تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

نصاب ٺاهڻ ۽ تاريخي واقعن جي ترتيب

اڳئين باب ۾ نصاب لاءِ موزون ۽ ڪارائتي تاريخ جي مواد چونڊڻ جي اصول بابت بحث ڪيو ويو آهي. هاڻي مکيه مسئلو هيءُ آهي ته نصاب لاءِ چونڊيل واقعن ۽ ڳالهين کي ڪيئن سلسلي وار ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ترتيب ۾ آندو وڃي ته تاريخ جا سبق ڪلاس جي سامهون پيش ڪرڻ جوڳا ٿين.

تاريخي واقعن کي ترتيب ڏيڻ ۽ نصاب لاءِ ٺاهي رکڻ جا مختلف طريقا آهن. جن مان مکيه هيٺ ڏجن ٿا:

(1) مرڪوزي طريقو (Concentric Method)
(2) زماني وارو يا دؤر وار طريقو (Periodic or Chonological Method)
(3) ٽاپڪ وارو يا موضوع وارو طريقو (Topical Method)
(4) حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃڻ جو طريقو (Going from the present towards the past)
(5) ماضيءَ کان حال ڏانهن اچڻ جو طريقو (Going from the past towards the present)
(6) لڏڪڻي وارو طريقو (Pendulum Method)

سچ پچ تاريخ جي نصاب جي ترتيب ڏيڻ لاءِ فقط پهريان ٻه طريقا مکيه آهن ۽ انهن ٻنهي تي هميشه بحث مباحثو هلندو رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته مضمون وارو ۽ دؤر وارو طريقو هڪ ٻئي جون ئي ٻه مختلف شڪليون آهن. ٽينءَ ڳالهه ته حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃڻ وارو طريقو نئين سبق کي پيش ڪرڻ لاءِ ماضيءَ کان حال ڏانهن اچڻ جي طريقي کان وڌيڪ موزون آهي. سبقن جي شروعاتي ڏاڪڻ کي دلچسپ بنائڻ لاءِ هيءُ طريقو خاص طور سان ڪم اچي ٿو. بهر حال پهريان ٻه طريقا خاص طور تاريخ جي استاد لاءِ اهميت رکن ٿا.