نور شاهين ۽ سنڌي غزل
اسان مجموعي جي غزلن جو غور سان مطالعو ڪيو آهي. ڪلام جي خوبين ۽ خامين کان بہ بخوبي واقف ٿيا آهيون. هڪ خوبي نھايت واضح نموني اجاگر ٿي آهي، جنھن اسان کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنھن ڪري اسان کي شاهين جي مختلف صورتن کي ڏسڻ جو موقعو مليو، جن جي تجزيي کان پوءِ هڪ عجيب ۽ غريب شخصيت جو اندازو لڳائي سگهيا آهيون. شاهين مختلف ڪيفيتن جو مجسمو آهي، جو رنگين بہ آهي ۽ لطيف به. منجهس سرمستي، جنون نوازي ۽ سرشاري سان گڏ نزاڪت ۽ لطافت بہ موجود آهي. شاهين ڪڏهن صوفي بڻجي اسان جي آڏو اٿي ٿي، ڪٿي مست الست ۽ منصور جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڪڏهن حسن بڻجي سراپا ناز بڻجي پوي ٿي ۽ ڪڏهن عشق بڻجي سراپا نياز ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن منجهس عاشق واري بيباڪي موجود آهي، ڪڏهن منجهس نسواني حيا، شرام ۽ حجاب جون جهلڪون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. طالب ڪڏهن مطلوب بڻجي پوي ٿو ۽ ڪڏهن مطلوب، طالب. شاهين جون اهي صورتون ڪنھن وقت مبالغي جي حد تي پھچي وڃن ٿيون. اهڙا تمام تغيرات مون کي سندس شاعريءَ ۾ نظر آيا. ڪڏهن منجهس مردن واري همت ۽ ڪڏهن منجهس عورت واري نزاڪت. ڪڏهن سخت مقابلي لاءِ تيار، ڪڏهن پٽ پاراتي جو سھارو وٺي ٿي. پٽ پاراتو عورت جي فطرت ۾ داخل آهي، سندس ڪلام ۾ مختلف ۽ متضاد ڪيفيتن جو مجموعو آهي. ڪٿي عزم ۽ استقلال ۽ ڪٿي گريه زاري ۽ آھہ فرياد نظر ايندي. مجموعي طور سندس زندگي غمگينيءَ، مايوسيءَ ۽ ناڪاميءَ جي تصوير آهي. جنھن مان سندس شڪست کاڌل صورت جهلڪي ٿي، شاهين جو غزل جذبات، احساسات ۽ ڪيفيات جو هڪ مرقع آهي.
شاهين جي ڪلام جو ڪجهہ حصو قدامت پسنديءَ ڏانھن مائل آهي، ڪٿي هوءَ نھايت احتياط ۽ چابڪدستيءَ سان جدت جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ نواڻ کي مد نظر رکي ٿي. فارسي ترڪيبن جي بي پناھہ استعمال ڪلام جي حسن تي وڏو اثر وڌو آهي ۽ شاهين انھن جو سھارو ورتو آهي. ترڪيبن جو استعمال گهڻو ڪري برمحل آهي، جن جي معنيٰ ۽ ماهيت کان شاهين بخوبي واقف آهي، ليڪن عام طور اهي ترڪيبون دير هضم ۽ نھايت دقيق ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنھن ڪري اڪثر اوقات شعر جو تاثير زائل ٿي ويو آهي. بھتر هيو تہ انھن کان پرهيز ڪئي وڃي ها. ان کان سواءِ شاهين فارسي قافين جي مدد سان پنھنجي ڪجهہ ڪلام جي تعمير ڪئي آهي، ان ڪري اهي نامانوس ۽ ثقيل قافيہ سنڌي ذهن تي وڏو ٻوجهہ بڻجي پيا آهن. اصطلاحن ۽ علامتن کان خاطر خوآھہ ڪم نہ ورتو آهي، جنھن ڪري ڪن شعرن ۾ ابھام جي صورت پيدا ٿي آهي.
بھرحال سندس شاعري قديم ۽ جديد رنگ جو گڏيل سڏيل تاثر پيدا ڪري ٿي. شاهين جو عشق مجازي هجي يا حقيقي ليڪن عشق ئي سندس زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو محرڪ بڻيو آهي ۽ عشق ئي سندس شخصيت جي تعمير ڪئي آهي. اسان سندس ذاتي زندگيءَ کان ناواقف آهيون، تنھن ڪري عوامل ۽ محرڪات جو صحيح اندازو نٿا لڳائي سگهون. تنھن هوندي بہ سندس شخصيت کي جاچڻ لاءِ کيس سندس ڪلام مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. سندس ڪلام عشق جي ڪارگذاري آهي. سندس ڪلام عشق جي ڪيفيات کان آگاھہ ڪري ٿو. عشق هڪ لطيف جذبو آهي، جنھن ۾ قوت بہ آهي ۽ انڪساري ۽ عاجزي انھيءَ حد تائين آهي جو انسان پاڻ کي مٽائي ڇڏي ٿو. ڪٿي مصائب و آلام جو مردانہ وار مقابلو ٿئي ٿو ۽ ڪٿي نرمي ۽ پاڪيزگي آهي. عشق جي تعريف ڪجهہ اهڙي قسم جي آهي. غمن ۽ غمگسارن بہ بي تحاشا روئڻ شروع ڪيو.
نور شاهين جو ڪلام گهڻو تڻو عشق مجازي تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جمالياتي رنگ ڪارفرما آهي. ليڪن منجهس عشق حقيقيءَ جي چاشني بہ نھايت اهم آهي. جنھن کي نظرانداز ڪرڻ بدذوقيءَ جي دليل ٿيندو. ان کان سواءِ اسان کي سندس ڪلام ۾ عزم ۽ اعتماد جون خوبيون ايتريون ڀرپور نظر اچن ٿيون، جن کي اسان شاهين جي شخصيت کان الڳ رکي نٿا سگهون. اسان مٿي شاهين جي عشق مجازي جو هڪ خاڪو پيش ڪيو آهي، جنھن کي ثابت ڪرڻ لاءِ سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪريون ٿا، جنھن مان ظاهر ٿيندو تہ شاهين پنھنجي ڪلام ۾ هڪ مخصوص فضا قائم ڪئي آهي، جا سندس ڪاميابيءَ جو راز آهي، سندس داخلي ڪيفيات جي بتدريج ترقيءَ جو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو:
“پنھنجي صنم جا صحن تي ڏسي قدم،
ويران جهوپڙيون گلِ رشڪِ بھار ٿيون.”
“شباب و عشق ٿي ايندي جواني تي خمار ايندو،
ملي تو ساڻ پنھنجي خوبيءِ قسمت تي پيار ايندو.”
ياد آهي محفلِ وارفتگي ساقي مگر،
ڪجهہ خبر ناهي ڪڏهن گردش ۾ مينا جام ٿيو.”
راھہ ٿي راهن جي سندس ويئي ڏٺم راھہ،
ڪين مگر آيو صنم ڏينھن ٿيا ماھہ.”
“زندگيءَ سان منھنجي وئي ختم ٿي هر آس،
انتظارن موت کان اڳ ماري ڪيو پاھہ”
“تميزِ هوش مون کي ڇو ٿا سيکاريو خر مندو،
هتي جنھن دم خرد آئي، جنون ٿي همرڪاب آيو.”
“هن ڪڏهن توهو ڇڏيو سھڻا سڄڻ! سوچي ٻڌاءِ،
هي تہ هو فرقت جو پھريون سور مون روئي ڏنو.”
“مان دشت نوردي ۾جڏهن آھہ ڪريان ٿي،
هن آھہ جي شعلي سان بيابان دکن ٿا.”
رهِ عشق ۾ پاڻ ماري ڇڏيوسين،
جھان وفا کي سنواري ڇڏيوسين.
خدا کي ۽ خدائي کي پسند آهي وفا منھنجي،
خدا جي مدعا بنجي وئي آمدعا منھنجي.
مرڻ تائين هجان تو وٽ، جيان تو وٽ، مران تو وٽ،
اکين سان جي قدم پنھنجا چمائيندين تہ غم گهٽبو.
شبِ آخر ڏسي هڪ نيم بسمل جي تڙپ “شاهين”
غمن روئي ڏنو ۽ غم گسارن ڀي ڏنو روئي.
تصوف جو اخلاق سان گهاٽو ناتو آهي. اخلاق کان سواءِ تصوف جو وجود بي معنيٰ آهي. عشق حقيقي ۾ “من و تو” جو فاصلو مٽجي وڃي ٿو. غيريت جو امتياز ختم ٿي وڃي ٿو. سالڪ پنھنجي وجود کان بي نياز ٿي وحدت ۾ جذب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنھن ڪري سندس ناتا دنيا ۽ دنياداري سان ڪٽجي وڃن ٿا. شاهين روح جي هستيءَ جي حقيقت کان واقف ٿيڻ لاءِ راھہ بقا جي تلاش ۾ پنھنجي هستي فنا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حقيقت دنيا جي مڙني مظاهر ۾ جلوہ، گر آهي. عشق ۽ عاشق ٻيئي فنا ٿي وڃن ٿا ۽ فقط معشوق قائم رهي ٿو. عشق هر چيز کي فنا ڪري ٿو ليڪن محبوب سلامت آهي. جڏهن هستي ختم ٿي وڃي ٿي تہ ان جا سڀ لوازمات وڏائي، هٺ، لوڀ، لالچ، ظلم ۽ زبردستي مٽجي وڃن ٿا. انڪساري، عاجزي ۽ نيازمندي جهڙيون خاصيتون پيدا ٿين ٿيون. فنا ۾ بقا جو راز ملي ٿو ۽ اهل فنا لاءِ هر جاءِ تي سلامتي ۽ عافيت جي خوشخبري ملي ٿي. عشق جي امانت کي محفوظ رکڻ لاءِ انسان ئي پاڻ کي پيش ڪيو. حورن، جنن ۽ فرشتن اهڙي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو. منجهن نہ اهليت هئي ۽ نہ طاقت. هو اهڙي بارِ امانت کان دڄي ويا. جڏهن اهڙي بار کڻڻ لاءِ انسان اقرار ڪيو تہ هو هر ڪنھن سخت مقابلي ۽ تڪليف کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. گهٻرائڻ هن جي شان جي خلاف آهي. هن چڱيءَ طرح سمجهيو هو تہ سندس ٺڪاڻو ستارن کان بہ مٿي آهي، جتي نہ کنوڻ چمڪندي ۽ نہ بادل گرجندا، محبت جو دم هڻڻ معمولي ڳالھہ نہ آهي. سڌڙين هميشہ پئي سڌون ڪيون آهن پر هو واٽ تي ئي گمراھہ ٿي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو هو عشق جي اسرار کان ناواقف آهن، ليڪن شاهين نھايت وثوق سان دعويٰ ڪري ٿي تہ هوءِ ازل کان پنھنجو پاڻ ئي عشق جو اسرار آهي.
“ٻيا “شاهين” ڪوڙا ٿا هڻن سڀ دم محبت جا،
حقيقت ۾ ازل کان عشق جو اسرار تون آهين.”
ڪيم قول جنھن ساڻ “قالو بليٰ”
نڀائيندي نينھن سان ندامت نہ ٿيندي،
ستارن کان افضل نشيمن آ منھنجو
جتي برق جي ڪا وساطت نہ ٿيندي.”
“همت نہ جهلي حور نڪا جن و ملائڪ،
صد شڪر غمِ عشق ڪيو مون ئي گوارا،
حاصل جو ٿيو رازِ بقا رازِ فنا ۾،
پوءِ اهل فنا لاءِ ٿيا ڪن ڪنارا.”
“ڪندس رآھہ بقا ۾ مان فنا جي پنھنجي جڏهن هستي،
تڏهن هن روح جي هستي تي پنھنجي اعتبار ايندو.”
اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ شاهين ۾ هڪ حوصلو، عزم ۽ اعتماد آهي، جنھن جو ذڪر هن نھايت خوش اسلوبيءَ سان ڪيو آهي، نہ جنھن ۾ پروپئگنڊا جو عنصر آهي ۽ نہ وري خالي نعري بازي آهي. سندس اعتقاد آهي تہ منزل حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيءَ محنت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ان ۾ ڪوتاهي سرزد ٿي وڃي تہ ڪائنات جو سمورو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو. رات ۽ ڏينھن جي گردشِ مشنري بيهجي وڃي ٿي.
“عشق جي راهن ۾ کڻ پنھنجا قدم تيز تيز
ورنہ بيھي رهندي هيءَ گردشِ ليل و نھار.”
جنھن جهلڪ موسيٰ کي بيھوش بڻائي ڇڏيو هو. جيڪو حسن جو تاب موسيٰ جي قوت برداشت کان ٻاهر هو، شاهين ان حقيقت کي اشارن سان پنھنجي حال کان واقف ڪندي آهي. شاهين جي اها هڪ وڏي دعويٰ آهي ليڪن جڏهن بندو انھيءَ بلنديءَ تي پھچي ٿو تہ مٿانس سڀ حقيقتون عيان ٿيو پون ۽ خدا بندي جي رضا کي تسليم ڪري ٿو.
“جو عڪس ڏسي هوش هو موسيٰ جو خطا ٿيو،
مان تنھن جي حقيقت کي ڪريان پيئي اشارا.”
شاهين اڳتي هلي مرڻ ۽ جيئڻ جي پابندي جو ذڪر ڪندي نئين راھہ ڳولڻ جي متمني آهي، جا نہ زندگيءَ ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ نہ موت ڏانھن. وچان ئي ٽين راھہ بنائڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
“مرڻ لئہ هت ٻڌل هرڪو جيئڻ جو شرط هت آهي،
قفس آهي ٻنھي پاسي نيون راهون بنائڻ ڏي.”
شاهين ڪڏهن توهم پرست آهي، ڪڏهن مست الست آهي. اهو تضاد بہ عجيب و غريب آهي. نور شاهين جو ڪلام سنڌين جي لاءِ هڪ تحفي جو درجو رکي ٿو. سندس ڪلام ۾ بيساختگي ۽ سادگي ڏسڻ ۾ ايندي. هر معاملي کي همت سان پيش ڪرڻ نور شاهين جي پختي عزم جي گواهي ڏئي ٿو. هوءَ ڪنھن بہ مسئلي کي راز بڻائڻ لاءِ تيار نہ آهي. هن جي ڪلام ۾ سرمستي جو اهڙو جوش آهي، جنھن کي ڏسي حيرت ٿي لڳي. سندس غزلن جو تعداد گهٽ آهي. سندس ڪلام ۾ درد ۽ اثر آهي ۽ منجهس هڪ خلوص ۽ نيڪ جذبو آهي. ڪلام ۾ بيباڪي ۽ صفائي جي باوجود، ڪي منجهائيندڙ مسئلا بہ موجود آهن.
(رهبر ڊائجيسٽ تان ورتل)