سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ
ملڪ جا بادشاهه ۽ راڻيون ۽ انهن جا جاءِ نشين سندن جنگيون صلحناما ۽ قانون اسان کي هڪ سلسليوار ۽ صحيح تاريخ جي ترتيب ميسر ڪري ڏين ٿا. اسان جي معلومات جو زماني وار سلسلو قائم رهي ٿو.
پر ان هوندي به تاريخ کي رڳو سياسي احوال ۽ رڳو ارتقا جو رڪارڊ ئي سمجهي ويهي رهڻ نه کپي.
(1) علم تاريخ معاشري جي زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکي ٿو.
(2) جهڙي طرح سياسي اسباب سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي تبديليون پيدا ڪن ٿا، ساڳيءَ طرح اقتصادي تبديليون ۽ اسباب به ڪنهن نه ڪنهن وقت تي سياسي نتيجن جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
(3) اسان جو سياسي تاريخ بابت نام نهاد علم اڄڪلهه بادشاهن، راڻين ۽ سپهه سالارن جي نج ۽ شخصي احوال زندگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي. تاريخ جي ڄاڻ جو واسطو فوجي معاملات کان وڌيڪ آهي ۽ پڻ صحيح سياسي ڳالهين جي ڄاڻ به گهٽ رهجي ويئي آهي. اڳئين وقت جا ڪي بادشاهه سچ پچ بهادر هوندا هئا، ۽ پنهنجي سپاهين سان گڏ پاڻ به جنگين ۾ وڙهندا هئا، صـُلح ۽ جنگ ٻنهي نمونن ۾ انهن جي رهبري ڪندا هئا، پر انهن جا وارث ۽ جاءِ نشين مڙيوئي ڪوڙي شان و شوڪت ڏيکارڻ ۾ ئي پورا هوندا هئا. اهي پاڻ بهادر ۽ جنگي جوڌا نه هئا، ۽ نه ڪي جنگيون کٽيائون ۽ نه وري ڪي وڏا ڪارناما ڪيائون. مطلب ته اهي رڳو ”پدرم سلطان بود“ جي آڌار تي جيئرا هئا.
تاريخ جي سياسي اسڪول کان سواءِ ٻيو مارڪسي اسڪول آهي. مارڪس ۽ ان جا هم خيال تاريخدان چون ٿا ته، تاريخ جو اقتصادي يا مالي پهلو معاشرتي حالتن ۽ سماجي تبديلين جو بنياد آهي. انهن جي خيال موجب اقتصادي گهرجون سڀني سماجي ۽ سياسي ڪمن ۽ واقعات جا اسباب آهن. جنگ ۽ صـُلح ۽ ٻيا سڀ تاريخ جا واقعا اقتصادي فائدي يا نقصان جي سبب ٿيندا رهيا آهن.
معاشري ۾ هر هڪ ڪم يا تحريڪ، علم و هنر جي ترقي، سماج جون رسمون ۽ ريتون، سياسي دستور ۽ قانون وغيره، هر ڪنهن ڪم جو اصلي سبب اقتصادي ٿيندو آهي. ان لاءِ مؤرخ جو ڪم آهي ته خاص طور اقتصادي اسباب ۽ ان جا نتيجا ڄاڻي ۽ بيان ڪري، ڇو ته ان خيال موجب اهڙن اسبابن ۽ نتيجن جي رڪارڊ جو نالو ئي تاريخ ٿيو. پر انسان رڳو مانيءَ جي لاءِ جيئرو نٿو رهي. برابر تاريخ ۾ سياسي ڳالهين جي بنسبت اقتصادي معاملات کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. تڏهن به انسان ۾ مادي ۽ اقتصادي جذبي کان سواءِ ٻيو جذبو به آهي، يعني قرباني ۽ ايثار جو جذبو يا ٻين جي خير ۽ ڀلائيءَ جو احساس. تاريخ ۾ گهڻائي اهڙا مثال ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي مذهب يا قوم جي لاءِ پنهنجي پياري حياتيءَ کي قربان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا به چڱا مڙس ٿي گذريا آهن، جن دنيا ۾ انصاف ۽ نيڪيءَ جي بقا لاءِ نه فقط پاڻ کي ۽ پنهنجي ذاتي عيش وآرام کي، بلڪ پنهنجي ٻارن ٻچن، مٽن مائٽن کي به دنيوي لالچ يا فائدن کان سواءِ قربان ڪيو آهي. تنهنڪري انسان کي ”اقتصادي جيت“ تصور ڪرڻ بلڪل غلط آهي، انسان جي مرضيءَ ۽ خوديءَ جي سامهون اقتصادي توڙي سياسي ۽ سماجي اسباب بيڪار ۽ بي نتيجا ثابت ٿي سگهن ٿا.
سماجي تاريخ بابت اهو سوال وري به رهجي ٿو ته ڇا اسڪولن ۾ سماجي تاريخ جو علم به پاڙهيو وڃي يا نه؟ ڪٽنب ۽ خاندان جي ترقي ۽ سڌاري جو احوال، ريتن رسمن جي آکاڻي، سماجي، تعليمي، مذهبي ۽ اخلاقي ڳالهين جو احوال ٻڌايو وڃي يا نه؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته سماجي تاريخ جو نصاب (سياسي) تاريخ کان سواءِ ٺاهي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ سماجي تبديلين جو احوال ۽ انهن جو ايترو سچو بيان واضح ڪونهي، جيترو سياسي احوالن ۽ ”سماجي“ لفظ هڪڙو وڏو جامع لفظ آهي، جنهن جو لاڳاپو هر ان ڳالهه سان آهي، جا معاشري ۾ ٿيندي رهي ٿي. سماجي احوال جي بيان ۽ سکيا جو مطلب ٿيو ته سوسائٽيءَ ۾ زراعت، صنعت، تعليم، ڪٽنب ۽ گهرو زندگي، کاڌي، لباس، راند روند ۽ روزگار، ادب، فن تعمير جا رستا، آبپاشي، ريتون ۽ رسمون، قانون ۽ محصول وغيره، سڀ ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪيو وڃي ته اهي سڀ ڳالهيون سماجي ارتقا ۽ ترقي ۾ شامل آهن.
سياسي ۽ اقتصادي ڳالهيون به سماجي ڳالهين ۾ ئي اچي وڃن ٿيون هاڻي سوال اُٿي ٿو ته نصاب ٺاهڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون چونڊيون وڃن ۽ ڪهڙين ڳالهين کي درگذر ڪيو وڃي؟ مطلب ته نصاب ٺاهڻ مهل سياسي، اقتصادي ۽ سماجي شعبن مان ڪهڙن ڪهڙن شعبن کي اهميت ڏني وڃي؟ هن سوال جو جواب هي آهي ته:
(1) ملڪ جي تاريخ کي موزون دؤرن يا منزلن ۾ ورهايو وڃي ۽ انهن جو مطالعو ڪيو وڃي.
(2) تاريخ جي ان شعبي کي جنهن دؤر ۾ اهو وڌيڪ اهميت وارو ڏسڻ ۾ اچي، اهو وڌيڪ اهميت سان پڙهيو ۽ پاڙهيو وڃي.
(3) باقي ٻين شعبن کي به نظر انداز نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اثر به تاريخ تي لازمي طور سان پيو آهي. ۽ پوي ٿو.
(4) سياسي توڙي اقتصادي، توڙي سماجي شعبا به وڌيڪ اهميت وارا آهن، هيءَ ڳالهه به ضرور نظر ۾ رکڻي آهي، ۽ انهن جي ڄاڻ سان ئي هر دور جي تاريخ جا ضروري شرط پورا ٿين. يعني:
1- ارتقاءَ جي منزلن جو بيان جنهن مان هر تحريڪ جي تسلسل جي خبر پوندي.
2- زماني ۾ وقت جو صحيح انداز ۽ احساس.
3- اسباب ۽ نتيجن جو سلسلو ۽ لاڳاپو، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا واقعات پاڻهي بي سبب ۽ ڪارڻ کان سواءِ ظهور پذير نٿا ٿين.
عام خيال آهي ته نصاب ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته سياسي تاريخ کي بنياد بنائي اُن جي مٿان ۽ چوڌاري سماجي ۽ اقتصادي تاريخ کي رکجي ته، وقت ۽ زماني موجب اقتصادي ۽ سماجي ڳالهيون ۽ تبديليون ارتقائي صورت ۾ سامهون اچن. مطلب ته هر صورت ۾ تاريخ جي استاد کي تاريخ جي ان شعبي کي اهميت ۽ خصوصيت سان مطالعو ڪرڻو پوندو. جو ڪنهن خاص تاريخي دؤر ۾ اهميت وارو هو. هن سلسلي ۾ مسٽر گوچ جو رايو اوائلي تاريخ جي پاڙهڻ بابت قابل غور آهي. هن صاحب جو رايو آهي، ته هر قوم جي اوائلي تاريخ پاڙهڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته واقعات، جنگين ۽ خاص ماڻهن جي احوال بدران ان قوم جي ريتن رسمن، ادارن ۽ رواجن جي ڳالهين سان بحث ڪيو وڃي. اوائلي تاريخ پاڙهڻ لاءِ اسان جو نظريو سماجي ۽ جماعتي هجڻ گهرجي، ۽ نه شخصي يا انفرادي، مثلاً هندستان جي قديم تاريخ جو بيان معاشرتي لحاظ کان ڏيڻو پوندو. پراڻن قبيلن، ديوتائن، قربانين، ذات پات جي رواجن ، پورهيتن جي ڌنڌي، فن جنگ، هنرن جي ترقي، فلسفي ۽ علم و ادب جي ترقي وغيره جو احوال پاڙهڻو پوندو. ذات پات جو بنياد اقتصادي حالات تحت وڌو ويو هو. شودر ذات جا ماڻهو هڪ قسم جا غلام هئا، جي باقي ٽن ذاتن جي ماڻهن جي خدمت ڪندا هئا. شودرن جو ڪم هارپو ڪرڻ هو ۽ قديم زماني ۾ پوک جو ڌنڌو عام طور سان اهڙائي ماڻهو ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو مصر جا اهرام (Pyramids)، پينٿين، تاج محل، عراق جا واهه ۽ آرين جا مذهبي ڪتاب ويد وجود ۾ اچي ويا. اڻويهين صديءَ جي تاريخ پاڙهڻ لاءِ اسان کي سماجي ۽ اقتصادي ٻنهي لحاظن کان بحث ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن دؤر ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ انگريزي تعليم يونيورسٽيون، سماجي اصلاح قوانين ۽ جوڙجڪي ۽ آئيني سڌارا عورتن ۾ ترقي جي تحريڪ صنعتي ۽ حرفتي ترقي، ڪارخانن ۽ ميلن جو قيام مزدورن ۽ سرمائيدارن جو مسئلو آمدني ۽ روانگي تي محصول وغيره. اهڙا مسئلا پيدا ٿيا، جن جو تعلق اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ سان وڌيڪ آهي. هن دؤر ۾ مذهبي ۽ معاشرتي سڌارڪن جي ڪمن کي اهميت ڏني ويندي ۽ صنعت و حرفت رهنمائي ۽ انهن جي ڪمن کي غور سان ۽ تفصيل سان پاڙهڻو پوندو، ۽ گورنر جنرلن ۽ وائسرائن جي ڪمن کي سراسري طور نظرانداز ڪرڻو پوندو.
قرون وسطيٰ (يعني وچ وارو دؤر) جي تاريخ پاڙهيندي، مغل بادشاهن جي بيان ۾ سياسي ڳالهين کي اوتري اهميت ڏني ويندي جيتري معاشري يا اقتصادي ڳالهين کي. اڄڪلهه تاريخدان ۽ تاريخ جا استاد هي طريقو اختيار نٿا ڪن. بلڪ انفرادي بادشاهن، شخصيتن، جنگين وغيره جي بيان کي تاريخ سمجهن ٿا ۽ انهن کي هن ڳالهه جو احساس مس ٿيندو آهي، ته تاريخ جي احوال ٻڌائڻ ۽ پاڙهڻ جو طريقو ڪنهن به هٿ ۾ کنيل تاريخ جي خاص دؤر يا زماني جي خاص حالت موجب ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن دؤر ۾ سياسي ۽ ملڪي تحريڪون زور تي هيون ته پوءِ تاريخ جو بيان به سياسي ڳالهين کي ئي اهميت ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اقتصادي ۽ سماجي تحريڪون اهميت واريون هيون ته پوءِ ان دؤر جي تاريخ پاڙهيندي استاد سياسي ڳالهين کي سراسري اهميت ڏيندو ۽ اقتصادي ۽ سماجي اسباب ۽ نتيجن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو. مطلب ته استاد لاءِ نصاب ٺاهيندي تاريخ جي صحيح مقصد ۽ تاريخ جي مختلف شعبن يا حيثيتن کي ڌيان ۾ رکي ڪم ڪرڻو پوندو، نه ته هو ڪڏهن به منزل مقصود تائين پهچي نه سگهندو.