مؤرخن کي ماخذ ڪيئن استعمال ڪرڻ گهرجي؟
حال ۽ جديد زماني جي تاريخي ماخذن کان ڪم وٺڻ به سوَلو نه آهي، ڇاڪاڻ ته شاهي سندون ۽ فرمان به گهڻائي ڪوڙا آهن. جهونن دستاويزن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ به ڏکيو ڪم آهي. جهونن دستاويزن ۽ تحريرن کي پڙهڻ لاءِ ماهرن جي ضرورت آهي. مطلب ته مؤرخ جو ڪم آهي ته مختلف ماهرن جي راين کي سامهون رکي ۽ تاريخي ماخذن جي وسيلي نڪتل نتيجن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو تاريخ ۾ لکي. مؤرخ جي قوت خيال اعليٰ ۽ نظر وسيع هجڻ گهرجي ته هو مختلف قسمن کي ثابتين جي وسيلي سمجهي سگهي، ته اڳئين زماني جا ماڻهو ڪيئن رهندا هئا، ڪيئن ڪم ڪندا هئا، ڪهڙي سڀاءُ جا هئا ۽ انهن جا جذبا ۽ احساس ڪهڙي نموني جا هوندا هئا. مؤرخ کي هڪڙي پاسي شاعرانه تخيل جو مالڪ هئڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي هن ۾ هڪ سائنسدان جهڙو صبر، تحمل ۽ صداقت ۽ سچائيءَ جهڙيون صفتون هئڻ گهرجن. اوچا ۽ وڏا مؤرخ تمام ٿورا ٿيندا آهن. رواجي قسم جا مؤرخ عام طور وڏن مؤرخن جي پيروي ٿا ڪن ۽ انهن جون تاريخون پڙهي، عام پبلڪ لاءِ سولا ۽ دلچسپ تاريخ جا ڪتاب لکي ٿا ڇڏين. کين وڏن مؤرخن جي تاريخي معلومات ۽ ماخذن سان هنن جو واسطو نه پوندو آهي، بلڪ انهن جي نتيجن کي سچو سمجهي هو پنهنجن ڪتابن ۾ داخل ڪري ٿا ڇڏين.
اهڙن رواجي قسم جي تاريخدانن جو نقل وري نصاب جا درسي ڪتاب لکندڙ ڪندا آهن. نصاب جي درسي ڪتابن جي مصنفن جو ماخذن بابت ڄاڻ ۽ تاريخي دستاويزن کي پڙهڻ جي لياقت هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو واسطو نٿو رهي. تاريخ جي درسي ڪتابن ۾ عام طور سان ٻارن کي جنگين ۽ صلحن جو ۽ بادشاهن ۽ باغين جو احوال ملي ٿو، پر ٻارن کي هي خشڪ تاريخن ۽ واقعن جو ميڙيل بيان نٿو وڻي. اهڙا تاريخ جا ڪتاب هڪڙي بت وانگر آهن جنهن ۾ ساهه نه آهي. تاريخ جي استادن کي ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ جون تحريڪون ۽ تاريخي ماڻهن جا خيال، عمل ۽ فيصلا آخري ڪڏهن به نه ٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته زندگي هڪ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشمڪش جو نالو آهي. انسان ذات هميشه کان وٺي پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي حياتيءَ کي خوشحال بنائڻ لاءِ ڪوشش ۾ رُڌل رهي آهي ۽ رهندي. تنهنڪري تاريخ پاڙهيندي جيڪڏهن سياسي حالتن جو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان سان گڏ سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين جو اڀياس پڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي اعمالن تي بحث ڪرڻو آهي ته پوءِ ضروري آهي ته سندس خيال جذبا، امنگ ۽ اُڌما به ٻارن جي ذهن کي جاڳائن ۽ کين اُڀارڻ لاءِ سندن آڏو آندا وڃن.