قديم سنڌي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري
آئي رت سانوڻ سندي مينھن وسي ڪئڙا ملار،
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرها ٿيا سانگي سنگهار،
خوش ٿين ٿيون سرهيون سنگهاريون پٽ ڦڙن سينگار ڪيو،
لويون لاکيون لال سر تي ڳچي پويو پايو هار.
جيئن ڪو برسات جي انتظار ۾ ويٺو ڏينھن ڳڻي، جيئن ڪن جي زندگي جو ماحول ئي برسات هجي، جيئن سندن حياتي جو دارو مدار ئي مينھن تي هجي ۽ جڏهن مينھن وسي تہ چوڌاري رونق ۽ رعنائي ٿيو وڃي. انسان جي جسم ۾ گويا زندگي ۽ زنده دلي موٽي اچي. خشڪ ۽ بنجر زمين سر سبز و شاداب ٿي پوي ۽ انسانن جا ڪوماڻيل چھرا بشاش نظر اچن. مٿين شعر مان سانوڻ جي موسم جو اچڻ ۽ مينھن جي وسڻ جو منظر گويا اکين آڏو اچيو وڃي ۽ تنھن کان پوءِ سنگهارن جو خوشي جي سڀني لوازمن کي جاڳائڻ وارو نقشو اهڙي خوبصورتي سان چٽيو ويو آهي. جو اهي سڀئي تصويرون ذهن ۾ هڪ خوبصورت تاثر پيدا ڪن ٿيون. گويا چراگاهن جي تلاش ۾ مالدار پنھنجو مال وٺي اڳتي وڌن ٿا. ان کانپوءِ شاعر ٻئي شعر ۾ سنگهار عورتن جي خوشيءَ جو منظر پيش ڪري ٿو. اهي بہ مردن وانگر خوش و خرم آهن ۽ سندن مسرت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. جيڪي بہ سينگار سندن ملڪ ۾ خوشي جي موقعي تي ڪيا ويندا آهن، انھن جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو. بلڪه سندن ديرينہ آرزو پوري ٿي هجي. مضمون جي لحاظ کان تہ مٿين شعرن جي خصوصيت ظاهر آهي، ليڪن اسلوب بيان جو انداز ۽ لفظن جي جاذبيت مٿين مضمون کي ايترو دلڪش ۽ دلچسپ بڻايو آهي، جو بار بار پڙهڻ سان لطف وڌندو رهي ٿو ۽ شعر جو حسن ڄڻ نکرجي پوي ٿو. ٻئي هنڌ برسات جي منظر ڪشي جو بيان ڪھڙي نہ خوش انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي، جنھن ۾ مقامي رنگ ۽ مقامي ٻولي کي ايترو ممتاز بڻايو آهي، جو اهڙيون خوبيون ڪنھن بہ زبان جي شاعري ۾ تمام گهٽ ملنديون.
هڪ طرف گجيون ۽ گوڙيون ٻي طرف کنوڻيون کنيون
مينھن ٽاٽا ڪيو ٽمن باهيون ٻرن چوڏس هزار.
ڪھڙي نہ خوبصورت منظر ڪشي آهي. ڪڏهن ڀيانڪ ۽ دلپسند ۽ ڪڏهن وري تشويش ناڪ ۽ دلفريب، گويا سماوي آفت ۽ سماوي رحمت جو عجيب امتزاج هجي.
ويو سيارو وسي بھار بوند
گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بر باغ
سردي جي موسم کان نجات ملي. بھار آيو ڪائنات جي هر چيز کي از سر نو زندگي نصيب ٿي. بھار جون بوندون وسيون. هر هنڌ خوشي ۽ شادمانا ٿي ويا پکي خوشيءَ ۾ ڳائڻ لڳا، جانور خوشي ۾ نچڻ لڳا. وڻ خوشيءَ ۾ جهولڻ لڳا. گلن هار سينگار ڪيا ۽ اڃايل ۽ خشڪ زمين رنگين ۽ خوبصورت ڪپڙا پاتا، غزل جي محدود ۽ مختصر دنيا ۾ فطرت نگاري جو اهڙو حسين ۽ مڪمل نظارو پيش ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھہ ڪا نہ آهي. ڪو لفظ بہ اهڙو ڪو نہ آهي، جنھن پنھنجي لطافت وڃائي هجي ۽ ڪو لفظ اهڙو ڪو نہ آهي، جنھن کي اضافي حيثيت هجي. لفظن کي سينگاري کين مناسب ۽ مترنم نموني پيش ڪري شاعر گويا پنھنجي ڄڻ عظمت جو دليل پيش ڪيو آهي.
پوک جنھن پاڻي کي پيتو پوڄ موڪ
ڪين ڪن ساوا سلا ان جا ٿا سوڪ.
چڱي طرح مطالعي ۽ تجربي کان پوءِ ئي هن نموني جو شعر چئي سگهي ٿو. قريبي تعلق کان سواءِ اهڙي قسم جو تصور دماغ ۾ اچي ئي نٿو سگهجي. پنھنجي ملڪ جي زرعي پيداوار جي متعلق هڪ تجربو پيش ڪيو ويو آهي. اهو بہ هڪ فطرت جو مطالعو آهي، جو انساني زندگي جي اهم مسئلي کي روشناس ڪرائي ٿو سلن کي سوڪ ٿيڻ کان بچائڻ جا گويا اپاءَ ورتا ويا آهن ۽ جيڪڏهن انھن اپائن کي مد نظر رکي تہ پوک جي ضايع ٿيڻ جو انديشو ئي پيدا نہ ٿئي. مٿين شعر جي غزل ۾ هڪ سنڌي معاشري جي اهڙي جامع تصوير پيش ڪئي ويئي آهي، جنھن جي پڙهڻ کان پوءِ سو سال اڳي جي معاشري تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. اهڙيون خوبيون غزل جي صنفن کي ڪٿي ٿيون نصيب ٿين. اردو غزل جي مخالف تحريڪ کي ڏسندي اسان جي ڪن دوستن بہ خواه مخواه غزل سان اختلاف رکڻ جو سر پئي الاپيو آهي، ليڪن اهي دوست سنڌي غزل جي دنيا کان ئي دور رهيا آهن. سنڌي غزل جو اردو غزل سان مقابلو ڪري ئي نٿو سگهجي. سنڌي غزل اميرن جي مجلس، شھزادن ۽ نوابن جي محفل ۽ طوائف جي ڪوٺي جي پيداوار نہ آهي، بلڪ زندگي جي تجربن جي پٿريلي زمين جي پيداوار آهي. سنڌي غزل ۾ معاشري جي هر خوبي نظر ايندي جنھن کان اردو غزل ڪيتري حد تائين محروم رهيو آهي. مقدمہ حالي جي پيدا ٿيڻ کان گهڻو اڳ سرزمين سنڌ جي گل نہ فقط اهڙو اظھار ڪيو آهي، پر ان کي عمل جامو پھرائي هڪ سھڻي ۽ خوبصورت انداز ۾ اسان جي سامھون پيش ڪيو آهي، جنھن وٽ نہ فقط عشق و محبت جو گداز آهي يا حسن و جمال جو روپ و رنگ آهي پر ان وٽ مذهب آهي، معاشروآهي فلسفو آهي ۽ هڪڙو اسلامي لعتوف بہ آهي.
وسن جئن مينھن ڇرون ڇيڄ،
پچن پوکون پين سانگي پلر پيڄ.
ملڪ جي باراني پوکن جو ذڪر ڪري گل ملڪ جي زرعي آبادي کان واقف ڪيو آهي. هي باراني پوک جو قسم آهي، جنھن جو دارو مدار پاڻي تي ٿئي ٿو. پاڻي جو ٻيو ڪو ذريعو ميسر نہ آهي، تنھن ڪري برسات جو انتظار ڪيو ويندو آهي. پاڻي جي اڻاٺ ايتري قدر آهي جو ماڻھن جي پيئڻ لاءِ بہ پاڻي موجود ڪو نہ هوندو اهي ۽ مينھن جو پاڻي ئي گڏ ڪري استعمال ڪرڻ ۾ ايندو آهي.
گل تون مکڙي ٿئو ٽڙين ڳاڙهو ٿيو رت ۾ سڄو
پوءِ ڳرڻو پاڻي ٿيئن ڪا ڏي حقيقت مون کي ڪجهہ.
گلاب جي گل جي سموري زندگي جو جائزو ورتو ويو آهي، ان کان پوءِ سندس آخري حالت جو بہ چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو ويو آهي. شاعر کي اطمينان حاصل نٿو ٿئي. سندس نظر اڃا ڪجهہ وڌيڪ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس دماغ وڌيڪ حقيقت حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين آهي. هو ڇو ۽ ڇا جي ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو، انھيءَ منجهيل معاملي کي سلجهائڻ لاءِ گل جو راز محرم بڻجي کيس سندس سڀني منزلن کان آگاھہ ڪري وڌيڪ حقيقت حاصل ڪرڻ جو متمني بڻجي ٿو.
ٻانڊ ڪيئن بحر ۾ لڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي،
پيا سڪي پاڻيءَ لٿي اي دل! ڪيئن آيا ويا.
درياھہ جي چڙهڻ جو منظر پيش ڪيو ويو آهي، منجهس تيزي آهي ۽ بنڊ پاڻيءَ مٿان لڙهندا رهن ٿا. ۽ پاڻيءَ جي لھڻ کان پوءِ اهي بنڊ وري سڪي تي نظر ايندا. تفڪر جي لحاظ کان هڪ دقيق مسئلو آهي جيڪو خود بحث طلب آهي،ليڪن منظر نگاري جي خيال کان هڪ خوبصورت بيان آهي. ٻيا ڪجهہ مثال پيش آهن.
جت ڇڪي سير ڪن ڪري ڪڙڪا،
وه سکاني مَ وارا وانجهي ونجهہ،
ٿيون وسن برسات جيئن دائم اکيون آگم ڪيو،
تھڙيون منجهہ اکاڙ سانوڻ تھڙيون ڪتي تھڙيون ڄيٺ،
هيٺين شعر ۾ عشقيہ منظر نگاري جي تصوير آهي.
جيئن ڪري تاڙو تنوارون ڪوئل ڪڇ ۾ ڪونج روه
لاءِ تو عاشق پڪارن هند سنڌ ڪابل قلات
مٿي تاڙي، ڪوئل ۽ ڪونج جي آھہ و زاري جو پس منظر پيش ڪندي، شاعر محبوب جي حقيقت جو بيان ڪري ٿو. جنھن جي حسن جي شھرت ملڪان ملڪ مشھور آهي ۽ جنھن تي گويا سارو زمانو عاشق آهي ۽ هر ڪو سندس عشق ۾ مٿين پکين وانگر پريشاني ۾ سرگردان آهي. ٻيو بہ هڪ اهڙو مثال پيش ڪري مان هن شعبي کي ختم ٿو ڪريان.
پئو الو عشق سندو اوس اٺايو آتش،
جهنگ کاڻو پٽ ٿئو پٽ لڳي باه اپا.
(ماهوار نئين زندگي مارچ 1960ع تان ورتل)