سنڌ جو سرمست
سچل سرمست عالمِ انسانيت جو وڏو مبلغ هو. هو سڀني انسانن کي هڪجھڙو سمجهندو هو. کيس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪو ڀيد نظر نہ ايندو هو. وٽس غريب ۽ امير هڪ جھڙا هوندا هئا. هن حاڪم ۽ محڪوم ۾ ڪڏهن ڪو فرق نہ ڪيو. پاڻ انھيءَ اصول تي ڪاربند هو تہ انسان ذات هڪ جھڙي آهي.
ڪافر مومن صورت ساڳي، جانب ڏس ڏنو ئي جائي
اها سرزمين سنڌ جي سگهاري مٽي آهي. اها هن ملڪ جي زمين آهي،جنھن اهڙي نظريي کي قبول ڪري انساني متڀيد کي يڪدم مٽائي ڇڏيو آهي. اڃا بہ صوفي بزرگن انسان کي اشرف المخلوقات کان بہ وڌ درجو ڏنو آهي. سچل سرمست جو ڪلام روحانيت جي رنگ ۾ رڱيل هو. جنھن ڪري هو نہ رڳو مسلمانن پر غير مسلم طبقن ۾ بہ نھايت مقبول آهي. عشق انسان کي ان حد تي پھچائي ٿو جتي انسان کان دين ۽ مذهب وسريو وڃن ۽ انسان ﷲ جو راز بڻجي پوي ٿو. هو ڪڏهن سرمست بڻجي عروج تي پھچي ٿو تہ ڪڏهن باهوش ٿي نزول جي طرف اچي ٿو. ڪڏهن هو عالمِ بالا ۾ آهي تہ ڪڏهن هو پاتال ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ڪڏهن خدا بڻجي پوي ٿو ۽ ڪڏهن ٻانھو. اها محنت ۽ مشقت آهي جيڪا ماڻھوءَ کي مٿي چاڙهي ٿي ۽ سندس اياڻي وارو قدم کيس ڪنھن اوڙاھہ ۾ ڦٽو ڪري ٿو. اهي تصوف جي فلسفي جا نڪتا آهن، جن کي هن ڌرتيءَ جي ماڻھن ايتري قدر قبوليو آهي، جنھن جھڙو مثال دنيا جي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ ملي نٿو سگهي.
مجاهدي جي ڪري انسان روحاني منزلون طئي ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ۽ ساڳئي نموني هو جدوجھد ڪري، مادي منزلون پوريون ڪري دنيا ۾ سرخرو رهي ٿو. مطلب تہ ٻنھي صورتن ۾ محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي. هڪ روحاني محنت آهي ۽ ٻي مادي مشقت. اهي ٻئي ڳالھيون انسان کي عمل جو سبق سيکارين ٿيون. عمل سان ئي انسان جي زندگي جنت يا جهنم بڻجي پوي ٿي. عمل هڪ صراط مستقيم ڏانھن وٺي هلي ٿو ۽ ڪڏهن ساڳيو عمل کيس غلط واٽ ڏانھن گهلي وڃي ٿو. سچل سرمست اهي ٻئي صورتون ڏيکاريون آهن تہ انسان ڪنھن نيڪ عمل جي ڪري عالمِ بالا تي پھچي ٿو ۽ جيڪڏهن عمل ۾ ڪا ڪمزوري واقع ٿئي ٿي تہ انسان پاتال ۾ ڪري ٿو. سرمست انھيءَ منزل تي آهي، جيڪا کيس قدم قدم تي نئين منزل طرف وٺي وڃي ٿي ۽ کيس هر منزل تي نوان مشاهدا ڪرائي ٿي ۽ ڪنھن منزل تي هو هوش حواس وڃائي “انا الحق” جو نعرو بلند ڪري ٿو ۽ ڪٿي پنھنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪٿي ٻئي جھان ڦٽا ڪري، ٽيون جھان پيدا ڪري ٿو.
سچل سائين “تون هي تون” جي فلسفي جو وڏو مبلغ هو، جنھن مان سندس وحدت الوجود جو نظريو چٽيءَ طرح واضح آهي. هن تي ايراني بزرگ خواجہ فريد الدين عطار نيشاپوريءَ جو وڏو اثر هو، جنھن چيو آهي:
من خدايم من خدايم من خدا، نار غم از ڪينہ و ڪبر هوا
عطار اها هستي هو، جيڪو محبوب جي ڳولا ۾ پنهجنو وڏو ڪاروبار ترڪ ڪري، سالن جا سال جهنگلن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندو رهيو. عطار جي باري ۾ ڪن ماڻھن جو عقيدو آهي تہ ٽن صدين کانپوءِ منصور الحلاج جو روح عطار جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ عطار بہ منصور وانگر “ان الحق” جو نعرو بلند ڪيو، ۽ ان کي بہ صوفياءِ ڪرام جي صف ۾ اهو مرتبو عطا ٿيو، جيڪو منصور حلاج کي مليو هو. سچل سرمست خواجہ عطار کي سڀني بزرگن کان بلند سمجهندو هو، تنھن ڪري کيس پنھنجو روحاني مرشد سمجهندو هو، جيئن پنھنجي شعر ۾ سچل فرمايو آهي:
اي بادِ سبا، مون سان نيشاپور جي شھر جي
حقيقت بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ مان ان جي
ڌرتيءَ جي مٽيءَ تان پنھنجي جان ۽
پنھنجو جسم قربان ڪريان ٿو.
انھيءَ عشق ۽ محبت جي جوش ۽ ولولي سچل سرمست ۾ هڪ ڪيف ۽ مستي پيدا ڪئي هئي، جنھن کيس اهڙن نعرن تي مجبور ڪيو، جيڪي اهلِ شريعت جي آڏو الحاد جي ويجهو هئا. هن ڪنھن وقت پاڻ کي غلام بہ ڄاڻايو آهي. اها نزول جي منزل هئي، پر عروج وقت هن چيو:
ﷲ ﷲ ڇو چوين، پاڻ ئي ﷲ ڄاڻ
صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنھنجو تماشو
ڪافر مومن هڪڙو، “سچو” ٻوڙج ٻيائي
ٻانھو ڀانءِ م پاڻ، تون ئي مالڪ ملڪ جو.
سچل سائين جيتوڻيڪ شريعت جي باريڪين کان بخوبي واقف هو، پر مٿس تصوف جو وڏو اثر هو. هو صوفي بزرگن جو عاشق هو. هو سنائيءَ جو بہ وڏو مداح هو. سنائي فارسي شاعري جو قادر الڪلام شاعر هو. سچل سائين چيو آهي:
ما از پئي سنائي و عطار آمديم.
حڪيم سنائي هڪ بزرگ شاعر هو، جنھن سڀ ڪجهہ ترڪ ڪري گوشہ نشيني اختيار ڪئي هئي ۽ پيرين اگهاڙو شھر جي گهٽين ۽ بزارين ۾ گهمندو وتندو هو. سندس عزيز ۽ اقارب سندس اهڙي حالت زار ڏسي روئندا هئا. “حديقه” ۾ هن اهڙيون ڳالھيون لکيون آهن، جن تي عالمن اعتراض ڪندي سندس مخالفت ڪئي آهي. سنائي پھريون شاعر آهي، جنھن تصوف کي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي:
سچل سائين اهڙن بزرگن جي مڪتبهءِ خيال سان تعلق رکي ٿو، تنھن ڪري اهو ضروري آهي تہ مٿس اهڙن بزرگن جو اثر رهي ۽ انھيءَ هيٺ هن ڪيترائي غير شرعي ٻول ٻوليا آهن، جيئن:
ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناھہ، هر ڪنھن صورت آپ ﷲ
ڀول نہ ٻئي ڪنھن ڀل، تون تہ آدم ناهين
آهيان آءٌ اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون
نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار
منصوريءَ جي موج ۾، ٿو ان الحق الاسيان
مٿيان ڪلمات اهڙا آهن، جن کي شطحيات چئجي ٿو ۽ اصحاب شريعت لاءِ اهي قول اعتراض جوڳا آهن. پر درويش جي سرمستي کي ڇا چئجي، جيڪو پاڻ کي سڀڪجهہ سمجهي ٿو. هو جزي کي ڪُل ۾ جذب ڪري اهڙي بيھوشيءَ جي عالم ۾ پھچي وڃي ٿو، جو هو پاڻ کي ئي ڪل سمجهي ٿو. تصوف جي فلسفي جون پيچيدگيون سمجهڻ هڪ مشڪل امر آهي. تنھن ڪري اهڙي مسئلي جي پوري طرح ڄاڻ کان سواءِ ان تي ڳالھائڻ ڪا چڱي ڳالھہ نہ آهي. تصوف جون ڪيتريون ئي منزلون آهن ۽ صوفي درويش جا منزلن موجب درجا آهن. تنھن ڪري ان منزل ۽ درجي جو تعين ظاهري علم واري جي لاءِ ڏکيو آهي. منصور “انا الحق” چيو، سرمد ڪيترائي ڪافرانہ قول ڪيا، عطار “من خدايم” جو نعرو هنيو، جنھن منزل تي منصور پھتو ۽ هن سوريءَ جي سزا خوشيءَ سان قبول ڪئي. اها منزل سمجهہ کان ٻاهر آهي. اها منزل هئي، جنھن عطار جا پير ڦٽي وڌا، جنھن سنائيءَ کي تزڪيه نفس سيکاريو. ساڳيءَ ڳالھہ سچل سائينءَ کي دنيا کان ڪنارہ ڪش بڻايو هو ۽ پاڻ هڪ وڏي مجاهدي ۾ مصروف رهيو. اها سندس روحاني ڪيفيت هئي، جنھن کيس سچ کي ڳولڻ لاءِ آماده ڪيو. تنھن ڪري سچل سائينءَ جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ وسيع مطالعي کان سواءِ هوش ۽ عقل جي ضرورت آهي. شيخ اڪبر ابن عربيءَ جو عقيدو هو تہ “ڪجهہ بہ موجود نہ آهي سواءِ ﷲ جي”. امام غزالي نماز جي نيت ڪندو هو: “ڪافر ٿيس، جڻيو ٻڌم، ﷲ اڪبر” ابن عربي چيو آهي تہ “ڪنھن وقت ٻانھو بلاشڪ رب هوندو آهي ۽ ڪنھن وقت ٻانھو، ٻانھو هوندو آهي، ري بھتان! حضرت بو علي قلندر چيو آهي:
نمازي مي گذارم درخرابات، رڪوعي في سجودي تي قيامي
۽ سچل بہ ساڳئي نموني ۾ آلاپيو:
“منصوريءَ جي موج ۾، ٿو اناالحق الاسيان.”
مشاهير اسلام جي سلسلي ۾ اهڙي مشرب جي بزرگن جي هڪ ڊگهي لڙهي آهي، جن مان ڪيترن کي وڏي منزل نصيب ٿي آهي ۽ ڪيترن جا لاتعداد مريد ۽ معتقد آهن. پر انھن جا ڪلمات ڪنھن موقعي تي اهلِ شريعت لاءِ ڏاڍا ڏکيا آهن.
اها بہ هڪ حقيقت آهي تہ اهڙن بزرگن گهڻو ڪري پنھنجي ڪلمات کي ضايع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سچل سائينءَ لاءِ بہ مشھور آهي تہ هن پنھنجو ڪيترو ڪلام ساڙي ڇڏيو هو، پر سندس ڪي اشعار طالبن وٽ رهجي ويا، جيڪي اسان جي آڏو شطحيات طور پيش ٿيا آهن. ورنہ سچل سائين هڪ عابد، زاهد ۽ متشرع صوفي بزرگ هو، جنھن خدا جي سڀني بندن کي هڪ نظر سان ڏٺو ۽ انھن ۾ ڪو فرق نہ ڪيو.