تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

تاريخ جو ٻين مڪتبي مضمونن سان لاڳاپو

علم مجموعي طور سان هڪ مڪمل سلسلو يا لقاءُ آهي، هيءُ ٻي ڳالهه آهي ته ان جي پرائڻ لاءِ علم کي جزن ۽ ڀاڱن ۽ شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. بهر حال ڪل جو جـُز سان لاڳاپو جـُز جو ڪل سان ۽ هر جز جو ٻئي جز سان لاڳاپي جو نروار هجڻ يا ٿيڻ لازمي آهي. پر زندگيءَ جو علم هڪ سمنڊ جي مثال وانگر آهي. جنهن جا گهڻائي ننڍا ننڍا رخ آهن . ان طرح انسان جي سکيا ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ عالمن علم کي گهڻين شاخن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، مثلاً علم دين (Theolgy) علم حيوان يا حياتيات (Biology)، علم نباتات (Botany)، علم جمادات، (Geology)، علم طبعي (Physics)، علم ڪيميا (Chemistry)، علم نجوم (Astronomy)، علم لسان (Linguistics)، علم ادب (Literature)، علم اقتصاديات (Economics)، علم جاگرافي (Geography)، علم شهريت (Civics)، ۽ علم عروض (Prosody) ۽ علم تاريخ (History) وغيره. پر علم کي هميشه سڄو يعني ڪل سمجهي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن علم جي شاخ کي پاڙهڻو هجي ته ان کي ڪڏهن به ڪل کان ڌار سمجهي نه پاڙهڻ کپي. استاد کي سبق پاڙهڻ کان اڳ ۾ اهو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته جيڪي پاڙهڻو هجيس ان جو لاڳاپو ٻين علمي شاخن سان ڏيکاريو وڃي، پروجيڪٽ سکيا جي طريقي (Project method) وارا استاد چون ٿا ته هر هڪ پروجيڪٽ جي تڪميل ڪندي هميشه علم جي ڪلي حيثيت کي خيال ۾ رکڻو آهي، پر ڏکي ڳالهه هيءُ آهي ته اسان جي اسڪولن ۾ مختلف مضمونن جي سکيا لاءِ جدا جدا استاد آهن، يعني هرهڪ مضمون لاءِ هڪڙو ماهر ۽ خاص طور سان واسطو رکندڙ استاد (Specialist) ٿيندو آهي. ٽائيم ٽيبل جي ڊگها ٿيندا آهن ۽ جيستائين جدا جدا مضمونن لاءِ جدا جدا ماهر ٿيندا ۽ ٽائيم ٽيبل ڊگها ٿيندا تيسيتائين علم جي ڪلي حيثيت کي مد نظر رکي سکيا ڏيئي نه سگهبي ۽ نه ڏيڻ گهرجي. ليڪن اسڪول جو هيڊ ماستر سمجهو ۽ تجربي ڪار هوندو ته هي ڳالهه ممڪن آهي ته هو صاحب پنهنجي اسڪول جو نصابي ڪم اهڙيءَ ريت ٺاهي سگهندو جو مختلف اسڪولي ڪمن کي جدا جدا هڪ ٻئي جي لاڳاپي کان سواءِ نه پاڙهيو وڃي. بلڪ هر مضمون جو لاڳاپو ٻئي مضمون سان ڏيکاريو وڃي.
اسڪولي ڪمن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي يا تعلق ڏيکارڻ يا انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پاڙهڻ جو نالو آهي مضمونن جو سلسلي ۾ هجڻ، جنهن کي لاڳاپيداري (Co-relation) به چئجي ٿو. هيءُ لاڳاپو ٻن قسمن جو ٿيندو آهي:

1. اتفاقي يا ضمني (Incidental) لاڳاپو.
2. مسلسل ۽ پختو (Systematic) لاڳاپو.