1. مرڪوزي طريقو
هيءُ ڳالهه ظاهر آهي ته هن طريقي موجب ساڳيو ۽ سڄو ئي ڪورس هر منزل تي دهرائڻو ٿو پوي. تنهنڪري هن طريقي تي پورو پورو عمل ڪرڻ ممڪن نه آهي، هن طريقي جي خلاف اعتراض هيٺ ڏجن ٿا:
(i) ڇاڪاڻ ته هڪ يا ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ تاريخ جو سڄو رکيل نصاب ڪرڻو ٿو پوي. تنهن ڪري تاريخ بابت ٻارن جي واقفيت ٿوري يا گهڻي اڻپوري رهجي وڃي ٿي.
(ii) ڇاڪاڻ ته ساڳيوئي ڪورس ٽي چار دفعا دهرائڻو پوندو آهي. تنهن ڪري ٻارن کي نئين سبقن ۾ دلچسپي پيدا ٿي نٿي سگهي.
(iii) ڇاڪاڻ ته هزار يا ٻن هزار ورهين جي تاريخ ٻن ٽن ورهين جي مختصر عرصي ۾ پاڙهڻي ٿي پوي، تنهنڪري ٻارن ۾ واقعن جي زماني سلسلي جو ۽ وقت گذارڻ جو احساس پيدا ڪرڻ مشڪل ٿو ٿئي. ڇو جو انهن جي بانيڪارن يا ڪردارن وچ ۾ مفاصلو گهڻو ٿي ٿو وڃي.
مٿي ڏنل اعتراض برابر آهن، پر اهي اعتراض تڏهن دور ٿي سگهن ٿا جڏهن طريقي ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون وڃن، ۽ رکيل نصاب ۾ ستن ورهين جي عرصي ۾ فقط ٻه يا ٽي ڀيرا ڪورس کي دُهرايو وڃي. سبقن جو غير دلچسپ ٿيڻ وارو اعتراض برابر نه آهي ڇاڪاڻ ته دلچسپيءَ جي هئڻ يا نه هئڻ جو مدار استاد جي لياقت، اورچائي ۽ چونڊيل نصاب جي احوال ۽ آکاڻين تي رکيل آهي ۽ نه ڪنهن سکيا جي طريقي تي. ڪورس کي دهرائڻ جو مطلب هي نه آهي ته ساڳيون ڳالهيون ۽ ساڳيا تفصيل هر هر دهرايا وڃن. شروعاتي ڪلاسن ۾ سڄي پاڪستان جي تاريخ جي مکيه تاريخي شخصيتن جي زندگين بابت احوال ٻڌائي پيش ڪري سگهن ٿا. وچين ڪلاسن ۾ خاص شخصيتن کي اهميت ڏيڻ بدران تاريخي واقعن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي ۽ سکيا جو طريقو به بيان ٿيندو. مٿين ڪلاسن ۾ به واقعا پاڙهيا ويندا پر سکيا جو طريقو تنقيد ۽ تبصري وارو ٿيندو.