تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

(ب) وچين ڪلاسن ۾ تاريخ جي سبق سيکارڻ جا طريقا

وچولي درجن جي شاگردن کي تاريخ سيکارڻ جا مقصد هيٺ ڏجن ٿا.

1. هند پاڪستان جي تاريخ جي مکيه واقعن جي واقفيت ڏيڻ ۽ اهم شخصيتن جو تعارف ڪرائڻ. پاڪستان، هندستان ۽ اسلامي تاريخ بابت وقت جي ليڪن ۽ تاريخ جي چارٽن وسيلي تاريخي شخصيتن ۽ مکيه تحريڪن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ڏيکارڻ.
2. ماضي جي واقعات جا سبب ۽ سندن نتيجن جي اهميت سمجهڻ ۽ حال جي تاريخ تي ماضيءَ جي اثر بابت واقفيت ڏيڻ.

سکيا جو طريقو آکاڻين وارو ئي رهندو پر شخصي ۽ انفرادي ڳالهين جي بدران پنگتي ۽ سماجي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي. مکيه واقعات کي مرڪز بنائي خاص تاريخي شخصيتن کي هن مرڪز جي چوڌاري بيهاري سندن ڪمن جو بيان ڏنو ويندو.

درسي ڪتاب کي وچولن درجن ۾ خاص طور سان استعمال ڪيو ويندو. شاگرد درسي ڪتابن ۾ ڏنل سبق کي پڙهي اسڪول ۾ گهران تيار ٿي ايندا.
تاريخ جو استاد پاڪستان جي تاريخ ۽ اسلامي تاريخ جي مکيه شخصيتن جي احوال بابت خاص طور سان سبق پاڙهيندو، بليڪ بورڊ تي جنگين جا چارٽ، گهيرن جو ڊائگرام ۽ ڌارين حملي آورن جي رستن جا خاڪا ڪڍي ٻارن کي سمجهاڻي ڏيندو.
ٻار پنهنجي نوٽبڪن ۾ هڪ پاسي بليڪ بورڊ جو اختصار لکندا ۽ ٻئي پاسي تي ساڳي اختصار کي وڌائي ڪيل سبق تي مضمون گهران لکي ايندا. نقشن ۽ چارٽن جو ڪم وچولي درجن ۾ خاص طور سان وڌيڪ ڪرائڻ گهرجي.
استاد هر روز شاگردن کي هڪ ٻه سوال گهرو ڪم وانگر ڏيندو جنهن جا جواب شاگر درسي ڪتاب کي پڙهي گهران لکي ايندا.
تنهن کان سواءِ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ وچولي درجن جا ٻار تاريخي مضمونن تي تصويرون تيار ڪري ڳالهيائيندا يا مضمون لکي پڙهي ٻڌائيندا. ناٽڪ ۽ تاريخي ڊائلاگ وقت جون ليڪون ٺاهڻ ۽ گراف تيار ڪرڻ جو ڪم به جاري رهندو، مطلب ته ابتدائي درجن ۽ وچولي درجن جي شاگردن جي سکيا جي طريقن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. سواءِ ان جي ته ابتدا ئي درجن ۾ استاد کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ وچولي درجن ۾ استاد سان گڏ شاگرد به اوتروئي ڪم ٿا ڪن جيترو استاد. خاص طور سان نقشه سازيءَ ۽ مضمون لکڻ جي سلسلي ۾.