ماخذ وارو طريقو
تاريخ جو واسطو سچن واقعن ۽ تحقيق ڪيل(ڇنڊيل) ڳالهين سان ٿيندو آهي. آرين، ايرانين، يونانين، عربن، سومرن، سمن،ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن خواهه انگريزن ۽ ليگي مسلمانن بابت لکڻو هجي، ته مؤرخ لاءِ ضروري آهي ته کيس ڳالهين ۽ واقعن بابت پورو ۽ سڄو علم هجي. ڇاڪاڻ ته تاريخ هڪ سائنس آهي، انهيءَ ڪري نه مؤرخ ۽ نه تاريخ جو استاد ڪوڙين آکاڻين تي راضي ٿي بس ڪري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪوڙيون آکاڻيون ٻارن لاءِ دلچسپ ۽ سبق آموز ۽ ڪارائتيون ئي ڇو نه هجن.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته مؤرخ گذريل زماني ۽ اڳوڻن ماڻهن بابت سچا واقعا ڪئين ۽ ڪٿان هٿ ڪري؟ مؤرخ پاڻ اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ جيئرو آهي ۽ ماضي جي احوال جو علم هن کي ڪو نه آهي نه مؤرخ اڳوڻن مئل ماڻهن سان ڳالهائي ٿو سگهي ۽ نه کين ڏسي ٿو سگهي ۽ نه انهن سان خط وڪتابت ڪري ٿو سگهي. ان ڪارڻ مؤرخ لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته هو سموري حاصل ٿيڻ جهڙي تاريخي مواد ۽ سامان کي ڪم آڻي، جنهن ۾ ئي گذريل زماني جي ماڻهن جي حياتيءَ جي سچي پڌري پيل يا لڪل تصوير موجود آهي. اهڙي تاريخي مواد يا سامان کي ”ماخذ“ (ڄاڻ جو ذريعو يا ماخذ ڪوٺبو آهي. علم لسانيات جي ماهرن انسانذات جي تاريخ کي قلمي ذريعن يا ماخذن جي لحاظ کان ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي.
تازي ۽ جديد دور جو مدو گذريل ٻن هزار ورهين تائين رکيل آهي. ڇاڪاڻ ته هن دؤر سان لاڳاپا رکندڙ لکيل رڪارڊ يا دستاويز موجود آهن. هن دؤر کي ”تاريخي دؤر“ جي نالي سان به سڏبو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءُ دؤر يونان جي سڪندر اعظم جي ڪاهه کان وٺي شروع ٿئي ٿو.
جيڪڏهن سڪندر اعظم جي ڪاهه کان پوئتي وڃبو ته تاريخ جو اڳ وارو ٻيو دؤر شروع ٿيندو. هيءُ زمانو يادنامن مثلاً: رامائڻ ۽ مهاڀارت ۽ يوناني ايليڊ جو زمانو آهي. اهي به ان قديم زماني جي تاريخ بابت ٻڌايل نشان يا رڪارڊ آهن، پر سچا نه آهن، ڇاڪاڻ ته حقيقت انهن ۾ افسانن ۽ جنن ۽ ڀوتن، ديوَن ۽ ديوتائن جي آکاڻين ۾ سمايل آهي. انهن جي سچ کي ڪوڙ کان جدا ڪرڻ تمام ڏکيو ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ چئي سگهون ٿا ته هي زمانو نيم تاريڪي يا اونداهو زمانو هو. هن دؤر کان اڳ تاريخ جو ٽيون وڏو قديم دؤر هو، جڏهن لکڻ پڙهڻ جي هنر جي خبر ماڻهن کي اصل ڪانه هئي. هن دور کي تاريخ کان اڳ وارو دؤر (Pre-historic Period) سڏبو آهي. هن دؤر جي معلومات لاءِ ماخذ به خاص قسم جا آهن يعني هن زماني جا مختلف قسمن جا اوزار، ٽٽل ڦٽل جايون ۽ محلات ۽ سندن نشان ۽ آثار، برتن ۽ ٿانوَ ۽ انسانن جا هڏا ۽ ڪيپراٽيون يا ڪي سڄاسارا هڏاوان پڃرا وغيره. جن جو غور سان مشاهدو ڪري قديم زماني جي زندگيءَ بابت تاريخ جون ڪي ڳالهيون لکي سگهجن ٿيون.
تنهنڪري اچو ته ماخذ واري طريقي جي اهميت ۽ قيمت تي بحث ڪرڻ لاءِ پهرئين ”تاريخي دؤر“ کي سمجهون.
(1) تاريخي دؤر (Historical Period) جا مکيه يا اهم ماخذ لکيل صورت ۾ ۽ گهڻي انداز ۾ موجود آهن. انهن ماخذن ۾ آکاڻيون جڳ بيتيون ۽ آتم ڪهاڻيون، ڊائريون، چٺيون، سرڪاري فرمان ۽ رپورٽون، سرڪاري اعلان ۽ احڪام، شاهي ڊگريون ۽ سرڪاري قانون، واپارين جا دستاويز، سندون، کاتا ۽ حساب ڪتاب جا ڪاغذات وغيره شامل آهن.
(2) تاريخي دور ۽ نيم تاريخي دؤر جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو مکيه وسيلو ۽ مول ڄاڻ ڀنڊار ڪتبا (inscriptions) به آهن. جيڪي پٿرن يا ڌاتن جي ٽڪرن تي اُڪريل آهن. قديم ۽ وچولي تاريخي دؤرن ۾ رواج هوندو هو ته راجا يا بادشاهه پاڻ بابت ۽ مذهبي اڳواڻن بابت مقدس جاين ۽ تيرٿن لاءِ نقد پئسا مخصوص ڪري يا ٻنيءَ جا ٽڪر انعام طور وقف ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انهن بابت پنهنجا حڪم ٽامي جي پليٽن يا پهاڙن جي مک هنڌن تي لکائي ڇڏيندا هئا. هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ خاص طور سان وجيه ننگر جي قديم حڪومت بابت ۽ ٻـُڌ ڌرم جي دؤر سان واسطو رکندڙ سڄي برصغير هند ۽ سنڌ بابت اهڙين ٽامي جي پليٽن ۽ ٽڪرن تي اُڪريل احوالن ذريعي ڪافي معلومات حاصل ٿيل آهي.
(3) ٻيا به گهڻا ماخذ ۽ اصل هنڌ ۽ سامان آهن جهڙوڪ: رنگين ۽ روغني تصويرون، بت ۽ بوتا، عمارتون ۽ ڊٺل عمارتن جا نشان. جهونا رستا ۽ پليون، قبا، قلعا ۽ قبرون، سڪي ويل يا منهن مٽيل دريائن جا پيٽ، سڪا، اوزار، لٽا ڪپڙا، هٿيار ۽ جنگ جو ٻيو سنهو ٿلهو سامان وغيره.
مثال لاءِ مغربي پاڪستان جي سرزمين سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي کي وٺو. موهن جي دڙي جي خبر انگريزن جي دؤر ۾ محڪمه تحفظ آثار قديم جي آفيسرن کي پئي. موهن جو دڙو نيم تاريخي زماني جو هڪ شهر هو جو اڄ زمين جي اندر دٻيل آهي. سرڪاري آفيسرن ۽ سندن نائبن ڳوليندي ڳوليندي، موهن جي دڙي جي علائقي ۾ مئل ماڻهن جون ڪيپراٽيون ۽ سندن ٿانو، اُڪريل مهرون، مالهائون، سڪا، زيور، ڪڻڪ ۽ جون جا سنگ، ۽ داڻا، مڇين ۽ ( گهوڙن کان سواءِ) ڪن ٻين جانورن جا هڏا هٿ ڪيائون ۽ اهڙن ڪيترن ئي ماخذن وسيلي انهن آفيسرن پنجاب ۽ سنڌ ۾ پنج هزار سال اڳي جي رهاڪو آريه ۽ اڻ آريه ماڻهن جون دلچسپ ۽ قابل اعتبار آکاڻيون ٺاهي پيش ڪيون آهن. ماڻهن جي هڏن جي جانچ ۽ ماپ جي ذريعي سندن ڪيپراٽين جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ انهن ماهرن يا ڄاڻنُ هيءُ نتيجو ڪڍيو آهي ته آرين کان اڳي سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي گهٽ ۾ گهٽ چئن جدا نسلن جا ماڻهو رهندا هئا.
تاريخي دؤر کان اڳي يعني نيم تاريخي دور جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين ماخذ ان زماني جا اوزار آهن. اهي اوزار پٿر جا يا ٽامي جا يا پتل جا ٺهيل مليا آهن. اوزارن کان پوءِ ان زماني جا ٿانو آهن. جنهن جي چڪاس، تپاس ۽ مطالعو اڄ ڪلهه سائنس ٿي ويئي آهي.