آزاديءَ کان پوءِ سنڌي نظم جو جائزو
جيئن تہ 1955ع يعني گذريل سال جي ادب جو جائزو وٺڻو آهي، تنھن ڪري فقط انھن ادبي چيزن جي خوبين ۽ خامين جو ذڪر ڪرڻ ۾ ايندو، جيڪي انھيءَ سال ۾ ڇپجي شايع ٿيون آهن.
بيت
1955ع ۾ قديم سنڌي شاعري جي حيثيت، مواد ۽ اسلوب کي قبول ڪندي، سنڌ جي ڪن موجودہ شاعرن، انھيءَ صنف کي پنھنجي اظھار بيان لاءِ ڪارگر ذريعو سمجهي طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. نيڪ فال آهي، هر طرح تعريف جوڳي ڳالھہ آهي ۽ ڏينھون ڏينھن انھي اسلوب جي نقل ڪرڻ جي مھم زيادہ نمايان ٿيندي وڃي ٿي. اسلوب جي لحاظ کان سنڌي بيت هڪ فن لطيف آهي، جيڪو هندي زبان جو ورثو، سنڌي شاعري جي دلچسپ روايت بنجي، هڪ لنبي عرصي کانپوءِ زنده ڪيو ويو آهي. بنيادي طرح سنڌي شاعري ۾ مجاز کي حقيقت جي پل سمجهيو ٿي ويو ۽ درويشي ۽ شاعري هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٿي اڳتي وڌيون. اهو ذريعو اسان جي شاعري ۾ تصوف جي تبليغ لاءِ هڪڙو ڪار آمد طريقو هئو ۽ ساڳئي نموني موجودہ دور جي دوهي جي ٽيڪنڪ تي چيل بيت بہ انھيءَ ساڳئي نقطہ، نظر جي ترجماني ڪن ٿا. يعني شاعري کي الست وارو واعدو ياد ٿو اچي ۽ روحاني راز ظاهر ٿيو پون. جسم کان روح بي نياز آهي. جسم نحيف و نزار بنجي چڪو آهي، ليڪن روح ۾ قوت ۽ طاقت آهي. ازل وارو واعدو وسري وڃي ٿو ۽ انسان اهڙين غلطين جو شڪار ٿيو پوي، جنھن ڪري کيس ندامت کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو ٿو پوي ۽ هو پڇتائي ٿو.
شاعر کي دنيا “ڍونڍ” ٿي نظر اچي ۽ شاعر محبوب حقيقي سان لنئو لڳائي پاڻ کي ان ۾ جذب ڪرڻ چاهي ٿو. شاعر کي لن تراني وارو سبق ياد ٿو اچي وڃي، شاعر اڃا پاڻ کي سڃاڻي نٿو سگهي ۽ اڃا تائين انھيءَ تذبذب ۾ گرفتار آهي. انھيءَ روحاني راز کي ڳائي پاڻ کي سجاڳ ٿو ڪري. انھيءَ کان سواءِ شاعر معاشي ۽ معاشرتي بدحاليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جا مبهم نموني ظاهر ٿئي ٿي وغيرہ.”
مٿين مواد جو شعر سنڌي بيتن ۾ 1955ع ۾ پيش ڪيو ويو آهي. قديم سنڌي شاعريءَ جي حيثيت ۽ اسلوب سان گڏ اهو ئي قدم تخيل ۽ مواد موجود آهي. ڪن دوستن تہ فقط لفظن جي ڦير ڦار سان پراڻا مضمون پيش ڪري اسان کان داد حاصل ڪيو آهي.
مٿي ڏنل حقيقتن کي مد نظر رکي ڏٺو وڃي تہ سواءِ هڪ ٻن خوبين جي اهو اسلوب موجودہ ماحول، موجودہ حالتن ۽ موجودہ زندگي جي مسئلن جي ڪنھن بہ قسم جي ترجماني ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي. اسان ادب برائي زندگي جي انتظار ۾ آهيون ۽ هيڏانھن “ادب برائي اصلاح نفس” پيش ڪيو ٿو وڃي. منھنجي نظريي سان ڪن کي اتفاق نہ هجي، پر اهو ضرور محسوس ڪيو ويندو تہ هن فن جي استعمال ۾ حقيقت کان وڌيڪ تصنع جي بوءِ اچي ٿي. هن ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ هن فن ۾ زبان جي سادگي ۽ شگفتگي ۽ شائستگي جادو بياني کان گهٽ ڪا نہ آهي. انھيءَ فن ۾ لطافت ۽ نزاڪت حد کان زيادہ آهي. لفظن جي بناوت دل تي اثر ڪرڻ کان سواءِ نٿي ڇڏي سگهي.
انھيءَ فن جي ذريعي آسانيءَ سان زندگي جي مختلف پھلوئن جي عڪاسي ٿي سگهي ٿي. بشرطيڪ بيت جي شاعري کي فقط تصوف جي نظريي ۽ فلسفہ الاهيات لاءِ مخصوص نہ سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ جو اهي لوازم ڪيترن ئي مخصوص اشارن سان اسان جي 1955ع جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، جي ڪنھن خاص نقطہ، نظر کي مجروح ڪيو وجهن ۽ پڙهندڙ کي غلط فھم،ي ۾ مبتلا ڪيو ڇڏين. واضح نموني جي اظھار کان ڪناره ڪشي جو ڪو خاص سبب ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
هن فن ۾ شيخ اياز ۽ عبدالڪريم گدائي جون ڪوششون سنگ ميل ثابت ٿيون آهن. ڪجهہ اقتباسات پيش ڪريان ٿو:
ستارن جي سيج تي، ستي ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چمندي ڪنھن چنڊ کي.
...................
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.
...................
ٿي سڄڻ جي سار، ڳاتم ان جون ڳالهڙيون،
ڇڙيا من ملھار، اکين آب وسائيا.
...................
وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نہ سنڀران سپرين،
سوچي هن سماج تي، ڪڍي ڄڀيون ڄاڻ،
ڊاهي ڪريان ڍير هي، بي معنيٰ مانڊاڻ،
سڄڻ اچ مون ساڻ، تہ اٽڪون اڄ انياءَ سان. (اياز)
...................
آزادي آئي، پر ماڳ نہ موٽي مارئي،
سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانھي سرهائي،
اڄ بہ هيڻن سان هلن، ڏاڍا ڏاڍائي،
نڌڻڪين سان نت ڪرن، عمر ارڏائي،
سڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾. (گدائي)
ڪافي
1955ع جي ڪافين جي جائزي وٺڻ کانپوءِ هن نتيجي تي پھتو آهيان تہ ڪافيون گهڻي تعداد ۾ لکيون ويون آهن. ڪي سريليون ۽ ڪيي سريون. شاعرن جو انھيءَ فن ڏانھن ايترو رجحان چڱو سوڻ آهي. نون تجربن ۽ انوکي تخيل جي اڻاٺ آهي، بلڪه ڪٿي ڪٿي تہ ايئن ٿو ڏسجي تہ ڪافيءَ سان بي انصافي ٿي ڪئي وڃي ۽ تنھن مان ظاهر آهي تہ ڪن ڪافيءَ چوندڙ شاعرن، ان جي فن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ گهٽ محنت ڪئي آهي ۽ انھيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي تہ ڪافي هڪ گورک ڌنڌو بنجي پئي آهي. ڪن جون ڪافيون سنڌي ادب ۾ هڪ گرانقدر اضافو ڪري رهيون آهن. ڪٿي عيبن سان گڏ خوبيون بہ پنھنجي جاءِ تي تعريف جي لائق آهن. جيڪي ڪمزوريون خاص طرح دماغ تي اثر ڪن ٿيون، تن جو مختصر خاڪو پيش ٿو ڪيان.
1. فارسي عروضي ٽيڪنڪ کي مروڙي سروڙي ڪافي جي واهر ڪئي وڃي ٿي.
2. هيئت کي سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ ڪافي کي نظم جو ڪو اسلوب ڏيئي، ان ۾ غير مانوس ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪري مٿس ڪافي جو عنوان جڙي، کيس ڪافي بنايو وڃي ٿو.
3. فارسي دقيق لفظ کي قافيہ بنائي انھيءَ جي همراهي لاءِ ٻيا فارسي قافيہ ٽنبائي، ڪافي جي بنيادي اصول کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
4. ڪن ڪافين جي صورت تہ گيت جي بناوت تي ٻڌي وئي آهي. جيتوڻيڪ يڪسان خصوصيات جي لحاظ کان وڏي ڪمزوري ڪا نہ چئبي پر ڪافي جي مڪاني افراديت غائب ٿيو وڃي ٿي.
وڏي بي انصافيءَ جي ڳالھہ اها آهي جو ڪن شاعرن ڪافي کي اسلوب ۽ مواد جي لحاظ کان غزل جي همدوش بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان جي مٿان ڪافيءَ جو ليبل لڳائي پڙهندڙن کي پيش ڪيو آهي.
بھرحال، خوبين جي لحاظ کان، محمد خان غني جي ڪجهہ ڪافين کان سواءِ جن جا ڪجهہ اقتباسات هيٺ ڏيندس، ٻيون عاميانہ قسم جون پيون لڳن. رشيد لاشاري، علي بخش رضا ۽ حسين بخش خادم جون ڪافيون سنڌي ادب ۾ خاص ۽ اهم حيثيت رکن ٿيون، جن کي سال 1955ع جي ادبي ڪاوشن جو خاطر خواھہ ۽ تسلي بخش نتيجو ڪري چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. نموني طور ڪجهہ مثال پيش ڪريان ٿو.
توکي مون تي ترس نہ آيو،
آخر اکين آب وهايو،
سو لوڪ لکيو احوال،
لئون جا لڳايم لڪندي لڪندي. (غني)
عيش وڃايم راز نہ ڄاتم،
ڳيڙ ڳچيءَ ۾ غم جو پاتم،
تو سان دلبر نينھن جو لاتم،
پنھنجي پڇاڙي ڪين سڃاتم،
ڇو نہ ڪيان دل ۾ ماتم،
تنھنجو نينھن نواب نچائي. (رشيد)
...................
ڏٺي ٿيڙم ڏينھن... وي،
پل پل سانگيئڙن کي ساريان،
دلڙي اداسي آھہ انھن ڏي،
جن ڏي اٺا اڄ مينھن... وي. (رضا)
...................
ڪشي قرب جا ڪان قهري هڻين وئين،
نماڻيءَ نظر سان کسي دل کڻي وئين،
دکيءَ دل کي هاڻي ٿا دم دم ڌتاريون. (خادم)
شيخ اياز جي ڪافي، مواد جي لحاظ کان ڪافي گهڻيون ئي خصوصيتون رکي ٿي، ليڪن هيئت جي لحاظ کان فارسي اصول جو اثر قبول ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ٻن صدين کان اهو نمونو ڪارفرما نظر اچي ٿو. ليڪن منجهس ڪجهہ اجنبيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. بھر صورت مضمون جي لحاظ کان نج مڪاني چيز پئي لڳي.
اچن پار کان ٿيون پرينءَ جون پڪارون،
متان دير سببان ڏين هو ميارون،
وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سھاري،
نہ ترهو ئي تاڻيو نہ ڪي آهيون تارون. (اياز)
گيت
سنڌي ادب ۾ گيت هڪ جديد تحريڪ آهي، جنھن ۾ هندي شاعري جون خصوصيات بلڪل واضح نموني اجاگر آهن. سنڌي شاعري ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو ۽ تعلق هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن وقت هندي ۽ سنڌي شاعري جي سٻنڌ لاءِ اردو گيت جو فن، ٻنھي ٻولين جي قديم رشتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو ثابت ٿيو آهي، جنھن ۾ سڀ فني اسباب گهڻو ڪري مڪاني ماحول، مقامي روايات ۽ تمدني حالات جي پيش نظر پنھنجو پنھنجو حصو ادا ڪن ٿا. گيت ۾ سچي محبت، خلوص، نياز ۽ نوڙت، محبوب جي عظمت ۽ وقار جون دلڪش جهلڪيون نظر اچن ٿيون. جن ۾ نفاست، پاڪيزگي ۽ وفا شعاري جي جذبي کان سواءِ ڪنھن بہ قسم جي حيله سازي، مڪاري، رياڪاري ۽ فريب نظر نٿو اچي. تنھن ڪري مواد، مضمون، نظريي، لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي لحاظ سان سنڌي گيت هندي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ 1955ع جي سنڌي ادب ۾ گيتن جو ذخيرو گهٽ ٿو ملي ۽ اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ گيتن لکڻ جو شوق اڃا گهٽ آهي. تنھن هوندي بہ جيڪي ڪجهہ لکيو ويو آهي، سھڻو لکيو ويو آهي، جنھن کي معياري ادب چئي سگهجي ٿو. انھيءَ ڏس ۾ اسان جي ڪھنہ مشق شاعرن مان لطف ﷲ بدوي ۽ ڊاڪٽر خليل جون ڪوششون تعريف لائق آهن. شيخ اياز ۽ هري دلگير جي اعليٰ فنڪاري جو تہ ڪو جواب ئي ڪو نہ آهي! ان کان سواءِ سنڌي نوجوان طبقي بہ پنھنجي شوق ۽ شعور جو ڪافي ثبوت پيش ڪيو آهي ۽ انھن مان ڪي تہ انھيءَ فن ۾ برک شاعر بنجڻ جون چڱيون صلاحيتون رکن ٿا ۽ ٿوري وقت ۾ هو انھيءَ فن سان سنڌي ادب ۾ هڪ غير معمولي اضافو ڪرڻ جون خوبيون رکن ٿا.
ڪن جاين تي ڪمزوريون ۽ اوڻايون نظر اچن ٿيون، جيڪي ٿوري توجھہ سان سڌري سگهن ٿيون. مثلن فارسي لفظن جو بي مھل استعمال ڪرڻ ۽ فارسي ۽ هندي لفظن جو ڪچومر بنائڻ، گيت جي حسن کي گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ خوآھہ مخوآھہ هندي لفظن جو استعمال بہ سھڻو نٿو لڳي. بھتر گيت لکڻ وارن ۾ تنوير عباسي، بردہ سنڌي، بشير مورياڻي، نياز همايوني، مستان، عارف الموليٰ، سري چند راهي ۽ سراج بسمل، کي سنڌي گيت جي فن ۾ چڱو مقام حاصل ٿي چڪو آهي، چند دلڪش حسين ۽ جاذب اقتباسات پيش ڪريان ٿو.
ڪلھہ رات صحرا ۾ هئي، دونھين دکي ماني پڪي
ليٽي پيا ٻڪريون ڏهي، جن جي هئي، رڳ رڳ ٿڪي
ٻرندو رهيو مچ واءُ ۾، چڻگون اٿيون ڳچ واءَ ۾،
هي ڪشمڪش جو راز هو، انجام هو آغاز هو
...................
پھچي ڪيئن پکيئڙو، چنڊ چريو ڪيو آهي!
پرين ويو پرديس پري، رت سانوڻ جي آئي، او الا!
جنھن وقت وسڻ جا ويس ڪري، برسات پئي،
ڪنھن ڪوڪ ڪئي، هيءَ ڪويل ڪنھن گهائي، او الا!
شيخ اياز جي گيتن جا هي بند سنڌي ادب ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ڪي ڇڊا ملندا. اياز جي گيتن جو ذخيرو تمام گهڻو آهي، جنھن تي ڪنھن جدا مضمون ۾ تبصرو ٿي سگهي ٿو. نوجوان شاعر بشير مورياڻي بہ گهڻائي جاذب ۽ معياري گيت لکيا آهن، جن تي پڻ هڪ جدا تبصرو ٿي سگهي ٿو. ڪجهہ دوستن جا پسنديدہ اشعار پيش ڪريان ٿو.
ساٿي تنھنجا ساٿ ڇڏي ويا، تون ئي اڪيلو ڪاھہ،
ويل اويل ڏسين ٿو ڇا لئہ، سانجهہ سويلو ڪاھہ،
هن هن جي پرواھہ ڪرين ڇو؟ ناداني، داناءَ ڪرين ڇو؟
ويو اڄ تو کي ڇاٿي، ساٿي! تو ڇو دلڙي لاٿي؟ (دلگير)
...................
ڪو ڪو تارو اک ٽمڪائي،
ڪنوار نئينءَ جان چنڊ واجهائي،
ڪتيون ڪر موڙي ڪوماٽيون،
ٽيڙو کيڻ لڳا بولاٽيون،
تو کي ساريندي او سھڻا، پرھہ ڦٽي پرڀات،
ساجن، آئي رت برسات! (عارف الموليٰ)
...................
چانڊوڪي ڏس جهاتيون پايو،
دل کي وجهي ٿي گهايو گهايو،
ساھہ سڪائي تنھنجي تات،
ساٿي! باقي ٿوري رات! (بسمل)
...................
اوندھہ مان ئي باکون ڦٽنديون،
ڪاريون راتيون نيٺ تہ کٽنديون،
ڇو ٿو وڃين وهلور، ساٿي! صبح نہ آهي دور. (تنوير)
...................
نيڻن نير وهايو توبن، نيڻن نير وهايو،
تنھنجي ياد ستايو هردم، تنھنجي ياد ستايو! (بشير)
...................
جهاتيون جهڙ مان پائي تارا، لڪي لئاڪا پائن،
جيئن شرير سھيلون مرڪي، هڪ ٻئي ڏي واجهائن،
چنڊ لڄوڙي ڪنوار جيئن پيو،
منھن تي گهونگهٽ ڍاري، مٺڙا،
وکريل وار سنواري! (بردو)
...................
غنچو غنچو ٽاري ٽاري، سک جي ننڊ ۾ دنيا ساري،
خوابن ۾ سڀ هاري ناري، مون کي جاڳ جي تات،
خدايا! ڪيئن گذري هيءَ رات؟ (خليل)
سنڌي گيت جي صحتمند فن جا انيڪ مثال آهن، جن تي هڪ دفتر لکي سگهجي ٿو. آءٌ مٿين ڪجهہ مثالن تي اڪتفا ٿو ڪريان. ڪيترن دوستن جي گيتن جا اقتباسات، مضمون جي طوالت جي خوف کان پيش نہ ڪري سگهيو آهيان.
نظم
هن شعبي ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي، جا بلڪل تسلي بخش آهي. 1955ع ۾ نظم ڪثرت سان لکيا ويا آهن ۽ ڪيترائي نظم سنڌي ادب ۾ شهپارا ثابت ٿيا آهن، جن اسان جي ادب ۾ خاطر خواھہ اضافو ڪيو آهي. نوان تجربا ۽ جديد موضوع تلاش ڪيا ويا آهن. پر ڪٿي ڪٿي اهڙا ڏکيا، غير مروج لفظ ۽ دير هضم ترڪيبون استعمال ڪيون ويون آهن، جنھن ڪري انھن جو جابجا استعمال فن جي خوبصورتيءَ تي هڪ بدنما داغ بنجي پيو آهي. اهڙا ٻہ چار لفظ پيش ڪجن ٿا:
ڪلام معجزانہ، رستخيزي، منجمد، ديدہءِ نرگس، شھلائي چمن، گوش دل، ڪشتئہ صمصام جفا وغيرہ پڙهڻ سان طبيعت تي بار محسوس ٿو ٿئي. ڪيترن شاعرن اهڙي قباحت کان پرهيز ڪئي آهي ۽ هري دلگير انھيءَ طبقي جو علمبردار آهي، سندس نظم جو درجو مواد، هيئت، تخيل ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان مٿانھون ۽ انوکو نظر اچي ٿو. هي شاعر پنھنجي فن ۾ نھايت محتاط نظر اچي ٿو.
سنڌ جا ڪھنہ مشق شاعر، لطف ﷲ بدوي، ڊاڪٽر خليل نظم جي فن جا استاد شاعر آهن، جن پنھنجي احساسات ۽ جذبات کي چڱي طرح واضح ڪيو آهي. اسان جي نوجوان طبقي بہ انھيءَ ڏس ۾ بي بھا اضافا ڪيا آهن. منجهانئن نارائڻ شيام، تنوير عباسي، اياز قادري، همايون بيگ مرزا، بردہ سنڌي، سڳن آهوجا، نياز همايوني ۽ صائب کي وساري نٿو سگهجي. هن ڏس ۾ طالب الموليٰ، کيئلداس فاني ۽ محمد خان غني، گرامي ۽ گدائي جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ بيجا نہ ٿيندو. هنن صاحبن بہ هن شعبي ۾ پنھنجي انوکي فڪر ۽ معياري اسلوب سان سنڌيءَ جي معياري شاعري ۾ اضافو ڪيو آهي. نموني طور چند دلپسند ۽ معياري مثال پيش ڪريان ٿو.
چنڊ سان چانڊاڻ گڏ، ڦول سان سرهاڻ گڏ،
هير سان هلڪاڻ گڏ، جيئن آب سان آلاڻ گڏ،
دل چوي ٿي مان بہ تيئن تو سان سدا گڏجي رهان
دم بہ هڪڙو ڪو نہ ٿيان مان ڌار، پر فرصت نہ آه! (دلگير)
...................
موج ۾ آهي چمن باد بھاري موج ۾،
موج ۾ بلبل جا نغما گل جي ٽاري موج ۾،
موج ۾ آ ذرو ذرو دنيا ساري موج ۾
ڇو نہ سھڻن سان پيان ۽ موج ۾ ڳالھيون ڪيان
جي هٿان هيءَ ويل ويئي، “پور وري فرصت ڪٿي. (اياز قادري)
...................
موج ۾ ڀرجن دليون، مھراڻ جي سر تار سان
هيج مان اکڙيون ٺرن، جيئن آئڙن هالار سان،
روح ۾ رم جهم اٿي، سانوڻ سندي هٻڪار سان
پرت جا سڀ گيت آلاپن پيا ولھار سان
مرڪ جن جي منھن تي، سي سورن جا مانجهي لک لھن!
سڪ جني جي سونھن ۾، سي سک جا سانگي لک لھن! (نياز همايوني)
...................
گل ٽڙيا، غنچا کليا، زخمن ۾ رس ڀرجي ويو،
موسم گل جي اچڻ تي، هاءِ ڪھڙو قهر ٿيو،
ڦٽ چڪائي وئي هلي، هوءَ غمگساريءَ کانسواءِ،
ڪير منھنجو ساٿ ڏيندو، آھہ و زاري کانسواءِ. (صائب)
غزل
اسان جي سنڌي ادب ۾ غزل جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي. غزل قريبن گذريل هڪ صديءَ کان هن ملڪ جي ادب جو پسنديدہ حصو رهيو آهي. هن فن ۾ سنڌي شاعرن فارسي ۽ اردو غزل جي روايت کي قبول ڪري پيش ڪيو آهي. فارسي قافيہ، بحر، هيئت، فڪر، مواد، تشبيھن ۽ اصطلاحن وغير کي قبول ڪري سنڌي غزل جو بنياد رکيو آهي.
1955ع جي سنڌي غزل ۾ ڇا ڇا نظر اچي ٿو، ان جو مختصر ذڪر ڪرڻو آهي. هن سال ۾ ڪجهہ قومي غزل بہ لکيا ويا آهن. مقصديت جي لحاظ کان هنن پنھنجو حق ادا ڪيو آهي، ليڪن انھيءَ مقصد لاءِ غزل کان وڌيڪ نظم جي زمين ۾ گنجائش نڪري سگهي ٿي.
جن شاعرن سنڌي غزل ۾ نوان تجربا ڪري ادب جي زندگيءَ سان رشتو قائم ڪيو آهي، انھن مان ڪجهہ جو مختصر نموني ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. نئين تحريڪ جو بنياد بيوس جي فڪر جي اسڪول سان شروع ڪيو ويو. اهو ئي اسڪول درحقيقت اسان جي نئين دور جو بنياد آهي. اها حقيقت پسندانہ تحريڪ هئي، جنھن جو مکيہ اصول مقصديت هئي. اها واقعي هڪ تحريڪ هئي فقط هيجان نہ هو. انھيءَ نموني غزل جي نئين تجرباتي دور ۾ جيڪڏهن نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي بانيڪار چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. شيام هندستان هليو ويو، لکندو ٿو رهي بھتر ٿو لکي. هري دلگير ۽ شيام جي گڏيل ڪلام جو مجموعو “ماڪ ڦڙا” شيام جي عظمت جي شاهدي ٿو ڏئي. اياز هڪ جادوگر فنڪار آهي، جنھن وٽ تاثرات، الفاظ، اسلوب بيان ۽ فڪر جي لباس جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، جيتوڻيڪ وٽس تخيل جي گهرائي البت گهٽ ٿي اچي، تڏهن بہ هن فني ۽ فڪري لحاظ سان هڪ جدت ضرور پيدا ڪئي آهي. اياز قديم ۽ قبيح روايات سان بغاوت ڪري کين ڀرپور ڌڪ هڻي، غزل جي ميدان جو شهسوار بنجي پيو آهي. اياز جي غزل جو نقشو ڀرپور ۽ واضح نظر اچي ٿو. سندس غزل ۾ جمالياتي تاثرات آهن، سندس غزل ۾ محبوب جو مناسب درجو آهي، سندس غزل ۾ درد ۽ سوز آهي، زندگي ۽ زنده دلي آهي، نرمي ۽ رواني آهي، ليڪن نامعقول حڪايت ڪا نہ آهي، شڪوہ و شڪايت ڪا نہ آهي، آھہ فرياد ڪا نہ آهي. اياز جي تخيل جو انداز انوکو ۽ طرز دلچسپ آهي. سندس نرالو اسلوب بيان دل ۽ دماغ کي تعجب، تحير،ڪيف ۽ سرور جي گڏيل سڏيل تاثرات سان لبريز ڪيو ڇڏي. اياز جي لفظن جو انتخاب، جڙاءُ ۽ سجاوٽ، سنڌي شاعري جي جمالي حيثيت کي بلند ڪري ڇڏيو آهي.
هري دلگير جيتوڻيڪ موجودہ دور جي نظم جو علمبردار آهي، ليڪن غزل ۾ بہ سندس ڪوششون قابل تحسين آهن. سندس اظھار جي سادگي ۽ شائستگي سنڌي تھذيب و تمدن جي روايت کي برقرار ڪري رهي آهي. دلگير جي طرز اظھار جي سادگي ايتري تہ معصوم آهي، جو قدامت پسند طبقو، فقط سندس منھن ڏسندو رهي ٿو، دلگير جي سادگيءَ جو اثر کين اعتراض ڪرڻ جي جرات ئي پيدا ٿيڻ نٿو ڏئي.
ڊاڪٽر خليل، طالب الموليٰ ۽ نياز جعفري جي ذڪر کان سواءِ سنڌي غزل جي تاريخ نامڪمل ۽ تشنہ رهندي. انھن صاحبن غزل جي ذخيري وڌائڻ ۾ هڪ قابل تعريف اضافو ڪيو آهي.
نوجوان شاعرن ۾ تنوير عباسي، عبدالحڪيم جوش، بشير مورياڻي، ارجن شاد ۽ ڊاڪٽر نعيم سنڌي غزل جا درخشان ستارا آهن. انھن جا غزل سنڌي ادب ۾ هڪ اميد افزا اضافو ڪن ٿا. ڪجهہ انتخاب پيش ٿو ڪريان:
چنڊ ننڊاکڙو ٿي آھہ ستو چادر ۾
۽ ستارا ٿا لھن خواب ڪو پيارو اڄ رات
تنھنجي وارن جي ئي سايي ۾ سمهڻ چاهيان ٿو
ڪيڏو دلڪش ٿو لڳي گهور انڌارو اڄ رات! (دلگير)
...................
ڪي ڏينھن هيا جو نينھن هيا، جو تنھنجي سونھن ورونھن هئي،
نہ رهي نہ رهي او الا! گذري بہ وئي گذري بہ وئي،
اي دوست بھار وري گل ڪيا، جهڙ ڇايا، پيمانا ڇلڪيا
هو باد خزان بہ رهي نہ سدا، گذري بہ وئي گذري بہ وئي! (شيخ اياز)
...................
جلد اچ چنڊ رات آ مٺڙا،
هر خوشي بي ثبات آ مٺڙا. (شيخ اياز)
...................
دنيا ۾ تہ هر انسان هر دور ۾ نالان هو
ڪنھن کي غم ساحل هو، ڪنھن کي غم طوفان هو. (تنوير)
...................
آيو نظر فريب نظر جي سوا نہ ڪجهہ
پھتو جڏهن قيس ٿي محمل جي آسپاس
منھنجا قدم ڪٿي ها ۽ منھنجي نظر ڪٿي
منزل کان ايڏو دور ۽ منزل جي آسپاس. (جوش)
...................
شوق ساحل ۾ تہ موجن جي حوالي ٿي اي دوست
آيو طوفان تہ طوفان کي ڏسي رهنداسون. (تنوير)
...................
ساري گلشن ۾ خوشيءَ ۽ خورميءَ کان مون ڏٺي
ڪنھن جي هئي مايوس دل ۽ ڪنھن جي هئي محروم دل. (نياز جعفري)
...................
هو مسيحاءِ زمان تو تي گذر نيٺ ڪندو
آس صحت جي ڪڏهن اي دل بيمار نہ پڇ. (خليل)
...................
ذوق نظر کي زلف پريشان جي آرزو
بس هڪڙي آھہ ڪاڪل پيچان جي آرزو. (طالب الموليٰ)
مٿين خاص شعبن کانسواءِ گذريل سال ٽن ٻين حصن ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. سرشار عقيلي ۽ نواز علي نياز جا قصيدا 1955ع جي ادب ۾ چڱي جاءِ والارين ٿا ۽ اسان جي ادب ۾ اميد افزا اضافو ڪن ٿا.نارائڻ شيام، رشيد لاشاري ۽ شيخ اياز دلپسند رباعيون لکي 1955ع جي سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت ۽ خوشگوار اضافو ڪيو آهي.
آزاد نظم
اسان جي ادب ۾ گهٽ لکيو ويو آهي. ٻي جنگ عظيم جي آخر ۾ سندس شروعات ٿي. ليڪن ڪنھن بہ تحريڪ جي مدنظر ان کي ترقي وٺائي ڪا نہ وئي. گذريل ٻارنھن چوڏهن سالن ۾ آزاد نظم هڪڙي جذبي جي صورت ۾ ئي رهيو آهي. فني لحاظ سان حسين ۽ لطيف فن آهي. ڀانيان ٿو تہ سال 1945ع ڌاري منھنجو هڪ نظم شايع ٿيو. سنڌي ادب ۾ اهو پھريون ئي آزاد نظم هو. آزاد نظم جو فن اهڙو آسان نہ آهي. جنھن نموني گذريل سال اسان جي ڪن دوستن ساڻس دست درازي ڪئي آهي. حيثيت خوآھہ مواد جي لحاظ کان هن فن ۾ جدت آهي ۽ نوان تجربا ۽ انوکو اسلوب سندس بنيادي اصول آهن. آزاد نظم تي هڪ جامع مضمون ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنھن ٻئي وقت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان تہ آزاد نظم کي پنھنجي انوکي ٽيڪنڪ آهي ۽ ان سان گڏ خارجي ۽ داخلي تخيل جي موجودگي لازمي آهي. ايئن نہ آهي جو جملن کي ڳڀا ڳڀا ڪري آزاد نظم جي نالي سان سڏيو وڃي. ڪي اديب تہ آزاد نظم کي شاعري کان خارج ڪيو ڇڏين، ڇاڪاڻ جو انھيءَ شاعري ۾ قافيہ ۽ بحر جي پابندي ڪا نہ آهي.ڪن جو خيال آهي تہ آسان چيز آهي جو سڀڪو لکي سگهي ٿو، ليڪن ايئن درست نہ آهي. منھنجي خيال ۾ قافيو ۽ بحر هٿان شعر جو سھارو ٿا بنجن ۽ اهڙو شعر انھن چند پابندين کي نظر ۾ رکي آساني سان لکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو بحر ۽ قافيو شاعر کي وڌڻ لاءِ لقمو ٺاهي ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي ملڪ جي هر پڙهيل گهر ۾ ڪو نہ ڪو شاعر لڀي پوندو.
1955ع جي آزاد نظم کي ڏسي افسوس بہ ٿئي ٿو ۽ پريشاني به. اياز جو هڪڙو نظم ڇپيو آهي، چڱو آهي. بردہ سنڌي جي بہ ڪامياب ڪوشش آهي، ليڪن آزاد نظم جو مواد ۽ انھيءَ ۾ اهڙي نموني جو تسلسل نہ ٿيندوآهي، جا هڪ ڪمزوري ليکي وڃي ٿي. بھرحال اسلوب جي لحاظ کان سھڻو آهي.
(ماهوار نئين زندگي، جنوري 1957ع تان ورتل)