تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

دهليءَ ۾ مسلم سلطنت جو بنياد پوڻ

1206ع قطب الدين ايبڪ جو دهليءَ جي تخت تي قبضو.
1210ع قطب الدين ابيڪ جي وفات.
1210ع سلطان التمش جو گاديءَ تي ويهڻ.
1221ع چنگيز خان جو حملو.
1235ع سلطان التمش جي وفات.
1236ع شهزادي رڪن الدين فيروز شاهه جو گاديءَ تي ويهڻ.
1236ع سلطانه رضيه جو گاديءَ تي ويهڻ.
1240ع سلطانه رضيه جي گرفتاري ۽ وفات.
1241ع سلطان علاؤالدين مسعود جو گاديءَ تي ويهڻ ۽ منگولن جي هندستان تي ڪاهه ۽ لاهور تي قبضو ڪرڻ.
1245ع منگولن جي بلبن ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ ۽ بلبن هٿان شڪست کائي موٽي وڃڻ.
1246ع سلطان ناصرالدين محمود جو گاديءَ تي ويهڻ.
1266ع غياث الدين بلبن جو تخت نشين ٿيڻ.
1279ع بينگال ۾ ڻغرل جو بغاوت ڪرڻ.
1285ع پنجاب تي منگولن جي ڪاهه.
1286ع بلبن جي وفات، ۽ معزالدين ڪيقباد جو تخت نشين ٿيڻ.
1290ع سلطان ڪيقباد جو هڪ خلجيءَ هٿان مارجي وڃڻ ۽ غلام گهراڻي جو خاتمو.