سنڌي شاعري جا قدر ۽ رجحان
عام طور چيو ويندو آهي تہ هي ادب جا پراڻا اقدار آهن ۽ “فلان ابن فلان صاحب” رجعت پسند شاعر آهي. جنھن مان واضح آهي تہ پراڻن قدرن جا پرستار رجعت پسند ۽ جديد قدرن جا پوڄاري ترقي پسند آهن. هڪڙن جي نظر ۾ پراڻا قدر مٽجي زمين دوز ٿي ويا آهن. وري ٻين جي خيال موجب، جديد قدر فريب ۽ دوکو آهي. در حقيقت پراڻا ۽ نوان قدر، نہ پراڻا آهن ۽ نہ نوان قدر آهن. جن جي حيثيت حيات انسان سان وابستہ رهي آهي. اهي اهڙين حقيقتن جا حامل آهن، جيڪي هر دور ۾ نوع انسان جي لاءِ ساڳيون رهيون آهن. فقط سمجهڻ جو فرق آهي. ڇاڪاڻ جو انھن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهہ دير مدار ٿي آهي. ادب جي زندگيءَ جو دارو مدار قدرن تي آهي.
ادب جو وڏي ۾ وڏو اهم قدر “حسن و جمال” آهي. انھيءَ مکيہ ۽ اهم قدر جي هر اديب پنھنجي مزاج موجب تعبير ڪئي آهي. انھيءَ قدر جو موضوع محبت آهي. يعني حسن جي پرستش. صوفي بزرگن لاءِ ازلي حسن آهي. جنھن جي نور جي ضياپاشين سان ڪائنات جي هر چيز روشن آهي. ليڪن ٻئي طرف مادي حسن جي جلوہ، سامانين، ڪيترن کي مسحور ڪري ڇڏيو آهي. انھيءَ کان سواءِ ڪن کي فطرت جي حسين مناظر سان محبت آهي. حسن جو قدر سنڌي ادب ۾ سنڌي زبان جي پيدائش کان وٺي شامل حال رهيو آهي ۽ وقتن فوقتن صورتون بدلائيندو رهيو آهي. اڄ تائين اهو قدر پنھنجي ڀرپور زندگي، تازگي ۽ توانائي سان سنڌي ادب ۾ موجود آهي. انساني زندگيءَ سان هميشہ وابستہ رهندو ايندو. کيس هڪ لازوال حيثيت حاصل آهي.
ادب جو ٻيو قدر “صداقت” آهي، جنھن جا سچائي ۽ حقيقت پسندي ٻہ مکيہ پھلو آهن، ٽيون قدر “انصاف” آهي، جنھن جا اخلاق ۽ انسان دوستي ٻہ مکيہ جزا آهن. اسان جي بحث مطابق سنڌي ادب جا ٽي قدر آهن، جن جي حيثيت لافاني آهي، جيڪي حيات انسان سان جڪڙيل آهن. جيستائين هي ڪائنات قائم آهي، اهي قدر پنھنجي پوري قوت سان دنيا جي مٿان ساري و طاري آهن.
بک، آزادي، هاري، وطن پرستي ۽ معاشي بدحالي، وغيرہ شاعريءَ جا موضوع آهن (۽ نہ قدر). جيڪي معاشري جي حال مطابق ڦرندا گهرندا رهن ٿا. جن جي حيثيت مستقل نہ آهي، ليڪن مذڪورہ بالا اقدار اٽل ۽ ٺوس آهن.
سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، ادب جي مستقل قدرن سان ٿئي ٿي. قاضي قاضن ۽ شاھہ ڪريم جي دور ۾ ادب جي مکيہ ۽ پھرين قدر يعني حسن جي حيثيت ظاهر ٿئي ٿي. ان کان پوءِ شاھہ لطيف وٽ ٽنھي اهم قدرن جي وضاحت ٿئي ٿي ۽ ادب ڪيترن مکيہ موضوعن ۽ نظرين تي ڦهلجي وڃي ٿو. زندگيءَ جا اهم قدر شاھہ لطيف جي دور ۾ اجاگر ٿي نمايان حيثيت حاصل ڪن ٿا ۽ ڪيترن رجحانن جي تعمير ڪرڻ ۾ اچي ٿي. ادب جي هر پھلوءِ ۾ تعمير نظر اچي ٿي، شاھہ جي سموري ڪلام ۾ انسانيت سان همدرديءَ جو جذبو روان دوان نظر اچي ٿو. جيڪڏهن مارئي سان سندس همدردي آهي تہ عمر جي جور و ظلم باوجود، سختيءَ جي بجاءِ، محبت سان سندس اصلاح مقصود آهي. انسان سان بحيثيت انسان، محبت ڪرڻ، شاھہ جو مسلڪ رهيو آهي. سندس بھبود ۽ بھتريءَ لاءِ راھہ هموار ڪرڻ، انساني اصلاح ۽ فلاح جي ڪوشش ڪرڻ، لطيف جو مذهب آهي. اهو نظريو سنڌي شاعريءَ جي رگ و پئي ۾ سرايت ڪري ويو، جنھن جو خمير، حسن و جمال، انصاف ۽ صداقت جھڙن بنيادي قدرن جو مرڪب آهي. سنڌي شاعريءَ جي سموري عمارت جي ساخت، انھن قدرن جي مرهون منت آهي. اهي قدر نہ صرف سنڌي شاعريءَ تي مسلط آهن، پر اهي مشرقي شاعريءَ جون حقيقتون آهن، جن کان گريز ڪرڻ حقيقت جو انحراف آهي. شاھہ لطيف کان پوءِ سچل سرمست جو دور پنھنجي سرمستيءَ جي خصوصيت جي ڪري سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم دور آهي، جنھن ۾ هيئت جي تجربن جو بنياد رکيو ويو. ليڪن معاني جي لحاظ کان اهي پراڻا اقدار سچل وٽ بہ پنھنجي ڀرپور تاباني ۽ دلپذير شادابي سان موجود آهن. سنڌي ادب جي بنيادي معيارن جي وضع ڪيل قدرن تي سنڌي ادب جي جديد ۽ قديم رجحانن جو دارومدار آهي، جن قدرن جي حيثيت هڪ لازوال حقيقت آهي. متاخرين انھن جو تتبع ڪيو آهي ۽ اها تقليد جاري رهندي.
انگريزن جي تسلط قائم ٿيڻ کان پوءِ مادي زندگي زياده اجاگر ٿيڻ لڳي ۽ ماديت جو دور دورہ رهيو. سنڌ کي جبر و استداد جو نشانو بڻايو ويو. روحاني زندگي ڪجهہ پٺتي هٽڻ شروع ڪيو. حسن ازليءَ جي بجاءِ، انساني حسن جي زياده نغمہ سرائي ٿيڻ لڳي. هيئت جو هڪ وڏو تجربو، سنڌي قديم هيئت جي روح جي بلڪل منافي، موزون شاعري جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو. معاني ۽ هيئت جي اعتبار کان هڪ وڏو انقلاب چئجي تہ مبالغو نہ ٿيندو، پر اهو انقلاب هر بغاوت کان پاڪ هو، ڇاڪاڻ (جو، ادب) جا بنيادي انداز پنھنجي جاءِ تي جامد ۽ ساڪت رهيا. فقط نظريي جو فرق ڏسڻ ۾ آيو. معرفت جي بجاءِ مجاز جون منزلون طئي ٿيڻ لڳيون ۽ حسن فطرت جون ڪي ڳالھيون امتيازي طور داخل ٿي ويون. ڪجهہ وقت طنز ۽ مزاح جو سلسلو بہ شروع ٿيو. رزميہ شاعري، بھادري ۽ شجاعت جا واقعات بيان ڪرڻ ۾ آيا. ويھين صدي جي ٻئي ۽ ٽئين ڏهاڪي ۾ آزادي جي جذبي زور ورتو. خلافت ۽ سوراج تحريڪن پاڻ ۾ اتحاد شروع ڪيو. تنھن ڪري قوميت ۽ اخلاقيات جي جائزي سان گڏ سياسي پستي ۽ معاشي پس ماندگيءَ جو نظريو پيش ڪرڻ ۾ آيو. برصغير هند و پاڪ جي شاندار ماضيءَ جو ترانو ڳايو ويو. حقيقت نگاريءَ جي پيش نظر، انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جي اهم مسئلن کي ظاهر ڪيو ويو. شعر جي صداقت تي زور ڏنو ويو. انھيءَ نموني موجودہ صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ “ترقي پسند ادب” جو اجراء ٿيو. جو انسانيت جي علمبرداريءَ جو نعرو هڻي صداقت جو پيغام کڻي ميدان عمل ۾ آيو. آهستہ آهستہ ترقي پسند طبقي ادب جي قدرن کي “موضوعات ۽ رجحانات” جو درجو ڏنو، جي درحقيقت (خود ادبي قدر نہ، پر) ادبي قدرن جون شاخون آهن. هندو لڏي ويا، تنھن ڪري چند برسر اقتدار ادبي هستين، بنا سمجهڻ جي هر رجحان ۽ هر موضوع کي ادبي قدر بڻائي ڇڏيو...
پھرين ۽ مکيہ قدر “حسن” جو ذڪر تہ شروع ۾ ئي آيو آهي، جنھن جي مختلف صورتن تي بحث پڻ ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي دروغ گوئي، مبالغہ، آرائي ۽ تصنع روا نہ آهي. جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي بي راه روي يا عرياني وغيرہ جائز ڪين آهي.
سچائي پنھنجي جاءِ تي هڪ اٽل قدر آهي. حقيقت، صداقت ۽ سچائي هڪ ئي چيز جا مختلف نالا آهن. جن جو بنياد، حق گوئي، صدق، خلوص ۽ سچائي تي مبني آهي. ليڪن موجودہ سنڌي ادب ۾، ڪو طبقو فقط دروغ گوئي تي ئي زندگي گذاري رهيو آهي. گستاخي ۽ بي ادبي ۽ بي حيائي سندس شيوو بنجي چڪو آهي. معاشي مساوات سندن موضوع بحث آهي، ليڪن ان ۾ ديانت ۽ خلوص جو فقدان آهي. تنھن ڪري سندن ادبي ڪارگذاريون، بي حقيقت ۽ بي معنيٰ سمجهڻ ۾ اچن ٿيون. انھيءَ نموني ڪيترائي تصورات، غلطي کان ادب ۾ داخل ٿي ويا آهن. افسانن ۾ منٽو، عصمت وغيرہ جي غلط نموني تقليد ڪئي وئي آهي ۽ شاعري ۽ ٻين تصنيفن ۾ ٽئگور، ڪبير، سورداس، مير، غالب، حافظ، خيام، لطيف ۽ سچل جو غلط نموني ۽ مبالغہ، آرائي سان تتبع ڪيو وڃي ٿو، جن شاعرن ادب کي مذهب جي ويجهو آڻي هڪ صحتمند انساني تھذيب جي تعمير ڪئي آهي.
سنڌي اديبن جو ٻيو طبقو سڌي سنواٽي واٽ وٺيو، حسن جي جلوہ، سامانين جي قصيدہ، سرائي ۾ مصروف آهي. ليڪن هو ڪنھن جي بہ دل آزاري نٿو ڪري. منجهس ساڃھہ آهي. وٽس وڏي ننڍي جي تميز آهي ۽ هو حسن اخلاق سان پيش اچي ٿو. انھن خوبين جي ڪري هي طبقو پھرين طبقي کان گهڻو بھتر آهي، جنھن طبقي ۾ مذهب ۽ ملت جو نالو نشان ڪو نہ آهي. جن وٽ ﷲ جي ذات، دل کي خوش ڪرڻ جو سامان آهي، جن وٽ ادب ۽ اخلاق جو ڪڏهن بہ گذر نہ ٿيو آهي.
ليڪن ٽيون طبقو زندگيءَ جي قدرن ۽ ادب جي قدرن جو معائنو ڪري، حقيقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. جنھنجي آڏو ڪمال انسانيت کي زندگي جو واحد مقصد آهي. جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ “حسن و جمال” “صداقت ۽ انصاف” جي قدرن کي پنھنجو بڻائڻو آهي، جنھن ۾ شاعرن ۽ اديبن کان سواءِ، محقق، مورخ ۽ صحافي موجود آهن.
موجودہ سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو نعرو بلند ڪيو وڃي ٿو. ليڪن اهڙي ادب جي دعويدارن وٽ محض نعري بازي آهي، جن ۾ ترقي پسند رجحانن سمجهڻ جو بہ شعور ڏسڻ ۾ ڪو نہ ٿو اچي. هو فقط ٻيءَ هر ادبي تحريڪ کي پائمال ڪرڻ جي فڪر ۾ سرگردان رهن ٿا ۽ پنھنجي هر تحرير کي حرف آخر سمجهي ٻين کان زبردستي مڃائڻ لاءِ پريشان آهن. دلي طور هو سنڌي ادب جي متقدمين جا مخالف، ليڪن ظاهري طرح سندن متوالا آهن. وٽن حقيقت نگاريءَ جي معنيٰ “صداقت” يا “سچائي” نہ آهي پر مبالغہ، آرائي ۽ نعري بازي آهي....
اسانجي هن بحث مان ثابت ٿيندو ته، سنڌي شاعري هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿي، جنھن تي ڪڏهن بہ فحاشي، عرياني، لذتيت، لاديني ۽ زنديقيءَ جو الزام نٿو رکي سگهجي... (ان) ۾ پاڪ ۽ نيڪ جذبات کانسواءِ ٻيو ڪجهہ نظر نہ ايندو. شاعر جي فڪري زندگي، سندس عملي زندگي جو آئينو رهي آهي. تڏهن تہ انھن جي مٽيءَ مانُ لڌو آهي. اڄ بہ هزارين پروانہ سندن طواف ڪري رهيا آهن ۽ سندن روحانيت جي سبق کان مستفيض ٿي رهيا آهن.
(شيخ راز جي ڪتاب تنقيد ۽ تجزيو، 1966ع تان ورتل)