شهريت جي معنيٰ
(2) شهريت ڪنهن به ملڪ جي حڪومت ۽ ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري بابت واقفيت ٿي ڏئي، يعني اڄوڪي حڪومت جو سرشتو ڪيئن نه گذريل زماني کان وٺي، اڄ تائين مختلف منزلن يا ترقيءَ جي ڏاڪن ما لنگهي اسان تائين پهتو آهي .
(3) جديد زماني ۾ شهريت جي اهميت اڃان به وڌي ويئي آهي. شهريت هڪ سماجي سائنس ٿي وئي آهي، جنهن جو مقصد ٻارن ۾ چڱي شهري ٿيڻ جي عادت پيدا ڪرڻ آهي ۽ کين شهريت جا اصول سيکارڻ آهي.
ڇاڪاڻ ته علم شهريت پڙهڻ مان اسان کي موجوده حڪومت ۽ ماڻهن جي ترقيءَ جي راهِه عمل جي خبر پوي ٿي، تنهن لاءِ شهريت تاريخ جو ڀاڱو آهي. اڄڪلهه دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شهريت ۽ تاريخ جا هيڊ جدا جدا به پاڙهيا ٿا وڃن ۽ خاص طور سان شهريت اسڪول جي ابتدا ئي ڪلاسن کان وٺي مٿين ڪلاسن تائين هڪ جدا تدريسي مضمون آهي. آمريڪا جي اسڪولن ۾ شهريت ذريعي سيکاريو ٿو وڃي ته هاڻوڪيءَ پيچيده سوسائٽيءَ ۾ ڪيئن عزت ۽ خوشحاليءَ سان رهڻ گهرجي. انهن اسڪولن ۾ شهريت جي نصاب ۾ تاريخ، جاگرافي، نفسيات، علم بدن ۽ صحت، اقتصاديات ۽ سياست وغيره جي ڄاڻ جا سبق شامل هوندا آهن. شروعاتي ڪلاسن ۾ شهريت جو استاد ٻارن کي سندن گهر، ڪٽنب، اسڪول، پاڙي ۽ ڳوٺن بابت سبق ٿو پاڙهي ۽ سندن ڳوٺ جي صفائيءَ لاءِ بندوبست، باهه وسائڻ جي بندوبست، پوليس جي انتظام ۽ باغ باغيچن جي رکواليءَ بابت ٻارن کي واقفيت ملي ٿي. هن کان پوءِ استاد ٻارن کي سندن کاڌي ۽ پاڻي، رهڻ جي جاين ۽ جان ۽ مال جي حفاظت جي طريقن ۽ اُپائن بابت سبق ڏيندي، استاد کين مارڪيٽ ۾، بازارين ۾ کاڌي جي سامان جي پيداوار جي هنڌن ۽ جدا جدا رستن ۽ ذريعن وسيلي اتي پهچڻ وغيره بابت ٻڌائي ٿو، پاڻي بابت ڳالهائيندي استاد کين پاڻي ملڻ جا ذريعا، صاف پاڻيءَ جي اهميت وغيره بابت واقفيت ڏئي ٿو. گهرن بابت سبق سکندي ٻار روشنيءَ تازيءَ هوا جي ضرورت، گرمي سرديءَ کان بچاءُ، گيس ۽ ٽيليفون ۽ ٻين پبلڪ جي سهنجاين ۽ سولائين بابت ۽ انهن شين بابت، شهرين جا فرض ڪهڙا ٿيڻ گهرجن بابت اهڙيون سموريون ڳالهيون سکندا آهن. ٻارن کي سيکاري سمجهايو ٿو وڃي ته پنهنجي پاڙي جي گهٽيءَ کي ڪيئن ۽ ڇو صاف رکڻ ضروري آهي، گند ڪچرو ڪٿي اُڇلائڻ گهرجي، گندگيءَ ۽ بيمارين جا خراب نتيجا ڪهڙا ٿيندا آهن، اسپتالن ۽ تفريح جي جاين جي ڪهڙي ضرورت آهي.
شهريت کي هڪ سماجي يا پنگتي سائنس سمجهي ٻارن لاءِ اهڙي ڊگهي ڪورس رکڻ مان مراد هيءَ آهي ته کين اڄ ڪلهه جي ترقي يافته زندگيءَ ۽ سوسائٽيءَ ۽ ان جي کاتن، شاخن ۽ ادارن جي ٻارن کي خبر پوي ٿي ۽ منجهن پنگتي شعور ۽ جماعتي ذميداري پيدا ٿئي. شهريت جي سکيا اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ اسان جي پنهنجن ٻارن لاءِ به نهايت ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اسان جي سماج ۾ اڃا شهريت جو جذبو ۽ پنگتي ذميداري پيدا نه ٿي آهي. اسان جي ملڪ واسين کي خود پنهنجي ٻارن جي حقن جي به اصل خبر ڪانهي. اسان جا ٻار نه پاڻ ئي صاف ٿا رهن ۽ نه پنهنجي گهرن ۽ پاڙي جي جاين، گهٽين ۽ شهرن کي صاف رکڻ جي ضرورت محسوس ٿا ڪن. پاڻي ته سڀ ٿا پين پر صاف پاڻيءَ جي اهميت جي خبر ڪانه اَٿن. وڏي شهر ۾ ننڍا ٻار خونچي وارن ۽ ٺيلهي وارن کان خراب شيون وٺي کائين ٿا ۽ ان ڳالهه ۾ خود اسان جا وڏا به ٻارن کان گهٽ نه آهن.
تنهنڪري شهريت جي سکيا اسڪولي ٻارن ۾ چڱيون عادتون پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن شهريت جو علم ان ريت هڪ جدا مضمون طور اسڪولن ۾ پاڙهيو ويندو، ته پوءِ ان جو لاڳاپو نه رڳو تاريخ سان بلڪ تعليمي مضمونن سان به ڪافي گهاٽو ٿيندو.