سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ
هندستان جي ترقي پسند مصنفين جي جماعت جو بنياد لنڊن ۾ رکيو ويو. ولايت ۾، هندستاني شاگردن 1935ع ۾ ان جو منشور تيار ڪيو، جن جو مارڪسي نظرين سان تعلق هو. اهو منشور هندستان جي نوجوان اديبن ڏانھن موڪليو ويو، جن انھيءَ تحريڪ کي موثر بڻائڻ لاءِ هندستان جي مختلف خيال رکندڙ چوٽيءَ جي اديبن کي پڻ ان ۾ شامل ڪيو. پنجاب جي اديبن ان تحريڪ کي زور وٺايو ۽ پنجاب جي ڪن ممتاز سياستدانن پڻ ان تحريڪ جي حوصله افزائي ڪئي. 1937ع کان وٺي اها مھم پنجاب ۾ نھايت ڪامياب ٿي. 1937ع ۾ ڪانگريس جي لکنئو واري اجلاس جي زماني ۾ ترقي پسند مصنفين جي پڻ اتي هڪ اعليٰ پيماني تي ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ ڪانگريس جي سوشلسٽ نظريا رکندڙ گروھہ بہ شرڪت ڪئي. پنڊت نھروءَ بہ انھيءَ ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ ۽ ڪارڪردگيءَ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. لاهور ۾ تيار ٿيل مسودي کي ڪجهہ ترميمن ڪرڻ کانپوءِ بحال ڪيو ويو. ليڪن ڪانفرنس جي اختتام کان پوءِ “ترقي پسند” شاعريءَ جا ٻہ پھلو، عورت ۽ انقلاب عوام جي اڳيان ظاهر ٿيا، جنھن ڪري ڪجهہ ممتاز اديبن ان تحريڪ کان بيزاريءَ جو اظھار ڪيو. ان ترميم شدہ اعلان نامي ۾ مختلف نظريہ، فڪر جي اديبن کي شامل ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي ويئي هئي. انھيءَ ڪري ئي ان تحريڪ ملڪ کي متحدہ محاذ جو تصور ڏنو. ترقي پسند اديبن اردو ادب ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ اردو شاعريءَ جي هيئت، اسلوب ۽ فڪر ۾ ڪيترائي جاذب ۽ خوشگوار تجربا ڪيا، جن گهڻو ڪري ملڪ جي نئين نسل کي انتھائي طور متاثر ڪيو.
سال 1943ع ۾ سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي ان جو اثر قبول ڪيو. مان ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، ۽ اسان جي مختصر ادبي حلقي ۾ جديد ادب جو خاص مقام هو. اردو ادب جي جديد تخليقن ۽ تحريرن اسان تي ڪافي اثر ڇڏيو. نارائڻ شيام، ڏيارام منشاراماڻي ۽ شيخ اياز جي جديد ادب سان گهڻي دلچسپي هي ۽ اسان جي پوري سنگت جديد رجحانن جو بخوبي مطالعو ڪيو هو. اسان جديد ادب جو ڪافي ذخيرو ڪٺو ڪيو ۽ اسان جو گهڻو وقت ان نئين ادب جي بحث مباحثي ۾ گذرندو هو. ساڳئي سال اهل ذوق نوجوانن جي مدد سان ڪاليج ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” جو بنياد رکيو ويو. ان کان اڳ ڪاليج ۾ ڪا سنڌي ادبي جماعت ڪا نہ هئي، حالانڪه اردو ۽ گجراتي جماعتون ادبي سرگرمين ۾ پيش پيش هيون. “سرڪل” جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون ۽ اهي ڪچھريون نھايت خوشگوار ماحول ۾ هلنديون رهيون. انھيءَ نموني سنڌي ادب ۾ جدت پيدا ڪرڻ جو آغاز ٿيو. طالبات بہ انھيءَ تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو ۽ اهي “سرڪل” جون سرگرم ميمبرياڻيون بڻجي ميدان عمل ۾ آيون. اسان جو زور پنھنجي ماحول ۽ ماضيءَ جي معاشي ۽ معاشرتي ڪمزورين جي طرف رهيو ۽ “سامراج” جي خلاف ادبي جدوجھد جي تحريڪ جو آغاز ٿيو، جو ان کان اڳ سنڌ ۾ ناپيد هو. اهڙن نظرين تي هر سياسي مڪتبہ فڪر جي نوجوانن جو اتفاق هو. بداخلاقيءَ، فحاشيءَ ۽ عريانيءَ جھڙن موضوعن کان گهڻي قدر گريز ڪيو ويو، تنھن ڪري اسان جي نئين ادب جي آغاز وقت اهڙن رجحانن جي داخلا گهڻوڪري ممنوع رهي. جيئن تہ اها تحريڪ آمرانہ، سرمائيدارانہ ۽ جاگيردارانہ نظام جي خلاف هئي، تنھن ڪري هر طبقي انھيءَ ۾ حصو ورتو. اهو گويا سنڌي ادب جو پھريون متحدہ محاذ هو ۽ جديد صحتمند ادب پيدا ڪرڻ جي پھرين ڪوشش هئي. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي انھيءَ سرڪل جو صدر هو ۽ مان ان جو سيڪريٽري منتخب ٿيس. اها تحريڪ ڪاليج تائين محدود رهي.
سال 1945ع ۾ گوبند مالھي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ، “ترقي پسند مصنفين جي انجمن” جو بنياد رکيو ويو. گوبند مالھيءَ ان انجمن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ شاگردن جو سھارو ورتو.کيس اسان جي سنگت کان سواءِ ٻيو ڪو بہ نظر ڪو نہ آيو. ان انجمن ۾ ڪاليجي شاگردن ۽ استادن جي اڪثريت رهي. ان ۾ چار پنج غير ڪاليجي بہ هئا، جن جي ادبي حيثيت پڻ مشڪوڪ هئي. گوبند ۽ سوڀي ۾ خاطر خواھہ ادبي شعور هو. اسان جي ادبي گڏجاڻي هر جمعي تي مقرر ڪئي وئي ۽ اسان بلاناغي ان نشست ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بندر روڊ تي انھن جي آفيس ۾ پھچي ويندا هئاسين. جيتوڻيڪ گوبند، سوڀي ۽ ڪيرت وغيرہ جو مارڪسزم طرف لاڙو هو، تنھن هوندي بہ هنن ٻن سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن بہ پنھنجن نظرين کي اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪا نہ ڪئي. اياز ۽ شيام جو ڪانگريس ڏانھن لاڙو هو ۽ مان مسلم ليگي نظريي جو حامي هوس. اهڙيءَ طرح متضاد فڪر رکندر نوجوانن، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، جديد ادبي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هر ڪنھن کي سنڌيءَ ۾ صحتمند ادب پيدا ڪرڻ جو جنون هو. اڳتي هلي، 1947ع جي اوائل ۾ شيخ اياز شڪارپور مان “اڳتي قدم” رسالو جاري ڪيو، جنھن ۾ هن ظاهر ظھور مارڪسزم جي تائيد ڪئي ۽ جديد ادب کي سوشلزم جي اصولن تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڻ ساڻ ان رسالي ۾ هر پراڻيءَ روايت سان بغاوت جو سعيو ڪيو ويو. جيئن تہ سنڌ ملڪ هميشہ روحاني نظرين جو حامل رهيو آهي، تنھن ڪري هتي ماديت جي لاڙن کي گهٽ اهميت ڏني ويئي ۽ “اڳتي قدم” ۾ گهڻو ڪري انھن اديبن ۽ شاعرن حصو ورتو، جي ذهني طور روحانيت ڏانھن مائل هئا.
اسان 1947ع ۾ تعليم مڪمل ڪئي. تقسيم کانپوءِ ڪاليج ۾ نہ اسين رهياسين ۽ نہ وري “سنڌي ادبي سرڪل” ئي قائم رهي سگهيو. “انجمن ترقي پسند مصنفين” کي گوبند مالھيءَ ويڙهي سيڙهي ڀارت کڻي ويو. اياز جو “اڳتي قدم” هندن جي معاونت وڃائي، ننڍي وهيءَ ۾ ئي گذاري ويو. تقسيم کان وٺي سنڌي ادب تي هڪ جمود طاري ٿي ويو.
جديد ادب سان دلچسپي رکندڙ سنڌي نوجوان ترقي پسند تحريڪ جي اعلان نامي جي روح کان بخوبي واقف هئا، پر ذهني طور تي گهڻو ڪري صحتمند نظرين ۽ رجحانن جا حامي هئا، جن جي رڳ رڳ ۾ روايت جو عنصر غالب هو، هو شاھہ عبداللطيف جي تصوف، سچل جي سرمستيءَ، ساميءَ ۽ دلپت جي ويدانت جا قائل هئا. چار پنج سوشلسٽ نما نوجوان پنھنجي مسلڪ تي قائم رهيا. ادبي بحث مباحثي ۾ اهي گهڻو ڪري پس منظر ۾ رهندا آيا. يو پي، پنجاب ۽ بمبئي وغيرہ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي قيادت ڪميونسٽ عناصر جي هٿ ۾ رهي. ليڪن سنڌ ۾ انھيءَ انجمن جي مختلف صورت هئي. ڊاڪٽر سدارنگاڻي، پروفيسر ملڪاڻي ۽ نارائڻ شيام جي راين کي وزن هوندو هو، جن جو ذهني لاڙو تصوف، اخلاق ۽ روايتي شاعريءَ جي قدرن ڏانھن زيادہ مائل هو. ان زماني ۾ جيتوڻيڪ فحش نگاريءَ ۽ عريانيءَ منھن ڪڍيو، پر اهڙين تخليقن جي حوصلي افزائي نہ ٿي سگهي. تنھن ڪري سواءِ ٻن چئن ڪھاڻين جي ڪٿي بہ فحاشيءَ جو مظاهرو ٿي نہ سگهيو. اسان آزاديءَ جي جنگ لڙڻ لاءِ ادب کي اهم ۽ موثر هٿيار سمجهيو ۽ سرمائيداريءَ کي ملڪ جي تباهيءَ جو باعث سمجهيوسين. اسين مجموعي طور سامراجيت جي تشدد، سرمائيدارانہ نظام جي جبر ۽ استبداد ۽ غلط سلط روايات جي خلاف رهياسين. ان وقت جي جديد ادبي تخليقات ۾ ترقي پسند تحريڪ جي ٽن رجحانن جي تقليد ڪرڻ ۾ آئي:
(1)شاعريءَ ۾ رومانيت ۽ شعريت کي فراريت تي ترجيح ڏني ويئي،
(2) سياسي ۽ انقلابي حرڪات کي چٽيءَ طرح واضح ڪري پيش ڪيو ويو، ۽
(3) شاعريءَ ۾ ابھام کان وڌيڪ اشاريت تي زور ڏنو ويو.
مون “سنڌي ادبي سرڪل” جي زير اهتمام، 1945ع ۾ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو، جنھن ۾ سنڌيءَ جي شروعاتي “جديد ادب” جو بھترين نمونو پيش ڪيو ويو ۽ کيس فرسوده ۽ بي معنيٰ روايتي انداز کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت ڪاغذ جي قلت ۽ ڇپائيءَ تي پابنديءَ سبب سنڌي سرڪل ڪو وڌيڪ اشاعتي منصوبو تيار ڪري نہ سگهيو. زماني جي حالتن جي اثر هيٺ، شاعريءَ جو مزاج بہ تبديل ٿيندو رهندو آهي ۽ روايت بدلجي سدلجي سھڻو روپ اختيار ڪندي آهي. اهڙا اهڃاڻ ان ڪتاب ۾ موجود آهن. آءٌ ان ڪتاب جي شعري حصي جو مختصر ذڪر ڪريان ٿو.
شيخ اياز جي نظم “او باغي” ۾ آزاديءَ جو جوش ۽ هڪ نيڪ ولولو ڪارفرما آهي. هر ڪو ذي هو ش، آزاد طبع ۽ باشعور انسان غلاميءَ، سامراجي ظلم ۽ استبداد کان نجات حاصل ڪرڻ جي تمنا رکي ٿو، ۽ اياز ۾ اهڙو جذبو ڪارفرما نظر ايندو:
جنتا جا سينا سانباهي، سر اوچا
صف صف مان ٺاهي،
نڪرو ها جي لاهي پاهي،
ڪير جهلي ها پرواھہ ناهي،
چت ۾ چڻنگ لائي جنھن سا،
هار بہ جيت برابر آهي،
سج جو تاءُ ٻپھريءَ تائين،
پر اي دوست، متان گهٻرائين!
هر مڪتبئہ خيال جي ماڻھن اهڙي نظم کي پسند ڪيو. ان زماني ۾ هر جماعت غلاميءَ ۽ فرنگي تسلط کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري ڪئي هئي. ڪانگريس بہ خوش، اشتراڪي بہ راضي، ۽ ليگي بہ مطمئن، برصغير ۾ ڪيترين جاين تي بلوا ٿيا هئا. بعض اوقات شدت پسنديءَ کي پڻ اختيارڪيو ويو.
شيام ان وقت پنھنجي مخصوص انداز ۾ سامراج جي ناقابل برداشت بي انصافين جو نھايت سنجيدگيءَ ۽ احتياط سان ذڪر ڪيو آهي. شيام وٽ حقيقت نگاري آهي. هو نعره بازيءَ جو قائل نہ آهي. ادب هڪ لطيف ۽ جاذب چيز آهي، جنھن کي حسين اسلوب ۾ پيش ڪرڻ شيام جي وڏي ڪاميابي رهي آهي. سندس سانيٽ جي هڪ شعر مان شاعريءَ جو حسن ۽ سندس مطمح نظر جي وضاحت ٿئي ٿي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سانيٽ جو رواج شيام کان شروع ٿئي ٿو:
ڀڃو هڪ نہ پر سڀ تارازيون،
جي تورن سپت جي بجا پاءَ سير،
ٿين تن جون برباد سڀ سازشون،
ڏيڻ جي نہ پر جن کي ميڙڻ جي هير،
فقيرن جو ڪشڪول خالي جتي،
نہ ملڪ ۾ ڪا بہ ڪوڏي بچي.
شيام ڪھڙي نہ دلچسپ نموني ملڪ جي حالت کان آگاھہ ڪيو آهي. نھايت سادگيءَ سان هڪ وڏي حقيقت جو اظھار ڪيو اٿس، سندس متوازن شخصيت “جديد سنڌي شاعريءَ” کي رونق بخشي آهي، جنھن ۾ اخلاقي معيار کي پڻ بلند رکيو ويو آهي. حالات ۽ واقعات جي پيش نظر، منھنجو بہ هڪ نظم ان مجموعي ۾ شامل آهي:
ڪو گيت اٿي اڄ ڳاءِ دنيا جي محبت ۾،
جو توکي بہ ڀڙڪائي، جون مون کي بہ تڙڦائي،
جذبات کي ڦڙڪائي ۽ خون کي گرمائي،
انسان کي شرمائي، هن دور مصيبت ۾،
ڪنھن تار کي ڇيڙي،
ڪو ساز وڄائي ڳاءِ.
اسان جو دوست نعيم صديقي ڊي جي ڪاليج جي سائنس فيڪلٽيءَ جو طالب علم هو. هو هڪ سلجهيل ذهن جو مالڪ هو. سندس ڪلام ۾ ڪا بہ منجهيل ترڪيب ۽ ڪو بہ ثقيل لفظ نظر نہ ايندو. سندس شعر مان سادگي ۽ شائستگي ظاهر آهي. سندس نظم “پڇڙ تارا” مان هڪ شعر پيش ڪريان ٿو:
بي راھہ روي ۽ گمراهي، سمجهن ٿا ان کي آگاهي،
رک بہ نہ رهندي، هاءِ تباهي،
بار الاهي آخر ڇاهي،
پنھنجيءَ ئي پستيءَ جا اشارا،
هو پڇڙ تارا!
رواني نموني “نعيم” واقعيت کان آگاھہ ڪيو آهي. ان کان سواءِ پڇڙ تارن جي خاصيت ۽ ان وقت جي معاشري تي نظر وجهي، پنھنجي تاثرات کي شعر ۾ سمائڻ، شاعر جي وڏي خوبي آهي. ابھام کان سواءِ اشاريت جو هڪ بھترين نمونو آهي.
مس سندري اتمچنداڻي اسان جي سرڪل جي سرگرم ڪارڪن هئي. هن جديد شاعر کي خطاب ڪندي چيو آهي:
چپ چاپ ويھي ڇيڙين تون،
ساز زندگيءَ جو،
ٿيو لفظ لفظ تنھنجو آواز
زندگيءَ جو.
اسان جو نوخيز ۽ جوشيلو ميمبر، لعل درياڻي، سنڌيءَ جي ممتاز شاعر هري دلگير جو ڀاءُ آهي. هن جو گيت “او بيقرار دل!” اسان جي حلقي ۾ نھايت مقبول هو.
تنھنجي خيالن جي دنيا کي ڪيئن ڪوئي سمجهي سگهندو
تنھنجي دک جو ورتن، ڪو دل وارو ڪيئن سھي سگهندو،
هو ڪين ٻڌي سگهندو، ڪو ڪين سھي سگهندو
ٻيو گيت ٻڌاءِ، او بيقرار دل!
آهستي ڳاءِ.....
ايئن نہ آهي تہ شروعاتي سنڌي شاعريءَ ۾ اسان غزل کي عام ترقي پسندن وانگر جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. اياز، شيام ۽ سڳن عاصي جا ان دور جا غزل وڏي اهميت رکن ٿا. هٿان غزل جي صنف ۾ فڪر ۽ فن جي لحاظ کان دلپسند تجربا ڪيا ويا. ان وقت ئي نامناسب فارسي لوازمات کي سنڌي شاعريءَ مان خارج ڪرڻ جي مھم شروع ٿي. “گل و بلبل”، “جام و مينا”، “رقيب ۽ واعظ” وغيرہ جھڙن لفظن کي اصطلاحي لباس پھرائي، انھن کان خاطر خواھہ ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اهڙن لفظن جي لغوي معنيٰ ڦري ويئي. فرسوده ۽ فرضي تجربن، تشبيھن ۽ استعارن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سڳن عاصيءَ جي غزل جو هڪ شعر پيش ڪريان ٿو:
زندگي خواب آ ۽ موت خيال،
خواب ۾ چئو خيال ڪير ڪري.
مٿين مثالن مان ظاهر ٿيندو تہ نئين سنڌي شاعريءَ کي زندگيءَ جي صحتمند اقدار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هر شاعر نھايت خلوص ۽ سادگيءَ سان جذبات جو اظھار ڪندي، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين پيغام جو آغاز ڪيو آهي. فڪر، موضوع ۽ هيئت جي لحاظ کان 1943ع کان اڳ مروج سنڌي شاعريءَ ۽ هن نئين شاعريءَ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيو ويندو. جديد شاعري مان ظاهر ٿيندو تہ موضوع سنئون سنواٽو بيان ڪيو ويو آهي، سليس ۽ مختصر لفظن کان اهم ڪم ورتو ويو آهي، ۽ فن ۽ فڪر جي رابطي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. لارينس جي ابھام، جنسيات، هالو چالو نظام کان بيزاريءَ جي تصورات لاءِ سنڌ جي سرزمين زرخيز نظر نہ آئي. ادب برائي زندگي جيتوڻيڪ ادب جو اصول بڻجي چڪو هو، ليڪن ان ۾ گهڻو ڪري بي راه رويءَ کان احتراز ڪرڻ ۾ آيو.
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جديد سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جو درجو رکي ٿو، ۽ جديد ادب کي مٿين تاثرات جي روشنيءَ ۾ پرکڻ گهرجي. هر قدم تي صحتمند رجحانن جي جهلڪ نظر ايندي. انھيءَ مجموعي ۾ شاعريءَ کان علاوہ مقالا ۽ ڪھاڻيون بہ موجود آهن، جن تي ڪنھن ٻيءَ فرصت ۾ تبصرو ڪيو ويندو.
سال 1947ع جي آغاز ۾ شيخ اياز شڪارپور مان هڪ رسالو “اڳتي قدم” جي نالي سان جاري ڪيو، ان کان ڪجهہ مھينا اڳ گوبند مالھيءَ “انجمن ترقي پسند مصنفين” پاران “پرھہ ڦٽي” نالي سان نئين ادب تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو، جنھن ۾ بہ گهڻو ڪري ساڳين اديبن حصو ورتو، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.
اياز جي انتھائي ڪوشش جي باوجود “اڳتي قدم” رسالو خالص ترقي پسند نہ بڻجي سگهيو. انھيءَ ۾ شڪ نہ آهي تہ هاري ۽ مزدور جھڙن موضوعن کي جديد ادب ۾ هڪ وڏو مقام حاصل هو، ليڪن اهو منصوبو معاشي حالت کي بھتر بڻائڻ لاءِ هو، جنھن ۾ اشتراڪي نظريي جو ڪو شائبو ڪو نہ هو. اياز ان وقت “بختاور هارياڻيءَ” کي پنھنجي نظم جو موضوع بڻايو.
عائشہ جي سربلنديءَ جو قسم، راڻي هئي،
هيءَ نہ هارياڻي هئي، سو سر جهڪائيندا هلو.
مٿئين رسالي ۾ بعض اردو شاعرن جا باغيانہ خيال منظوم ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا. ليڪن سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجي مخصوص مزاج ۽ خمير ڪري بغاوت جو جذبو ڏسڻ ۾ ڪو نہ آيو. هو اخلاقي دائري کان ٻاهر نڪري نہ سگهيا. انھيءَ ۾ شڪ نہ آهي تہ هري دلگير، کيئلداس فاني، روشن آرا ۽ لطف ﷲ بدوي، وغيرہ ۾ طبقاتي ڪشمڪش جو احساس موجود هو، ليڪن منجهن اشتراڪي روح ڪو نہ هو. تنھن هوندي بہ سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ هڪ وڏو تغير نمايان ٿيو. “اڳتي قدم” مان ڪجهہ اقتباسات پيش ڪريان ٿو:
اچ، اچ تہ مقدر بدلايون،
اچ، اچ تہ نئين جڳ جو ڳايون،
ٺڪراءِ انھيءَ کي جو روڪي،
گهٻراءِ نہ، اچ سينو ٺوڪي.
ان وقت جو ڪو بہ پختہ ذهن شاعر بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو، فقط معاشري جي عڪاسي ڪرڻ ۽ طبقاتي ڪشمڪش جي تصوير پيش ڪرڻ لاءِ تيار هو.
خوشامد برآمد جي اڄ ٿي حڪومت،
سفارش کي آهي مسيحائي طاقت،
نہ گهرجي حقيقت نہ پو ڪا صداقت،
غريبت نہ پڇ آھہ جنسي مصيبت.
هري دلگير پنھنجي هيٺين خيال تي اڪتفا ڪئي آهي:
ڪن نرڌن نارين جي ٽولي،
پٽ تي پکڙي خالي جهولي،
بيک مڱڻ جي ٻولن ٻولي،
وڪڻن جيون روپ پيار،
ڪير لھي نرڌن جي سار؟
روشن آرا، خليل جبران جو نظم، سنڌي شعر جي لباس ۾ پيش ڪيو، جنھن ۾ زندگيءَ جي “نشيب و فراز” جي تصوير نظر اچي ٿي.
نئين ادب کي موثر بنائڻ لاءِ کيئلداس فانيءَ جي ڪوشش بہ ڪن حقائق جي طرف مائل رهي آهي ۽ منجهس جديد شاعريءَ جو رنگ موجود آهي. سندس مشھور نظم “پھريدار” مان هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:
تون جاڳين، پر سيٺ ستل آ بي فڪرو بنگلن ۾،
تنھنجي جان خريدي رپين ويھن يا ڪن ٽيھن ۾
سيٺ سمھيو سڀ چنتا لاهي، تو وٽ ڦر جو ڦرنو آهي،
وھہ تنھنجو ويچار، مال پرائي تي ٿو بڻجين سر سھسائڻ هار.
منھنجو هڪ آزاد نظم پڻ “اڳتي قدم” ۾ شامل ڪيو ويو، جو غالبن سنڌي شاعريءَ ۾ پھريون فني تجربو آهي:
هي تو آواز ٻڌو،
ڪنھن جي آشفتہ سريءَ جو آواز،
آ هلي هيڏي تون، آ منھنجي قريب،
هو ڏٺئي سامھون جو آ قصر بلند،
ڪنھن تونگر جو اهو آھہ محل،
مون کي هن مان ٿي اچي خون جي بوءِ،
جنھن جي بنياد ۾ مزدور جو گوشت،
جنھن ۾ مفلس جو لھو!
اهڙي نموني سنڌي ادب ۾ جدت پسند رجحانات جو رواج پيو، ۽ ان جو پھريون دور نھايت شاندار نموني ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ختم ٿيو. 1948ع کان 1952ع تائين سنڌي ادب تي هڪ جمود طاري رهيو. اسان جي نئين ادب جو ٻيو باب 1952ع کان شروع ٿئي ٿو، جنھن تي بہ هڪ تفصيلي مقالي جي ضرورت آهي. ڪنھن وقت ان کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
(ماهوار نئين زندگي مارچ 1970ع تان ورتل)