تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

تاريخ ۽ وقت جو احساس

جيئن جاگرافي پاڙهيندي استاد مڪان ۽ مفاصلي جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ نقشا ۽ چارٽ استعمال ڪندو آهي، ساڳيءَ طرح تاريخ جو استاد به وقت، مفاصلي ۽ جاءِ وغيره جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري ٿو. تاريخ جي استاد کي ياد رکڻ گهرجي ته تاريخي شخصيتن ۽ سندن ڪمن ۾ خاص لاڳاپو ٿيندو آهي. تاريخ ۾ نه ڪا شخصيت علحده ٿي سگهي ٿي ۽ نڪو واقعو. تاريخدان جو ڪم آهي ته واقعن جي سببن- نتيجن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي پيش ڪري ۽ ٻارن ۾ خاص طور تاريخ جي حوالي سان ماڻهن جي ڪارنامن جي وقت جو احساس پيدا ڪرائي.
عام طور جـُهوني زماني جا استاد ٻارن کي خاص خاص تاريخون چتونءَ وانگر ياد ڪرائي ڇڏيندا هئا. پر اڄ ڪلهه جديد تعليمي طريقن موجب تاريخي واقعن جو لاڳاپو تاريخن سان ڏيکارڻ کان سواءِ خالي تاريخون ياد ڪرائڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته ان طرح خالي تاريخن ياد ڪرڻ وارو جهونو طريقو ٻارن ۾ وقت جو احساس پيدا نٿو ڪري. تاريخ جي استاد کي گهرجي ته نصاب پاڙهيندي مکيه تاريخن جي حوالي سان انهن سان لاڳاپا رکندڙ واقعا شاگردن کي ٻڌائي ۽ سمجهائي، ته ٻارن ۾ وقت جو گهربل احساس پيدا ٿئي. وقت جي هن احساس جاڳائڻ لاءِ مختلف نظرياتي تعليمي وسيلا اختيار ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪ:

(1) وقت جا ليڪا يا لڪيرون وقت اهڙو روڊ آهي جنهن تي ٽريفڪ هڪڙي پاسي کان ئي ايندي آهي، ۽ وقت جي احساس پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخ جو استاد وقت جون لڪيرون ۽ وقت جي گراف ذريعي تاريخ جا سبق سيکاريندو آهي. مثلاً، هڪڙي لڪير هڪ فوٽ ڊگهي هڪ صديءَ جو عرصو ڏيکاريندي ۽ جيڪڏهن ان فوٽ واريءَ لڪير کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي، ته هر هڪ ڀاڱو ڏهن ورهين جو عرصو ظاهر ڪندو. ان لڪير جي کٻي پاسي انگ لکبا آهن ۽ سڄي پاسي خاص صديءَ جون مکيه تاريخون ڏيکاربيون آهن. تاريخ جي استاد کي ٻن ڳالهين جو خاص طور ڌيان رکڻ گهرجي، يعني وقت جي لڪير تمام ننڍي نه هجي ۽ تاريخون تمام مکيه ۽ ٿوريون هجن. هيٺين ڪلاسن ۾ ٻارن کي آکاڻين رستي سبق پاڙهبا آهن ۽ تنهن کان پوءِ هيٺين ڪلاسن ۾ بياني طريقو اختيار ڪبو آهي ۽ مختلف گهراڻن جي ڪمال ۽ زوال بابت ڄاڻ ۽ سمجهاڻي ڏبي آهي. خاص طور مٿين ڪلاسن ۾ وقت جي لڪيرن جي گرافن جي اهميت وڏي آهي. وقت جي لڪيرن ذريعي مغلن جو اچڻ، چوٽ تي پهچڻ، تنهن کان پوءِ سندن زوال جو وقت چڱيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح مرهٽن جي اُڀرڻ ۽ ڪرڻ ۽ تنهن کان سواءِ تاريخي تحريڪن جي ابتدا ۽ پڄاڻيءَ کي وقت جي گراف ذريعي چٽيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. مثلاً هندستان ۾ برهمڻن جي ڪماليت جو زمانو. ٻڌ ڌرم جي ترقيءَ، راجپوتن جي عروج جو زمانو، انگريزن ۽ انگريزي تعليم جو زور ۽ ٻين سماجي سڌارن وغيره جا مک دؤر يا زمانا چٽا ڪري ڏيکاري سگهجن ٿا.
(2) تاريخي گراف (Time - graphs) اهي وقت جا ليڪا يا وقت جون لڪيرون تاريخ ۾ سماجي سڌارن ۽ جدا جدا شخصيتن يا گهراڻن جي دؤرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ گراف جي صورت ۾ صاف صاف ۽ چٽا ٿي آڏو بيهن ٿا. مغلن ۽ مرهٽن جي ٽن سون ورهين جي عرصي جو نقشو گراف رستي چڱي طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح 1857ع واري بغاوت کان وٺي 1947ع تائين مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ جا تحريڪ هلي، سا گراف رستي سمجهائڻ گهرجي. استاد جي رهنمائيءَ لاءِ چند وقت جي ليڪن ۽ گرافن جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا: