تاريخ ۽ ڊراما
مٿين بابن ۾ اسين ڏسي آيا آهيون ته تاريخ جي علمي سر چشمن يا ماخذن جي وسيلي تاريخ جو پڙهڻ، صحيح تاريخي اڀياس لاءِ ڪيتري قدر ضروري ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿو ۽ تاريخ جي هيڊ کي هڪ زنده ۽ وڻندڙ شيءِ بنائي ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪڙو ٻيو طريقو به آهي جنهن جي وسيلي تاريخ جي سکيا کي هڪ دلچسپ ۽ عملي زندگيءَ لاءِ مفيد بنائي سگهون ٿا. ان طريقي جو نالو آهي ڊرامائي يا ناٽڪ وارو طريقو جڏهن ٻار پاڻ اسٽيج تي وڃي تاريخ جي مشهور ماڻهن جهڙوڪ گوتم ٻڌ، اشوڪ، اڪبر، جهانگير، نورجهان، دودي سومري، ڄام نندي، مخدوم بلاول وغيره جو پارٽ خود ادا ڪندا ته کين خبر پوندي ته اهي ماڻهو اصلي هئا ۽ هٿراڌو يا فرضي نه هئا. خيالي ماڻهن يا شين جو پارٽ اسٽيج تي ادا ڪرڻ مشڪل آهي. توهين ڪنهن نيڪ يا بد ماڻهوءَ جو پارٽ ادا ڪري سگهو ٿا، پر نيڪيءَ يا بديءَ جهڙين صفتن جو پارٽ ادا ڪري نه سگهندا. ناٽڪ ڪندي صفت کي ذات کان جدا ڪري ڏيکارڻ ناممڪن آهي، ناٽڪ ڪندي گهڻو ڪري ٻار پنهنجي سڀني حواسن کان ڪم وٺن ٿا ۽ ان سان ٻارن جي ذهانت جاڳي ٿي ۽ لياقت به اُڀري ۽ وڌي ٿي. ٻار هميشه اهڙن تجربن کي سولائي سان ياد ڪري ڇڏيندا آهن، جي سندن دل کي وڻندا آهن. ناٽڪ ۾ ٻارن جا دلي جذبا جاڳن ٿا. تنهن ڪري ناٽڪ جي هر ڳالهه سولائيءَ سان کين متاثر ڪري ٿي. مطلب ته ناٽڪ وارو طريقو ٻارن جي حافظي جي قوت کي وڌائيندو آهي. ان طريقي سان تاريخ پڙهائڻ مان ٻيا به ڪيئي فائدا آهن:
(1) ٻارن جي دلين مان تعصب دور ٿئي ٿو ۽ منجهن تنگ نظريءَ جي جاءِ تي روشن خيالي پيدا ٿئي ٿي.
(2) ٻارن کي ماضيءَ جي حالتن جو صحيح ۽ سچو اندازو ٿئي ٿو.
(3) دماغي محنت سان گڏ هو پنهنجن لڪل دلي جذبن موجب پڻ تجربا ڪن ٿا ۽ سکن ٿا.
ناٽڪ وارو طريقو استاد جي هٿ ۾ ائين آهي جيئن ڪنهن ڪاريگر جي هٿ ۾ هڪڙو اوزار، تاريخ هڪ سائنس آهي ۽ ناٽڪ تاريخي حقيقتن جي سمجهائڻ لاءِ هڪ اوزار آهي. تنهنڪري استاد لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي هنرمندي ڏيکاريندي هن اوزار کي غلط استعمال نه ڪري. تاريخ پاڙهڻ جو مقصد سچائي ۽ حقيقت پيش ڪرڻ آهي. تنهنڪري ناٽڪ ۾ ڪنهن به حالت ۾ تاريخي ڳالهين کي وڌائي نه ڏيکارڻ گهرجي ۽ نه سچائيءَ کي لڪائڻ گهرجي يا ڪو ڪوڙ ئي ٻڌائڻ گهرجي. هن پابندي جو مطلب هي هرگز نه آهي ته ڊرامي جي هر هڪ سين ۽ ڳالهه جو تاريخي لحاظ کان هوبهو اهڙو هئڻ ضروري آهي، بلڪ استاد آزاد آهي ته پنهنجي خيال، تصور، تخيل، کي ڪم ۾ آڻي تاريخي آکاڻين کي دلچسپ رنگ روپ ۾ پيش ڪري. پنهنجي ايجاد ۽ خيال جي قوت کي ڪم ۾ آڻي ڊائلاگ ٺاهي، راڳ ۽ سر سان گيت ۽ بيت وغيره چوارائي. پر هر حالت ۾ کيس خيال رکڻو آهي ته تاريخي حقيقت يا آکاڻي کي ناٽڪ جو رنگ ڍنگ کائي نه وڃي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته نيڪ ماڻهو جو پارٽ ادا ڪندي ڏسندڙ کي هن جي نيڪيءَ جي خبر نه پوي يا بد معاش ماڻهوءَ جو پارٽ ادا ڪندي ڏسندڙن کي هن جي بديءَ جو احساس نه ٿئي. بهترين طريقو هي ٿيندو ته پهريائين ٻار پنهنجن ڪتابن ۾ تاريخي شخصيتن جي حياتين جو مطالعو ڪن ۽ پوءِ پنهنجي واقفيت کي تاريخي ماخذن جي وسيلي وڌائين ۽ ڀيٽائين. هن کان پوءِ ٻار پاڻيهي خيالي ڊائلاگ ٺاهن ۽ ناٽڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجا پسنديده پارٽ پاڻ چونڊين ۽ ادا ڪن.
ٻي ضروري ڳالهه جا تاريخ سيکاريندڙ استاد کي ياد رکڻي آهي سا هيءَ آهي ته هر ناول، ڊرامي يا آکاڻيءَ جو تاريخي ٿيڻ ضروري نه آهي، پر هر تاريخي ڳالهه کي ناول، ڊرامي يا آکاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ٻارن کي خيالي ۽ ڪوڙن ناولن جي بڇڙي اثر کان پري رکڻ تاريخ سيکاريندڙ استاد جو اهم فرض آهي.