته اسين پنهنجي طبعي ماحول جا پورا پابند آهيون. سڀ مذهب، ڌرم، تهذيبون، ۽ تمدن، ريتون ۽ رسمون، جنگيون ۽ صلحناما ۽ اهڙيون ڪيتريون تاريخي حقيقتون آهن، سي سڀ طبعي حالتن جي سبب ٿيون آهن ۽ ٿين ٿيون. قومن جا نصيب ۽ ماڻهن جي قسمتن جا سمورا فيصلا سندن مرضيءَ ۽ همت ۽ سورهيائي پٽاندر ڪو نه ٿيندا آهن. ان سڄي ڪار گذاريءَ ۾ مکيه حصو طبعي بقاءَ يا جاگرافيائي ۽ قدرتي حالتن جو به هجي ٿو. جيڪڏهن طبعي جاگرافي ۽ قدرتي ماحول جي انسان جي حياتيءَ لاءِ ايتري اهميت آهي ته پوءِ تاريخ کي علم جو هڪ جدا گانه پورو آزاد مضمون چئي نه سگهبو. اهڙيءَ صورت ۾ تاريخ کي جاگرافيءَ جي هڪ شاخ يا ڀاڱو چئجي ته بهتر. جاگرافي پاڙهيندي استاد ماڻهن جي زندگيءَ تي فضا، مٽيءَ، هوا، پاڻي مطلب ته سڄي طبعي بناوت جي عمل دخل جو به ذڪر ڪندو. اهو واقعي سچ آهي ته ان سڄي طبعي صورتحال ۾ به ماڻهن جي فڪر، محنت ۽ جفا ڪشي يعني سندن انساني تاريخ جو اثر به ڪو گهٽ نٿو ٿئي. بيشڪ قدرت جون طاقتون ۽ طبعي حالتون بي پناهه آهن، ليڪن انسان جي عقل ۽ ماڻهو جي پنهنجي مرضيءَ جو به پنهنجي ماحول تي وڏو اثر پوي ٿو. وڏي حقيقت اهابه آهي ته انسان جيئن جيئن سائنس ۾ ترقي ڪري ٿو تيئن تيئن هو جاگرافيائي ماحول ۽ قدرتي حالتن جي اثر کان آجو ٿئي ٿو. قدرتي ماحول جي طاقت روز به روز گهٽ ٿيندي وڃي ٿي. يورپ جي سائنسدانن آلپس جهڙي اوچي جبلن جي قطار کي بارود ۽ ڊائنامائيٽ سان ڀڃي اندران چئني طرفن کان سرنگهون ٺاهيون آهن. انهن سرنگهن مان ريل جا رستا ڪڍيا اَٿن. انهن ريل جي رستن مان يورپ جي سڀني ملڪن ڏانهن ريل گاڏيون هلن ٿيون، ۽ انهي نموني آلپس جي ڀر وارا ملڪ پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن. پوئتي پيل ۽ سخت مذهب ورتل روس جي سائنسدانن به پنهنجي مرضيءَ ۽ محنت سان قدرتي ماحول کي ڦيرائي ڇڏيو. سائيبريا جي علائقن ۾ هنن هوائن ۽ ندين جا رخ بدلائي ڇڏيا. جتي اڳي رڻ پٽ هوندو هو ۽ ڪابه ساوڪ نظر نه ايندي هئي، اتي هزار ها ميلن ۾ باغ باغيچا ۽ فصل آباد ٿيل نظر اچن ٿا. روسين ٿڌي ڪمري بند وارن رڻ پٽن ۾ ڪوسي ڪمربندن جي پيدائش جا ٻوٽا سائنس جي زور تي پوکي ڏيکاريا آهن. پري ڇو وڃون، پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به سائنسدانن ۽ انجنيئري کاتي جي علمدارن پنهنجي قدرتي ماحول تي ضابطي ڪرڻ ۾ نه گهٽايو آهي. اهو زمانو هو جڏهن سنڌ کي رڻ پٽ جي ماٿري به چوندا هئا، ڇاڪاڻ جو سڄو علائقو واريءَ جي ڊٻن ۾ ڍڪيل هجڻ ڪري غير آباد هوندو هو. پر اڄ سنڌ جي ماٿريءَ کي جنت جي ماٿري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ سندس آدم شماري به ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهيو ۽ ان مان نڪتل واهن جي ڪري سنڌ جو گهڻو ڀاڱو غيرآباد ڦري آباد ٿي پيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڄام شوري وٽان ڪوٽڙي بئراج مان نڪتل واهن جي ڪري باقي رهيل ملڪ به آباد ٿيو، تنهن کان سواءِ اتر سنڌ ۾ گڊو بئراج به کوليو ويو آهي. انهن مثالن مان ظاهر آهي ته انسان قدرتي ماحول جو پورو ڪو غلام به ڪونهي، بلڪ پنهنجي عقل سان پنهنجي زندگيءَ کي خوشحال ڪري سگهي ٿو.
سائنس جي هيڏي وڏي ۽ تيز ترقي هزارن لکن سالن جي انساني تاريخ جي سامهون واقعي هڪ نئين ۽ هاڻو ڪي ڳالهه آهي. برابر اها هڪ ڏٺي وائٺي حقيقت ٿي آهي، ته انسان هميشه پنهنجي قدرتي ماحول جي اثر هيٺ رهيو آهي ۽ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته بني آدم جي حياتيءَ تي قدرتي حالتن جو اثر زبردست ٿئي ٿو. اڳين زمانن جا ماڻهو ائين رڻپٽن کي آباد ڪري نه سگهيا هئا. جيئن اڄ اسان جا انجنيئر انهن کي گلزار بنائي رهيا آهن. اڳي ڪنهن ملڪ جي ڀاڱي ۾ ڏڪار پوندو هو، يعني جيڪڏهن ماڻهن کي کاڌو ۽ چوپائي مال لاءِ گاهه نه ملندو هو، ته اهي اتان لڏي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ويندا هئا جتي کين اِهي ٻه شيون سولائي سان ملي سگهن، اتي به جيڪڏهن ٻن قبلين جا ماڻهو هڪ هنڌ هوندا هئا ته منجهن گاهه ۽ کاڌي لاءِ اهڙي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي، جو هڪڙي کي اتان به لڏڻو پوندو هو. رڳو دريائن جي گالهه تي ٿو اچجي ته اڳئين زماني ۾ بادشاهه ۽ سپهه سالار ڪنهن جنگ تي ويندا هئا ته پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي گهوڙن ۽ هاٿين وغيره لاءِ پاڻيءَ جي گهڻي انداز جي ضرورت پوندي هين، ۽ کين ڪنهن درياءَ جي ڀر واري رستي سان ئي سفر ڪرڻو پوندو هو. ٻن ٽن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ درياءَ جي ئي ڪناري تي منزل ڪري اتان اڳتي جي پنڌ لاءِ پاڻي کڻي وڌڻو پوندو هئن. فوجن جي ڪاهن جا رستا، منزلن جا نشان، واٽ تي اڏيل ڪوٽ ۽ قلعا اڄ به درياءَ جي ڀر سان زبون حالت ۾ پڌرا ڏسي سگهجن ٿا. اڳي دريائن کي پار ڪرڻ لاءِ پتڻ ۽ گهيڙ تمام گهٽ هئا، ۽ اتي به اڳلن جون فوجي چوڪيون چست بيٺيون هونديون هيون ۽ ان طرح اتي ڪوٽ ۽ شهر آباد ٿيندا هئا. انهن گهيڙن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جنگيون لڳنديون هيون ۽ هزارها ماڻهن جي نصيب جو مدار گهيڙ کي کٽڻ يا هارائڻ تي هوندو هو. اهڙن گهيڙن جي پسگردائين ۾ سوداگر ۽ واپاري اچي رهندا هئا ۽ اتي ميلا لڳندا هئا.
هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ته ڪنهن ملڪ جي طبعي بيهڪ، فضائي مٿاڇري ۽ بناوٽ يعني آبهوا وغيره جو اثر ان جي تاريخ تي ڪيتري قدر پوندو آهي، بهتر ٿيندو جو هندستان جي مهاراشٽر علائقي جو مثال وٺي غور ڪريون. مهاراشٽر هڪ جابلو ٽڪرائون ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڏکيا لڪ آهن ۽ منجهس ڪيترائي لڪل ڪوٽ ۽ اڏيل قلعا هوندا هئا. اتي جا ماڻهو (مرهٽا) اهڙائي دل جا بهادر، محب وطن ۽ تحمل وارا هوندا هئا جهڙو سندن ملڪ، پر تنهن هوندي قدرت هنن کي جيستائين شيواجي جهڙو اڳواڻ نه ڏنو تيستائين اهي هڪ مضبوط ۽ متحد قوم نه ٿي سگهيا. مطلب ته مهاراشٽر جي قدرتي حالتن جو اثر اتي جي رهاڪن تي پيو ۽ شيواجي ۽ سندس قوم مهاراشٽر جي جاگرافيائي ماحول جو فائدو وٺي، مغل بادشاهن کي اهڙو ڪڪ ڪيو، جو مغل انهن تي پوريءَ طرح ڪڏهن به قابض ٿي نه سگهيا.
ان طرح تاريخ تي جاگرافيءَ جي اثر جا گهڻائي مثال ملي سگهن ٿا. تاريخ پاڙهيندڙ استاد جو فرض آهي ته پاڻ به اهڙن مثالن کي چڱي طرح سمجهي، انهن مثالن جي فائدي ۽ نقصان تي غور ڪري. کيس کپي ته نقشي ۽ چارٽن کان سواءِ تاريخ ڪڏهن به نه پڙهائي، ڇاڪاڻ ته تاريخ پاڙهيندي استاد کي جاين، طرفن ۽ طبعي مٿاڇرن جي ڳالهين سمجهائڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان لاءِ استاد کي ڪلاس ۾ تصويرون ڏيکارڻ به ضروري آهن، ته جيئن شاگردن جي ذهن ۾ تاريخي شخصيتن (بادشاهن ۽ سپهه سالارن وغيره) جي ڪمن ۽ ڪارگذارين کي سمجهڻ لاءِ جاگرافيائي حالتن جو احوال به چٽيءَ طرح سامهون اچي. استاد کي گهرجي ته فوجن جي اچ وڃ ۽ ڪاهه ۽ پيش قدمين ۽ شهرن ۽ ڪوٽن جو گهيرو ڪرڻ يا ڇڏي اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ٻڌائيندي ڪلاس جي سامهون بلئڪ بورڊ تي سبق پڙهائيندي، يڪدم گهربل تصوير يا خاڪو ڪڍي ٻارن کي سبق سمجهائي. خاص طرح استاد کي اهو خيال هجڻ گهرجي ته تاريخي تحريڪن ۽ واقعن جي سمجهاڻي ڏيندي انهن تي بحث ڪندي، سرزمين جي جاگرافيءَ جي اثر ڏانهن ڪلاس جي شاگردن جو ڌيان ڇڪائي. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا نصاب ۽ نقشا جدا جدا ٺاهيا وڃن، ڇاڪاڻ ته هر هڪ هيڊ جي پاڙهڻ جا طريقا ۽ گهرجون جدا جدا آهن. تاريخ جو استاد هن کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهي ته تاريخ جي سبق کي چڱيءَ طرح سمجهائڻ لاءِ پنهنجي سبق جو لاڳاپو جاگرافيءَ سان گهرج آهر ڏيکاري.
جيئن تاريخ تي جاگرافيائي ماحول جو اثر ٿيندو آهي تيئن قدرتي ماحول تي تاريخ جو اثر به ٿئي ٿو ۽ هن ڳالهه کي ڪي استاد بنهه خيال ۾ نه آڻيندا آهن. خود جاگرافيءَ جو ماهر استاد ڪنهن علائقي بابت پاڙهڻ شروع ٿو ڪري، ان جي طبعي بيهڪ گلوب تي شاگردن کي ڏيکاري ٿو. تنهن کان پوءِ انهيءَ علائقي جي فضائي مٿاڇري، معدني ۽ زرعي پئداوار، هنر ۽ ڪاريگريون پاڙهي ٿو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ماڻهن جي ڳالهه تي ئي سبق ختم ڪري ٿو. ۽ ٿيڻ به ائين ئي کپي. جاگرافيءَ جو مضمون پاڙهڻ جي هن طريقي کي ئي منطقي طريقو چئي سگهبو ۽ بامقصد به اهو طريقو آهي.
پر هيءُ طريقو جاگرافي پاڙهڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ جاگرافيءَ جو سبق دلچسپ ۽ مزيدار نه ٿو ٿي سگهي، ته ٺلهيون جاگرافيائيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي کڻي بس ڪجي، جنهن مان ٻارن جي علم ۾ ڪو به ياد ڪرڻ جهڙو اضافو ڪو نه ٿيندو. تنهن کان سواءِ خشڪ ۽ ٻسي طريقي سان جاگرافي سيکارڻ ۾ وڏو خطرو هي به آهي ته شاگرد ائين سمجهي ويهن ته دنيا جا ملڪ ۽ انهن جون حالتون جيئن انهن جي ڪتابن ۽ ائٽلسن ۾ ڏيکاريل آهن، هميشه کان اهي ساڳيءَ حالت ۾ رهڻيون آهن. تاريخ يا جاگرافيءَ جي استاد توڙي شاگردن کي ان دنيا سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جنهن کي ديوتائن ڏنو هو. بلڪ سندن واسطو هن دنيا سان آهي، جنهن کي بني آدم پاڻ ڳولي ڪڍيو آهي ۽ جنهن ۾ انسان پاڻ رهيو آهي يا رهي ٿو. انسان جو واسطو هن دنيا سان آهي جا وقت بوقت تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن تبديلين جو اثر انسان جي ڌنڌن ۽ واپار تي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي تي پوندو رهيو آهي. تنهنڪري لازم آهي ته اسان دنيا جي تاريخ يا جاگرافي انهي مقصد لاءِ پڙهون ته اسان کي بني آدم جي زندگيءَ جي مسلسل آکاڻي ۽ دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ مختلف وقتن ۾ انسانذات جي تحريڪن جون ۽ تهذيب ۽ تمدن جون خبرون سلسلي وار پونديون رهن.
آسٽريليا جي خبر انسانذات کي پڇاڙيءَ جو پيئي تنهنڪري آسٽريليا کنڊ جي تاريخ توڙي جاگرافي پڇاڙيءَ ۾ پاڙهڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ٻيا نوان ملڪ جهڙوڪ: آمريڪا، ڪئناڊا، ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا آهن. انهن جي جاگرافي به تاريخ جي روشنيءَ ۾ پاڙهڻ گهرجي. البت هي جاگرافيءَ يا تاريخ جا مضمون پاڙهيندي انساني عقل ۽ محنت کي به حد کان وڌيڪ ساراهڻ چڱو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ائين به ٿيو آهي ته انسانذات جيڪڏهن پنهنجي قدرتي ماحول کي پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي نه سگهيو آهي ته پوءِ ان حد تائين مجبور ٿي، خاموشيءَ سان هن طبعي ماحول پٽاندر ئي اتي پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ قبول ڪئي آهي.