لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

مرتب جو نوٽ

شيخ عبدالرزاق راز باڪمال شاعر، بلند پايہ نقاد، منفرد ڪھاڻيڪار، ناول نگار، پبلشر، ۽ مورخ ٿي گذريو آهي. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين جھڙوڪ: گوبند مالھي، سوڀوگيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو. سندس ڪوشش سان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌي ادبي سرڪل’جو بنياد رکيو ويو. ان کان علاوه، ٻيون ڪيتريون ئي ادبي جماعتون هن پاڻ وجود ۾ آنديون. شيخ راز پنھنجي سموري حياتي سرگرم گذاري، پر اصول پرستيءَ جي ڪري سندس دوست ٿورا هئا، پر انھن سان بيحد محـبـت ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار رهيو.
شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي ادبي جماعتن ۾ شيخ اياز کي متعارف ڪرائڻ ۾ سندس ڪردار هو. پنھنجي ڪتاب “سانگي ڪي ساريام” ۾ لکيو اٿائين تہ “اياز منھنجي لاءِ هڪ اهم شخصيت آهي، هونءَ بہ سندس شخصيت ھمہ گير آهي پھريائين، سندس شاعري جو عاشق هوس ۽ ان کانپوءِ سندس شخصيت جو شائق بڻجي پيس. ان سان سڪ ۽ ساڃھہ جا ويھہ سال گذاريا اٿم. زندگيءَ جا اهي نھايت اهم مفيد ۽ مؤثر سال هئا. سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اڳڪٿي ياد ٿي اچيم هن سچ چيو هو اياز مون بنا اڻ پورو، مان هن کانسواءِ نامڪمل. واقعي اهي ڏينھن شينھن هئا. شايد مون گذريل اٺن سالن جي ناراضگيءَ ۾ کيس هزار وار وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سندس صورت هڪ ڀرپور انداز ۾ منھنجي تصور ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو هڪ ناراض هجي ها تہ ڳالھہ ٺھي پوي ها، پر جيڪڏهن ٻيئي ڪاوڙيل آهيون تہ شايد ميل ملاقات ٻئي جھان ۾ ٿئي”.
جيئن تہ مان ادبي تاريخن جو شاگرد ۽ ادنيٰ محقق آهيان، ان ڪري ادبي تاريخون گڏ ڪرڻ ۽ انھن تي ڪم ڪرڻ منھنجو محبوب مشغلو آهي. مون کي سنڌي ادبي تاريخن جي محققن ۽ نقادن مان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ شيخ عبدالرزاق راز بيحد پسند آهن. مون پنھنجي شاگرديءَ ۽ CSS ۽ PCS جي امتحانن جي تياري دوران شيخ عبدالرزاق راز جا ڪيترائي ڪتاب ۽ ٽڙيل پکڙيل مضمون گڏ ڪيا هئا. مون سندس خاڪن جي ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ کي واڌارا ڪري ٻيھر آن لائين شايع ڪرايو. مون تمام وڏي جاکوڙ ڪري سندس ڪيترائي ٻيا بہ خاڪا تلاش ڪري ورتا، جن ۾ شيخ اياز تي ٻيو خاڪو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، مولوي عبد الواحد سنڌي، محمد ابراهيم جويو، مخدوم غلام حيدر صديقي، رحيمداد مولائي شيدائي، سيد عطا حسين شاھہ موسوي، ممتاز مھر، عبدﷲ عبد، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاھہ ۽ سردار بھادر عبدالمجيد خان آف سکر کي ٻئي ڇاپي ۾ شامل ڪيو.
شيخ عبدالرزاق بن شيخ عبدالرئوف بن خدا بخش بن شيخ حبيب ﷲ بن شيخ ملان عبدﷲ بکري. سندن وڏا ھندو ھئا، جيڪي خيرپور رياست جا رھاڪو ھئا سندن خاندان جي جد اعليٰ ليلي رام اسلام اختيار ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو رکيو ويو، جيڪو ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ ڪنھن ننڍي عھدي تي مامور ھو. شيخ عبدالرزاق راز، شيخ ڏاتر ڏنو جي اٺين پيڙھي ۾ آھي. سندس وڏا بکر جي مڪتب ۾ تعليم ڏيندا ھئا جيڪي 1857ع ۾ انگريزن خلاف جنگ آزاديءَ بعد بکر جي قلعي مان لڏي اچي پراڻي سکر ۾ ويٺا جتي سندس پڙ ڏاڏو ملان عبدﷲ بکري 1862ع ۾ پيدا ٿيو جيڪو پراڻي سکر جي مڪتب ۾ تعليم ڏيندو ھو. شيخ عبدالرزاق راز ۲۹ جنوري سال ۱۹۱۹ع پراڻي سکر جي منشي عبدالرئوف شيخ جي گهر منجهہ اکيون کوليون. سندس زندگي جي ابتدائي تربيت بہ پڙهيل لکيل ماحول منجهہ ٿي ڇو جو سندس ڏاڏي وٽ وڏا عالم ۽ فاضل ڪچھريون ڪرڻ ايندا هئا. شيخ عبدالرزاق راز ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪئي مئٽرڪ جي سند پنجاب يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ڇھہ سال ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ پڙھيو ۽ علي ڳڙھ ڪاليج مان بہ تعليم ورتي. ان بعد ڪراچيءَ ۾ الوحيد اخبار جو مئنيجر رھيو ۽ ھفتيوار ايڊيشن جو ھڪ سال ايڊيٽر ٿيو ١٩٤٨ع ۾ سکر موٽي آيو ۽ سکر ميونسپالٽي ۾ چيف آفيسر لڳو جتي ٻہ دفعا ميونسپل جي داخلي معاملن ڪري نوڪري ختم ٿيس آخر ھن پاڻ 1958ع ۾ ان نوڪري تان استعيفا ڏني جتان اسلاميا ڪاليج سکر ۾ اسلامي تاريخ جو ليڪچرار لڳو، پاڻ ڪاليج جي بانين مان ھو بعد ۾ ميونسپل ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر مقرر ٿيو پاڻ اسلاميا ڪاليج اندر ڏھہ سال شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ساٿي رھيو جتي ھنن گڏجي وڏا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا 1970ع ۾ ڪاليج کي ڇڏي اچي موسوي عطا حسين شاھہ ڊگري ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو پر ٿوري عرصي بعد ان ذميداري کي بہ خيرباد ڪري پنھنجي ھيڊ ماستري کي ٽائيم ڏيڻ لڳو.1979ع ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستري جي رٽائرمينٽ بعد گوشہ نشينيءَ جي زندگي گزاريائين پويون وقت ڏاڍو بيمار ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو 2 ڊسمبر 1983ع تي ھي سکر جي روشن خيال ادبي شخصيت اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي پرئين پار رواني ٿي وئي.
شيخ راز تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو. پر سندس ئي ڪوشش سان 9،8،7 اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنھن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايہ اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنھن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنھنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنھنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنھن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جھڙوڪ، سندس پنھنجا ڪتاب ”ڊاڪ بنگلو“ (ڪھاڻيون)، ”سارنگ“ ۽ ”فاتح سنڌ“، ڪريم بخش خالد جو ”سنڌي صحافت“ شيخ اياز جو ”پنھل کانپوءِ“ (ڪھاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ”اصنام خيالي“ (ڪھاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ”گل ۽ مکڙيون“ وغيرہ اهم آهن. سنڌي ترقي پسند ادب جون ڪيتريون ئي ادبي جماعتون شيخ راز قائم ڪيون، جن ۾ سنڌي ادبي سرڪل، ڪراچي (1943ع)، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي (1947ع)، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميہ ڪاليج سکر (1962ع)، لطيف اڪيڊمي، سکر (1966ع). مھراڻ ادبي سنگت، سکر (1968ع) اهم آهن، 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاھہ لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنھن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاھہ لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجهہ ڪتاب بہ ڇپيا

سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
1. ڊاڪ بنگلو (ڪھاڻيون ١٩٥٤ع)
2. سارنگ (شاعري ١٩٥٤ع)
3. شرح يمن ڪلياڻ (1957ع)
4. شرح ڪلام گرھوڙي (١٩٥٩ع)
5. شرح ديوان گل (١٩٥٩ع)
6. تاريخ سلطنت دھلي (تاريخ ١٩٦١ع)
7. پيھي منجهہ پاتال (شاعري ١٩٦١ع)
8. تنقيد ۽ تجربو (١٩٦٦ع)
9. نئون آدمي (١٩٦٦ع)
10. سڄڻ سفر ھليا (شاعري: ١٩٦٧ع)
11. فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو، 1955ع)
12. مسافر (ناول)
13. غزل (شاعري ١٩٧٢ع)
14. مارو ڪي ديس ۾ (شاھہ لطيف جي رسالي جي رومانوي داستانن بابت اردو ۾)
15. سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو) ٻيو ڇاپو، 2023ع
16. سنڌي غزل جو تجربو (1991ع)
17. ڌڙڪنين (اردو شاعري)
18. Sukkur – Past & Present

هنن ڪتابن ۾ ڪيترائي ڪتاب پنھنجي موضوعن ۽ معيار جي ڪري اهم آهن. شيخ راز ساڄي ڌر جي يگانن نثر نويسن ۽ نقادن مان هڪ هو. سندس شمار هر لحاظ کان ناميارن نقادن ۾ ڪري سگهجي ٿو. ٽي ڪتاب ”شرح يمن ڪلياڻ“، ”شرح ڪلام گرهوڙي“ ۽ ”شرح ديوان گل“ درسي هوندي بہ تشريحي تنقيد جي ذمري ۾ اچن ٿا.
شيخ عبدالرزاق “راز” آزاديءَ کان اڳ ئي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون ۽ آزاديءَ کان پوءِ بہ ڪجهہ ڪھاڻيون لکيائين. 1954ع ۾ سندس ڪھاڻين جو مجموعو “ڊاڪ بنگلو” شايع ٿيو. ”سارنگ“، شيخ عبدالرزاق ”راز“ جي ڪلام جو دلڪش مجموعو آهي، جيڪو 1954ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو مقدمو، شيخ ”اياز“ لکيو آهي. اياز صاحب لکي ٿو تہ ”سندس عشق و محبت جا جذبات ڪجهہ سطحي آهن. ۽ انھن ۾ خاص گھرائي، يا اظھار جي جدت نظر نہ ٿي اچي. ڪي اهڙا نظم بہ آهن، جي ادبي معيار تي پورا نٿا اچن. بھرحال راز جي ابتدائي شاعري، سندس درخشان ادبي مستقبل جي آئينہ دار آهي ۽ راز جي شاعريءَ ۾، فطري مناظر سان اها والھانہ محبت نہ ٿي نظر اچي.“سندس ناول ”مسافر“ سنڌ جي پنج ھزار سالن جي تاريخي پسمنظر ۾ لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ سنڌ جي تاريخ جا مختلف واقعا ۽ ثقافتي اھڃاڻ غير جانبداراڻي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. ھي ناول اڳ ۾ ”نئون آدمي“ جي نالي سان شايع ٿيو ھو. ھن ناول جا ڪردار، ان دور جي ثقافت ۽ مزاج موجب، حق ۽ سچ جا علمبردار ھئڻ سان گڏ، حقيقت پسند، روشن خيال، معاشري جي غلط ريتن رسمن، اخلاقي گمراھيءَ کان آجا ھئا. ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ”ساجن“ آھي، جيڪو ھڪ علامتي ڪردار آھي.
سندس ڪتاب ”تنقيد ۽ تجزيو“ جو پھريون ڇاپو، سجاد ﷲ قريشي، حيدرآباد ، مان 1966ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب دراصل غلام محمد گرامي جي ڪتاب “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” جي رد ۾ لکيل هو. هي ڪتاب پڻ پنھنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. پنھنجي خاڪن واري ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ” سنہ 1964ع ۾، گرامي صاحب سماهي مھراڻ ۾ هڪ مقالو شايع ڪيو. مون ان مقالي تي سخت تنقيد ڪئي، جنھنڪري منھنجا گهڻو ڪري، سڀ گهاٽا دوست ناراض ٿي ويا. جي اڄ تائين منھنجي متعلق هڪ عجيب و غريب راءِ رکندا آهن. ٻہ سال تنقيد ٿيندي رهي.“
سنڌي ادب جي خاڪا نگاريءَ ۾ سندس ”سانگي ڪي ساريام“ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو. هيءُ ڪتاب، آفاق صديقيءَ، سيڪريٽري لطيف يادگار ڪميٽيءَ پاران 1972ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب لاءِ پاڻ ئي لکيو اٿائون تہ “سنڌي ادب ۾ خاڪي نگاريءَ جي غالباً هيءَ پھرين ڪوشش آهي. ممڪن آهي تہ ڀرپور شخصيتون نظر نہ اچن. ۽ رڳو شخصيتن جون ڪي جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن. جي ائين ٿيو تہ مان پنھنجو ڪارج سڦل سمجهندس. ذهن ۾ ٻيا بہ خاڪا اٿم، جي ٻئي ڪنھن وقت پيش ڪندس.“راز” صاحب جي “سانگي ڪي ساريام” ۾ سنڌ جي مشھور اديبن ۽ فنڪارن جا خاڪا موجود آهن. “راز” صاحب انھن فنڪارن جي ڪردار ۽ اطوار جو ڏاڍو گھرو مطالعو ڪيو آهي. ان طرح سندس انداز بيان نھايت دلڪش ۽ اثرائتو آهي. زبان جي رنگينيءَ ۽ بيان جي شيرينيءَ، هن فني ڪتاب کي واقعي هڪ شاهڪار بنائي ڇڏيو آهي. هر “خاڪو” پنھنجي معنوي انداز سان، زندھہ تصوير آهي، جا سھڻن لفظن ۽ شاندار ترڪيبن سان تيار ڪئي ويئي آهي. “سانگي ڪي ساريام” ۾ هنن اديبن ۽ شاعرن جا خاڪا آيل آهن: شيخ اياز، غلام رباني، آغا سليم، عبدالحليم جوش، اياز قادري، پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر رام پنجواڻي، نارائڻ شيام، عطا محمد حامي ۽ شاھہ محمد شاھہ صاحب. هن ڪتاب جو ٻئي ڇاپي ۾ جيڪو آن لائين شايع ٿيو، ان ۾ پندرهن خاڪا اضافي طور شامل ڪيا ويا آهن.
1979ع ۾ تنقيد جو هڪ ڪتاب “سنڌي غزل جو جائزو” ڇپيو جنھن ۾ سنڌي غزل جي تمام مشھور ۽ اهم شاعرن جي غزلن تي باقاعدي تنقيد ڪئي وئي هئي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس جي سھڪار سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هن پندرهن غزل گو شاعرن جي زندگيءَ، سندن ادبي ڪم توڙي غزل جي تاريخ جو احوال پيش ڪيو آهي.
سندس ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو تعداد بہ گهڻو آهي، انھن ۾ شاعريءَ جي تاريخ ۽ تنقيد جي حوالي سان بہ ڪيترائي شامل آهن. انھن مان ڪافي مضمون مون وٽ موجود هئا. مون ارادو ڪيو هو تہ ڪنھن وقت انھن مان ڪجهہ مضمونن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻبو. بھرحال، 26 جنوري 2024ع تي منھنجو اسلاميہ ڪاليج سکر سرڪاري طور وڃڻ ٿيو، جتي آزاديءَ کان پوءِ، ڪاليج جي سرگرمين جي باري ۾ ڪنھن استاد سان بحث مباحثو ٿيو ۽ ان ۾ پروفيسر عبدالرزاق ”راز“ جي حوالي سان ڪافي ذڪر نڪتو، جنھن هن ڪاليج ۾ زبان، ادب ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ قائم ڪئي هئي. مون ان وقت شيخ راز کي هڪ دفعو ٻيھر خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ سندس شاعريءَ جي تاريخ تي ٽڙيل پکڙيل مواد کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
سندس ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو تعداد بہ گهڻو آهي، انھن کي سھيڙجڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ شيخ راز جو شيخ اياز تي ڪيل ڪم اچي وڃي ٿو. اسان کي خبر آهي تہ شيخ راز، پنھنجي پياري دوست شيخ اياز تي چار پنج مضمون يا خاڪا لکيا آهن، انھن مضمونن ۽ مقالن جي سھيڙ جو ڪم ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيي پنھنجي سر تي کنيو آهي. ان کان علاوہ، شيخ راز افساني جي فن ۽ تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي مضمون لکيا آهن، انھن جي سھيڙڻ جو ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي، ۽ هڪ ننڍڙو ڪتاب تيار ٿي ويندو. اهڙي نموني شاعريءَ جي تاريخ جو هي ڪتاب بہ انھن مضمونن جي هڪ ڪڙي آهي. سندس تنقيدي شعور بہ تمام مٿاهون هو، ڇو تہ هڪ ئي وقت تخليقي ۽ تنقيدي اديب هو. مون کي ذاتي حيثيت ۾ شيخ راز جو ڪم تمام گهڻو وڻندو آهي. هن کان اڳ مون سندس خاڪن کي سھيڙي آن لائين شايع ڪرايو هو. هاڻي هڪ دفعو ٻيھر سندس سنڌي شاعريءَ تي لکيل تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن کي سھيڙيو ويو آهي. هي سڀئي مضمون مختلف رسالن مان کنيا ويا آهن، جيڪي مون ڪافي سال اڳ سنڌالاجي ۽ شاھہ لطيف چيئر جي لائبريري مان گڏ ڪيا هئا. ان وقت ئي مون ارادو ڪيو هو تہ شيخ راز جي انھن مضمونن کي گڏ ڪري سنڌي شاعريءَ جي هڪ بھترين تاريخ جوڙي ويندي.
اڄ جڏهن هي ڪتاب سمورو ڪمپوز ٿي ۽ پروف ريڊنگ ٿي مڪمل ٿيو آهي تہ محسوس ٿي رهيو آهي تہ سنڌي ادب جي تاريخ، خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هي هڪ منفرد ڪتاب آهي، ڇو تہ سنڌي ادب جون اڪثر تاريخون محض تحقيقي ۽ معلوماتي لکيون ويون آهن، پر هي پھرين تاريخ آهي، جيڪو مڪمل تنقيدي آهي. انھن مان گهڻا مضمون شيخ راز نئين زندگيءَ ۾ قسطوار لکيا هئا ۽ هڪ تاريخ جوڙي هئي. اسان انھن مان سڀني مضمونن کي نہ کنيو آهي، صرف اهي مضمون کنيا آهن، جن ۾ ورجاءُ نہ هو. اهڙيءَ طرح ٻين رسالن مان بہ مضمون کنيا آهن، جيئن هڪ مڪمل تاريخ جڙي پئي. هنن مضمونن جي مطالعي مان اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ شيخ راز ڊي. جي ڪاليج جي ”سنڌي ادبي سرڪل“ کان وٺي ادبي سنگت جي کاٻي ۽ ساڄي ڌر ۾ رهيو ۽ سندس اهڙو ورتاءُ، سندس هنن مضمونن ۾ بہ جا بجا موجود آهي.
هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن، مثال طور آزاد شاعري، ڪلاسيڪي غزل، ڪافي، جديد نظم ۽ نئون نظم وغيرہ شامل آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن، مثال طور سنڌ شاعريءَ ۾ تصوف، قديم سنڌي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري، ڪلاسيڪي غزل ۾ جمالياتي رنگ وغيرہ شامل آهن. ٽيان مضمون مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، مثال طور موجودہ سنڌي ادب، سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ اهم آهن. چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ کي فني ۽ فڪري طور پروڙيو ويو آهي. پنجان مضمون شاھہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. پر هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي. ان کان اڳ، ادبي تاريخن ۾ انگريز نقادن جا شاعريءَ جي حق ۾ ڪي اهڙا مضمون پڙهيا هئا، مثال طور فلپ سڊني، شيلي، مٿيو آرنولڊ، جان ڊرائڊن شاعريءَ جي حق ۾ ڪي اهڙا قسم جا تنقيد مضمون لکيا هئا، جن ۾ هنن شاعريءَ جي اهميت ۽ عظمت کي اجاگر ڪري شاعريءَ کي سائنس ۽ تاريخ کان بہ وڌيڪ ڪارگر ثابت ڪيو هو. پر اسان جو نقاد سائين شيخ راز، هڪ نئين انداز ۾ شاعريءَ کي عدالت ۾ کڻي آيو آهي. ان جي خلاف اهي سڀئي الزام ۽ بھتان پيش ڪيا اٿائين، جيڪي معاشري ۾ شاعر ۽ شاعريءَ جي خلاف لڳايا ويندا آهن، پر هن انھن سڀني الزامن مان بري ڪري شاعريءَ کي عظمت بخشي آهي. مجموعي طور تي هيءُ هڪ بھترين ڪتاب آهي، جنھن شيخ راز جي سنڌي شاعريءَ جي هڪ منفرد تاريخ سھيڙجي وئي آهي.
بھتر ٿئي ها تہ هي ناياب ڪتاب شايع ٿئي ها، جنھن لاءِ ڪجهہ پبلشرن سان ڳالھہ ٻولھہ بہ ٿي، پر ڪنھن شايع ڪرڻ جي حامي نہ ڀري. بھرحال، مون کي خوشي آهي تہ شيخ راز جا ڪجهہ ڪتاب هڪ دفعو ٻيھر منظر تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب شيخ راز جي افسانن جي تنقيدي مضمونن ۽ مقالن کي هوش محمد ڀٽيءَ جي سڦلتا پبليڪيش شايع ڪري رهيو آهي، جڏهن تہ هيءُ ڪتاب اسان جو دوست محمد سليمان وساڻ پنھنجي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي آن لائين شايع ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب جي مواد جي تلاش جي سلسلي ۾ پروفيسر طارق حيات لاشاري، ڪمپوزنگ جي سلسلي عبدالجبار پيرزادي ۽ پروف ريڊنگ جي سلسلي ۾ محب لغاريءَ جون مھربانيون ۽ مدد شامل آهي. مان دل سان سندن شڪر گذار آهيان. هن ڪتاب جي اشاعت سان شيخ عبدالرزاق راز کي بہ خراج تحسين پيش ٿي پوندو.


مختيار احمد ملاح
ڪراچي