هندستان تي مسلمانن جا حملا
622ع رسول صلي الله عليه وسلم جن جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت.
8 جون 672ع رسول صلي الله عليه وسلم جن جو برقعو مٽائڻ.
641ع عربن جو مصر فتح ڪرڻ.
711ع عربن جو سنڌ فتح ڪرڻ.
870ع ڪابل تي يعقوب بن ليس جو قبضو.
87-986ع سلطان سبڪتگين جي هندستان تي پهرين ڪاهه.
991ع سلطان سبڪتگين جو پنجاب جي راجا جئه پال کي قرم ماٿري ۾ خوفناڪ شڪست ڏيڻ.
997ع سلطان سبڪتگين جي وفات ۽ محمود غزنويءَ جو تخت نشين ٿيڻ.
1001ع محمود غزنويءَ جو جئه پال کي شڪست ڏيڻ (محمود غزنوي جو پهريون معرڪو)
9-1008ع محمود غزنويءَ جو آنند پال کي شڪست ڏيڻ (محمود غزنوي جو ڇهون معرڪو)
1009ع نگر ڪوٽ جي فتح.
1019ع محمود غزنويءَ قنوج تي ڪاهه ڪئي.
1020ع محمود غزنويءَ چنڊيلا تي ڪاهه ڪئي.
1025ع محمود غزنويءَ سومنات فتح ڪيو.
1026ع محمود غزنويءَ جو لوڻ جي ٽڪرن جي جاٽ قوم سان جنگ.
1030ع محمود غزنويءَ جي وفات.
1152-1031ع محمود غزنويءَ جا پويان.
1150ع غزني جي، علاوالدين جهان سوز، غور جي شهزادي هٿان بربادي.
1173ع غزني جو غياث الدين غوري جي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ.
76-1175ع محمد غوريءَ جي ملتان تي ڪاهه ۽ اُچ تي قبضو.
1191ع ترائن جي پهرين جنگ ( محمد غوريءَ جو پرٿوي راج جي هٿان شڪست کائڻ)
1192ع ترائن جي ٻي جنگ - پرٿوي راج چوهان جي شڪست ۽ موت.
1193ع قطب الدين ايبڪ جو دهلي تي قبضو.
1197ع انهل واڙا، گجرات جي گاديءَ جي هنڌ تي قبضو.
1197ع محمد خلجيءَ جو بهار فتح ڪرڻ.
1199ع محمد خلجيءَ جو بنگال فتح ڪرڻ.
1206ع محمد غوريءَ جي وفات.