تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

عالمي تاريخ ۽ قومي تاريخ

مٿي ڏنل بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته قومي تاريخ پاڙهڻ جي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن يا قومن جي تاريخ پاڙهڻ به گهٽ يا وڌ پر تمام لازمي امر آهي. پر سوال هيءُ آهي ته ڀلا ائين بهتر نه ٿيندو ڇا، ته تاريخ عالم کي نصاب ۾ شامل ڪري اسڪولي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن منزل تي ٻارن کي ان جي سکيا ڏني وڃي. ڪي تاريخدان چون ٿا ته دنيا جي تاريخ جي سکيا بالغن جي لاءِ موزون آهي، ۽ ثانوي اسڪولن جي ٻارن جي لاءِ انهيءَ تاريخ عالم جو سمجهڻ ڏُکيو ٿيندو. ٻيا ٿا چون ته تاريخ عالم کي خاص طور تي نصاب ۾ داخل ڪرڻ اجايو آهي. بلڪ قومي تاريخ جي سکيا ڏيڻ مهل تاريخ عالم سان لاڳاپا رکندڙ ڳالهيون گڏو گڏ سيکاريون وڃن. هن جي برخلاف پروفيسر التميرا جو رايو آهي ته دنيا جي تاريخ کي ابتدائي درجن ۾ پڙهائي سگهجي ٿو. فشر جي راءِ موجب ملڪ جي هر ٻار کي غارن ۾ رهندڙ ماڻهن (Cave-men) ۽ دنيا جي ابتدائي تاريخ جون ڳالهيون سکڻ گهرجن. بابل جي رهاڪن، مصرين، يهودين، عربن، يونانين ۽ رومين جو احوال پاڙهڻ کان پوءِ ٻار جڏهن يارهن يا ٻارهن ورهين جي ڄمار جا ٿين، تڏهن پاڪستان ۽ هندستان جو احوال پڙهن. مطلب ته گهڻن مؤرخن ۽ تاريخ جي استادن جو متفق فيصلو آهي ته ٻارن کي ابتدائيءَ ۾ يعني پنهنجي ملڪي يا قومي تاريخ جي سکيا کان اڳ دنيا جي تاريخ جي سکيا بابت مختصر واقفيت ڏيڻ تمام بهتر ٿيندو. البته هي ڪورس بلڪل ابتدائي، ”سؤلو“ ۽ مختصر هئڻ گهرجي.