6. لڏڪڻي وارو طريقو
پينڊولم طريقي جي ذريعي تاريخ پاڙهڻ جا فائدا هيٺ ڏجن ٿا:
(i) اهو طريقو ڄاتل کان اڻ ڄاتل تي وڃڻ واري اصول تي ٻڌل آهي.
(ii) اڳيون زمانو هاڻوڪي زماني ۾سمايل آهي تنهنڪري هاڻوڪي زماني جو احوال پڙهبو ته ان ۾ ازخود اڳئين زماني جو احوال به اچي ويندو.
(iii) جيڪڏهن تاريخ جو ڪم اڳئين زماني جي احوال کان شروع ڪبو ته هاڻوڪي زماني جي تاريخ تي ويچارڻ لاءِ پورو وقت ملي ڪين سگهندو.
(iv) قوم جي ترقيءَ جي منزلن جي ڀيٽ ماضيءَ کان حال ڏانهن اچڻ جي ذريعي بهتر نموني ۾ ڪري سگهجي ٿي .
(v) اڳئين زماني کان هاڻوڪي زماني تي اچڻ فطرتي طريقو آهي. تنهنڪري تاريخ جو احوال پڻ قديم زماني کان شروع ڪرڻ گهرجي.
(vi) جيڪڏهن شاگرد مستقبل تي به نظر ڪرڻ سکندا ته سندن هوش ۽ تميز جي طاقت وڌندي.
(vii) هاڻوڪي زماني ۾ جيڪي خرابيون آهن انهن کي مٽائڻ ۽ هٽائڻ لاءِ اهي ازخود ڪوشش ڪندا ۽ جيڪڏهن هڪ دفعي ٻارن جي دل ۾ اها آرزو پيدا ٿي وڃي، ته کين آئينده جا ابا ٿيڻو آهي ته پوءِ انهن خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا، جنهن ڪري ممڪن آهي ته دنيا جيڪا هن وقت خلل سان ڀريل آهي ۽ جهنم مثل ٿي ويئي آهي سا ڦري بهشت ٿي پوي .