لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

شاھہ جي شاعري ۾ اسلامي قدر

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ شاھہ عبداللطيف شريعت جو پورو پابند ۽ اسلامي نظريات جو هڪ وڏو شارح ٿي گذريو آهي ۽ سندس طريقہ ڪار، علم و عمل کي عروج تي پھچايو، جنھن ڪري هن جي ظاهري ۽ باطني زندگيءَ ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ ڪو نہ ٿو اچي. زهد و تقويٰ جي صفتن، حقيقتن جي معرفت ۽ وحدت وجودي وصفن کيس هڪ اعليٰ مقام بخشيو، سندس ڪلام جي هر بيت ۾ حقائق ربانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نٿو ملي. سندس شعر ۾ ﷲ تعاليٰ جي لاتعداد احسانن جو تفصيل سان بيان موجود آهي. شاھہ لطيف پھريائين موحد ۽ ان کانپوءِ سُخن فھم، هو. هو پھريائين عارف ۽ پوءِ سخن سنج هو. پھريائين سرزمين سنڌ جو هڪ وڏو مجدد هو ۽ ان کان پوءِ هڪ مفڪر هو. انھيءَ نموني هو پھريائين مسلمان، ۽ ان کان پوءِ شاعر هو. کيس قرآني آيات کان بخوبي واقفيت هئي ۽ حديث شريف جي رموز و نڪات جي کيس چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي. ولايت جو انحصار ٻن شين تي مبني آهي؛ هڪ ايمان ۽ ٻي تقويٰ. شاھہ صاحب جي زندگيءَ جي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ منجهس ايمان ڪامل سان گڏ، مڪمل تقويٰ موجود هئي، تنھن ڪري شاھہ صاحب پھريائين عارف بﷲ ۽ ان کانپوءِ عالم ۽ فاضل هو.
دين جو مکيہ ۽ اهم ترين جزو عقيدو آهي. جنھن جي ڪري دل ۽ زبان سان اقرار ڪرڻو آهي تہ ﷲ تعاليٰ ۽ رسول اڪرم جنھن چيز جي جھڙي نموني خبر ڏني سا بالڪل صحيح ۽ درست آهي. انھيءَ اقرار کان پوءِ اسلامي قدرن ۽ نظرين جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙن رجحانن جا لاتعداد مثال ملن ٿا، جن سان قلب جي صفائي ٿئي ٿي ۽ دماغ ۾ روشني پيدا ٿئي ٿي ۽ اسلامي قدرن جي وضاحت ٻڌڻ کانپوءِ معلومات حاصل ٿئي ٿي. حضرت جنيد فرمايو آهي تہ “انسان ذات تي ٻيا سڀ رستا بند ٿي ويا، سواءِ ان جي تہ هو رسول ﷲ صلي ﷲ عليه وسلم جي نقش قدم تي هلي” تنھن ڪري اطاعت رسول اڪرم هڪ لازمي اسلامي قدر آهي ۽ رسول جي ذات عالم ڪائنات لاءِ باعث رحمت آهي.
بھرحال رسالت جو مجموعي لوازمات سان اقرار ڪرڻ هڪ اهڙو اسلامي قدر آهي، جنھن کان سواءِ ٻئي ڪنھن بہ اسلامي نظريہ، ۽ رجحان يا قدر جي نشو و نما ٿيڻ ناممڪن آهي. شاھہ جي ڪلام ۾ قرآني حڪمتن جا اهڙا بي بھا خزانا موجود آهن، جن جي برڪت سان اسان شاھہ جي ڪلام ۾ اسلامي قدرن جي چڱي طرح تجزيو ڪري سگهون ٿا. بھرحال منھنجو موضوع جناب رسالت ماب جي رسالت متعلق آهي، تنھن ڪري منھنجو سمورو ڌيان انھي بنيادي ۽ اهم اسلامي قدر تي مرڪوز رهندو ۽ رسول اڪرم جن جي بعثت جو بيان پڻ ضروري ٿيندو. حضور جن فرمايو آهي تہ آءٌ “مڪارم الاخلاق” جي تڪميل جي لاءِ موڪليو ويو آهيان. اسان پنھنجي رهڻي ڪرڻي، معاملات ۽ افڪار جي پيش نظر پنھنجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ماحول بذات خود انسان جي رجحانات جي پيداوار ٿئي ٿو. اهي رجحانات سندس ڪردار جي تشڪيل جو سبب بڻجن ٿا. انسان جي ڪردار جي باعث اعمال جي بھتريءَ جي صورت پيدا ٿئي ٿي. اعمال ئي چڱو ۽ خراب ماحول پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر معاشري تي پوي ٿو ۽ معاشري جا افراد انھيءَ کان متاثر ٿين ٿا، تنھن ڪري هڪ بھتر معاشري کي پيدا ڪرڻ لاءِ اخلاق جي ضرورت آهي، جنھن جي وسيلي صحيح ڪردار جي تشڪيل ٿئي ٿي. جڏهن انسانيت هڪ انڌيري غار ۾ موت جو انتظار ڪري رهي هئي، انسانيت جي پٺيءَ تي ظلم ۽ تشدد جا تير وسڻ لڳا؛ جڏهن انساني دنيا مان اخلاق جا سڀ اقدار مٽجي ويا ۽ هر طرف جبر و استبداد جو سمنڊ موجزن هو، ان وقت:
“خاوند خاص خلقي محمد مڪائين،
ڪلمو تنھن ڪريم تي چٽو چايائين.”
ان وقت ڪنھن اهڙي طاقت جي ضرورت هئي، جا دنيا جي ظلم و ستم جو مقابلو ڪري، ان کي صفحہ هستي تان مٽائي انصاف و عدل، اخوت ۽ مساوات جون راهون هموار ڪري. انھيءَ ڪري ئي حضور اڪرم جن کي مبعوث ڪيو ويو. بعث جو بہ سبب اهو هو تہ “مڪارم الاخلاق” جي تڪميل ۽ انساني معاشرو، جو حيوانيت جي سطح تي پھچي چڪو هو، تنھن کي صحيح مقام تي پھچايو وڃي:
“انا مولاڪ و انت محبوبي” ايئن اتائين،
ڏکي ڏنائين ٻئي سرائون سيد چئي.
وجهہ تخليق نہ فقط دنيا جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ عمل ۾ آئي، پر آخرت کي سينگارڻ بہ مقصود هو. دنيا کي سينگارڻ لاءِ انساني ڪردار کي نظر ۾ رکڻو آهي، ڇاڪاڻ جو افراد جي ڪردار سان معاشري جي تشڪيل ٿئي ٿي ۽ معاشري کي بھتر بڻائڻ لاءِ اخلاقيات جي ترقي ۽ ترويج جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي:
“فڪر ڪن در رآھہ نيڪو خدمتي” يعني خدمت جو جذبو ئي انسانيت کي بام عروج تي پھچائي ٿو.
دور جاهليت جي تاريخي پس منظر کي ڏسي شاھہ جي فقط هڪ مصرع يعني: “تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجھان نينھن” تي غور ڪجي تہ رسول اڪرم جي حيات طيبہ جو هڪ صاف نقشو اکين آڏو اچي وڃي ٿو:
تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تُنھنجي،
فاذڪروني اذڪر ڪم“ تن ۾ اها تات
جي لاءِ بہ اطاعت رسول ضروري آهي. تڏهن تہ “خاوند خاص خلقي محمد مڪائين” ۽ محمد رسول ﷲ جو اچڻ انسانيت جي بھبودي ۽ بھتريءَ جو باعث بڻيو. جنھن رواداريءَ جو اهڙو درس ڏنو جو:
چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامھون.
انھيءَ نموني شاھہ لطيف دشمن کي دوست ۽ مخالف کي سڄڻ بڻايو آهي. هن گهر گهر ۾ انسان دوستيءَ جو پيغام پھچايو آهي. “ويڻ مَ ورائيج تہ سڀ در سھاڳي ٿئين”. نبوت جي مقام کي سمجهڻ لاءِ بہ رياضت، مجاهده، مڪاشفه ۽ مشاهده جي ضرورت آهي، جن جي ذريعي دنيا جي بتن کي ڊاهي هڪڙي ﷲ جي آڏو سر جهڪائي ٿو. تڏهن تہ شاھہ صاحب تعجب ۾ پڇي ٿو تہ:
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجھان نينھن،
تان تون وڃئو ڪيئين، نايين سر ٻين کي؟”
محمد صلعم کي مڃڻ کان پوءِ ڪنھن بہ غير ﷲ جي آڏو سر جهڪائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ محمد رسول ﷲ جي بعثي، اخلاق جي تڪميل لاءِ ۽ انساني معاشره جي بھتر تشڪيل لاءِ ٿي، تنھن ڪري اخلاق اسلام جو بنيادي قدر آهي. انھيءَ جو اقرار حضور جن پاڻ ڪرڻ فرمايو آهي، تنھن ڪري اخلاق، اسلام آهي ۽ اسلام اخلاق. “لا خوف عليهم و لا هم يحزنون” سچن ڪو نہ سور” حضور جن جي تعليم جي زير اثر هڪ اهڙو معاشرو قائم ٿيو، جنھن لاءِ شاھہ صاحب فرمايو تہ انھن لاءِ ڪو خوف نہ آهي ۽ نڪي هو ڏک ڏسندا يعني صحيح ڪردار جي پيدا ٿيڻ ڪري، سچن جو معاشرو بڻجي پيو، جن اخلاق جي قدر جي آبياري ڪئي، حضور مقبول جن جي اخلاقي نظريات، تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. دنيا ۾ پھريون دفعو مڪمل معاشرو وجود ۾ آيو، عدل و انصاف ۽ اخوت و مساوات، انسان دوستي ۽ همدرديءَ جو هڪ اهڙو منشور پيش ڪيو ويو، جنھن کي دنيا جي تاريخ ڪڏهن بہ فراموش نٿي ڪري سگهجي. اهڙن اخلاقي رجحانن جو شارح هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ هو، جنھن کي جاهليت جي زماني جي ماڻھن بہ “امين ۽ صديق” ڪري تسليم ڪيو، جنھن وقت امن و عافيت ۽ آزاديءَ جي دولت جو ڪو نشان بہ ڪو نہ هو، تڏهن:
محمد رسول چئي، مسلمان ٿئا،
عاشق عبداللطيف چوي، انھينءَ پھہ پيا.
انھن اهو رستو اختيار ڪيو، جنھن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ رسول اڪرم جن کي مبعوث ڪيو ويو، انھيءَ ڪري عدل و انصاف جو هڪ حقيقي روح قائم ٿيو. معاشري ۾ ڪنھن بہ ظلم و تشدد کي جاءِ ملي نہ سگهي، جنھن عربي ۽ عجميءَ جو فرق مٽائي ڇڏيو. هڪڙي انسان کي ٻئي انسان تي جيڪڏهن فضيلت آهي تہ فقط تقويٰ جي لحاظ کان، جنھن ڪري هر قسم جي عبوديت ۽ غلامي کان نجات حاصل ٿي. قرآن ڪريم بار بار تاڪيد ڪري فرمايو آهي تہ نبي اڪرم مڙني جهانن ۽ سڀني قومن جو رسول آهي، جنھن وٽ عرب ۽ غير عرب جي، ڪاري ۽ گوري جي ڪا تفريق ڪا نہ آهي. انھيءَ ڪري ئي رسول ﷲ خاتم النبيين سڏائڻ جا مستحق آهن. سندن رسالت ﷲ جي طرفان مبعوث رسالتن جي خاتم آهي، جنھن کان رنگ و نسل ۽ زبان جي اختلاف باوجود دنيا جي سڀني قومن جنھن نموني ماضيءَ ۾ هدايت ورتي. ساڳيءَ طرح قيامت تائين سڀني قومن جي لاءِ هدايت آهي. واضح رهي تہ سابقه پيغمبرن جون تمام صلاحيتون رسول اڪرم جن جي ذات گراميءَ ۾ هڪ هنڌ جمع ڪيون ويون.
اسلام، عقيدہ و ايمان، عبادات ۾ اخلاق بہ آهي ۽ معاملات به. عقيدو ۽ ايمان انسان ۾ اهو شعور پيدا ڪري ٿو تہ هڪ خالق ۽ رب آهي، جو بصير ۽ عليم آهي، يعني اول ﷲ عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي، قادر پنھنجي قدرت سين قائم آھہ قديم، جو ازل کان بہ اڳ آهي ۽ ابد کان پوءِ بہ قائم رهندو. هن کي پنھنجي قدرت آهي، جنھن تي هو قادر آهي، جنھن کان انسان جي ڪا بہ شئي پوشيده ڪا نہ آهي. سندس بارگاھہ مان نيڪ عملن جو چڱو صلو ملي ٿو ۽ خراب ڪمن لاءِ برو بدلو ملي ٿو:
“روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فھم،، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.”
اهڙو شعور ڪنھن صاحبِ ايمان ۽ عالم باعمل جي شخصيت جي تصوير پيش ڪري ٿو ۽ انھيءَ نموني ئي هڪ صحتمند معاشري جو بنياد قائم ٿئي ٿو. دنيا ۾ هر عمل جا ٻہ رخ ٿين ٿا؛ هڪ روحاني ٻيو مادي، جن جو تعلق عبادات ۽ معاملات سان هڪ جھڙو آهي. مادي خوشحاليءَ سان گڏ، روحاني تسڪين لاءِ ايثار و اخلاق جي ضرورت آهي. مخلوق سان سھڻو سلوڪ، اخلاقيات جو بنيادي پٿر آهي. سچائي، وعده وفائي، قناعت ۽ انصاف، صبر و شڪر جھڙا عناصر، اخلاقيات ۾ داخل آهن.
“الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم.”
وعده وفائيءَ جي ڪھڙي نہ سھڻي تصوير پيش ڪئي وئي آهي. اقرار ڪرڻ کانپوءِ عھد شڪني ڪھڙي نموني ممڪن ٿي سگهي ٿي. قناعت ۽ تسليم و رضا جي متعلق:
“سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
پٽولاپنھوار کي عمر آڇ مَ تون.”
دولت ۽ مال کين گمرآھہ ڪري نٿو سگهي ۽ هو پنھنجي فقيريءَ ۾ مگن آهن. انھيءَ نموني شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ اسلامي رجحان ۽ اقدار جا بجا پکڙيا پيا آهن، جن مان هڪ هڪ جي هڪڙي هڪڙي رجحان تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو تہ شاھہ لطيف هڪ عالم باعمل هو، جنھن جي تصوف عملي زندگيءَ جو سبق ڏنو آهي؛ جنھن روحانيت ۾ ماديت کي سموهيو آهي ۽ انسانيت جي هر طبقي جي ترجماني ڪئي آهي، جنھن ڪري هو اسلامي اقدار جي شارح سان گڏ هڪ اسلامي جمھور جو شاعر آهي.