آزاديءَ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد
1613ع سورت ۾ انگريزن جي ڪوٺين جو برپا ٿيڻ.
1657ع پلاسي جي جنگ - سراج الدوله جي شڪست (انگريزن جو بنگال تي قبضو)
1771ع نواب حيدر علي ميسور جي راجا جي ڪجهه علائقن تي انگريزن جو قبضو.
1782ع نواب حيدر علي جي وفات.
1784ع ٽيپو سلطان جو انگريزن ۽ مرهٽن کان تنجور ۽ منگلور کسڻ.
1799ع ٽيپو سلطان جي ميسور جي ٽين جنگ ۾ شهادت - انگريزن جي حڪومت ۾ طاقت ۽ واڌارو اچڻ.
1826ع کان 1829ع ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ رنجيت سنگهه جي خلاف سيد احمد بريلوي جي رهبريءَ ۾ مسلمانن ۾ نئي تحريڪ - سکن خلاف جهاد - سيد احمد جو پشاور تي قبضو.
1831ع بالاڪوٽ جي جنگ - سيد احمد جي شهادت.
1833ع کان 1856ع انگريزي سلطنت ۾ واڌارو (ماڻهن ۾ انگريزن خلاف بيچيني)
1857ع انگريزن جي خلاف بغاوت - مسلمانن جي تباهي انگريزن جو
10/مئي هندستان تي مڪمل قبضو - علي ڳڙهه ڪاليج جو بنياد پوڻ.
1877ع علي ڳڙهه ۾ محمدن اينگلواوريئنٽل ڪاليج جو قيام سر سيد احمد خان جون مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد.
1885ع آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو قيام. سرسيد احمد خان جو مسلمانن لاءِ جدا وطن هئڻ جو خواب. سرسيد احمد خان پهريون پاڪستاني.
1905ع علي ڳڙهه ۾ مسلمانن جي پهرين سياسي ۽ معاشرتي انجمن جو بنياد پوڻ. هندو مسلم اختلاف. شملي ۾ مسلمانن جي وفد جي لارڊ منٽو سان ملاقات. جداگانه چونڊن جي منظوري.
1906ع 30- ڊسمبر ڊاڪا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيام جو تاريخي فيصلو. تقسيم بنگال ختم ڪرڻ جي خلاف حڪومت کي نوٽس. هندو مسلم خانه جنگيون. مسلمانن ۾ اتحاد.
1908ع مسلمانن جي مطالبات جو منظور ٿيڻ.
1909ع سر آغا خان جو مسلم ليگ جو مستقل صدر ٿيڻ.
1911ع تقسيم بنگال جو خاتمو. جنگ بلقان. عثمانيه سلطنت جو زوال. مسلمانن جي سياسي شڪست ۽ نا اُميدي.
1915ع مسلم ليگ جو هندستان لاءِ آزاديءَ جو مطالبو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ عملي اتفاق، بمبئي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڪانگريس جي شرڪت.
1916ع نومبر ۾ آل انڊيا ڪميٽي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو پهريون جلسو. ڊسمبر ۾ ڪانگريس ڪميٽيءَ مسلم ليگ جو ٻيو جلسو سڌارن جي اسڪيم.
1919 مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن خلاف احتجاج. تحريڪ عدم تعاون. تحريڪ خلافت جو خاتمو. قائد اعظم دستوري جدوجهد جي موافقت ۾ حسرت موهاني جو مڪمل آزاديءَ جو مطالبو.
1924ع هندو مسلم اتحاد جو خاتمو. اتحادي ڪانفرنس جي ناڪامي.
1927ع سائمن ڪميشن جو اچڻ. قائد اعظم جا 14 نقاط.
1930ع لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس. دستور ۾ مناسب تحفظ لاءِ مسلمانن جو مطالبو. الله آباد ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس. علامه اقبال جو جدا مسلم رياست جو مطالبو.
33-1932ع ٻي ۽ ٽين ڪانفرنس.
1935ع دستور جو نفاذ قومي تحفظ جي خلاف.
1936ع مجلس قانون ساز ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ جو قيام. مسلم ليگ جو چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو. مرڪزي پارلياماني بورڊ جو برپا ٿيڻ.
1937ع هندو اڪثريت جي علائقن ۾ ڪانگريس جو اقتدار. مسلم ليگ جي مخالفت. مسلم ليگ جو ذميدار حڪومت جي بدران مڪمل آزادي جو مطالبو.
1939ع ٻي مهاڀاري جنگ. ڪانگريس وزارتن جو استعفيٰ ڏيڻ. مسلمانن جو يوم نجات ملهائڻ.
1940ع لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو جلسو. قرادِ پاڪستان جو منظور ٿيڻ.
1942ع ڪرپس مشن جو اچڻ.
1945ع شملا ڪانفرنس جي ناڪامي. قائداعظم جو پاڪستان جي مطالبي تي قائم رهڻ.
1946ع ڪابينه مشن. مسلم ليگ جي موافقت. ڪانگريس جي مخالفت. مشن جي ناڪامي. مسلم ليگ جو ڊائريڪٽ ايڪشن جو فيصلو. آزادي لاءِ جنگ جي ڌمڪي. خطابات جو موٽائڻ.
1947ع 3- جون لنڊن ۾ ڪانفرنس. ٻن قومن جي وجود جو اعتراف.
3- جون جو هندو پاڪ آزادي جو فيصلو.
14 آگسٽ 1947ع جدوجهد جو خاتمو. دولت خداداد پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ.