تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

ڊائلاگ ڪيئن ڪرڻ گهرجي:

ناٽڪ وار طريقي سان تاريخ سيکارڻ لاءِ ضروري آهي ته ڊائلاگ هميشه ٻارن کان ڪرايا وڃن. بيشڪ ٻار تاريخ جي ڪتاب ۾ خاموش خوانيءَ جي ذريعي پنهنجي سبق جي ڳالهين کي سمجهي ٿا سگهن ۽ ياد ڪري ٿا سگهن، پر هن طريقي موجب ٻارن جي دل ۾ جذبا پيدا نه ٿيندا. تنهنڪري بهتر ٿيندو ته ڊائلاگ ٻارن کان ڪلاس ۾ ڪرايو وڃي. پهريائين استاد پاڻ ڊائلاگ ڪلاس ۾ پڙهي ٻڌائي ۽ سوال جواب رستي مکيه ڳالهيون ٻارن کي سمجهائي. هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي ته ٻار ڊائلاگ کي زباني ياد ڪن، نه هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ڊائلاگ ڪرائڻ مهل ڪلاس ۾ خاص طور سان اسٽيج ۽ لباس وغيره جو بندوبست ٿئي، بلڪ ايترو ڪافي ٿيندو ته ٻارن کي پنهنجا پنهنجا پارٽ ڏنا وڃن ۽ استاد کين پنهنجي پنهنجي پارٽ پڙهڻ ۽ ادا ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ته هو پنهنجي پارٽ کي گهربل آواز ۽ پوري ڍنگ سان پڙهي سگهن. ناٽڪ سکڻ ۽ ياد ڪرڻ جو هڪ تعليمي طريقو آهي ۽ ناٽڪ ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي ٿيڻ گهرجي، نه تفريح يا وندر. خاص وقتن تي جيئن اسڪول اسيمبلي، قومي ڏينهن يا سالياني جلسي وغيره جي موقعي تي اسٽيج ٺاهڻ، گهربل لباس يا ٻيو ضروري سامان جو بندوبست ڪرڻ ناٽڪ ڪرڻ لاءِ ضروري ٿيندو. اهڙن موقعن تي ٻارن کي پنهنجا پنهنجا پارٽ پڪيءَ طرح ياد ڪرڻا پوندا. اسميبلي هال کي به ٻار پاڻهي ئي سينگاريندا ۽ لباس ۽ اسٽيج ٺاهڻ وغيره جو سڄو ڪم آرٽ ماستر ۽ تاريخ جي استاد جي نگرانيءَ هيٺ ٻار پاڻ ڪندا. اهڙن وقتن تي ٻارن کي آزادي ڏيڻ ضروري آهي ته منجهن اعتمادي ۽ ذميداريءَ جو جذبو پيدا ٿئي.