شاھہ جي ڪلام ۾ روحاني راز
علم و بصيرت جو اصل سرچشمو، حياتِ طيبہ ۾ مقام رسالت آهي. انھيءَ مقام کي سڃاڻڻ لاءِ بيپناھہ عشق ۽ انتھائي اشتياق جي ضرورت آهي. اهو ئي مقام تمام علوم و اعمال جو مرڪز ۽ محور آهي:
پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي ڀلائي جا ڀير.
مٿئين مختصر مصرع ۾ حيات طيبہ جون مختلف ۽ گوناگون ڪيفيتون پوشيدہ آهن. ڀلائيءَ جي لفظ ۾ ارض و نوع جون سڀئي چڱايون، ۽ خير و برڪات سمايل آهن؛ انھيءَ ڀلائيءَ جي معرفت دنيا جي مڙني براين ۽ خرابين کان سواءِ ، انسانيت جون سڀ بيماريون مٽجي وڃن ٿيون. دنيا ۾ فقط هڪڙي ئي روشني آهي. ڪائنات جون مختلف روشنيون، انھيءَ واحد روشنيءَ جون مرهونِ منت آهن. اها روشني هڪ وڏي حقيقت آهي، جنھن لاءِ اعلان ڪيو ويو “توهان جي ﷲ وٽان روشني ۽ هڪ واضح ڪتاب اچي ويوآهي”.
حضور پرنور جي ذات برڪات خير ڪثير جو مجموعو آهي. ان ذات پاڪ جي پيشانيءَ کي شاھہ لطيف ڀلاين جو ڀنڊار، ۽ نيڪين جو خزينو ڪري سڏيو آهي. انھيءَ ڀلائيءَ جي ڀنڊار ۾ هن دنيا جي علم جي حقيقت، ۽ ان جي حدود و مقاصد، مراتب ۽ انواع جي باري ۾ شاھہ پنھنجي شاعرانہ خوبين سان هڪ کليل وضاحت پيش ڪئي آهي. مقامِ رسالت جي اپٽار ڪندي شاھہ هڪ موثر جمالياتي ۽ خوبصرت دليلن سان ثابت ڪيو آهي تہ اهو ئي هڪڙو نور آهي، جنھن زمين ۽ آسمان جي تمام صورتن ۽ شڪلين کي حسين و جميل، روشن ۽ رونقدار بڻايو آهي:
“مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سڄاين ۾.”
عيبن ۽ گناهن، براين ۽ خرابين جي ڪري انسان جي دل ۾ لوڇ پوڇ پيدا ٿئي ٿي، کيس ڪنھن پل بہ اطمينان ۽ آرام نصيب نٿو ٿئي، ۽ سندس ضمير احساسِ ندامت کان دٻجي وڃي ٿو. انھيءَ دٻاءَ جي ڪري سندس قلب سقيم ۽ مريض بڻجي پوي ٿو. اهڙي مرض کان شفا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلاين جي ڀنڊار يا خير ڪثير جي طرف متوجھہ ٿيڻو پوي ٿو. حڪمت نبوت جو ظھور، ڌرتيءَ جي ڪمال ظلمت ۽ جهالت جي زماني ۾ ٿيو. انھيءَ تاريڪيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ مآھہ منور جو ظھور ٿيو، جيئن اهو نور دنيا و ڪائنات کي علم و نور سان روشن ڪري ڇڏي. حيات طيبہ ئي انسان جي لاءِ مشعل راھہ بڻجي، پوري انسانيت جي رهنمائي ڪري، کيس اصلي مقام تي پھچائي ٿي. ان وجود مقدس جي جاذبيت ۽ محبوبيت جو ذڪر، شاھہ پنھنجي ڪلام ۾ نھايت عارفانہ، عالمانہ ۽ عاشقانہ رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جنھن انڌن جي اکين کي نور الاهي سان روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ تاريڪ دلين کي ان نور سان معمور ڪرڻ جي سعي ڪئي.
حضور پرنور جي زندگي سڀني انبياءِ ڪرام کان ممتاز نظر اچي ٿي، ان ڪري ئي شاھہ صاحب پنھنجي ڪلام ۾ ڀلاين جا ڀير چئي، سندن عظمت ۽ اهميت کي نمايان ڪيو آهي. سندن خلق عظيم ۽ بيپناھہ رحمت جي سھاري انسان پنھنجين مداين جو انبار کڻي بار گاھہ رحمت ۾ حاضر ٿئي ٿو، کيس يقين آهي تہ ان سراپا رحمت وٽ خير ڪثير آهي. پاڻ سڳورن نہ ڪڏهن ڪنھن کي لعنت و ملامت ڪئي ۽ نہ ڪڏهن ڪنھن غلام، ڪنھن ٻانھيءَ، ڪنھن عورت يا ڪنھن جانور تي هٿ کنيائون. ڪڏهن بہ ڪنھن جائز درخواست کي رد نہ فرمايائون. سندن ذات مبارڪ ۾ جود سخا، عدل و انصاف، سربلندي ۽ انڪساري، ضبط و تحمل جون گوناگون ڪيفيتون ۽ صفتون موجود آهن، جنھن جي شان محبوبيت تي دنيا جا سڀئي محبوب، پنھنجي جان قربان ڪرڻ باعثِ افتخار ۽ باعث سعادت سمجهن ٿا. اها ئي شانِ دلربائي آهي، جنھن سان انسانيت جي تعمير ۽ تڪميل ٿئي ٿي. انھيءَ ڀلائيءَ جي ڀنڊار جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي، جنھن اسلام جي سخت مخالف ابو سفيان جي گهر کي دارالامان جو رتبو بخشيو. فتح ڪه جي موقعي تي تمام سيآھہ ڪار ۽ بدڪردار ڪنڌ جهڪائي ان رحمت جي بلند مينار جي آڏو بيٺا آهن. هو پنھنجا سيآھہ ڪارناما ياد ڪري پشيمان ٿي رهيا آهن. ماضي سندن سامھون آهي، ۽ پٺيان ڏھہ هزار خون آشام تلوارون حڪم جون منتظر آهن. بحر رحمت جوش ۾ اچي ٿو ۽ حڪم ٿئي ٿو “وڃو اوهين سڀ آزاد آهيو.” دشمنن سان سھڻو سلوڪ رکڻ ۽ مجرمن کي معاف ڪرڻ جي تعليم عملي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
دنيا ۾ انسانيت سوز ڪارنامن جو دور دورہ آهي. زمانو براين ۽ خرابين سان ڀرپور آهي. زمين تي جابجا ظلمت و جهالت جي تاريڪي ڇانيل آهي، ظلم و ستم، جبر و استبداد جي حڪمراني آهي، شاھہ صاحب مديون لفظ استعمال ڪري انھن خرابين جي نشاندهي ڪئي آهي، ۽ پوءِ جامع صفات جي وضاحت “سڄڻ سڄاين ۾” پيش ڪري، ان رحمت ڏانھن اشارو ڪيو آهي، جا رب العالمين جي ايوانِ ربوبيت مان نڪري، تمام جهانن جي مٿان ڇانئجي وڃي ٿي، جنھن سموري ڪائنات کي همدردي، ترس ۽ غمگساريءَ جو سبق ڏنو. ﷲ جي نور جي آڏو دنيا و ڪائنات جون تمام روشن ۽ تابناڪ چيزون شرمائجي سرنگون ٿي وڃن ٿيون. تڏهن چيو ويو “قمر پاڙي ڪير، شمس سپرين سين”. ڪھڙي مجال چنڊ جي، ۽ سج کي ڪھڙي طاقت جو ان نور جي مقابلي ۾ ڪنڌ کڻي سگهن. ان نور جي شانِ جامعيت ان حد تائين آهي؛ جو انسان قيامت تائين ٻئي ڪنھن هستيءَ جو محتاج نہ آهي. روشن ۽ منور چيزون، جن ڪائنات کي تابناڪ، حسين ۽ روشن بڻايو آهي، سي پڻ حسن ازليءَ جون محتاج آهن. ان حسن لازوال جي جلوي کي ڏسي سج، چنڊ، تارا ۽ ڪتيون ڪومائجي وڃن ٿا ۽ ان محبوب جو حسن و جمال مڙني جهانن ۾ جاري و ساري آهي. چنڊ کي قاصد بڻائي محبوب جي بارگاھہ ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ محبوب جي مڙني وصفن ۽ صفتن کان چنڊ کي واقف ڪيو وڃي ٿو. محبوب جي محفل جي ادب و آداب کان چنڊ کي آگاھہ ڪيو وڃي ٿو. مبادا کانئس ڪا غلطي سرزد ٿئي ۽ محبوب جي نازڪ مزاجيءَ تي بار بڻجي پوي.
(سُر کنڀات جو مطالعو، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد، 1971ع)