(ج) مٿين ڪلاسن ۾ تاريخ جي سبق سيکارڻ جا طريقا
1. ٻارن کي اسلامي تاريخ بابت پوري واقفيت ڏيڻ.
(2) کين پاڪستان ۽ ڀارت جي تاريخ جي خاص دؤرن جي تفصيل سان سکيا ڏيڻ.
(3) ٻارن کي علم شهريت جون مکيه ڳالهيون ٻڌائڻ.
(4) کين موجوده پاڪستان جو ملڪي ۽ قومي نظام حڪومت ۽ جوڙجڪي سرشتو سيکارڻ.
وچولي درجن وانگر مٿين ڪلاسن ۾ به تاريخي واقعات تي سندن اسباب ۽ نتيجن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي، زماني سلسلي جو خاص طور سان خيال رکيو ويندو ۽ تعليمي طريقو موضوع وار ٿيندو. بليڪ بورڊ جو اختصار جدا جدا سبقن آهر نه ٿيندو بلڪ مضمونن موجب ٿيندو. هر موضوع بابت سندس سببن ۽ نتيجن بابت استاد ڪلاس ۾ تنقيدي بحث مباحثو ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کان مضمون لکرائيندو. وقت جون ليڪون ۽ گراف جو ڪم ڪرائيندو ۽ شاگردن کي چوندو ته گهران ڏنل سوالن جا جواب درسي ڪتابن تان پڙهي لکي اچن. ڪلاس ٽائيم ٽيبل کان سواءِ شاگرد گهرو ٽائيم ٽيبل به ٺاهيندا ۽ استاد گهرو ڪم تي خاص طور سان ڌيان ڏيندو.
مٿين ڪلاسن جي شاگرن کي خاص طور سان تاريخي ڊراما ۽ ڊائلاگ رستي تاريخ جي سکيا ڏني ويندي. سفر ۽ ايڪسڪرشن کي تاريخ جي نصابي ڪم تي ترجيح ڏني ويندي. شاگرد پاڻ تاريخي سِڪا، ماڻهن، اوزارن، هٿيارن ۽ اڳئين زماني جي لباس جي نمونن جون تصويرن وغيره گڏ ڪندا ۽ تاريخ جو آلبم ٺاهيندا. تنهن کان سواءِ نقشا سازيءَ جي لاءِ شاگر هڪ جدا نوٽبڪ رکندا، جنهن کي استاد هر هفتي جاچيندو ۽ شاگردن کي ضروري هدايتون ڏيندو.