سچل سرمست – منصور ثاني
“اي دلا خوشبو ز شه عطار درجانم رسيد”
سندس والھانہ عشق جو ٻيو مثال هيٺين شعر مان ظاهر آهي، جنھن ۾ پنھنجي روحاني مرشد جي وطن مالوف جو، انتھائي جذبہ شوق ۽ عقيدت سان ذڪر ڪري فرمائي ٿو:
“اي صبا با ما حقيقت شھر نيشا پور ڪن
ميڪنم قربان بران خاڪ، زمين ابن جان و تن.”
سچل سائين، هڪ عالم باعمل ۽ قرآن ڪريم جو حافظ هو، سندس پرورش انھيءَ خاندان ۽ ماحول ۾ ٿي، جتي درس و تدريس جو وڏو دور دورہ هو، جتي شريعت ۽ طريقت جي اصولن جي پابندي سان تعميل و اشاعت ڪئي ويندي هئي. اهڙي گهراڻي سان تعلق رکندي، سچل سائين شريعت جون منزلون طئي ڪري بتدريج معرفت الاهي جي درجي تي پھچي، “ھمہ اوست” جو نعرو بلند ڪري مولانا روم جي هيٺين شعر جي باريڪ نڪتن تي عمل ڪري ٿو:
آئينہءِ دل چون شود صافي و پاڪ
نقشھا بيني برون از آب و خاڪ.
جيئن تہ امام غزالي رحه فرمايو آهي تہ “انسان کي خدا تعاليٰ جي پنجن جسماني حواسن کانسواءِ هڪ روحاني حواس بہ عطا فرمايو آهي.” ۽ اهو ئي روحاني حواس آهي، جنھن سچل سائين جھڙي مشترع عالم کي “ميزنم نعره “انا الحق” آشڪار”، جي سر الاهي جهونگارڻ لاءِ مجبور ڪيو.
اهو ساڳيو سر، اهو ساڳيو ترنم، اها ساڳي لئي، اهو ساڳيو نظريو، اهو ساڳيو جذبو ۽ جوش اهو ساڳيو جولان ۽ جلال، جيڪو صديون اڳ، “منصور” جي ذات ۾ ڪار فرمايو هو، جنھن الوهيت ۽ عبوديت جو پردو چاڪ ڪري انھن جو امتياز مٽائي ڇڏيو، سو اسان جي سنڌ جي شهسوار سچل سرمست جي وجود ۾ جلوہ، افروز ٿيو، جنھن کيس “بادشاهي چيست ليڪن خود خدائي ميکنم” چوڻ لاءِ آماده ڪيو. عجيب شان و شوڪت ۽ بلند حوصلي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، جنھن نظريي کي مٿين عظيم الشان شخصيتن پيش ڪيو، تنھن جو مختصر احوال هن ريت آهي.
اهو نظريو تصوف جي نالي سان مشھور آهي ۽ انھي عقيدي جي علمبردارن کي صوفي سڏيو ٿو وڃي. اهو لقب ٻي صدي هجري جي ختم ٿيڻ کان اڳ رائج ٿي چڪو هو. سڀ کان اول اهو لقب ابو هاشم صوفي کي نصيب ٿيو هو، جنھن 150 هجري ۾ وفات ڪئي. تصوف لفظ جي اشتقاق متعلق ڪيتريون خيال آرائيون ڪيون ويون آهن، جن جو ذڪر ڪيترن محققن ڪيو آهي، انھيءَ نموني تصوف جي حقيقت ۽ ماهيت ۾ بہ گهڻو اختلاف آهي، ان بابت امام قشيري جا پيش ڪيل قول هن ريت آهن:
1. “حضرت ذوالنون مصري، “صوفي” اهي آهن، جن سڀ ڪجهہ ڇڏي خدا کي حاصل ڪيو آهي.”
2. حضرت جنيد بغدادي، “جن جو مرڻ جيئڻ فقط خدا تعاليٰ لاءِ هجي.”
3. منصور حلاج، “اهو شخص جنھن کي نہ ڪوئي پسند ڪري ۽ نہ هو ڪنھن کي پسند ڪري.”
انھيءَ نموني ٻين ڪيترن بزرگن پنھنجي خيال موجب تصوف جي منزلن مان ڪنھن خاص منزل جي تعريف بيان ڪئي آهي. تصوف درحقيقت، زهد و فقر ۽ ڪن ٻين خاصيتن جو مجموعو آهي. زهد و فقر جيئن وڌندو ويو تيئن روحاني وصفون پيدا ٿينديون ويون. امام غزالي جو خيال آهي تہ تصوف، شريعت وانگر ٻن شين جو مرڪب آهي. علم و عمل، پر تفاوت ايترو آهي، جو شريعت ۾ علم کان پوءِ عمل پيدا ٿيندو ۽ تصوف ۾ عمل کان پوءِ علم پيدا ٿيندو آهي. القصه صوفيه جا علوم دل کي صاف و شفاف بڻائين ٿا. جنھن تي سموريون معلومات نقش ٿيو وڃن، جيئن مولانا روم فرمايو آهي:
“آن صفائي آئينہ وصف، دل است
صورت، بي منتھا را قابل است.”
منصور لاءِ متقدمين ۽ متاخرين جا رايا ڪجهہ بہ هجن ليڪن خواجہ عطار پنھنجي عقيدت جا گل هن جي بارگاھہ ۾ چاڙهي سندس تعريف ڪئي آهي. ساڳئي نموني سنڌ جي سرمست، سچل سائين، منصور جي غير معمولي شخصيت کان وقت بوقت متاثر ٿي، استغراق جي حالت ۾ “روا باشد اناالحق از درختي، چرا نبود روا از نيڪ بختي” جو اعلان ڪيو آهي. اڃا وڌيڪ چٽي نموني پنھنجي سنڌي ڪلام ۾ پنھنجي عقيدت جو ثبوت پيش ڪري ٿو:
“اصل کون منصور انھيءَ ڪاٽيو ڪنڌ ڪٽوري
نشي منجهہ نواز ٿي گهوريون هي سر گهوري.”
الستي مئي جي خمار، هستي ۽ نيستي جون حدون مٽائي ڇڏيون. انھي نشي الوهيت ۽ عبوديت جو امتياز ختم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن هزار جانيون هجن تہ سڀ انھيءَ نشي جي خمار ۾ قربان ڪري ڇڏجن. اهڙي قربانيءَ ڪري ئي زندگي جي معراج حاصل ٿئي ٿي. سچل سائين منصور کي انھيءَ شراب ناب جي خمار ۾ سرشار ڏٺو آهي، جنھن جي تصديق لاءِ ثابتي پيش ڪندي چوي ٿو:
سچو سوري سي وڃن جي مي ۾ ٿيا مدهوش
شاعري زندگي جو آئينو آهي، زندگي جي تصوير آهي، زندگي جو نقش آهي، جنھن سان زندگيءَ جي مختلف مسئلن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. “سوري ۽ مئي ۾ مدهوش” لفظن ۾ هڪڙي عظيم شخصيت جي، انھيءَ وقت جي ماحول جي نقشي ۽ تصوف جي فلسفي جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. “سوري” ۽ “مئي” جي مختصر ٻن لفظن ۾ ڄڻ ساري ڪائنات کي سمايو آهي ۽ هڪ عظيم نصب العين جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنھن شاعري ۾ تجربن ۽ جذبن جي نمائندگي هوندي انھيءَ شاعري مان شاعر جي نظريي، عقيدي، مقصد ۽ اصول جي پڌرائي ٿي سگهي ٿي. ميٿيو آرنولڊ چوي ٿو تہ “شاعر جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي جو هو پنھنجي خيالن کي زندگي سان نھايت خوبي ۽ صداقت سان ملائي ڇڏي.” سچل سائين پنھنجي نظريي ۽ مقصد کي نھايت سھڻي نموني ۽ ديانتداري سان پنھنجي شاعري ۾ جذب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ظاهر آهي تہ سندس ڪلام باوجود گهڻين ٻولين ۾ هئڻ سبب، پنھنجي مقصد جو علمبردار آهي ۽ اهو ئي روح، فارسي، سرائڪي، اردو ۾ بہ ساڳي نموني نمايان آهي، جو سنڌي ٻولي ۾ ڪارفرما آهي. پنھنجي وڏي روحاني رهبر، منصور حلاج جو ذڪر ۽ منصوري مسلڪ جو اعلان واضح نموني سندس سرائڪي ڪلام ۾ جابجا ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ويکو منصور ڪون عشقي، ڪيتا سردار آويزي.
اڃا منصور راز کي وڌيڪ ظاهر ڪري، مسئله “وحدت الوجود” جي ڀيدن کان واقف ڪري ٿو ۽ پنھنجي مرشد اعليٰ کي “نعره اناالحق” بلند ڪرڻ ۾ حق بجانب سمجهي حق ادائي جو ثبوت پيش ڪري ٿو.
حق انالحق ٿي چيو، پر منجهہ نظر منصور هو
معرفت الاهيءَ جو ڪيڏو نہ مشڪل مسئلو آهي، جنھن تي دفتر لکي سگهجن، سچل سائين انھيءَ ڳوڙهي مسئلي کي ٿورڙن لفظن ۾ ماپائي، هڪ اهڙو انڪشاف ڪيو آهي، جنھن جي اميد، فقط ڪنھن غير معمولي شخصيت ۾ ئي رکي سگهجي ٿي. مٿين مصرعي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڪھڙي ڪيفيت ۽ ڪھڙي حالت هيٺ اهڙي نموني جا لفظ نڪتا هوندا. برابر اهو استغراق ۽ بيخودي جو عالم هوندو. ورنہ هڪ ڪامل عالم، هڪ باشرع حافظ، اهڙي جرئت ڪٿي ٿو ڪري سگهي. ڪيڏو پختو دليل ۽ ڪيتري حجت پيش ڪري، “اناالحق” چوڻ واري منصور کي بي گناھہ ثابت ڪيو ويو آهي. هيٺين شعر پڙهڻ سان ڪنھن مست درويش جي وجداني ڪيفيت اکين اڳيان اچيو وڃي.انداز بيان ۾ ڪيترو زور ۽ مقصد کي خوش اسلوبي سان پيش ڪرڻ سچل سائين جھڙي عظيم فنڪار جو ئي ڪارنامو ٿي سگهي ٿو.
ايتري حقيت بيني ۽ حق شناسي، ايتري جرئت جوش، ايتري مستي ۽ ايتري مدهوشي، دنيا جي ڪن ٿورن شاعرن ۾ ملي سگهي ٿي. دماغ ۾ هڪ عجيب و غريب ڪيف ۽ لذت جي لهر ڊوڙي وڃي ٿي فرمائي ٿو:
“جنھن دل پيتا مئي دا جام، سا دل مست و مست مدام،
سوليءَ تي منصور چڙهيا، انا الحق ڪلام.”
نہ فقط ايترو، اڳتي هلي منصوري موج زيادہ عيان ٿئي ٿي ۽ منصوري درياھہ مستي ۾ اچي وڃي ٿو.
بي باڪي ۽ بي خوفي، جوش ۽ ولوله، جنون ۽ مستي جو زنده ثبوت ملي ٿو، فلسفہ “ھمہ اوست” مسئله وحدت الوجود جو راز افشا ٿئي ٿو. سڀ ڪجهہ هو آهي، جو نعره بلند ٿي وڃي ٿو. منصوري روح وجد ۾ اچي وڃي ٿو. منصوري شان وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿو. رموز ڪائنات جا سڀ راز فاش ٿي وڃن ٿا. عالم هست و بود جي حقيقت آشڪار ٿيو پوي. عبد ۽ معبود جي ڄاڻ پوي ٿي. الوهيت ۽ عبوديت جا پردا کڄي وڃن ٿا، ﷲ ۽ بده هڪ ٿي وڃن ٿا.
“ﷲ ﷲ ڇو چوين، پاڻ ئي ﷲ پاڻ”
(سر ڀيروي)
زور، غرور غماز عادت البيلن جي،
نوڙت نيھہ نياز، آهي عاشقن ۾!
ڇٻيلن ڇلا، مو مکيڙيا منھہ تي،
نيم شبي مهتاب جان، منھہ ٻرن مشعلا،
تاريڪي ۾ تيجارا تکا ڏين تجلا،
عاشق ات اجهلا، سر ڏين ٿا سٽ ۾!
قوس قزح ڪمان ابرو عجيبن جا،
ضرب ظلم جي زور سان اڇلن الامان،
سل هڻن ٿا سيني ۾ پنبڻين جا پيڪان،
نيزا نيھہ نشان، “سچل” سر سھايا!
سر سارنگ
اتران اوري ڪئي چمڪڻي چمڪاٽ،
اتان ڪيائين اوچتي لس ٻيلي تي لاٽ،
منڊل ٿيا مڪران تي، گوڙن جا گڙگاٽ،
ڪڪرن مٿان ڪيچ جي ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ،
وري ورئون واٽ، “سچل” سائيءَ سنڌ جي.
اول آنڌي آئي پويان جھڙو جهڄو،
نڪو اولو آسرو نڪو اوٽ اجهو،
ڏهيلين ڏجهو، پرور ٿج پٽن ۾.
هڪ وسڻ ٻيو وڄڻ ٽيون لھي پيو سيءُ،
جهوري وڌائين جهوپيون ڇن وڌائي ڇيءَ
رنن جو رڻن ۾ والي وسيلو ٿيءُ
حال جني جو هيءُ، تن پرور رک پناھہ ۾.
سارنگ آيو صبر ۾ بوندن ڪئي بس،
رنگا رنگي رس، قزح ڪڍي نيل تي.
سر ماروي
عمر مون ڏي آيا اباڻون عتاب،
کئين محلين مارئي، ٿي قورما ڪباب،
جهوريس هن جواب، عمر اباڻن جي!
پري ٿين نہ شال هلن اوڏائتا آجڙي،
اٿي ويٺي تن جا اٿم خواب خيال،
سدا سانگيڙن جي اٿم ساھہ سنڀال،
اسان ھہڙا حال، هت عتاب انھن جا!
سر مومل راڻو
مومل مهڻي هاب، راڻا ڪر نہ راءِ تون،
جوئن کي جواب، مرد نہ ڏين مينڌرا!
هڪ جُوءِ ٻي جوءِ، مرد نہ ڇڏين مينڌرا،
تو پڻ پرين پوءِ، ڪوه لڄايو ڪاڪ کي؟
هڪ جُوءِ ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان،
اهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا!
ڏوهيڙا
اول ڀيري ڀڃ “سچل” بند خيالات جا،
تنھن پڄاڻان وڃ، حلا جي حيرت ۾.
حدين وڃين هر ڪو لاحد وڃي پير،
“سچو” سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
وقت اها ٿي ويل دوئيءَ دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل،
هندو مومن سان ملي محبت جا ڪرميل،
متان ٿئي اويل، “سچو” سج نہ الھي!
ڏيو ٻاري سج کي ٿي ڏاهرين ڏٺو،
هلڪو هت هوا سندو، مٺين ڪن مٺو،
کٽو ۽ مٺو، “سچل” چرين ساڳي چت ۾!
سوريه سارو ابر ۾، لوٺين ڪين لڏو،
انڌي ساڻ انڌو، “سچو” ٻئي پيا کڏ ۾!
ڪني نيھہ نھر سان ڪني دٻايا درياءَ،
“صاحبڏني” جي ساھہ، سارو سمنڊ سمايو!
(ماهوار نئين زندگي مئي 1956ع تان ورتل)