جديد نظم ۽ نئون نظام
اها هڪ حقيقت آهي تہ هر ڪنھن فن جا ڪي قواعد ۽ ضوابط آهن ۽ ضوابط جي اصولن جي پابنديءَ سان ڪنھن شاهڪار جي تخليق عمل ۾ اچي ٿي. شاعريءَ جي ساخت لاءِ عروض جون حدون مقرر آهن ۽ شاعري انھن حدن جي اندر مقيد آهي ۽ اهي لوازم شاعريءَ لاءِ قوانين جو حڪم رکن ٿا. عروض جي پيدائش جو دورو متعين ٿيل آهي، جو علم عرب کان سفر ڪري، ايران کي فتح ڪندو، اچي برصغير ۾ پھتو، ليڪن اهو ڏسڻو آهي تہ عروض جي پيدا ٿيڻ کان اڳ فن شاعري دنيا ۾ موجود هو يا نہ، جيڪڏهن شاعري هئي تہ ڪھڙي عمل ۽ اصول ۽ ڪھڙن قواعد جي پٽاندر هئي. تفصيل ۾ وڃڻ کان سواءِ ايئن چئجي تہ شاعري اڳ ۾ موجود هئي ۽ علم عروض بعد جي پيداوار آهي. سو بجنسي ايئن آهي جيئن ٻوليءَ جو وجود اڳ ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ صرف ۽ نحو جا قاعدا ان کانپوءِ جوڙيا وڃن ٿا. سنڌي شاعري جي ساخت ۾ ٻن اسلوبن کي استعمال ڪيو ويو آهي: هڪ علم عروض جو نظام آهي ۽ ٻيو ڇند وديا جو طريقو آهي. ٻنھي جا لوازم، لب لھجي ۽ مزاج جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. انھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي مناسبت ۽ مماثلت ڪا نہ آهي. اسان جي سنڌ ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ انھن ٻنھي قوانين مطابق شاعري ڪئي ويئي آهي ۽ اهي ٻئي اسلوب قانوني طور تي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ۽ سنڌ ۾ رائج آهن ۽ سند جي حيثيت رکن ٿا. شاعريءَ جو انساني زندگيءَ سان گهرو رابطو آهي ۽ شاعريءَ جي لاءِ زبان جو هجڻ لازمي آهي ۽ ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا ٻول آهن، جيڪي روز مره جي گفتگو کان مختلف آهن ۽ لاشعوري طور ڪنھن حسرت و اندوھہ، افسوس ۽ خوشي وغيرہ جي موقعي تي زبان مان بيساختہ ۽ اچانڪ نڪري وڃن ٿا. انھن لفظن جو انتظام ڪنھن ڪوشش ۽ ڪاوش جو نتيجو نہ آهي، پر فطري طور جذبات جي شدت هيٺ اهڙو ڪلام پيدا ٿئي ٿو، جنھن جو اثر عام گفتگو کان زيادہ جامع ۽ پراثر ٿئي ٿو، ۽ اهڙن آوازن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي شاعري سانچي جي ترتيب ٿئي ٿي، جن ۾ پھريائين رديف ۽ قافين جو سرشتو آهنگ کي قائم رکڻ لاءِ وجود ۾ آيو ۽ ان کانپوءِ وزن ۽ ماپ جو سلسلو شروع ٿيو. آهستي آهستي هڪ باقاعدہ نظام جو بنياد رکيو ويو، جنھن کي ڪجهہ عرصي کان پوءِ علم جي حيثيت حاصل ٿي.
عربي شاعريءَ جو وجود عروض جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽو آهي ۽ عربيءَ جي قديم شاعريءَ جا ڪيترا مثال عربي زبان جو قومي ۽ تاريخي ورثو آهن ۽ زبان زد عام آهن. ليڪن زبان جي شائستگي ۽ شگفتگي انتظام ۽ ضابطي ڪري منجهن شعوري طور قافيو ۽ وزن موجود آهي. جذبات ۽ شدت ان ۾ ڪنھن ترتيب ۽ طريقي کي قائم رکيو آهي، ليڪن اها ترتيب جذبات جي مرهون منت ۽ شاعري قانون ۽ اصول کان آزاد آهي. ساڳئي نموني، هندي شاعريءَ جي ارتقا ٿي ۽ آهستي آهستي هندي پنگل (عروض) ابتدائي مراحل طئي ڪندي هڪ علم جي حيثيت سان ظاهر ٿيو ۽ هندي عروض جا سانچا ٺھي تيار ٿيا، جن تي هندي شاعريءَ جي عمارت کڙي ڪئي وئي. اردو زبان جي ٺھڻ کانپوءِ، اردو جي ابتدائي شاعري هندي پنگل ۽ ڪجهہ فارسي عروض جي آميزش سان شروع ٿي. دکني شاعريءَ جو ڪجهہ حصو هندي پنگل جي مطابق آهي ۽ ان کان پوءِ عربي عروض جي سانچن کي من و عن قبول ڪيو ويو. تنھن ڪري اردو شاعريءَ جو سمورو خزانو عربي عروض جو منت ڪش آهي.
سنڌي شاعريءَ جو آغاز هندي مزاج ۽ لب لھجي سان ٿيو ۽ هندي پنگل سان گڏ سنگيت جو دست نگر رهيو. يعني اهڙي شاعريءَ لاءِ موسيقي مزاج جو هجڻ لازمي ۽ ضروري هو. بھرحال، انھيءَ اسلوب ۽ ٽيڪنڪ جو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ تي برابر ٽي صديون اثر رهيو ۽ سنڌي خمير ۾ خلط ملط ٿي ويو. ليڪن اوڻيھين صديءَ جي وچ ڌاري عربي عروض تي طبع آزمائي ٿيڻ لڳي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعدگيءَ سان عربي بحرن جي استعمال جو رواج ٿيو ۽ هڪ صديءَ کان وٺي اهڙيءَ ٽيڪنڪ جو سنڌي ذهن تي ڀرپور اثر ۽ تسلط رهيو. ليڪن پراڻي رسم ۽ رواج کي بہ قائم رکيو ويو ۽ ڇند وديا جو اصول پنھنجيءَ جاءِ تي برقرار رهيو. بھرحال، سنڌي شاعريءَ کي ٻنھي عروضن سان واسطو پيو ۽ ٻنھي علمن جي بنيادي اصولن کي شاعريءَ ۾ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جنھن ڪري قديم رنگ کي ڪلاسيڪي حيثيت ڏني ويئي. انھيءَ کان انڪار ڪونھي تہ شاعريءَ لاءِ شاعري ماپن ۽ بحرن جو اهتمام ۽ انتظام ضروري آهي ۽ انھيءَ جي قواعد جي پابندي لازمي آهي.
مغربي شاعريءَ جي اثر ۽ اردو شاعريءَ جي تسلط هيٺ، سنڌ ملڪ جي نوجوان طبقي ۾ هڪ انقلابي شعور پيدا ٿيو، جنھن جو آغاز ٻيءَ مھاڀاري جنگ جي دوران ٿيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ نون لاڙن جي شروعات ٿي. انھيءَ جدت جي لفظ ۾ ٻہ شيون سمائجي ويون. فڪر ۽ هيئت. فڪر ۾ تبديلي آئي ۽ شاعر انسان جي حيثيت ۾ سوچڻ لڳو ۽ پنھنجي گرد و نواح جو جائزو وٺڻ لڳو. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا رجحان اڳ ۾ موجود هئا، جي تمثيلي حيثيت ۾ پيش ٿيا آهن. جيئن تہ هڪ جذباتي تبديلي اچڻ لڳي ۽ عروض جي سانچن جي ترتيب ۾ بہ ترميم ٿيڻ لڳي. عروضي ٽيڪنڪ جي اصول کان بحر جي پابندي لازمي ڪئي ويئي، پر رديف ۽ قافيي جو قيد هٽايو ويو. اهڙيءَ شاعريءَ لاءِ ڪو خاص بحر تجويز نہ ڪيو ويو. سالم ۽ مزاحن جي پابندي نہ رکي ويئي. ڪھنہ مشق شاعرن ۽ اديبن وٽ اهڙيءَ ترميم کي معيوب سمجهيو ويو. هو عروضي لوازمات کي روايتي نظام کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نہ ٿيا ۽ ان جي برعڪس، جديد نظم جي مداحن موضوع کي ابتدائي ۽ بنيادي حيثيت ڏني ۽ هيئت کي معمولي ۽ ثانوي درجو ڏنو آهي، جنھن ڪري موضوع کي بنيادي اصول ڪري تسليم ڪيو ويو. ليڪن رفتي رفتي سنڌي ۾ جديد نظم، خصوصن آزاد نظم جو حليو بگڙجي ويو آهي. هڪڙي بحر ۾ ٻئي بحر جا رڪن داخل ڪرڻ وڏي ذميداريءَ جو ڪم آهي. انھيءَ جي لاءِ وڏي رياض جي ضرورت آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو شاعر ڪو نہ آهي، جو اهڙيءَ ذميداريءَ کان عھد بر آ ٿي سگهي. تنھن ڪري هڪڙي بحر جي رڪنن ۾ رد بدل ڪرڻ جو دستور اسان وٽ قابل قبول ۽ اسان جي وسعت نظر جي موافق آهي، يعني بحر جو آزاد استعمال صحيح ۽ جائز آهي. جيڪڏهن ڪو نظم بحر رمل (فاعلاتن) ۾ آهي، تہ انھيءَ ۾ ئي هلندو، پر سالم بحر جي سالم رڪنن جي پابنديءَ جو لحاظ نٿو رکيو وڃي ۽ ساڳيءَ طرح بحر متقارب (فعولن) ۾ بحر ساڳيو رهندو. شيخ اياز ۽ شمشيرالحيدريءَ وٽ اهڙا ڪيترا مثال موجود آهن، جي سنڌي آزاد شاعريءَ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. شمشير موضوع جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪن نظمن جا مرڪزي خيال نھايت سھڻا ۽ پيارا آهن، جن ۾ بنيادي اصول کي قائم رکيو ويو آهي. اياز جو شعر آزاد شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري مختصر نظم جي دفعي ۾ اچي ٿو، جنھن ڪري ابھام جي صورت پيدا ٿئي ٿي. اهڙيءَ شاعريءَ جا ڪجهہ ٻيا اصول آهن ۽ نظم معرا هڪ الڳ ۽ مختلف شاعريءَ جو قسم آهي. هن وقت امداد حسيني ۽ قمر شهباز آزاد شاعريءَ جي فن کي چڱيءَ طرح نباهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ليڪن ڪن دوستن گيت جي ٽيڪنڪ کي انھيءَ صنف لاءِ استعمال ڪيو آهي، جنھن ۾ آزاد نظم جي انفراديت پيدا ٿي نہ سگهي آهي ۽ ڪيترن بيراھہ روي ڪري آزاد شاعريءَ جي فن تي ڪاري ضرب لڳائي آهي، جن کي نہ انھيءَ شاعريءَ جي قواعد ۽ ضوابط جي خبر آهي ۽ نہ وري انھيءَ جي مناسب موضوعن کان واقف آهن. هو فقط آزاد شاعريءَ جي صنف کي فڪر ۽ هيئت جي آزادي سمجهن ٿا، ۽ ڪنھن بہ پابنديءَ جا روادار نہ آهن. شاعريءَ کي محض آرٽ ۽ معنويت کان مستثنيٰ رکڻ وڏي غلطفھم،ي آهي. سنڌي رسالن ۾ انھن جون بدعنوانيون ڏينھون ڏينھن وڌنديون رهيون آهن. ان ڪري جا تحريڪ ويھہ سال اڳ شروع ٿي هئي، ان کي ڪن غير ذميدار شاعرن فن شاعريءَ جي حدن کان ئي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي ۽ فن کي مورد الزام بڻايو آهي. موضوع جي لحاظ کان بہ آزاد شاعريءَ کي انقلابي حيثيت ڏني وئي آهي. ۽ شاعريءَ کان وڌيڪ نعريبازيءَ کي ترجيح ڏني ويئي آهي. بغاوت جي هر جملي تي واه واه جو نعرو بلند ڪيو وڃي ٿو. جدت ۽ ندرت جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، حتاڪه پنھنجيءَ هر روايت، هر رسم، هر عقيدي ۽ هر حقيقت کي مضحڪہ خيز بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. آزاد شاعريءَ جو ڪڏهن بہ اهو مقصد نہ رهيو آهي. هٿان روايت کان مدد وٺڻي آهي، ۽ ڪنھن انساني فڪر ۽ مقصد حيات جي سھاري تي انھيءَ فن کي اجاگر ڪرڻو هو. اخلاقي اصول کي قائم رکي، انسان کي انسانيت جي دائري اندر رکڻو آهي. نوجوان طبقي جي ذهن ۾ صحتمند ۽ صالح مشرقي قدرن ۽ رجحانن جو احساس پيدا ٿيڻ گهرجي. روايت جو احترام ڪندي، ان ۾ ايتري آزاد روي جائز آهي، جنھن سان ڪا بنيادي فني بدعنواني پيدا نہ ٿئي.
ڪائنات جي هر چيز ۾ حسن بہ آهي، ۽ معنيٰ به. انسان جو وجود ئي ڪائنات جي سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ جو سبب آهي. انسان کان سواءِ ڪائنات تي تاريڪي ۽ ويراني ڇانيل هوندي، جيڪڏهن نئون نسل انسان جي لاءِ صالح ذهني خوراب ميسر ڪري ۽ منجهس حسن و جمال ۽ خير و برڪت جو جذبو پيدا ڪري تہ هن پنھنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو. انھيءَ نموني ئي انسان دوستيءَ جو پيغام پنھنجي مقصد ۽ مدعا تي پھچي سگهي ٿو. زندگيءَ جي بلند مقاصد کي ڇڏي، اسان جي اديب بزرگن کي فقط فاعلاتن جي سانچي جي سالميت جو فڪر آهي ۽ انھيءَ حجت ۾ هو حق بجانب ڏسڻ ۾ نٿا اچن، ڇاڪاڻ جو آزاد شاعري بہ هڪ تجربو آهي، ۽ اردو جي ۽ غير ملڪي بلند پايہ شاعرن، جن کي مغربي ۽ مشرقي شاعريءَ جو تمام وسيع مطالعو آهي، انھن بہ انھيءَ فن ۾ طبع آزمائي ڪري انھيءَ فن کي مستحسن قرار ڏنو آهي. سنڌي بزرگ اهڙن وڏن شاعرن جي اهڙي تبديليءَ تي تعجب ڪندا آهن ۽ انھن جي عظمت جا بہ قائل آهن، ليڪن آزاد شاعريءَ جي فن کي فن ڪري تسليم نٿا ڪن!
(ماهوار نئين زندگي، اپريل 1968ع تان ورتل)