مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾
مقرر ڏينھن تي عدالت جي ٻاهران چڱي رونق لڳل هئي. دانشور، اديب، عالم، فاضل، ملا ۽ مولوي سڀ موجود هئا. “خبردار” جي آواز سان فاضل ججن هال جي ڊائس تي پنھنجون ڪرسيون سنڀاليون. عدالت جي سرشتيدار دعويٰ پڙهڻ شروع ڪئي.
دعويٰ
“آءٌ مسمات اصلاحي بيگم بنت اخلاق خان عمر 67 سال رهندڙ حيدرآباد سنڌ چوان ٿي تہ آءٌ سنڌ جي هڪ معزز امن و اصلاح پسند خاتون آهيان. آءٌ معاشري جي اخلاقي اقدار ۽ قومي نظريات جي پابند آهيان. مون هميشہ خوش اصلوبيءَ سان بنيادي اقدار ۽ اخلاقي نظريات، اساني معاشري جي فلاح ۽ بھبود جي خاطر جدوجھد ڪئي آهي. پنھنجي والد مرحوم جناب اخلاق خان بہ سموري زندگي انھيءَ نيڪ جذبي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ان جي وفات کان پوءِ معاشري جي بھتري لاءِ مان نيڪنيتي سان ان ڪم کي سرانجام ڪيان ٿي. اهو منھنجو موروثي حق آهي.
ٽيھن سالن جي عرصي کان مسمات: شاعري خانم بنت نامعلوم پنھنجي ناز و ادا، حسن و شباب، هار ۽ سينگار جي وسيلي سنڌي معاشري ۾ ڪيترين خرابين جي پاڙ ٻڌي آهي. منھنجي اصلاحي ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي علاوه هن پنھنجي ذاتي ڪردار ۽ منھنجي نيڪ ڪردگي جي خلاف هڪ وڏو فتنو کڙو ڪري منھنجي تضحيڪ ۽ تذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھيءَ نموني هن منھنجي ذاتي ۽ خانداني وقار کي مجروح ڪري اسان جي خاندان جي عزت ۽ ناموس ۽ عرفي حيثيت جي اهميت کي زبردست نقصان پھچايو آهي. ان ڪري عدالت عاليہ ۾ درخواست آهي تہ مٿس هيٺين ڏوهن کي بند ڪرڻ لاءِ حڪم امتناعي (منع نامو) جاري ڪيو وڃي،جيئن منھنجي عزت ۽ ناموس جو تحفظ ٿي سگهي.
فردِ جرم
(1)مدعڻ اصلاحي بيگم جي استدعا آهي، تہ مدعيٰ عليھا شاعري خانم پنھنجي حسن و شباب، رعنائي ۽ دلفريبيءَ جي جادوءَ سان قوم جي روح کي فنا ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس هڪ ناقابل تلافي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
(2) مسمات مذڪورہ مدعيٰ عليھا شراب ۽ شيشي، جام ۽ ساقي جون خوبيون بيان ڪري، مئي پرستي ۽ دُير نشيني جي تعريف ڪري نوجوان طبقي جي اخلاق و عادات، ذهن ۽ شعور کي مفلوج ۽ مجروح ڪري وڌو آهي. اهڙيءَ طرح خمريات جي ترغيب ڏيڻ ڪري سنڌي معاشري کي ڪاري ضرب لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مدعيٰ عليھا مسمات شاعري خانم، اهلِ شريعت جي خلاف ذلت آميز لقبن جو اظھار ڪري مذهبي اقدار ۽ روايات کي مضحڪہ خيز بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي، سندس بنيادي نظريات کي مسخ ڪرڻ جو مظاهرو ڪيو آهي.
استدعا
مدعڻ جي آخر ۾ عدالت سڳوريءَ کي استدعا آهي تہ مٿين الزامن جي خلاف ورزي جي سلسلي ۾ مدعيٰ عليھا کي وڌ ۾ وڌ جا سزا ملي سگهي ٿي سا ڏيڻ ۾ اچي. ازانسواءِ مقدمي جي خرچ متعلق مدعيٰ عليھا جي خلاف ڊڪري جاري ڪرڻ ۾ اچي، ٻي جيڪا مناسب مدد، جا ڪورٽ سڳوري مناسب سمجهي سا مدعڻ کي ڏيڻ ۾ اچي.
فقرن موجب دعويٰ جو جواب
عدالت سڳوري ۾ مسمات شاعري خانم مدعيٰ عليھا جي طرفان دعويٰ جو جواب هيٺينءَ طرح پيش ڪرڻ ۾ اچي ٿو. جنھن جي آڌار تي دعويٰ سراسر رد ۽ باطل آهي. جا فورن خارج ڪرڻ ۾ اچي. خرچ مقدمہ جو ڀري ڏيڻ لاءِ آءٌ مدعيٰ عليھا هرگز ٻڌل نہ آهيان.
(1)فقرہ نمبر 1: کان انڪار آهي، وڌيڪ هيءُ چوڻو آهي تہ اهڙو ڪو بہ ثبوت مھيا ٿيل ڪو نہ آهي، جو هن فقري جي صداقت لاءِ آڌار بڻجي سگهي.
(2)فقرہ نمبر 2: کان انڪار آهي، وڌيڪ هيءُ چوڻو آهي تہ نوجوان طبقي تي ڪڏهن بہ جبرن اهڙو ٻوجهہ نہ وڌو ويو آهي.
(3)فقرہ نمبر 3: کان صاف انڪار آهي، وڌيڪ هيءُ چوڻو آهي تہ سچي شريعت جي خلاف، جا هڪ قابلِ احترام چيز آهي، ڪڏهن بہ اهڙي دريدہ دهني نہ ڪئي ويئي آهي ۽ سندس بنيادي نظريات کي مسخ ڪرڻ جو ڪڏهن بہ مظاهرو نہ ڪيو ويو آهي.
جيوري ۽ جج صاحبن، اصلاحي بيگم جي درخواست دعويٰ ۽ مدعيٰ عليھا جي جوابِ دعويٰ کي غور سان ٻڌو. ان کان پوءِ ٽربيونل جي صدر، دعوائي ڌر جي پھرين شاهد کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو. شاهد ڪٽھڙي ۾ حاضر ڪيو ويو. اهو هڪ دراز ريش بزرگ هو. جو جبي ۽ دستار ۾ موجود هو.
شاهد: مان خدا کي حاضر ناظر سمجهي سچ ٿو چوان، آءٌ سلامت ﷲ ولد نزاڪت ﷲ خان ڪم پروفيسر، دينيات جامعہ فردوس برين چوان ٿو تہ مون کي ديني معاملات ۽ مذهبي نظريات تي ڪافي عبور حاصل آهي. آءٌ شاعري خانم جي قول ۽ عمل کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. هن چالباز ۽ حرافہ عورت، ملڪ جي اٻوجهہ ۽ سادن ماڻھن کي پنھنجي دامِ فريب ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي درويشن جو ديس آهي.صوفين جي نگري آهي ۽ بزرگن جي بستي آهي.
جج: ڪا دستاويزي ثابتي پيش ڪئي وڃي.
شاهد: جناب والا! ان جو عمل تہ ظاهر آهي. مسمات شاعري خانم شام جو سئو سينگار ڪري، چپن تي سرخي، منھن تي پائوڊر، اکين ۾ ڪجل، ڳلن تي لالي لڳائي، ٻن گهوڙن جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي پنھنجن ٻن ڏنڊن مسٽنڊن نوڪرن سان گڏ شھر ۾ سير لاءِ نڪري نروار ٿيندي آهي ۽ اڌ رات تائين ڪيترا شڪار ڪندي رهندي آهي. ڪي زخمي تہ ڪي قتل ٿي ويندا آهن.
جج: اوهان کيس ڏٺو آهي؟
شاهد: هائو سرڪار!
ٻيو جج: توهان تہ سلامت آهيو، ان جي مست نگاهن اوهان کي ضرور گهايل ڪري وڌو هوندو؟
شاهد: لاحول ولا، حضور والا! مان جڏهن گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ٻڌندو آهيان تڏهن رومال سان منھن ڍڪي، دفعہ بلا واريون سورتون پڙهندي ڪنھن تنگ گهٽيءَ ۾ داخل ٿي ويندو آهيان.
صدر: هر ڪنھن آزاد شھريءَ کي نقل و حرڪت ڪرڻ جي اجازت آهي. عدالت هن جي گهمڻ ڦرڻ تي ڪا بہ پابندي عائد ڪري نٿي سگهي. هر آزاد شھريءَ جو اهو بنيادي حق آهي.
شاهد: جناب والا! هن پنھنجي تحرير و تقرير سان، خوشگوار ۽ صحتمند ماحول ۾ گندگيءَ جي وبا ڦهلائي ڇڏي آهي. هر سنڌيءَ جي ذهن کي گندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي تقريرن کان متاثر ٿي، آزاد شھرين جي مختلف طبقن ۾ نفرت پيدا ٿي رهي آهي. امن عامہ خطري ۾ پوڻ جو انديشو آهي.
وڪيل صفائي: مي لارڊ! ڪا تحريري ثابتي پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو وڃي. گواھہ خوامخواھہ عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي.
جج: تحريري ثابت پيش ڪئي وڃي.
شاهد پنھنجو هيڊو رومال کوليو، جنھن مان ڪتاب ڪڍي عدالت جي سامھون پيش ڪري عرض ڪيو. عاليجناب! صفحہ نمبر 62، 65، 70 ۽ 75 کي پڙهايو وڃي يا مون کي اجازت ڏني وڃي تہ اهي پڙهي ٻڌايان.
صدر: ڪورٽ جي طرفان اجازت آهي.
شاهد:“آءٌ ٿيس جنھن ڏينھن کان پير مغان جو معتقد،
حيف باشد جو وڃي ڪنھن شيخ جيءَ جو در ڏٺم.”
هن مان ٻہ ڳالھيون بلڪل واضح آهن، يعني مسمات شاعري خانم، پير مغان جي مريدي قبول ڪري کيس پنھنجو مرشد بڻايو آهي. هن پير مغان جي قبيح فعل ۽ عمل کي خوبصورت رنگ ڏئي پاڻ کي شرابين جي حلقي ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان کان سواءِ هن اعلان ڪيو آهي تہ جيڪڏهن هوءَ ڪنھن بہ وقت ڪنھن پير طريقت جي در تي وڃي تہ مٿس ملامت هجي.
وڪيل صفائي: عاليجناب! مٿينءَ تحرير ۾ ڪا بہ چيز قابل گرفت ڪا نہ آهي. هر ڪنھن آزاد شھريءَ جو بنيادي حق آهي تہ هو ڪھڙو بہ مسلڪ اختيار ڪري ۽ ڪنھن جو بہ مريد ٿي پوي. جناب والا! منھنجي مؤڪلہ ڪنھن بہ فرد جي بي حرمتي نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪنھن جو نالو کنيو آهي. ٻيو تہ هن کي پير مغان، پير طريقت کان وڌيڪ پسند آهي، ڪنھن بہ پسنديدگيءَ کي ڪورٽ ۾ چيلينج نٿو ڪري سگهجي.
وڪيل دعويٰ: مي لارڊ! منھنجي دوست وڪيل صفائي، حقائق کي لڪائي تحرير جي روح کي غائب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. تحرير مان ثابت آهي تہ پير طريقت جو مقابلو پير مغان سان ڪيو ويو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي تہ پرهيزگار بزرگ کان پير مغان جو وڏو مقام آهي ۽ اهڙي تحرير شايع ڪري زاهد لاءِ نفرت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. جنھن ڪري شاعريءَ “حيف” جو لفظ استعمال ڪري پنھنجي ناپاڪ سازش کي ظاهر ڪيو آهي.
جج: ڪا ٻي ثابتي پيش ڪجي.
شاهد:“ٿيو مريد حضرتِ پيرِ مغان، شيخ آيو خانهء خمار ۾.”
جناب عالي! مٿين تحرير بلڪل صاف آهي يعني حد ٿي ويئي جو پير طريقت بہ پير مغان جو چَڳَ ڪپيو مريد بڻجي پيو ۽ زاهد شراب خاني ۾ پناھہ ورتي، جتي شراب جو واپار هلندو رهيو آهي. هتي شراب چڪائيندڙ کي وڏي درجي تي پھچايو ويو آهي ۽ پير طريقت کي سندس ادنيٰ غلام بڻايو ويو آهي.
صدر: مزيد ثابتي پيش ڪئي وڃي.
شاهد:
مون کي ساقي! واسطي ﷲ جي،
مست ڪر تون ساغرِ سرشار سان.
هن مان ظاهر آهي تہ شراب پيئڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ قوم کي مدهوش بڻائي، بيڪار ۽ ڪاهل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ عوام کي اخلاقي لوازمات ۽ بنيادي اقدار کان هٽائڻ جي هڪ ناپاڪ مھم آهي.
وڪيل صفائي: فاضل گواھہ عدالت عاليہ جي سامھون منھنجي مؤڪلہ جي تحرير جي گمراھہ ڪن وضاحت پيش ڪئي آهي. مسمات شاعري خانم “مون کي” جو لفظ استعمال ڪرڻ سان “واحد متڪلم جو صيغو” آندو آهي.
هن ٻئي ڪنھن کي نہ ڪا تلقين ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪنھن کي شراب جي طرف رجوع ڪيو آهي. اهو سندس ذاتي فعل آهي، جيئن تہ هر آزاد شھريءَ جو حق آهي تہ پنھنجي زندگي، پنھنجي سمجهہ ۽ شعور موجب گذاري. منھنجي مؤڪلہ پنھنجي حق جو پورو فائدو ورتو آهي. حڪومت برطانيہ جي قانون ان جو تحفظ ڪيو آهي، ليڪن منھنجي مؤڪلہ شراب کي علامت جي صورت ۾ پيش ڪيو، جنھن جي لغوي معنيٰ کي نظرانداز ڪرڻ ۾ اچي.
وڪيل دعويٰ: اهو ڪنھن بہ شھريءَ کي حق ڪونھي تہ هو ڪنھن مذموم ۽ ممنوع فعل جي علي الاعلان تشھير ڪندو وتي ۽ هر برائيءَ جو ڍنڍورو گهمائيندو رهي. هر برو فعل، هر صورت ۾ برو فعل آهي. قانوني طور ڪنھن جرم تي پابندي نہ هجي، ان جو مطلب اهو نہ ٿيو تہ اخلاقي حدون لتاڙي ان قبيح فعل جي تعريف ڪئي وڃي. شراب جي لفظ جي معنيٰ ۽ ماهيت کان هر انسان واقف آهي.
حضور والا! منھنجي دوست وڪيل صيغہ واحد متڪلم جو ذڪر ڪيو آهي. درحقيقت شعر جي دنيا ۾ شاعر عوام جي پاران ڳالھائيندو آهي ۽ عوام جي ترجماني ڪندو آهي. شاعريءَ خانم اهو تاثر عوام جي پاران پيش ڪيو آهي ۽ نہ فقط پنھنجي واحد فرد لاءِ، ۽ سندس ديدہ دليري ملاحظہ ڪريو: جو ساقيءَ کي انھيءَ ﷲ جا واسطا ڏيئي شراب طلب ڪيو وڃي ٿو، جنھن ﷲ خمريات، کي حرام بڻايو آهي.
وڪيل صفائي: اوهان مسمات شاعري خانم جا ملازم ٿي رهيا آهيو؟
شاهد: هائو!
وڪيل صفائي: اوهان وٽس ست سال ملازمت ڪئي آهي؟
شاهد: هائو! پر.....
صدر: ٻيو شاهد پيش ڪيو وڃي.
ٻيو شاهد: خدا تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ ٿو چوان. آءٌ ماشاءَ ﷲ ولد اقدار ﷲ پروفيسر اخلاقيات جامعتہ حوضِ ڪوثر چوان ٿو تہ آءٌ مسمات شاعري خانم کي بخوبي سڃاڻان، هن جي هار سينگار ۽ بيراھہ رويءَ جون مختلف ڳالھيون ٻڌندو رهيو آهيان. هن جو نالو بدنام آهي ۽ سندس شھره عام آهي.
جج: اوهان سندس ڳالھيون ٻڌيون آهن يا اوهان کي ذاتي تجربو آهي؟
شاهد: جناب عالي! آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. شاعري خانم هن معاشري تي بدنما داغ آهي....
صدر: طوالت جي ضرورت نہ آهي، ثابتي پيش ڪجي.
شاهد: حضور والا! شاعري خانم فحاشي ۽ عرياني جو کليل اعلان ڪري معاشري جي ذهن کي مفلوج بڻايو آهي. مثال طور:
“چاھہ مان چاشني چپن جي چکاءِ،
ڪا نہ ٻي منھنجي مھماني ڪر.”
شاعري خانم پنھنجي محبوب جي چپن چوسڻ جو چاھہ ڪھڙي نہ بي حيائي ۽ ديدہ دليريءَ سان ڏيکاريو آهي، اهڙي قسم جي تقاضا نوجوان طبقي تي تہ يقينن برو اثر ڇڏيندي.
وڪيل صفائي: جناب والا! اهڙيءَ تحرير ۾ ڪا خرابي ڪا نہ آهي. اها هڪ حقيقت پسندي آهي. شاعري خانم بيباڪ ۽ حقيقت شناس خاتون آهي. اها سندس خاص خوبي آهي تہ جا چيز هوءَ محسوس ڪري ٿي، ان جو اظھار ڪرڻ هوءَ پنھنجي لاءِ اخلاقي ديانت سمجهي ٿي.
جج: اهڙي نوعيت جي ٻي ڪا واضح شھادت پيش ڪئي وڃي.
شاهد: سر! صفحہ نمبر 17 تي ملاحظہ فرمايو:
شڪر دهنا! بوسئہ شيرين ذلب خويش،
يڪبار گهران تو کان تون صد بار ڪرم ڪر.
اي مٺڙي منھن وارا منھنجا دلبر! پنھنجي چپ جي مٺي چمي عطا ڪر. جيڪڏهن مان هڪ دفعو گهران تون سئو چمين جي عنايت ڪر.
وڪيل دعويٰ: ماءِ لارڊ! وڏي بيحيائيءَ جو مظاهرو آهي. منھنجي دوست وڪيل صفائي ان کي حقيقت پسندي سڏيو آهي. ليڪن حضور والا! اها هڪ کليل بيحيائي آهي ۽ بداخلاقيءَ جو هڪ اهڙو مظاهرو آهي، جنھن کي ڪا بہ ترقي پذير قوم برداشت نہ ڪري سگهندي، حياءَ ۽ حجاب وطن عزيز جون اهم خصوصيتون آهن، جن جي مسمات شاعري خانم سر بازار مٽي پليد ڪئي آهي. عدالت عاليہ کي گذارش تہ اهڙي اخلاقِ باختہ عورت کي هن پاڪ سرزمين تي رهڻ جو حق نہ ڏنو وڃي ۽ کيس ملڪ بدر ڪيو وڃي، ورنہ هتان جي فضا غليظ ٿي ويندي.
صدر: خاموش! مسمات شاعري خانم پنھنجو بچاءُ پيش ڪري.
شاعري خانم صد ناز و انداز سان پنھنجين ڀِرِون جي ڪمان سان ابروءَ جا تير وسائيندي اتي بيٺي ۽ نھايت شيرين لھجي ۾ عدالت عاليہ کي مخاطب ٿي. هن جي مکڙي مان ڄڻ گل ٿي ڇڻيا.
شاعري خانم: عدالت سڳوريءَ جي آڏو مھلت جي درخواست پيش آهي. سڀاڻي شاهدن پيش ڪرڻ جي اجازت ملي، ان کان سواءِ پنھنجي وڪيل سان صلاح مشورو ڪرڻ جو بہ وقت ملي.
صدر: عدالت درخواست ڏسي، پڙهي منظوري ڏني آهي ۽ ٻئي ڏينھن بہ بلا ناغه ڪيس هلائڻ جو حڪم صادر فرمايو آهي.
ٻئي ڏينھن مقرر وقت تي عدالت عاليہ جي هال ۾ ماڻھن جا هشام ڪٺا ٿيا. پڙهيلن ڳڙهيلن جو تعداد گهڻو هو.ڪارا جبا پھريل وڪيل اڳين ڪرسين تي قانوني ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف هئا. اصلاحي بيگم جنھن جي چھري تي تقدس جا نشان هئا سا اڇن ڪپڙن ۾ ملبوس پنھنجي وڪيل سان گفتگو ڪري رهي هئي. هن جي منھن تي متانت ۽ سنجيدگيءَ جا آثار ظاهر هئا. سندس شاندار پاڪباريءَ ۽ نيڪ بختيءَ ڪري هر هڪ ماڻھو کيس عزت جي نگاھہ سان ڏسي رهيو هو.
ٿوري دير کانپوءِ هڪ نازڪ اندام برقعہ پيش خاتون عدالت جي دروازي مان نڪري اندر هال ۾ داخل ٿي. سڀني حاضرين جو توجھہ ڏانھس ڇڪجي ويو. هن ناز ۽ انداز بعد پنھنجي سھڻي نازڪ هٿ سان برقعي جو نقاب هٽايو، سندس حسن هوشربا ڏسي سڀني جون ڏندين آڱريون اچي ويون. سندس نرگس نيڻ ڪيترن کي گهائل ڪري رکيو. هال ۾ ويٺل ملا ۽ مولوي سندس شباب لاجواب کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهيا هئا. جهٽ پلڪ لاءِ سڄو هال سناٽي ۾ اچي ويو. دعويٰ جو پھريون شاهد پروفيسر دينيات کيس حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. اها نازنين هيڏانھن هوڏانھن نظر ڦيرائي شان دلربائي سان خرامان خرامان پنھنجي وڪيل جي طرف وڌي رهي هئي، جو اڳئينءَ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. حاضرين ٿوري دير لاءِ مسحور ٿي بت بڻيا پنھنجين جاين تي ويٺا رهيا. هوءَ پنھنجي وڪيل جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ هن سان هوريان هوريان ڳالھائڻ لڳي.
“خبردار ۽ هوشيار” جي هوڪارن کان پوءِ جج صاحبان پنھنجون ڪرسيون والاريون.
صدر عدالت: ملزمہ مسمات شاعري خانم بچاءَ جا شاهد پيش ڪري.
هڪ پيرسن شاهد ڪٽھڙي ۾ اچي بيٺو. کيس نڪ جي وچ تي اڌ اکين تي عينڪ پيل هئي.
شاهد: ﷲ کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ ٿو چوان. آءٌ نفس حسن پٽ اعتماد حسن پروفيسر نفسيات، عالم محسوسات ڪاليج حيدرآباد جو چوان ٿو تہ آئون ماهر نفسيات آهيان. منھنجو اڀياس اونھون آهي ۽ چئن ڪتابن جو مصنف آهيان. آءٌ مسمات شاعري خانم کي تقريبن ويھن سالن کان سڃاڻان ٿو. هن جي چال چلت کان واقف آهيان. هن جو ڪردار بالڪل بي داغ آهي. هن کي معاشري جي نفسيات جي اڀياس ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. کيس ﷲ جي طرفان ڏات مليل آهي. جنھن ڪري سندس قول ۽ فعل موجودہ سماج لاءِ ڪارآمد آهي. هن سوسائٽي تي سندس وڏو احسان آهي. هن اڄوڪي انسان جو صحيح مقام معلوم ڪيو آهي، ايندڙ نسلون کيس ياد ڪنديون رهنديون.
صدر: توصيف ۽ تعريف ۾ وقت ضايع نہ ڪيو وڃي. حقيقتون پيش ڪيون وڃن.
شاهد: جناب والا! مسمات شاعري خانم هڪ مردہ قوم ۾ روح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن لفظن کان علامتن جو ڪم ورتو آهي، جن کي مسمات اصلاحي بيگم لغوي معنائن ۾ محدود ڪري اشتعال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاعري خانم انسان کي پنھنجي مناسب مقام ڏانھن رجوع ڪيو آهي. سندس اها ڪوشش غلامانہ ذهنيت کي تبديل ڪرڻ جو هڪ نسخو آهي.
جج: ثابتي پيش ڪئي وڃي. عدالت جو وقت نھايت قيمتي آهي.
وڪيل دعويٰ: اهوسچ آهي تہ اوهان سمورو وقت شاعري خانم جي بارگاھہ حسن ۾ گذاريندا آهيو؟
شاهد: هائو مون کي اهڙي سعادت نصيب آهي. آءٌ سندس نظريات جو گرويدہ آهيان.
وڪيل: اهو سچ آهي تہ اوهان سندس حسن هوش ربا جا پروانہ آهيو؟
شاهد: آءٌ سندس ادنيٰ عقيدتمند آهيان ۽ڀسندس شعور جو شائق آهيان.
(عدالت ۾ ٽھڪڙو مچي ويو)
صدر: آرڊر پليز! ثابتي پيش ڪجي.
شاهد:
تون نہ ڀائين نہ ڀانءِ تنھنجي خوشي،
آءٌ تہ ڀانيان ٿو مون کي ٿو ڀانئين.
هن ۾ انساني امنِ عامہ ۽ اتحاد جي تلقين ڪئي ويئي آهي. ڪلفت ۽ نفرت جي پاڙ پٽي ويئي آهي. هن نموني جو رجحان موجودہ انتشار پسندي جي دور ۾ وڏو ڪارنامو آهي. حضور اعليٰ! جيڪڏهن قوم ۾ اتحاد پيدا ٿي وڃي تہ هوءَ غلامانہ زنجيرن کي ڀڃي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿي. اهڙي نموني جي دعا هيٺين مصرع ۾ واضح آهي.
“تنھنجا حامي مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ نعم النصير.”
قوم جي لاءِ ڪيڏي نہ وڏي دعا آهي، ان کان سواءِ عقيدي جي پختگي “نعم النصير” جي لفظن مان بلڪل ظاهر آهي ۽ مضبوط ايمان جي علامت آهي.
ڪين ڪنھن سان بي ادب ٿيندس، مون کي الفت آهي اديبن جي.
شاعري خانم جي اهڙين نظرين جو آءٌ مداح آهيان. مصرعه ثاني ۾ اديبن جو لفظ وسيع معنيٰ ۾ پيش ڪيل آهي،جنھن مان عالمن، فيلسوفن، دانشورن ڏانھن اشاروآهي.
حضور اعليٰ! هن وقت آءٌ حقيقت جو انڪشاف ڪرڻ لاءِ مجبور آهيان. مسمات اصلاحي بيگم جو شاهد نمبر پھريون يعني پروفيسر دينيات ست سال ساندھ مسمات شاعري خانم جي حضور رهيو آهي، ليڪن سندس فطرت اهو برداشت نہ ڪيو، جڏهن ٻيا باشعور ۽ اهل دل پروانا هن شمع جي آستاني تي نثار ٿيڻ لڳا. تنھن ڪري حسد جي باھہ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ هو باغي ٿي ويو. آءٌ سمجهان ٿو تہ هن انھيءَ خفت کي مٽائڻ لاءِ ڏاڙهي وڌائڻ شروع ڪئي آهي. ۽ معزز گواھہ جي صورت ۾ عدالت جي اڳيان پيش ٿيو آهي.
صدر: ٻيو شاهد پيش ڪيو وڃي.
هڪ نوجوان ڪٽھڙي ۾ آيو جو وضع قطع جي لحاظ کان نھايت مهذب ٿي لڳو.
شاهد: خدا تعاليٰ کي حاضر ناظر سمجهي سچ ٿو چوان. آءٌ نورنگ داس پٽ ڊيٽارام پروفيسر ادبيات سرڳ نواس ڪاليج حيدرآباد چوان ٿو تہ مون کي ادبيات تي ڪافي عبور آهي. آءٌ انگريزي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ادبيات تي اعليٰ سندون حاصل ڪري چڪو آهيان. آءٌ ڪاليج سرڳ نواس ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ جو استاد آهيان. مون انگريزي شاعرن ملٽن، شيڪسپيئر، شيلي،ڪيٽس ۽ ورڊس ورٿ وغيرہ جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو آهي. فارسي شعراءَ ۾ مون کي سعدي، رومي، جامي، حافظ ۽ خيام تي ماسٽري حاصل آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ آءٌ قديم ۽ جديد رنگ کان بالڪل واقف آهيان ۽ مجموعي طور شاعري جي اهم ۽ بنيادي اقدار جو قائل آهيان. آءٌ سندس پختي شعور ۽ حسنِ اخلاق جو گرويدہ آهيان. مان سندس ظاهري حسن جي بجاءِ باطني سيرت جو شائق آهيان.
مسلمان يا ڪرستان يا ڪو هندو- اي سانگي سڀ سان رک صاحب سلامت
هن مان ظاهر آهي تہ شاعري خانم جي دل انساني قرب ۽ همدرديءَ سان سرشار آهي. وٽس ڪو بہ طبقاتي يا مذهبي تعصب ڪو نہ آهي. حضور والا! ايران ۾ سياسي انتشار جو دور هو، ان وقت خواجہ حافظ شيرازي صلح ۽ آشتيءَ خاطر “با مسلمان ﷲ ﷲ با برهمڻ رام رام” جو پيغام ڏنو. ساڳئي نموني شاعري خانم غزل سرا آهي ۽ قوم ۾ صحتمند رجحان پيدا ڪرڻ جي متمني آهي. مسمات شاعري خانم نھايت احترام سان هڪ حقيقت ڏانھن اشارو ڪري ٿي.
ان جھڙو ڪو نہ آهي زماني ۾ خوش نصيب
جنھن جو جناب شاھہ نجف رهبر هجي.
هن هڪ راءِ متعين ڪئي آهي، جنھن جو راهبر علي مرتضيٰ آهي. حضور والا! اهڙي تصور مان اسلامي روح ۽ صالح و صحتمند اقدار جي ترجماني ملي ٿي. عاليجناب! هڪ راز عدالت جي اطلاع لاءِ نھايت مفيد ٿيندو، جنھن جي انڪشاف لاءِ عدالت عاليہ اجازت مرحمت فرمائي.
صدر: اجازت آهي. ڪنھن بہ وزندار حقيقت کي عدالت نظرانداز ڪري نٿي سگهي.
شاهد: مسمي پروفيسر اخلاقيات، جيڪو متغاثه جي طرفان گواھہ بڻجي آيو آهي. ٽي سال اڳي مسمات شاعري خانم جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو آهي، ليڪن ڪنھن خطرناڪ خيانت سبب محترمہ شاعري خانم کيس پوليس جي حوالي ڪيو. جيئن تہ مسمات اصلاحي بيگم هڪ پارسا نيڪ سيرت خاتون آهي ۽ سندس چڱو ئي اثر رسوخ آهي، تنھن معزز شاهد سان همدردي ڪري کيس پوليس جي گرفت کان بچايو.
صدر: ان جي معنيٰ مسمات اصلاحي بيگم مجرمن ۽ ڏوهارين جي پردہ پوش آهي. عدالت اهڙو نوٽ رڪارڊ تي رکيو آهي. وڪيل استغاثہ دعويٰ جي حق ۾ تقرير شروع ڪري.
وڪيل دعويٰ: ماءِ لارڊ! ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ مسمات شاعري خانم جو هر ناز و ادا پرڪشش آهي. هن هميشہ پنھنجن مخالفن کي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي انوکا هٿيار استعمال ڪيا آهن. ڪو سندس حسن و جمال جو شائق آهي، ڪو سندس شباب جي حجاب تان نثار آهي، ڪو سندس شان ۽ شوڪت جو شيدائي آهي، ڪو سندس رعب و تاب جي تابع آهي. هن سوسائٽي جي هر فرد کي بليڪ ميلنگ ڏانھن رجوع ڪيو آهي. هوءَ هڪ مشاق ۽ فتنہ ساز عورت آهي، جنھن ڪري سارو معاشرو بليڪ ميلنگ ۾ گرفتار آهي. هن قوم کي صالح ۽ صحتمند قدرن کان هٽائي ذهني عياشيءَ ڏانھن مائل ڪيو آهي، تنھن ڪري قوم جو روح هڪ عجيب و غريب غنودگيءَ ۾ مبتلا آهي، چيو اٿس:
دلربا مون سان هم بغل آهي،
اڄ تہ اغيار جو اجل آهي.
................
سدائين دوست جو ديدار ڏسجي،
مٺي محبوب جو جنسار ڏسجي.
................
اچي ٿئي جي هم بغل يار جاني،
نئين سر ٿئي وري منھنجي جواني.
حضور والا! مٿين فرمودات مان واضح آهي تہ هر ڳڀرو ۽ هر جوان کي حسن لٽڻ جي دعوت عام آهي. هن سڀني کي پنھنجي زلف گره گير ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اخلاقي طور ان کي ڪھڙي نموني جائز سڏي سگهجي ٿو، جنھن ۾ پيار جو بغل گيري تي منحصر آهي.
جرم نمبر 2 جي لاءِ عرض آهي تہ مذهب موجب شراب کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. طبي لحاظ سان بہ نشو اسان جي لاءِ زهر قاتل آهي. مذهب جن چيزن کي حرام ۽ ممنوع بڻايو آهي، انھن جي جيڪڏهن جاچ ڪجي تہ معلوم ٿيندو تہ اهي شيون انساني زندگي ۽ اخلاقي معيار جي لحاظ کان نقصانڪار آهن. اسلام ۾ اهڙن ڏوهن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيل آهن، ليڪن شاعريءَ خانم جي پرفريب لفاظي اهڙن ڏوهن جي ارتڪاب ۾ وڏي هٿي بڻجي پيئي آهي. شاعريءَ خانم جي ديدہ دليري تي تعجب آهي، جو هن مذهب جي قانون کي پنھنجي شيرين گفتار ۽ چرب زبانيءَ سان مضحڪہ خيز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن حرام ۽ حلال جو ڪو سنڌو نہ رکيو آهي، هٿان حرام جي تعريف نشر و اشاعت ۾ ڪاغذ ڪارا ڪيا اٿس. چند مثال عرض آهن:
(1) اڄ اڱڻ منھنجي ڏس عجيب آيو، ساقيا ڏي شراب ريحاني
(2) ڇڏي سڀ زهد ۽ تقويٰ کي يڪبار، مئي ميخانہ و ميخوار ڏسجي
(3) جوانيءَ جا پيريءَ ۾ ماڻيون مزا، جي ساقي پياري شراب ڪنھن
جرم نمبر 3 کي ثابت ڪرڻ لاءِ آءٌ پاڻ ملزمہ شاعري خانم جي ڪارڪردگيءَ کي ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو. شاعري خانم مذهب کان بلڪل ڇڙواڳ آهي. هن جي جدوجھد مذهبي نظريات جي خلاف آهي. هن عالم دين ۽ زاهد پاڪباز تي ٺٺوليون ڪيون آهن، ان جي شان ۾ گٿا لفظ استعمال ڪيا آهن.
(1) پروڙيندو سچو عاشق عشقبازيءَ جي،
خبر ان راز جي ڇا زاهدِ بي پر جاهل کي.
(2) لاابالي آهيان آءٌ مست مدام، شيخ منھنجي اڳيان شغال آهي
(3) سرڪ ساقيءَ ڏنس ڪا صھبا جي، شيخ پيو وجد ۾ ٿيو رقاص
(4) شرابن طھورا جا طالب اسين، ملن کي تہ طھري جي گهرجي طباق
انھن مثالن مان ثابت آهي تہ شاعري خانم عالمن ۽ زاهدن کي کليو کلايو ذليل ۽ خوار ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي آهي. هن نہ فقط سندن شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، پر کين جاهل، گدڙ، ناچو ۽ طباقي جهڙن ذلت آميز لقبن سان ياد ڪيو آهي. جن کي ﷲ ۽ رسول جي دين جو محافظ ڪري پيش ڪيو ويو آهي، انھن جي اهڙي ذلت نھايت شرمناڪ آهي. حضور والا! مٿي عائد ڪيل الزام ثابت ٿي چڪا آهن، تنھن ڪري عدالت عاليہ کي مؤدبانہ گذارش آهي تہ شاعري خانم کي ملڪ بدر ڪري ڪاري پاڻي ڏانھن روانو ڪرڻ جو حڪم صادر ٿئي.
صدر: فاضل وڪيل استغاثہ پنھنجا دلائل نھايت وضاحت سان پيش ڪيا آهن. فاضل وڪيل صفائي پنھنجي موڪله مسمات شاعري خانم جي بچاءَ ۾ دليل پيش ڪري.
وڪيل صفائي: ماءِ لارڊ! دليلن شروع ڪرڻ کان اڳ آءٌ معزز عدالت جو ڌيان استغاثہ جي معزز شاهدن جي طرف ڇڪايان ٿو. آءٌ پنھنجي حجت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي تحريري دستاويز عدالت عاليہ جي سامھون پيش ڪريان ٿو. دعويٰ جو پھريون شاهد، هڪ عالم، دين آهي. آءٌ سندس عالمانہ بصيرت جو مداح آهيان. هو دينيات جو پروفيسر آهي، پر ماءِ لارڊ اهو معزز شاهد مسمات شاعري خانم جو ست سال پبلسٽي سيڪريٽري ٿي رهيو آهي. هن شاعري خانم جي هرج خرچ تي پوري سنڌ ديس جو دورو ڪيو آهي. اهو ڪم هو ستن سالن تائين نھايت تندهي سان سرانجام ڏيندو رهيو. کيس شاعري خانم طرفان سوا ٻہ سئو رپيا ماهيانہ پگهار ملندو رهيو، کيس ٻيون بہ ڪيتريون مراعات حاصل هيون. سندس اشاعتي ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون جي سندس هٿ لکيل آهن، عدالت ۾ پيش ڪريان ٿو. سندس خدمتن جو شاعري خانم کي بہ احساس آهي.سال 1931ع ۾ معزز شاهد منھنجي مؤڪلہ کي پگهار وڌائڻ لاءِ درخواست پيش ڪئي. مسمات شاعري خانم جي عديم الفرصتي ان درخواست تي ٻہ مھينا غور ٿي نہ سگهيو ۽ فاضل پروفيسر اندر خاني منھنجي مؤڪلہ خلاف بغاوت شروع ڪري ڏني، جنھن ڪري شاعري خانم جي سماجي اداري ۾ هڪ هنگامو برپا ٿي پيو. مجبورن شاعري خانم مولانا ممدوح کي چارج شيٽ ڪيو ۽ کيس ملازمت مان خارج ڪرڻ ۾ آيو.
صدر: اهڙن اهم ڪاغذن جا نقل عدالت ۾پيش ڪيا وڃن.
وڪيل: انھن دستاويزي ڪاغذن سان گڏ ست سال جهونا ٻہ فوٽو بہ ڪورٽ سڳوريءَ ۾ پيش ڪريان ٿو. هڪ فوٽو ۾ معزز شاهد، شاعري خانم جي آڏو گوڏا کوڙي نھايت مؤدبانہ انداز ۾ ويٺو آهي ۽ ٻيءَ تصوير ۾ حضرت مولانا، شاعريءَ خانم جي سالگرھہ جي موقعي تي مھمانن جو استقبال ڪري رهيو آهي.
صدر: عدالت دعويٰ جي شاهد نمبر پھرئين جي ڪارڪردگي جي متعلق رڪارڊ تي نوٽ رکيوآهي،بحث اڳتي وڌايو وڃي ۽ الزامن جي ترديد لاءِ دلائل پيش ڪيا وڃن، عدالت جو وقت قيمتي آهي.
وڪيل: ماءِ لارڊ! هي ڪيس ذاتي دشمنيءَ جي بنا تي پيش ڪيو ويو آهي. مسمات اصلاحي بيگم کي محض ڀڙڪائي دعويٰ داخل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ورنہ اصلاحي بيگم جي منھنجي مؤڪلہ سان ڪنھن قسم جي مخالفت ڪا نہ آهي. ساڳئي نموني استغاثہ جي شاهد نمبر 2 جون ڪجهہ دستاويزي ثابتيون ڪورٽ ۾ پيش ڪجن ٿيون.
معاون جج: اهي سڀ ڪاغذات رڪارڊ تي رکجن ٿا. اوهان دلائل کي اڳتي وڌايو.
وڪيل: الزام نمبر پھريون قابلِ قبول نہ آهي، جنھن جي صفائي بچاءَ جي شاهد پروفيسر نفسيات هن کان اڳ رڪارڊ ڪرائي آهي، الزام نمبر 2 پڻ مضحڪہ خيز آهي. فاضل عدالت بخوبي واقف آهي تہ شاعري جي دنيا ۾ لغوي معنيٰ تي گهٽ ڌيان ڏيڻ ۾ ايندو آهي. الفاظ کي اصطلاحي معنائن ۾ وٺبو آهي. ساقيءَ جي معنيٰ حسين ايراني ڳڀرو جي ڪا نہ آهي پر روحاني رهبر جي آهي، جو انسانن کي علم و فض جي فيض و برڪت سان صراط المستقيم ڏانھن وٺي هلي ٿو. اهو رهنما اخلاق ۽ آداب جي ڪري خوب صورت بہ آهي ۽ روحاني طور نيڪ سيرت پڻ. آءٌ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھہ لطيف جي موضوعن جي مناسبت سان چند اشعار پيش ڪريان ٿو، جن کي دنيا جي عالمن ۽ اديبن سند ڪري مڃيو آهي.
گهٽن ۾ گهٽڪن وٽيون پين وه گاڏيون
بر خيز بدہ ساقي پيار کي پرين
پڪين نہ پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان
قاتل ڪمائي ڪري وه ماکي جي ڪن
وٽن ويھي تن، پيج ڪي پياليون.
................
پڙهئو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
پاڻا ڏوھہ چڙهن جي ورق ورائن وترا.
استغاثہ طرفان اهو الزام ڪو نہ آهي تہ مسمات شاعري خانم شراب واپرائيندي آهي يا وٽس شيشي ۽ شراب جون محفلون هلنديون آهن. مان دعويٰ سان چوان ٿو تہ منھنجي مؤڪلہ جي ڪچھري ۾ علم و فن سان گڏ حال ۽ قال جون مجلسون هونديون آهن. فاضل پروفيسر دينيات جو ان کان بچڻ محال هو. بھرحال اهو الزام بي بنياد، غلط ۽ حقائق جي خلاف نظر اچي ٿو. شاعري خانم هميشہ اخلاقي قدرن ۽ روايتن جو احترام ڪيو آهي. ان کان سواءِ سندس قول ۽ عمل ترقي پسندانہ آهي. انھن جي نشر و اشاعت لاءِ پروفيسر دينيات هزارين رپيا پگهار طور وصول ڪيا آهن. پروفيسر اخلاقيات پنھنجي ڪمال ديانتداريءَ سان ٽن هزارن جي گهوٻي هنئي آهي. ماءِ لارڊ! هڪ حقيقت جو انڪشاف بہ دلچسپيءَ کان خالي نہ ٿيندو تہ فاضل پروفيسر اخلاقيات کي نہ تعليمي ڊگري آهي ۽ نہ وري سندس ڪو مطالعو آهي. هو هڪ جگلر آهي ۽ جادوگري جي ڪري پاڻ کي پروفيسر سڏائيندو آهي. شعبده بازي تي سندس گذران آهي. مئٽرڪ جي امتحان ۾ نقل ڪري پڪڙيو ويو ۽ يونيورسٽيءَ کيس ٽن سالن لاءِ خارج ڪري ڇڏيو. هن وقت هٿ جي صفائي سندس روزگار جو ذريعو آهي. پروفيسر اخلاقيات جو لقب بہ سندس خود ساختہ آهي.
جج: ليڪن انھن ڳالھين کي ثابت ڪرڻ لاءِ دستاويزي ثبوت درڪار آهي. عدالت اهڙن شاهدن تي مناسب قدم کڻڻ لاءِ مجبور ٿيندي.
شاهد: پوليس ۽ فرسٽ رپورٽ جو نقل، يونيورسٽي گزيٽ ۾ پروفيسر اخلاقيات جا مختلف اشتھار مٿين ڳالھين کي ثابت ڪرڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو.
الزام نمبر 2 کي رد ڪرڻ لاءِ هڪ شعر پيش ڪريان ٿو.
خالي ڪڏهن نہ مئي کان رهي هي ڪاسه مراد،
پورو سندم سوال هي پير مغان ڪري.
پير مغان شاعريءَ ۾ مرشد ڪامل کي سڏبو آهي. شراب اهو فيض آهي، جو صاحبِ طريقت کان جاري ٿئي ٿو. فارسيءَ جي برگزيده شاعرن اهڙي اصطلاحن جو عام جام استعمال ڪيو آهي. ڪيترائي حوالا پيش ڪري سگهجن ٿا، ليڪن عدالت جي قيمتي وقت جو احساس اٿم.
ماءِ لارڊ! آءٌ الزام نمبر 3 کي بالڪل بي بنياد ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهہ حقيقتون عدالت جي آڏو پيش ڪريان ٿو. فاضل عدالت بخوبي واقف آهي تہ علماءِ حق ۽ علماءِ سو جو هميشہ اختلاف رهيو آهي. علماءِ حق قابلِ صد احترام آهن انھن جي هميشہ تعريف ڪئي وئي آهي. انھن انساني قلب کي روشن ڪري راهِ هدايت جي نشاندهي ڪئي آهي ليڪن اهي عالم جي فقط نفس پرستيءَ ۾ مبتلا آهن ۽ زر جي تلاش ۾ آهن مسمات شاعري خانم انھن جي بناوٽي زهد و تقويٰ جي شڪايت ڪئي آهي. محترمہ فرمائي ٿي.
ڏٺاسون عابد و زاهد سڀئي زر پرست آهن،
اسان مستن جي مجلس ۾ نہ لائق آهن پائيءَ جا.
عدالت جي آڏو پروفيسر دينيات جو ڪردار پيش آهي. جبه، دستار، ريش مبارڪ ۽ تسبيح جي ڪري هڪ ديندار نظر اچي ٿو پر ان جي ابتڙ آهي. آخر ۾ آءٌ مسمات شاعري خانم جو نظريو ۽ عقيدو پيش ڪرڻ لاءِ مجبور آهيان.
(1)سو اسان جو هادي شان جنھن جو آهي،
لا فتيٰ الا علي لا سيف الا ذوالفقار.
(2) بندہ خاصہ ﷲ ٿجي، دوست دشمن جو خير خواھہ ٿجي.
(3) هادي راه هدا آه ڀٽ ڌڻي سو ڀرجهلو،
ياد ٿو هر دم ڪريان تنھن مرشد و مولا کي آءٌ.
حضور والا: اهڙن فرمودات جي ٻڌڻ کانپوءِ قلبي ۽ ذهني سڪون ميسر ٿئي ٿو. شاعري خانم جو ڪلام لطائف پسندي، استعاره پسندي، اشاريت ۽ رمزيت سان ڀرپور سماجي ۽ ذهني انتشار کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش آهي. ماءِ لارڊ! مسمات جي ڪلام ۾ ڪنھن بہ جاءِ تي سستي جذبائيت ڪا نہ ٿي ملي ازانسواءِ سندس فرمودات ۾ عرياني، فحاشي ۽ بداخلاقي جو شائبو بہ نظر نٿو اچي.جيئن تہ شاعري خانم اختصار پسند آهي ۽ هن تفصيلات کان هميشہ گريز ڪيو آهي. تنھن ڪري پروفيسر دينيات جهڙن ماڻھن مروڙي سروڙي معنائون پيش ڪيون آهن ۽ ملڪ جي فضا کي غليظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. منھنجي تقرير ختم ٿي ۽ فاضل عدالت کي مؤدبانہ گذارش آهي تہ دعوي کي خارج ڪري منھنجي مؤڪلہ کي هرج خرچ ڀرائي ڏئي.
صدر: عدالت فيصلي جي تاريخ جو اعلان ڪندي عدالت برخواست ڪئي.
(رهبر ڊائجيسٽ اپريل ۽ مئي 1970ع تان ورتل)