سنڌ شاعريءَ ۾ تصوف
تصوف وادي سنڌ ۾ صحيح مفڪر ۽ حقيقي شاعر پيدا ڪيا؛ جن جي شاعريءَ کي حقيقي ۽ پيغمبرانہ شاعري چيو وڃي تہ مبالغو نہ ٿيندو. سندن گفتار ۽ ڪردار جي مطابق کين هڪ وڏي مقام تي پھچايو ۽ هن زمين سندن هر قول ۽ فعل جو احترام ڪيو، اهڙي پيغمبرانہ شاعريءَ لاءِ ادراڪ جي صحت؛ احساس جي شدت؛ قلب جي وسعت ۽ جذبي جي واقعيت جي ضرورت آهي. حقيقتن جو صحيح تجزيو، نتيجي تي دور رس نظر؛ حالات تي صحيح تنقيد؛ الھامي شاعريءَ جون علامتون آهن، جن لاءِ پيغمبرانہ اسلوب ضروري آهي. تنھن ڪري سنڌ جي صوفيانہ شاعري سنڌي اذهان تي هميشہ مسلط رهندي ۽ سنڌ جو ترقي پسند ماحول بہ ان جي سھاري زنده آهي. سنڌ جي جديد شاعري بہ ان تخريب پسند سست ۽ بي عمل روماني شاعريءَ ۾ پناھہ ڳولي لڌي آهي، جنھن شاعريءَ ۾ حال ۽ قال جو اهڙو مضبوط رشتو آهي،جو قيامت تائين ٽٽي نہ سگهندو.
سنڌي ڪلاسيڪي شعراءِ ڪرام نہ ڪنھن درٻار جا پرورده آهن، ۽ نہ ڪنھن محفل جا. هو دلق پوش، بوريا نشين،ڪنھن تخت ۽ تاج جي سھاري حڪمران نہ بڻيا. ليڪن سندن پيغام جي افاديت زماني جي مٿان حڪومت ڪئي ۽ سندن شاعري انسان ذات لاءِ راھہ جو سبب بڻجي پيئي. ڪو بہ مصلح ۽ هادي فقط ڳالھيون نہ ڪندو آهي، ليڪن هو پنھنجي عمل ۽ يقين سان پنھنجي قول جي صداقت کي ثابت ڪندو آهي. تنھن ڪري اهل بصيرت، سندس پيغام جي اهميت، دلڪشي ۽ ھمہ گيري جو اعتراف ڪن ٿا. شاعري عمل سان گڏ تفريح بہ آهي. شاعري زندگيءَ جي لاءِ بہ آهي، ۽ ادب جي لاءِ به.
سنڌي شاعريءَ جو محسن اعليٰ قاضي قاضن هڪ عالم باعمل ۽ وقت جو قاضي القضات هو. سندس زندگيءَ جو آخري وقت بکر ۾ گذريو. اسان کيس پھريون صوفي شاعر ڪري تسليم ڪريون ٿا. باوجود عمل و محنت جي زندگي جي، هن پاڻ کي ستل ڄاڻايو آهي، ۽ جڏهن کيس سجاڳ ڪيو ويو تہ هن هڪ صحيح عملي زندگي اختيار ڪئي:
جوڳي جاڳايوس، ستو هئس ننڊ ۾
تھان پوءِ ٿيوس، سندي پرين پيچري.
سنڌي شاعريءَ تي مذهبي نقطہ، نگاھہ کان تصوف جو نھايت گھرو اثر پيو آهي، ۽ هو نقش دوام جي حيثيت حاصل ڪري، سنڌي شاعريءَ جي تاج جو ڪوه نور بڻجي چمڪندو رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ تصوف جا سڀيئي شرط بنا ڪنھن حيل و حجت جي قبول ڪيا ۽ پاڻ ۾ تصوف جا مڙيئي عقيدا جذب ڪري ڇڏيا.
ھمہ اوست جو نظريو ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ روان دوان نظر اچي ٿو، جنھن نظريي جي حمايت پورا ساڍا ٽي سو سال اسان جي متقدمين ۾ رهي آهي. قاضي قاضن پنھنجي وسيع نظري سان انھيءَ اهم مسئلي جي پنھنجي شاعريءَ ۾ واضح نشان دهي ڪئي آهي:
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،
هيڪئين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جھت.
قاضي قاضن کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ ٻي عظيم شخصيت پيدا ٿئي ٿي، جنھن جي بدولت سنڌي شاعريءَ جي بنيادي قدرن ۽ خالص سنڌي ٽيڪنڪ جي نشو و نما جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس نالو شاھہ عبدالڪريم هو. هن کي پيرو مرشد جي حيثيت حاصل ٿي. ان جي باوجود هو پنھنجي گذر معاش لاءِ پورهيو ڪندو رهيو ۽ ٻين لاءِ بہ اهڙي تلقين ڪيائين. تصوف کي هن ڪا آفيم جي گولي نہ سمجهيو، جنھن جي طفيل انسان ۾ سستي ۽ ڪاهلي ۽ آرام طلبيءَ جي حس پيدا ٿئي ۽ انسان ناڪارہ بنجي پوي:
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
هو بہ “ھمہ اوست” جي نظريي جو زبردست حامي هو ۽ هن ڪثرت ۾ وحدت ڏٺي:
مورک مور نہ ٻجهڻا، هيڏان هوڏان ڪن،
ڪٽر جن اکين ۾، سي ڪي پرين پسن.
شاھہ ڪريم کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ ماه ڪامل چمڪڻ لڳو ۽ ھمہ اوست جي نظريي جو مبلغ اعليٰ تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر صوفي خدا جي ذات ۾ فنا ٿي ڪري حيات جاوداني حاصل ڪرڻ جي تمنا رکي ٿو. کيس فنا جي تصور ۾ اهڙو لطف اچي ٿو، جو دنيا جي آرائش ۽ زيبائش جي هر شئي کي هو تڇ ڪري سمجهي ٿو ۽ فنا في ﷲ ٿيڻ جي لذتن مان لطف اندوز ٿئي ٿو.
پھرين وڃائن پاڻ، پسن پوءِ پرينءَ کي.
شاھہ لطيف فنا في ﷲ جي مقام تي پھچي بہ انسانن کان پري نٿو رهي. منجهن شاهانہ بي نيازيءَ جو وقار قائم و دائم رهي ٿو، ۽ هو حاڪم وقت جي خواهشات ۽ تقاضائن کي عملي جامو پھرائي نٿو سگهي، ۽ پنھنجي فقيري ۾ مست ۽ پنھنجي پيشوائيءَ تي فخر محسوس ڪري ٿو:
پيھي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
تہ نہ ڪو ڏونگر ڏيھہ ۾، نہ ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سور هئا.
قدرتي نظارن جي لطف کي مسند شاهيءَ جي راحت کان بھتر و بلند سمجهي ٿو. شاھہ صاحب تصوف جي توڪل واري اصول جو قائل آهي:
لکيو منجهہ نراڙ، قلم ڪياڙي نہ وهي.
ليڪن ان سان گڏ هو عمل و ڪوشش جي بہ تلقين ڪري ٿو. هن جو خدا تي ڀروسو آهي ۽ کيس قدرت تي ڪامل يقين آهي. ليڪن ايئن نہ آهي تہ محنت ۽ مشقت جي بدران سستي ۽ ڪاهلي کي ترجيح ڏني وڃي:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نہ ڪجي ايتري،
سلطاني سھاڳ، ننڊون ڪندي نہ ملي.
قناعت جي معاملي ۾ شاھہ صاحب دنيا جي بھترين نعمت کي پنھنجي فقيري مٿان قربان ڪري ڇڏي ٿو، ۽ مفلسي کي تونگري تي ترجيح ڏئي ٿو. تسليم و رضا جو عنصر بہ متقدمين ۾ قائم رهيو آهي. تنھن ڪري هو هر آفت سماويءَ جو خير مقدم ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو اهڙو حادثو ﷲ جي امر سان واقع ٿئي ٿو ۽ محبوب حقيقيءَ جي هر ڳالھہ درست ۽ سراپا رحمت آهي.
نشہءِ عشق ۾ والھانہ ڪيفيت جو اندازو متقدمين جي مندرجہ ذيل ابيات مان لڳائي سگهجي ٿو. عشق شاعرن جي ديدہ دل کي کولي ڇڏيو ۽ سندن سرمستي کين هڪ اعليٰ مقام تي پھچايو،جنھن ڪري سندن نظر ۾ سواءِ هڪڙي محبوب حقيقيءَ جي ٻيو ڪو بہ سمائجي نہ سگهيو.
لطيف:
سوري سڏ ڪري، اصل عاشق کي،
جي اٿي سڌ سڪڻ ۾ تہ کڻ م پير پري،
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
عنايت:
اتيئي گڏيا پرين، جتي ڀانيم جيئن،
اوتي اکڙين سين، نيڻ ڀريا ٿم نينھن،
ڏک ڳرهيان ڪيئن، جه ويا سڀيئي وسري.
عشق، سچل سرمست جي هوش و حواس کي صلب ڪري، محبت جي دنيا ڏيکارڻ جو وعدو ڪيو آهي.تنھن ڪري هو عشق جي منزل تي پھچي ساري دنيا کي خواب وانگر وساري ڇڏي ٿو ۽ هميشہ مٿس شِدتِ عشق جو غلبو رهي ٿو، جنھن ڪري هو شراب محبت ۾ سرشار ٿي جهومڻ لڳي ٿو.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن تصوف جي مختلف عقائد ۽ مختلف شعبن جي ترجماني ڪئي آهي. ليڪن توڪل، تسليم و رضا، عشق، فنا ۽ دنيا جي بي ثباتي جھڙن مسئلن، ڪنھن بہ وقت سندن عملي زندگيءَ کي بيڪار ۽ مجروح نہ بڻايو آهي. اها شاعريءَ جي هڪ وڏي خصوصيت آهي، جنھن سندن عظمت کي بلند مقام تي پھچايو آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ڪو بہ اهڙو سخنور نہ آهي، جنھن دنيا سان ناتو ٽوڙي عزلت گزيني اختيار ڪئي هئي، يا مايوس ۽ نااميد بڻجي پنھنجي عمل کان جان ڇڏائي هجي. هو لا تقنتو جو نعرو هڻي عمل پيرا رهيو آهي. سنڌي شعراء انھيءَ نظريہ، جو مفھو،م چڱيءَ طرح سمجهيو آهي، جنھن ڪري هو ڪنھن وقت غلط فھم،يءَ جو شڪار نہ ٿيا آهن، ۽ منجهن تن آساني جي ڪا بہ نشاني نظر نہ ٿي اچي، ۽ سندن زندگي عمل ڪوشيءَ ۾ گذري آهي.
انھن شاعرن فطرت جي رنگا رنگ نظارن جون تصويرون پيش ڪيون آهن، ۽ پنھنجي مخصوص لب و لھجي سان منظر نگاري ۾ هڪ تازگي پيش ڪئي آهي. سماجي زندگيءَ تي غائرانہ نظر وجهي، پنھنجي شاعريءَ ۾ سندس عڪاسي ڪئي آهي، جنھن جي مطالعي کان پوءِ معاشرتي زندگيءَ جو پورو نقشو اسان جي سامھون اچي ٿو.
تصوف جي طفيل سنڌي شاعريءَ ۾ مواد ۽ الفاظ ايتري ڪثرت سان جذب ٿي ويا، جن سنڌي زبان کي مالا مال ڪري، ٻوليءَ کي مائيدار بڻايو. عربيءَ جا مشڪل لفظ، قرآني آيتن جا حوالا ۽ اشارا، محاورا ۽ خيال، جن سنڌي ٻوليءَ جي نشونما جي ابتدائي مراحل ۾ زبان کي طاقت پھچائي ۽ تصوف، مختلف مسائل تي حڪيمانہ انداز ۾ بحث ڪري، شاعر کي هڪ اهڙي شاهراھہ تي لڳايو، جنھن کين پنھنجي منزل تي صحيح و سلامت نموني پھچايو. تصوف جي بدولت ڪيترا موضوع ۽ رجحان سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ويا آهن، تنھن ڪري تصوف جو سنڌي شاعريءَ تي گھرو ۽ ديرپا اثر آهي، جو ڪڏهن بہ مٽجي نہ ٿو سگهي.
(جريدہ اسلاميہ ڪاليج سکر، 1965-1966ع تان ورتل)