لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾ (حصو ٻيو)

اردو ادب گهڻي حد تائين صرف ادب برائي ادب تائين محدود رهيو. انھيءَ نظريہ، جي علمبردارن، ادب ۽ فن کي محض تفريح جي لاءِ مخصوص رکيو. اردو غزل جي شڪل صورت، خيال ۽ فڪر هندوستان جي تخيل جو عڪس چئي نٿو سگهجي، ليڪن ان کي جيڪڏهن ايراني تخيل جي پيداوار چئجي تہ بيجا نہ ٿيندو. ايراني ماحول، ايراني مزاج ۽ ايراني رنگ ۽ روپ اردو غزل جي جان آهن. جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي مقامي رنگ جي بوءِ جو شائبو بہ ڪين آهي، ليڪن سنڌي شاعري گهڻو ڪري ان جي برعڪس آهي. قاضي قاضن جي شاعري کان وٺي، دوهي جي شاعري جي اڄوڪي دور تائين، سنڌي شاعريءَ ۾ جا بجا مقامي جهلڪيون نظر اينديون، جيئن تہ انھي شاعري ۾ هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان هنديت کي قبول ڪيو ويو هو، اهڙي طرح مضمون کي مقامي حالات جي پٽاندر هڪ اصولي ۽ فطرتي صورت ڏني وئي. اڳتي هلي سنڌي شاعري، فارسي هيئت ۽ صورت کي قبول ڪيو ۽ ان فن جي اصولن مطابق طبع آزمائي ڪئي. صورت قبول ڪرڻ سان انھيءَ فن کي پنھنجي اظھار خيال لاءِ آله ڪار بڻايو، ليڪن مواد کي پنھنجي اصلي ۽ مقامي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انھيءَ علم عروض جي شاعري ۾ اڻويھين صدي جي آخري پنجن ڏهاڪن ۽ ويھين صديءَ جي پھرين ٻن ڏهاڪن ۾ مقامي رنگ پنھنجي پوري عروج تي ظاهر ٿيو، غزل ۾ تعزل بہ قائم رهيو، زندگيءَ جي معاملات جون جهلڪيون بہ نظر آيون. ان بعد غزل ڪجهہ غلط سلط ٿيڻ لڳو. اردو جنھن صورت ۽ شڪل، فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان ايراني اثر کي قبول ڪيو هو، ان جو اثر سنڌي شاعريءَ تي پوڻ لڳو ۽ بعض سنڌي شاعرن جو گهڻو ڪري سمورو ڪلام اردو نما فن جو نقل بڻجي پيو.

خليفو گل
خليفي گل جي شاعريءَ جي باري ۾ هن کان اڳ مختلف موضوعن تي بحث ڪيو اٿم. اڄ گل جي شاعريءَ ۾ سماجي زندگيءَ جو جائزو وٺڻو آهي. هر زبان جي شاعريءَ ۾ خوآھہ اها اصلي هجي يا نقلي ان ۾ سماجي زندگيءَ جي جهلڪ نظر ايندي آهي. ڪنھن جاءِ تي ان ۾ ڪافي زور ۽ اثر هوندو آهي ۽ ڪٿي ڪمزور ۽ ضعيف بي جان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. وقت جي ماحول جو اثر ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ ظاهر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ شاعر ان کي بادل نخواستہ پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي. غزل جي دنيا ۾ بہ اهڙا واقعا سرزد ٿيندا آهن، ليڪن انھن جي طاقت گهٽ هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو غزل جي حسن ڪاري زور سان اڀري هڪ نمايان صورت اختيار ڪري ظاهر ٿيندي آهي، سنڌي شاعري جو غزل انھيءَ ڏس ۾ بہ پوئتي پيل ڪين آهي. جيئن تہ منھنجي پيش نظر هن وقت گل جو غزل آهي، ان جي ڪلام مان ڪجهہ اهڙا مثال پيش ڪريان ٿو، جيتوڻيڪ گل جي ثقيل رديفن ۽ نامانوس ۽ دقيق لفظن جي ڪري ڪن دوستن کي گل جو غزل گهٽ پسند ايندو آهي، ليڪن ان جي مواد جي جانداريءَ کان انڪار ڪرڻ گويا حقيقت کان انحراف ڪرڻ آهي
ٿيو سرتيا سنگي ساڄا ڪريو واڄٽ کڙا واڄا
تتا تون چئو ويھي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
خوشي ۽ شاديءَ ملھائڻ لاءِ پنھنجي مقامي سازيندڙن جي خوبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ شرناءِ ۽ آواز انھيءَ ساز جي نالي وٺڻ کان سواءِ انھيءَ جي سر جي آهنگ ۽ لئي جو اشارو ڪيو ويو آهي. انھيءَ نموني شعر ۾ ترنم قائم رکي هڪ خوبي سان حسن پيدا ڪيو ويو آهي. سرناءِ هڪ مقامي ساز آهي، جنھن جو رواج قديم زماني کان وٺي هن ملڪ جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي ۽ خوشي ۽ شاديءَ جو واڄو آهي.
ڪي سوداگر راتو ڏينھان منجهہ وٺڻ وڪڻڻ خراب،
ڪوڙ دنيا جا ڪٿي اي دل، ڪنھن آيا ويا.
مٿئين شعر ۾ روحاني تمثيل کان سواءِ ملڪ جي سوداگرن جي عام خريد و فروخت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي پنھنجي زندگيءَ جو سمورو وقت ڪوڙ، ڪپت جي خريد فروخت ۾ وڃائين ٿا. هن زماني ۾ زندگي بہ هڪ سودو آهي، جنھن کي وڪڻجي ۽ وٺجي ٿو.
مهتن ۾ ملا پڙهڻ مسئلا
واسين هندو بتن جا ڏيرا.
وقت جي ملن ۽ مولوين جي مصروفيت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جو هو مسجدن ۾ ويھي درس و تدريس ۾ مشغول رهن ٿا. مسجد اسلامي دنيا ۾ هڪ وڏو ادارو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ يونيورسٽين جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ بہ بنيادي ابتدائي تعليم جو انحصار بہ مسجدن جي احاطه ۾ پئي رهيو آهي. هتي خليفہ گل، مسلمانن ۽ هندن جي مختلف ڪارڪردگين جو ذڪر ڪري انھن جي ڀيٽ ڪئي آهي. مسلمان مسجدن ۾، عالمن سان فقہ، احاديث ۽ قرآن جي مسئلن تي بحث ڪري رهيا آهن تہ هوڏانھن هندو پنھنجي مذهب موجب ٺڪاڻن ۾ لوبان وغيرہ جي خوشبوءِ سان پنھنجي ديوين ۽ ديوتائن کي واسيندا رهن ٿا.
جي پليتن ڪيا پري پر تان سڏي
پير ڪيا تو پاڪ پاڪيزا نجيب.
خليفہ گل اوليا ﷲ ۽ بزرگن جي روشن ضميري جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ مقابلتا “پيري مريدي” جو سلسلو ڪجهہ زوردار هلندو رهيو آهي ۽ پير جي معنيٰ ئي گويا روشن ضمير آهي. پير جي صحت ۾ رشد و هدايت کان ڪيترا گهٽ درجي وارا انسان بھره ور ٿي ويا. روحاني صفائي لاءِ هن ملڪ ۾ مرشد جو وڏو حصو آهي، جنھن کي گل پنھنجي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي، جنھن مان ملڪ جي پيري مريدي جي رواج جو هڪ پس منظر ملي ٿو:
ڪپھہ سٽ ٿيو سٽ ڦري ٿيو ڪپڙ
ڪپڙ مان ٿيا پٽڪا ۽ پير هن پوت.
ڪپھہ جي پوک جو ذڪر ان کان پوءِ ڪپھہ مان سٽ ٺاهڻ ۽ سٽ مان ڪپڙو جوڙڻ ڏيکاري ٿو تہ ملڪ ۾ خام مال موجود آهي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪاريگر بہ موجود آهن، جيڪي مختلف نمونن جا خوب صورت ڪپڙا تيار ڪن ٿا.
ڇا پيرهن ۽ انگرکو سٿڻ ۽ جتي
محبوب تنھنجا مڙيئي لٽا رنگ لعل سرخ.
مٿئين شعر ۾ وقت جي مقابلي لباس جو ذڪر اچي ٿو، جنھن مان ظاهر ٿيندو تہ مٿيون لباس اسان جي ملڪ جو ڪري ليکيو ويندو هو، جنھن جو عام رواج هو، جو هينئر انگريزي تھذيب جي اثر جي ڪري ڪجهہ گهٽجي ويو آهي ۽ ظاهر آهي تہ گل جي محبوب جو لباس مرداڻو آهي. محبوب جو ذڪر هجڻ فارسي شاعري جي تقليد آهي.
تنھنجو آهيان پير پازي آءٌ پيو تنھنجي پلاند،
رات ڏينھن دک درد دل ۾ وره تنھنجي کان نہ واند.
مرشد سان عقيدت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ بہ مون ملڪ جي “پيري مريدي” جو ذڪر ڪيو آهي، هي شعر بہ انھيءَ نظريہ، جي هڪ ڪڙي آهي.
وس چرئو ٿا ٿيڻ سکئا سانگي
مال تنجا ڪرين ٽاڙون ٽاڏ.
ملڪ جي جانورن جي خوشي ۽ خوشحالي جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ چوپائي مال جي تنومندي ۽ خوشحالي جي ڪري ان ملڪ جي ماڻھن جي اجتماعي حالت تي جيڪي اثر پوندو سو ظاهر آهي.
پائي پيرن ۾ گهنگهرو نورا
ڇم ڇم ڇم ڇنن ڪري گهڻگهور.
ڪھڙو نہ سھڻو منظر پيش ڪيو ويو آهي، ڪھڙي دل پسند تشبيھہ آهي تہ خوشي جي موقعي تي جڏهن گهنگهرو ۽ نورا ٻڌي ناچ ڪيو وڃي ٿو تہ ڄڻ آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي وڃن ٿا ۽ انھي ناچ جو آواز ڄڻ ساوڻ جي موسم ۾ برسات جي ڇم ڇم جھڙو دلپسند سريلو آواز بڻجي پوي ٿو.
ڇوڙ مڪڙي بيھہ مَ وٺ رس جوان رڙھہ
هير جي ساڄي لڳي کڻ جلد سڙھہ.
مھراڻ ۾ ٻيڙي وهائڻ لاءِ ميربحر کي هدايت ڪرڻ ۾ آئي آهي ۽ مھراڻ ۾ سلامتي سان ٻيڙي هلائڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.
پوٽڙيون مصحف مٿي آهين پوش
پڙهيا قبرن مٿي پيرن جي پڙ.
هن مان ظاهر آهي تہ مٿين شين کي فقط متبرڪ سمجهيو ويو آهي، جنھن ڪري قرآن جي شان ريشمي رومال وڌا وڃن ٿا ۽ پيرن جي قبرن کي ريشمي قيمتي چادرن سان ڍڪيو ٿو وڃي. ليڪن عمل کي نظرانداز ڪيو وٿو وڃي. نہ قرآن جي احڪامن تي عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ نہ وري انھن بزرگن جي گذريل زندگي کي پنھنجي زندگي لاءِ “مشعل راھہ” بڻايو ٿو وڃي. هن مان ملڪ جي ماڻھن جي دماغي افزائش جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

بيدل
بيدل جي ڪلام تي جامع ۽ مڪمل بحث سنڌ جي محقق عالم سيد عبدالحسين شاھہ موسوي “ديوان بيدل” ۾ ڪيو آهي، بھرحال جيڪي منھنجا تاثرات آهن، انھن کي مان پنھنجي طور و طريقي سان پيش ڪريان ٿو. منھنجي موضوع جو واسطو خاص سنڌي شاعريءَ سان آهي، تنھن ڪري مان “بيدل” جي سرائڪي، اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي ڪنھن بہ حصي تي بحث نٿو ڪريان.
سنڌ جي سرزمين شروع کان وٺي روحاني شاعريءَ لاءِ زرخيز آهي ۽ سنڌ جي عوام جو ذهني نشو نما اهڙي نموني ٿيو آهي، جو ان هر قدم تي اهڙي نظرياتي شاعريءَ جو استقبال ڪيو آهي، تنھن ڪري اهڙي شاعريءَ گذريل چند صدين ۾ فروغ حاصل ڪيو. ظاهر آهي تہ هندي شاعري جو اثر سنڌ جي طبقي، فني ۽ ذهني طور قبول ڪيو آهي. بيدل بہ پنھنجي عظيم متقدمين جي تقليد ڪئي آهي ۽ سندس شاعري سنڌ جي روحاني شاعريءَ جو آخري باب آهي، جيڪو اهڙي قسم جي شاعري جي مڙني لازمات سان سينگاريل آهي ۽ ان کان پوءِ انھيءَ سلسلي ۾ جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنھن کي مڪمل ڪاميابي نصيب ڪا نہ ٿي آهي ۽ بعض وقت تہ اهڙي شاعري برائي شاعري ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ خلوص ۽ صداقت جو معمولي عنصر بہ نظر ڪين ٿو اچي. اهڙي بي جان ۽ بيسود شاعري محض ماڻھن جي جذبات سان کيڏڻ جي برابر آهي.
سنڌ جو صوفي طبقو هڪ ئي سلسلي ۾ منسلڪ رهيو آهي، تنھن ڪري شروع کان ٺي آخر تائين سندس خلوص ۽ صداقت تي ڪڏهن بہ ڪا انگشت نمائي تہ ٿي سگهي آهي. برعڪس ان جي ايران ۾ ڪنھن زماني صوفي بزرگ بي شمار سلسلن ۽ حصن ۾ ورهائجي ويا هئا تنھن ڪري صوفي لفظ جو وقار ۽ عظمت گهٽجي وئي هئي ۽ صوفي، رياڪار جي معنيٰ ۾ مستعمل ٿيڻ لڳو هو. سنڌ جي قديم شاعري تصنع ۽ تڪلف کان آزاد رهي آهي تنھن ڪري بيدل جي شاعري بہ حقائق جي تصوير آهي، جنھن ۾ ڪٿي بہ مصنوعي منزل نظر نٿي اچي. سنڌي بيت ۽ ڪافي شاعر جي آتم ڪھاڻي آهن، جنھن مان شاعر جي ڪردار،نظريي، جذبات ۽ عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اها ئي پاڪيزہ شاعريءَ جي نشاني آهي. بيدل سنڌ جي عظيم شاعر ۽ صوفي بزرگ سچل جو مداح ۽ معتقد آهي. کيس سندس ممدوح جي وطن ۾ عشق جو عجب اسرار نظر اچي ٿو. بيدل جي ڪلام ۾ جذبات جو اظھار ظاهر آهي ۽ سندس آتم ڪھاڻي جو بيان آهي. بيدل جي دل ۽ دماغ تي جيڪا ڪيفيت گذري ٿي ان جي تصوير سندس ڪلام ۾ موجود آهي. روح تي ، جنھن واردات جو اثر ٿئي ٿو، تنھن جو بيان آهي ۽ باطني وجود جي اندر گرفتار ٿي وڃي ٿو. فاضل مولف بيدل جي سنڌي ڪلام کي ستن صنفن ۾ ورهايو آهي. مان معنوي لحاظ کان ۽ فني صورتن جي مدنظر بيدل جي بيت ۽ ڪافي تي، مختصر بحث ڪندس.
اوائلي ۽ قديم سنڌي شاعريءَ تي هندي ٽيڪنيڪ جو زيادہ ۽ هندي جي خيالات جو گهٽ اثر پيو آهي . تصوف جو نظريو اسلام جي سائي هيٺ پليو ۽ اسريو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جو اوائلي دور انھيءَ نظرئي کان متاثر ٿيوآهي. بيدل جي ڪلام ۾ “فلسفو ۽ تصوف” ئي هڪ اهڙو موضوع آهي، جو سندس سموري ڪلام تي ڇانيل آهي. بيدل جي بيتن جي ساخت هندي بحر جي مرهون منت آهي. جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسي الفاظ کان ۽ قرآني آيتون ۽ عربي مقولا سندس ڪلام ۾ ڪثرت سان موجود آهن، پر تڏهن بہ ڪن ڪن جاين تي هندي الفاظ ۽ هندي اصطلاح استعمال ڪيا ويا آهن، جنھن ڪري هندي تخيل کي يڪلخت رد ڪري ڇڏڻ درست ڪين ٿيندو، ڪجهہ مثال پيش ڪريان ٿو:
پو ستاسين مسام، پورب سنڌ پنڌ ۾
نانگن جو نعرو، لنگهيو ويو نوکنڊ کون
...................
هم مرين تہ گرو مري، دولھہ مارن دم
ريھيءَ ري دائم، حاضر هن هر هاءِ تي

اسلوب بيان هندي، ۽ لفظن جو آهي، ليڪن معنوي لحاظ کان غور ڪبو تہ موضوع صوفيانو آهي. جنھن کي هندو شاعرن ويدانتي نظريہ، ۾ سمائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. اهو ظاهر آهي تہ هندي لفظن اصطلاحن جي استعمال ڪرڻ سببان هندي شاعريءَ جو نقش اڀري اچي ٿو، ليڪن سندس اصليت پنھنجي جاءِ تي قائم آهي. بيدل هڪ صوفي شاعر هو، جنھن اسلامي تصوف جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪيو هو ۽ پنھنجن نظرين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ شاعري جي صنف کي اختيار ڪيو هو. هن موضوع ۽ اسلوب جي لحاظ کان پنھنجي متقدمين جي تقليد ڪئي هئي ۽ هو اڻويھين صدي جو هڪ ڪامياب شاعر ٿي گذريو آهي ۽ پنھنجي خيال موجب صوفيانہ صحيح نظريات جي عالمن جي ڦلواري جو بيدل آخري گل هو، جنھن جو نعرو ڪيترن صحت مند عناصر تي مبني آهي، جن مان انسان دوستي ۽ فراخ نظري مکيہ عناصر آهن.
ڪافين ۾ ڪن جاين تي بيدل هندي شاعريءَ جو تتبع ڪندي پاڻ کي سنڌي صوفي شاعرن وانگر عورت بڻائي مرد محبوب کي خطاب ڪيو آهي ۽ هندي شاعريءَ وانگر پنھنجو حال، محرم بہ عورت کي ئي بڻايو آهي، ٻہ مثال پيش ڪري ختم ٿو ڪريان:
“پري کان پروڙ هيءَ پرايم جيڏيون”
“ويندس نا تہ مري موٽج دوست مئي جا”

آخوند قاسم
اسان جي شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم صنفون گڏوگڏ هلنديون آيون آهن ۽ انھن جي لاڙن جو پاڻ ۾ قريبي رشتو آهي، تنھن ڪري اهي سنڌي شاعري جي تصوير جا ٻہ رخ آهن ۽ ڪنھن بہ هڪ کي نظرانداز ڪرڻ گريز آهي. البتہ منھنجو هن موضوع ۾ جديد شاعري ڏانھن نسبتن ڪجهہ خاص توجھہ رهندو. خليفي “گل” جي ڪلام سان اسان جي جديد شاعريءَ جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ سنڌي ادب جي انقلاب جو دور شروع ٿئي ٿو. تنھن ڪري مون گل جي ڪلام کي واضح ڪرڻ جي حتي الوسع ڪوشش ڪئي آهي، پر منھنجو بحث اڃا ڪجهہ تشنہ ۽ نامڪمل آهي ۽ ڪيترائي سوال منھنجي دماغ ۾ بار بار اڀري رهيا آهن، ليڪن آءٌ جواب ڏيڻ کان قاصر رهجي ويو آهيان. اميد تہ ڪوئي دوست منھنجي نظريات جي مدنظر انھن سوالن کي ذهن ۾ آڻي جوابن هٿ ڪرڻ جي تحقيق ڪندو.
گل کان پوءِ اسان جي جديد شاعريءَ ۾ آخوند قاسم جو نالو اچي ٿو. قاسم جي ديوان جي مطالعي کان پوءِ اهو سمجهيم تہ قاسم جي ڪلام جي هيئت مواد، اسلوب جي مدنظر تمھيدي بحث ڪري پوءِ ڪلام جي خوبين ۽ خامين جو تجزيو پيش ڪريان. قاسم جو ڪلام غزل جي بناوٽ ۽ شڪل ۽ صورت ۾ شايع ٿيو آهي. جنھن لاءِ صوري اعتبار کان صوري لوازم ۽ خصوصيات جي ڄاڻ بہ ضروري آهي.
غزل ۾ هڪ ئي وزن ۽ هڪ ئي قافيہ جا ڪجهہ اشعار ٿيندا آهن. پھرين شعر جون ٻئي مصرعون هم قافيہ هونديون آهن، جنھن کي مطلع چئبو آهي. اشعار جو تعداد ٽن کان پنجآھہ تائين ٿيندو آهي. شعر جي مٿين صنف جذبات، شباب يعني حسن و عشق جي مضامين لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي ۽ اهو ئي غزل جو خاص امتياز آهي. ليڪن سنڌي شاعري ۾ جيئن مون خليفي گل جي شاعري تي بحث ڪندي سندس غزل کي ڪيترن ئي موضوعن ۾ تقسيم ڪيو آهي، تنھن ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جو بنياد مختلف مضامين تي تيار ٿيو آهي ۽ اهڙي شروعات جو سهرو خليفي گل جي سر آهي.
سنڌي تذڪرہ نويسن پنھنجي خوش فھم،ي جو ثبوت پيش ڪندي قاسم جي غزل کي مختلف مضامين ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ليڪن مون ان ۾ برعڪس راءِ قائم ڪئي آهي ۽ ڪنھن نتيجي پھتو آهيان. قاسم هڪ غزل گو شاعر هو، جنھن جديد صنف شاعري کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻايو آهي. قاسم قديم صنف شاعري ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي آهي، ليڪن اها جديد شاعري جي ڪثير مقدار ڪري دٻجي ويئي آهي. تنھن ڪري آءٌ قاسم جي ديوان جي شاعري متعلق گفتگو ڪندس. قاسم جي شاعري صوري لحاظ کان نج غزل جي شاعري آهي، جنھن ۾ گهڻو تڻو حسن و عشق جو عنصر غالب ۽ ڪارفرما آهي. جنھن ۾ نہ تصوف آهي ۽ نہ ڪا حقيقت نگاري، سيرت نگاري يا منظر نگاري جو بہ فقدان آهي. گهڻو ڪري اخلاقي مضمون کي نظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنھن کي انھيءَ دور جو هر سنڌي شاعر پنھنجو اخلاقي فرض سمجهندو هو.
غزل ۾ غنائي شاعري جو غلبو رهندو آهي. حسن و عشق جي داخلي جذبات ۽ قلبي واردات جي بيان ۽ غنا جي رعايت جو خيال ڪيو ويندو آهي. غنائي شاعري انساني فطرت جي جذباتي پھلوئن سان زيادہ تعلق رکي ٿي ۽ سندس پرجوش جذبات ئي طبيعت ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿين ٿا. لئي ۽ وزن، خيال جي غنائي شاعري جا بنيادي عنصر آهن. قاسم کان اڳ گل جي شاعريءَ ۾ بہ غنا جو عنصر ملي ٿو، ليڪن ڪيترن جاين تي سندس نامانوس متروڪ ۽ ثقيل الفاظ ۽ قافيا غنائيت کي ختم ڪيو ڇڏين ٿا. قاسم انھيءَ ڏس ۾ زيادہ احتياط رکيو آهي ۽ هن زبان، بحر، قافيہ ۽ موضوع کي سليقي سان استعمال ڪري سنڌ کي غزل ۽ غنائي شاعري سان روشناس ڪرايو آهي. جيئن تہ قاسم، گل جو اجتماع ڪيو آهي، تنھن ڪري سندس شعر غزل جي بنيادي خصوصيات کان خالي ڪين آهي، جيتوڻيڪ قاسم سنڌي غزل کي ترقي ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ليڪن ايترو اعتراف ضرور ڪبو تہ قاسم غزل کي پنھنجي جاءِ تي رکڻ ۾ ڪاميابي ضرور حاصل ڪئي آهي. قاسم جي غزل ۾ جيتوڻيڪ فڪر گهٽ آهي، پر منجهس سادگي، گهرائي ۽ اثر ضرور آهي، جيڪي غزل جون بنيادي خوبيون آهن. گل جھڙو دماغ قاسم وٽ ڪو نہ هو، جنھن ڪري خيالات، موضوعات ۽ مضامين جو اضافو ڪين ٿيو. قاسم وٽ رسمي مضامين، جيڪي غزل جي شاعريءَ ۾ صدين کان رائج ٿي چڪا هئا، سي موجود آهن، ليڪن تن سان گڏ اهڙا اشعار بہ ملن ٿا، جيڪي ذاتي واردات ۽ واقعات تي مبني آهن. عشق پرستي شوق و وصال، محبوب جي بيوفائي وغيرہ سڀ شامل آهن. ٻئي طرف ڪجهہ عالمانہ ۽ عارفانہ مضامين بہ موجود آهن. الاهي عشق، رسول مقبول سان محبت، شريعت تي عمل جو تاڪيد، گناهن جو اعتراف ۽ توبھہ ۽ معافي جي اميد، علم جو حصول ۽ ڪٿي ڪٿي نغمي ۽ اثبات جي چاشني وغيرہ اهڙي قسم جا مضامين آهن.
قاسم جي مضامين جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. سندس شاعريءَ جو گهڻو حصو “شاعرانہ صناعي” جو نمونو آهي، جنھن ۾ جذبات، ڪيفيات ۽ احساسات جو عنصر آهي ۽ ڪاريگريءَ جو حصو زيادہ آهي، جنھن ڪري عروض، فني اصول، صحت زبان جو خيال رکيو ويو آهي، ليڪن تفڪر ۽ تخيل جي گهٽتائي آهي. تنھن ڪري سندس ڪلام ۾ آمد گهٽ ۽ آورد زيادہ ڪار فرما آهي ۽ سندس شعري آرٽ بلڪل سڌو سادو آهي. قاسم جو معاشرتي ۽ معاشي ماحول سازگار هو، جنھن ڪري سندس طبيعت سوز گداز کان آزاد هئي، مٿس سياسي انقلاب جو اثر بہ خير ڪي ڏسجي ٿو.
عشق ۽ عاشقي جي ڪيفيات ۽ واردات جو جائزو هيٺين چند منتخب اشعار مان وٺي سگهجي ٿو. انھيءَ جائزي کان پوءِ اسان سندس عشقيہ شاعري جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگهون:
جي امانت عشق جي آڻين بجا
حشر ۾ تن تي نہ هوندو ڪو عذاب.
مٿين شعر ۾ ڪھڙي نہ سادگي آهي ۽ حقيقت جو اظھار بيساختہ ڪيل ٿو ڏسجي. ڪٿي بہ تصنع جو شائبو نٿو ملي. شعر جي پاڪيزگي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. فيصلي جو قطعي طور انڪشاف شاعر جي مستحڪم آزادي جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڪو سندئي محب مور ناهي مٽ
چآھہ وارا ڪرين هزارين چٽ.
محبوب جي تعريف مختلف لفظن ۾ ڪئي وئي آهي. مصرع ثاني ۾ محبوب جي حسن جي بيان سان گڏ سندن ڪارڪردگي جو ذڪر شگفتہ پيرايي ۾ ڪيل آهي.
هيج سان هلجي يگاني يار وٽ
دوست دلبر دل گهري دلدار وٽ
دل جي ڪيفيت جو اظھار آهي. اسلوب بيان ۾ ڪنھن بہ قسم جي بناوٽ ڪا نہ آهي. سادگيءَ سان دوست جي خصوصيت جو بيان ۽ قاسم جو هيج سان هلڻ جو انداز ڪھڙو نہ دلنشين نظر اچي ٿو.
نہ ڄاڻن نشو نينھن جو، لاءِ تن
ڪري پُر پيالو پيارڻ عبث.
بي ذوق ۽ بي حس انسان، محبت ۽ عشق جي لذت کان ناآشنا آهي. سندس دل ۾ درد ئي ڪو نہ آهي. اهڙي ماڻھوءَ تي محنت ڪرڻ اجائي آهي.
زلف تنھنجي زهد وارن کان نيو
صبر جو سامان ساري الغياث.
شاعر، زاهدن جي صبر استقلال ڏانھن اشارو ڪندي، محبوب جي زلف رسا جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ سادي ۽ صاف پيرايي ۾ ڪنھن وڏي حادثي جو انڪشاف ڪيو آهي.
عرض ڪريان وٽ عجيبن عجز سان
پت پرين پنھنجي نہ پارڻ آهي پاپ.
اظھار بيساختگي، شاعر جي عظمت جي دلالت آهي. عاجزي ۽ انڪساري سان عرض ڪندي بہ قاسم پنھنجي محبوب کي وعده خلافي جي نتيجي کان آگاھہ ڪري ٿو.
ساڻ مون ڪا مھرباني يار ڪج
گوش رک، گوشو ڪنا اغيار ڪج.
صنعت حرفي جي استعمال ڪرڻ سان قاسم پنھنجي شعرن ۾ فصاحت جو روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. ننڍي بحر ۾ قاسم وٽ غنائي شاعري جا ڪيترائي خوبصورت مثال موجود آهن.
اوچتو منھنجن اکين مان آب تيئن جاري رهي
جيئن پوي ڪنھن ويل وهندڙ واھہ کي ڪو کاٻ کنڊ.
جدائي جي ڪيفيت جي ردعمل جو اظھار ۽ انھن لاءِ سنڌي تشبيھہ گهڙڻ شاعر جي ڪاميابي آهن.
دوست ديرو جڏهن ڪيم دل ۾
تات ان جي لڳيم تمام لذيذ
سادو خيال، سادن لفظن جي ويس ۾ هڪ دلڪش ڪيفيت جو اظھار بڻجي پوي ٿو. قاسم جا چند اشعار تفريح طبع لاءِ پيش ڪريان ٿو.
هل هيئن سان حبيب ڏي هر بار،
ڪم اچين ڪين قاصدائي ڪار.
رات هاتف اهو ڏنم آواز
ناز وارن سندو وڃي ڏس ناز
نہ ڄاڻان يار ملندن يا نہ ملندم
طب تڪرار کان آءٌ ڪيئن ڪريان بس
صبحدم بلبل ڪيا سورن سماع
گل ڇڏي گوندر ويو ويلي وداع
حسن تنھنجي ڪيا ھمہ حيران
محب مشفق مروارون ماڻ
پرت جو پير پاڻ پائين ٿو پوءِ وري محب منھن لڪائين ٿو
پيءُ پيالو پريت جو پريم اڄ گهڻا گهور ساڻ گهائين ٿو.
مندرجہ: بالا اشعار ۾ لفظن جي سادگي ۽ مضامين جي پاڪيزگي شاعر جي اعليٰ ڪردار جي ضمانت آهي، ليڪن چند اشعار مٿين دعويٰ کي ڪن عام دوست حضرات جي نظر ۾ شڪ جو شڪار بڻائين ٿا. جن مان ڪجهہ شعر هيٺ ڏجن ٿا.
منجهہ اندر آيوم غيرت جو غبار
يار کي ويندڙ ڏسي اغيار وٽ
رقيبن سان رکي ٿو رمز توڻي
ڏسڻ ديدار کان آءٌ ڪيئن ڪريان بس
نہ پت آهي پيمان شڪن يار تي
تہ ڪاذب سندس پڻ قسم ٿو ڏسان
قاسم جو يار ڪير هو، ان جي خبر پئجي نٿي، اها بہ خبر نٿي پوي تہ مرد هو يا عورت، جيڪڏهن قاسم فارسي شاعريءَ جو اتباع ڪيو آهي تہ ٿي سگهي ٿو تہ شايد سندس محبوب مذڪر هجي ۽ مٿس هنديت جي اثر ڪري مونث ٿي سگهي ٿو.
ٽين صورت ۾ شاعر جي ذهن ۾ فقط تصوراتي محبوب هجي ۽ قاسم کي بنھہ ڪنھن سان محبت ئي ڪا نہ هجي ۽ هن محبت کي فقط سخن جو موضوع بڻايو هجي.بھرحال مٿين شعر ۾ قاسم جو يار اغيار وٽ وڃي ٿو ۽ قاسم تي غيرت جو غبار غالب ٿي وڃي ٿو پر وري قاسم ساڳئي واقعي جو ٻئي نموني ذڪر ڪري ٿو، سندس محبوب رقيبن سان رمز رکي ٿو ۽ شاعر جي غيرت جو غبار سرد پئجي وڃي ٿو ۽ محبوب جي انھيءَ قدم تي ڪو اعتراض نٿو ڪري ۽ پنھنجي دل جي خواهش جو اظھار ڪري ٿو، جيڪا محبوب جي ديدار لاءِ کيس آماده ڪري رهي آهي ۽ هو ديدار تي ئي قانع رهي ٿو انھيءَ ڪري ئي مٿس ناڪامي ۽ مايوسي جي واردات ئي ڪانہ گذري آهي ۽ هو هر چيز برداشت ڪري ٿو.
آخري شعر ۾ محبوب جي شڪايت ۾ قاسم هڪ قدم اڳتي وڌي ويو آهي، گهڻو ڪري شاعرن پنھنجي محبوب جي وعده شڪني جو ذڪر وقتن فوقتن پئي ڪيو آهي، ليڪن قاسم کي پنھنجي يار جي قسم تي بہ اعتبار ڪين آهي. شايد سندس محبوب ۾ قسم بہ ڪوڙو ثابت ٿيو آهي، منھنجي مٿين جائزي مان معلوم ٿيندو تہ قاسم وٽ فڪر گهٽ آهي، جنھن ڪري مضامين جي بہ گهٽتائي آهي. محبوب جي ذڪر سان گڏ رقيب کي پيدا ڪرڻ هڪ شاعري روايت آهي. ٿي سگهي ٿو تہ قاسم جو محبوب بہ خيالي هجي ۽ رقيب بہ خيالي!
گل اسان جي جديد سنڌي شاعري جو پھريون پٿر رکيو، تنھن ڪري جو جديد شاعريءَ جي تحريڪ جو باني آهي. آخر گل ايئن ڇو ڪيو ۽ هن متقدمين جي ٽيڪنڪ کي يڪلختہ نظر انداز ڇو ڪيو. انھيءَ جا ڪھڙا اسباب هئا. فارسي تہ هن سرزمين تي ايامن کان وٺي رائج هئي فارسي ٽيڪنڪ کان سنڌ جو تعليم يافتہ چڱيءَ طرح واقف هو. اصلوڪي اسلوب بيان ۾ ڪھڙي قيامت هئي. اهي سڀ ڳالھيون تحقيق آهن.
بھرحال آخوند قاسم اهڙي شاعريءَ جي بنياد جو ٻيو پٿر نصب ڪيو ۽ اسان جي شاعريءَ جو موجودہ محل انھيءَ بنياد تي تعمير ڪيو ويو آهي، تنھن ڪري قاسم بہ سنڌي ادب جي هڪ محسن جي حيثيت رکي ٿو. بيان جي سادگي ۽ زبان جي شائستگي، قاسم وٽ زيادہ آهي. قاسم سنڌي ٻوليءَ جي آبياري ڪئي آهي، ليڪن سندس اشعار سندس زندگيءَ جي صحيح تصوير پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

مصري شاھہ
ڪافيءَ جي صنف جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون ڏٺيون اٿم. کوجنا ڪندڙن پنھنجي پنھنجي مذاق، مطابق خيال آرايون يا قياس آرائيون ڪيون آهن. ڪنھن ڪافي جي بنياد ۽ ڪافي جي رواج جي باري ۾ بيان ڪندي شيخ لاڏجيو کي نائين صدي هجري ۾ ڪافيءَ جو ڳائڻو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڪافيءَ کي سنگيت جي صورت ۾ تسليم ڪرڻ تہ پنھنجي جاءِ تي درست آهي، جا قديم صنف موسيقي آهي، ليڪن خبر نٿي پئجي سگهي تہ ڪافي کي مٿين روايت موجب صنف شاعري جي ڪھڙي صورت ۽ ڪھڙي هيئيت هئي.
ٻي روايت ٻن عربي لفظن “ڪفه” ۽ “استڪفوا” تي انحصار رکي ٿي. آخر انھيءَ سنجيدہ، ۽ نج سنڌي صنف شاعري جي نالي تجويز ڪرڻ لاءِ دقيق عربي لفظن جي امداد جي ضرورت، ڇو ۽ ڪيئن محسوس ڪئي وئي؟ جڏهن بيت، ڏوهيڙو، دوهو، وائي، سلوڪ وغيرہ جھڙا نالا ڪافيءَ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن تي آويزان ٿي چڪا هئا. ڪٿي تہ ڪافي شاعريءَ جي ڪفايت شعاري جي مفھو،م سان منسوب ڪئي وئي آهي. ٻيون بہ گهڻيئي روايتون آهن. آخر ۾ آءٌ تازه ترين روايت جو ذڪر ڪري پنھنجي موضوع جي طرف وڌندس.
روايت آهي تہ ڪافي جي عمارت قافيہ جي سنگ بنياد تي تعمير ڪئي ويئي آهي. قافيو هر سنڌي صنف شاعري جي وجود ۾ اچڻ کان ئي موجود آهي. “قوافي” بہ عربي لفظ آهي، فارسي ۾ مستعار ڪيو ويو. روايت ۾ ڪو اهڙو دليل ۽ ثبوت موجود ڪين آهي، جنھن جي باري اهڙي بيان جي تصديق ڪري سگهجي.
قرشت وارو “ق” ڦري ڪلمن وارو “ڪ” آخر ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو. بھرحال ڪافي، ڪافي آهي ۽ سنڌي مزاج ۽ سنڌي تھذيب و تمدن جي تصوير ۽ آئينو آهي ۽ اها صنف شاعري اسان جو قومي ترانو آهي. اسان جو قومي ورثو ۽ اسان وٽ ثقافتي ۽ قومي امانت آهي، جنھن جو روح ۽ مزاج اسان جي عڪاسي ڪري ٿو. جنھن زمين جي اسان جي بزرگن پنھنجي پگهر ۽ رت سان آبياري ڪئي آهي ۽ انھن جي جسم و جان ۾ خلوص و محبت ۽ سوز و گداز، ايمانداري ۽ پاڪيزگي هئي. اڄ ڪلھہ تہ هر ڪو ڪافي گر ۽ ڪافي نواز آهي.
فني لحاظ کان “ڪافي” وائي جي ارتقائي صورت آهي. راڳ کي رس وٺائڻ لاءِ شاعرن وائي صنف جي صورت تي نوان نوان تجربا ڪري ڪافي وجود ۾ آندي ۽ جڏهن وائيءَ سندن مزاج ۽ تقاضا موجب مڪمل صورت اختيار ڪئي تہ ڪافيءَ جي صنف بنجي پئي.
ميان صاحبڏني فاروقيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي عنوان سان ڪجهہ شعري تخليقون ملن ٿيون. انھيءَ زماني ۾ بلھا شاھہ جي ڪافين جو عروج هو ۽ اهي ڪافيون سنڌ ۾ مقبول ۽ عام طرح رائج هيون ۽ اڄ تائين نھايت شوق سان ٻڌيون ۽ پسند ڪيون وينديون.
بھرحال مون کي سائين مصري شاھہ جي ڪلام جو جائزو پيش ڪرڻو آهي، جنھن ڪافيءَ جي صنف ۾ هيئت جي لحاظ کان ڪيترائي ڪامياب ۽ خوبصورت تجربا ڪيا آهن.
سنڌ جي بزرگ شاعرن ازلي پيغام پھچائڻ جو فرض پاڻ تي هموار ڪيو ۽ مصري شاھہ بہ اهڙن شاعرن جي ڦلواري جو هڪ رنگين ۽ خوشنما گل آهي، تنھن ڪري سندس ڪلام گهڻو تڻو انھيءَ هڪ ئي مرڪزي خيال جي محور تي ڦرندو رهيو آهي، جنھن جي متن ۽ مضمون تي اڳتي هلي بحث ڪندس.
مصري شاھہ جي ڪافين ۾ هڪ پنھنجو انوکو رنگ ۽ ڍنگ نظر اچي ٿو. هيئت جي لحاظ کان هن ڪيترائي خوب صورت تجربا ڪيا آهن. سندس دور علم عروض جي شاعري جو دور هو، ليڪن صوفي شاعرن عمومن ڇند وديا، ٽيڪنڪ کي پنھنجي جذبات ۽ تاثرات جي اظھار لاءِ هڪ موزون ۽ مناسب ذريعو سمجهيو آهي، جيئن تصوف جي اصولن جي بيان ۽ صوفي عقيدي جي تبليغ لاءِ شروع کان وٺي هندي ٽيڪنڪ کي ڪارآمد ۽ موثر وسيلو سمجهيو ويو آهي، تنھن ڪري انھيءَ مڪتبهءِ فڪر جي هر شاعر انھيءَ ٽيڪنڪ ۾ طبع آزمائي پئي ڪئي آهي ۽ سنڌي لفظن کي موزون صورت ڏيڻ لاءِ کين وزن ۾ ماپائڻ لاءِ انھن شاعرن انھيءَ فن سان گڏ فن موسيقي کي وڌيڪ ڪارگر حسب حال ۽ حسب مذاق سمجهيو آهي.
جيتوڻيڪ مصري شاھہ جي شاعري ۾ فارسي لفظن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، جن لاءِ علم عروض جي ڪنھن بہ بحر کي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهجي ها، ليڪن قديم رسم ۽ رواج کان گريز ڪرڻ شاھہ صاحب بہ ناگزير ۽ نامناسب سمجهيو آهي. مصري شاھہ ڪافيءَ جي صنف کي مختلف صورتن ۾ آزمايو آهي. سندس ڪيتريون ڪافيون غزل نما آهن. هن ۾ لب و لھجو ۽ لفظن جو جڙاءُ فارسي ترڪيبن جو استعمال ، محبوب سان روح رهاڻ وغيرہ غزل جي اسلوب ۽ تخيل جي مشابہ آهن، ليڪن مصرعن جي ساخت کين غزل کان مختلف بڻائي ڇڏي ٿي، ڪن ڪافين ۾ تہ سواءِ ٿل جي باقي سموري ڪافي غزل جي لوازمات جي پابند آهي، تنھن ڪري ٿل جي جداگانہ صورت، کيس غزل جي صنف کان ڪجهہ مختلف بڻائي ڇڏي ٿي، ليڪن منجهن تغزل جو روح موجود آهي. سندس ڪنھن ڪافي ۾ ٿل جي مصرع ۾ ٻہ جدا ڪافيه آهن ۽ ٿل کان پوءِ بيت ۾ ٻہ مڪمل مصرعون آهن، جن مان پھرين مصرع ۾ ٻہ ٻہ جدا مختلف قافيا رکيل ۽ ٻي مصرع جي پھرين پد جو قافيو ٿل جي پھرين پد جي قافيہ سان ۽ مصرع جي ٻئي پد جو قافيو ٿل جي ٻئي پد جي ڪافي سان مقفيٰ آهي ۽ ڪنھن ڪافي کي تہ علم عروض جي ننڍڙي بحر تي ٻڌو ويو آهي. ٿل جي صورت هوبھو غزل جي مطلع جي آهي، ليڪن بيتن ۾ مصرعن جي تعداد جو اضافو ۽ قافين جي ترتيب کيس هڪ نظم جي صورت ڏيئي ٿي، پر خيال، فڪر ۽ نظريي جي لحاظ کان نظم جي حلقي ۾ شامل ٿي نٿي سگهي.
گهڻو ڪري ڪافين جي ساخت فن موسيقيءَ جي بنياد تي قائم آهي، جنھن ۾ هندي علم شاعري جو خيال گهٽ رکيو ويو آهي.ڪافين جي دفعي هيٺ مصري شاھہ جا ڪيترائي غزل موجود آهن ۽ اهي سڀ اشعار هم وزن، هم قافيہ ۽ هم رديف آهن. منجهن هڪ خصوصيت بلڪل واضح طور ظاهر آهي، جنھن موجب هڪ شعر جو ٻئي شعر سان ربط قائم ٿي ويو آهي، جيڪا شاعر جي نفسياتي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿي. اردو غزل جي اشعار ۾ بي ربطگي ۽ انتشار نظر ايندو. اردو شاعرن، ترقي پسند دور جي شروعات ۾ غزل ۾ باهمي ربط ۽ يڪ رنگي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي اثر هيٺ ڪيترائي مسلسل غزل لکيا ويا ليڪن کين ڪاميابي گهٽ نظر ائي ۽ هو وري پنھنجي قديم رسم و رواج ڏانھن واپس وريا، ليڪن سنڌي غزل جي بنيادي شاعرن وٽ اهڙا مثال عام جام آهن، جنھن جي تقليد ۽ تتبع بعض متاخرين بہ ڪيو آهي. مصري شاھہ جي غزل بہ اهڙا مثال موجود آهن. اها جيتوڻيڪ غزل جي ڪاميابي جي ڪا سند تہ ڪا نہ آهي، ليڪن هڪ چيز ضرور آهي، جنھن ۾ خود مختارانہ پنھنجائپ جو عنصر زيادہ غالب آهي ۽ اردو شاعري جي انڌي تقليد نہ آهي.
غزل جي لاءِ چيو ويو آهي تہ ان ۾ بالعموم جذبات کي ئي نظم ڪيو ويندو آهي پر سنڌي شاعرن غزل ۾ هر مضمون کي پنھنجو موضوع بڻايو آهي. پنھنجي ماحول جي پيش نظر “گل” جا ڪيترائي غزل موجود آهن. مصري شاھہ جي غزل ۾ هر قسم جو مضمون موجود آهي، دنيا جي بي ثباتي، انسان جي مجبوري، محبت، فلسفہ، تصوف وغيرہ اهڙا موضوع آهن، جي بلخصوص عشقيہ موضوع کان مختلف آهن. مضمون ڪھڙو بہ هجي، ليڪن اسلوب ۾ تبديلي نہ هجڻ گهرجي . اهڙي تبديلي کي مستحق قرار ڏنو ويو آهي، جن شعرن ۾ اسلوب جي تبديلي ڪئي ويندي آهي ۽ مضمونن جي لحاظ کان خالص غزل جي مخصوص ۽ بنيادي اصولن سان ٺهڪي اچن ٿا، تن کي مون ڪافي جي صنف ۾ شامل ڪيو آهي، ورنہ مصري شاھہ جو ڪلام غزل جو حصو سڀني صنفن جي مقابلي ۾ زيادہ ٿي پوي ها.
مصري شاھہ صاحب جي زماني ۾ ڪيترائي غزل گو شاعر موجود هئا. خليفي “گل” جو ديوان ڇپجي چڪو هو. قاسم، فاضل، گدا وغيرہ غزل جي زمين جي آبياري ڪري رهيا هئا. هندوستان ۾ بہ اردو غزل گو شعراءِ جو رنگين دور هو، جنھن ڪري مصري شاھہ پنھنجي اهڙي ماحول جي اثر کان الڳ رهي نٿي سگهيو ۽ سندس قوت پرواز ۽ قومي جذبات کيس انھيءَ صنف ڏانھن رجوع ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو آهي. ڏسڻ ۾اچي ٿو تہ مصري شاھہ صاحب جي چوگرد سنگيت جي فضا بہ قائم هئي. تنھنڪري مصري شاھہ جو ڪلام هيئت ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي ۽ غزل جو سھڻو امتزاج بڻجي پيو آهي. سندس ڪلام نھايت سنجيدو ۽ وڻندڙ آهي، جنھن ۾ دنيا جي بي ثباتي، خودي ۽ نفس پرستي کان ڪنارہ ڪشي، نڀاڳ جي ننڊ مان سجاڳي، شاعر جي پنھنجي ماڳ ڏانھن روانگي وغيرہ سان گڏ حسن و عشق جون وارداتون، سوزگداز جون حڪايتون، هجر و فراق جون شڪايتون، شراب و ساقي جو ذڪر و اذڪار وغيرہ موجود آهن. مصري شاھہ جو پيغام ته،

ذات نسورو نور، آيو سانگ ڍڪي صورت جو
اهو ئي وحدت الوجود جو پيغام جيڪو سنڌ جي قديم شاعرن جو نظريو رهيو آهي، تنھن کي مصري شاھہ پنھنجي مخصوص انداز ۾ نھايت بيساختگيءَ سان پيش ڪيو آهي. انھيءَ هڪڙي مصرع ۾صوفيانہ عقيدو پوري طرح سمائجي ويو آهي. اهڙي دقيق مسئلي کي عام فھم، لفظن ۾ پوئي، هڪ دلڪش پيرايي ۾ پيش ڪرڻ شاعر جي طبع رسا جو کليل دليل آهي. شاھہ صاحب جو اهو محض قال نہ آهي، پر سندس حال جو آئينو آهي. صوفيائي ڪرام جي تعليم ۽ تلقين جو ٻيو مکيہ نظريو، “عشق ۽ محبت آهي”. عاشقن کي هميشہ هڪڙي ئي تات آهي ۽ انھيءَ پچار ۾ ئي هو بيقرار ۽ بيچين رهن ٿا. جيئن تہ:
“تات جنھن کي طلب تنھنجي جي
سي وريو ڪيئن وسارين ٿو”
جن بہ عاشقن کي طلب جي آرزو آهي ۽ جيڪي طلب جي تات ۾ پاڻ کي وساري ڇڏين ٿا، انھن کي جيڪڏهن محبوب ياد نٿو ڪري يا محبوب منھن موڙي ڇڏي ٿو تہ انھن جي دل جي ڪيفيت ڪھڙي ٿي بڻجي سي فقط اهي ئي سمجهي سگهن ٿا، جيڪي طلب جا طلبگار آهن. معرفتِ نفس، عشق جي ئي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي.
ڏسي تجليون ٿيا تائب
نيازي نياز جا نائب.
جهلي ڪعبي جا ڪنارا، اچي ساجن ٿيا سلامي
شاعرانہ نزاڪت ۾ حسن بيان جو ڪھڙو اظھار ٿي سگهي ٿو، معنوي حسن بي نظير آهي. هڪ ڳوڙهي خيال کي سليس پيرائي ۾ ادا ڪيو ويو آهي. نہ پڙهڻ ۾ ڏکيائي ۽ نہ ڳائڻ ۾ تڪليف ۽ محنت، جنھن ۾ سلاست سان گڏ نغمگي ۽ نگيني موجود آهي.
عشق اچي چيو احد ﷲ
تون پڙھہ توبہ زارو زاري.
هڪ اهم نڪتي جو سادگي ۽ بيساختگي سان اظھار ڪرڻ شاعر جي عظمت جو دليل آهي. آسان ۽ سادن ۾ لفظن ۾ عشق جي اعلان جو ذڪر آهي، جنھن ۾ هڪ راز جو اچي انڪشاف ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ تلقين بہ ڪئي آهي، جنھن ڪري نجات جي راھہ کلندي.
پاڻ سڃاڻي ساجن سڪنديون
سھجن سان تو سڏيون سڏيون
خود شناسي، صوفي عقيدي موجب رياضت جو درجو رکي، جنھن پاڻ کي سڃاتو، تنھن پنھنجي رب کي سڃاتو، جنھن موجب ڪثرت جو پردو هٽي ٿو وڃي ۽ وحدت ئي وحدت نظر اچي ٿي.
هڪ جيڏين سان جيئن هت هيس آءٌ هيڪاندي
تيئن مارن مين موالي ميڙيندو هيءَ ماندي
جانب گذاريم گڏجن، ڏيھہ وڃي سي ڏسنديس
عالم ارواح ۾ روحن جون محبتون، ميل ۽ ملاقاتون هيون، سڀيئي چين ۽ آرام سان زندگي گذاريندا هئا ۽ کين الستي وعدو ياد هو ۽ جڏهن هو وڇڙي ويا تہ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ بيقرار ٿي پيا. جن سموري زندگي هڪڙيئي وطن ۾ گذاري انھن کي پرديس ۾ ڪھڙو آرام نصيب ٿيندو. هميشہ اها آرزو هوندي اٿن تہ وطن واپس وڃجي.
سچي ميخانہ محبت جي، ملي مئي پي تہ من مخفي
انھيءَ شرطئون ٿئي پڌرو، خلل خواري ختم جنھن جو

غزل گوئي جا عناصر موجود آهن، جيئن تہ غزل جو اصل موضوع عشق ۽ عاشقي جي حرف و حڪايت آهي. جنھن ۾ ڪيترا لوازمات شامل ٿي وڃن ٿا. مئي، ميخانہ، ساقي ۽ جام، خلل ۽ خواري وغيرہ سندس اسباب آهن.
تکائي تيغ تنھنجي جي، هر سو ڪري حملا
ٻڌي هٿ ٿيا اچي حاضر، ڇڏيو شاهن شجاعت کي.
ڄڻ تہ مجاز عشق جي جهلڪ نمودار ٿئي ٿي. اهو ئي فارسي شاعريءَ جو مضمون ۽ اهو ئي اردو شاعري وارو رک رکاءُ، محبوب جو حملو ۽ عاشق جي اڏيءَ تي اچي سر ڏيڻ وارو منظر آهي، جنھن مان غزل جو رنگ ظاهر آهي.
سڪ سندي ساقي ڏني، سرڪي سڏي جا سور جي
تنھن مئي محبت موهيا، مقدر مرڻ مانجهين مڃيو.
شاعر جي تخيل جي بلند پروازي جو کليل ثبوت آهي. عام طرح سان ساقيءَ جو جام بي سڌ بڻائي غم غلط ڪري ڇڏيندو آهي، پر هتي ساقيءَ جي سر کي عذاب ٿي رسائي جا عاشق کي حقيقت کان آگاھہ ڪري ٿي، انھيءَ شراب عاشقن کي موت قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ڇڏيو. ڏک سھڻ جو عادي ٿيڻ کان آسان ڳالھہ ڪا نہ آهي.
ناز سين لاهيو نقابا، گڏ وڃيو گهونگهٽ ڪڍين
ڪوھہ مٺا مشتاق مارين، ڏيئي نظارا بي سبب.
مضمون عاشقانہ ۽ جذباتي آهي، جنھن کي سادي ۽ سليس ٻوليءَ ۾ ادا ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ فارسي تخيل آهي ليڪن سنڌي غزل جي ابتدائي شاعريءَ ۾ مستحسن ۽ قابل قبول آهي.
هينئر ڪجهہ منتخب اشعار پيش ڪري هي مضمون ختم ڪريان ٿو: نفس مضمون جي لحاظ کان ذيل اشعار تصوف و عشق و محبت جي محور جي گرد ڦري رهيا آهن، جن ۾ معنيٰ آفريني سان گڏ نازڪ خيالي جون گوناگون رنگينيون پڻ موجود آهن:
سڪ منجھان سجدا ڪريون،ان سرو قد سالار کي
پتنگ وانگر پاڻ ڏيون، گل شمع رنگ رخسار کي
...................
پرھہ تان باکون کنيون اوڳا اڃا آدس اٿيئي
نيڻ کولي ڪر نظر ساٿي سوارا ويا لڏي
...................
هندو مومن هيڪڙو، سڀ ۾ صاحب سير
وحدت ڪثرت وچ ۾
...................
تن ۾ جنھن جو تڪيو، من ۾ ماڳ مڪان
سو ساجن سرت سڄاڻ، سدا آهي ساڻ تو
...................
گيڏيئي جت جبل ۾، هلج ساڻ هينئين
تان تون تاڻج تڪڙي، جا سينيءَ ساھہ ڏيين
جيڪو دم جيين، رڙهڻ راحت ڀانءِ تون

فاضل شاھہ “فاضل”
فاضل شاھہ جي دور تائين، سنڌي غزل جي زندگي قريبن 50 سال کن گذري چڪي هئي. جتيوڻيڪ اسلوب بيان جي لحاظ کان منجهس ترقي ضرور قائم ٿي، ليڪن ان کي ڪا خاطر خواھہ ترقي چئي نٿو سگهجي، اها سندس ارتقائي صورت چئجي تہ بھتر ٿيندو تہ غزل جي هيئت ۽ غزل جي فڪري لوازمات کان سنڌ ۾ ماڻھو ايامن کان وٺي واقف هئا. ڪيترن سنڌي شعراءَ ڪرام، فارسي غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سندن ڪيترا غزل، اسلوب ۽ هيئت جي لحاظ کان قابل قدر لائق تحسين آهن. سنڌي غزل جي پنجاھہ سالن جي حياتيءَ ۾ غزل جي هيئت ۽ ساخت جي لوازمات کي ڪافي پختگي ۽ تابندگي حاصل ٿي، جو غزل جي ابتدائي شاعرن هر سنگ لاخ زمين کي هموار ڪري منجهس طبع آزمائي ڪئي ۽ سنڌي دويوان مرتب ڪرڻ جي لحاظ کان هر مشڪل ۽ ثقيل رديف ۽ قافيہ کي اوزان جي شڪم پري لاءِ ٺاهڻ، سنوارڻ ۽ سوهڻ جي ڪوسش ڪئي، جا غزل جي صنف جي بنياد کي مستحڪم بڻائڻ جو هڪ نيڪ جذبو ۽ پاڪ ڪوشش هئي، پر زبان ۽ نڀائڻ جي لحاظ کان ڪا غير معمولي ترقي ڏسڻ ۾ ڪا نہ ٿي اچي، ليڪن جذبات جي اظھار ۾ سادگي ۽ صداقت جو انڪار ڪري نٿو سگهجي، جنھن ۾ مقامي رنگ ۽ مڪاني ماحول جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. هي غزل جي متقدمين طبقه جو پھريون دور چئجي تہ وڌاءُ ڪين ٿيندو.
سيد فاضل شاھہ جي ڪلام جي مختصر جائزي کان پوءِ انھيءَ دور جي ڦلواڙيءَ جي آخر گل غلام شاھہ گدا جي شاعريءَ تي بحث ڪندس ۽ ان کان پوءِ متقدمين جي ٻئي دور جي غزل گو شاعرن مير سانگي، حافظ، حامد وغيرہ جو ذڪر ڪندس.
سيد فاضل شاھہ، آخوند قاسم جو همعصر هو ۽ سندن شاعري ۾ ڪجهہ رابطو آهي، گهڻو ڪري هڪ ئي رنگ ۾ رڱيل آهي. سيد فاضل شاھہ غزل جي زبان کي نرم ۽ سليس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهڻو ڪري ثقيل قافين، سخت ۽ بي جوڙ رديفن کان پرهيز ڪيو آهي. جيڪڏهن فاضل جي ديوان مان ڪجهہ هيڏانھن ڪجهہ هوڏانھن اشعار ڪٺا ڪري پيش ڪجن تہ اهي يقينن محفل جي زينت ۽ اهل ذوق حضرات لاءِ باعث راحت بڻجي سگهن ٿا.
انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ فاضل مرحوم جو زمانو اخلاق ۽ تصوف جي شاعري سان نہ فقط مانوس هو، پر طبيعت جو لاڙو بہ انھيءَ طرف زيادہ راغب هو، ملاحظو ڪندا:
دوستي رک دين سان، جو دم جئين
ديندارن کان نہ ڪر تون الوداع
...................
مرڻا اڳي مرن جي، مرڻو معاف تن کي
جيئرا وتن سدا سي جيئڻا جي جاوداني.
۽ شاعرن جي پنھنجي زندگي بہ بي داغ ۽ سندن ڪردار جي بلندي بہ سندن طبيعت کي زندگيءَ جي اخلاقي ۽ صوفيانہ قدرن ڏانھن زيادہ مائل ڪيو ۽ غزل جي لغوي چاهي اصلاحي معنيٰ جو گهٽ خيال رکيو ويو، جنھن ڪري غزل ۾ تغزل گهٽ ۽ شاعري وڌيڪ نظر اچي ٿي. تنھن هوندي بہ مجاز جي رنگ جي جهلڪ ڪٿي ڪٿي نھايت آب و تاب سان اجاگر ڪئي ويئي آهي.
سيد فاضل جي سنگلاخ ۽ مشڪل زمين ۾ طبع آزمائي قابل تعريف آهي، سندس ڪلام ۾ جيتوڻيڪ ايترو سوز و گداز ڪين آهي، ليڪن سادگي ۽ سلاست موجود آهي. ابھام ڪونھي حقيقت حال جو اظھار آهي، جيتوڻيڪ فاضل مرحوم فارسيءَ جو پرگو شاعر هو. فارسي زبان جي حلاوت کان چڱي طرح آگاھہ هو، پر تڏهن بہ سندس سنڌي ڪلام ۾ رعايت لفظي ۽ تراڪيب جو گهٽ استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن جو سبب معلوم نہ ٿي سگهيو آهي. سندن ديوان ۾ ڪجهہ غزل مسلسل نظر اچن ٿا. جي هڪ ئي مضمون جا حامل آهن. مان هن کان اڳ بہ چيو آهي تہ انھيءَ دور جي شاعرن وٽ غزل جي صنف ۾ انيڪ ۽ مختلف مضامين داخل ٿي ويا آهن. مرحوم فاضل بہ انھيءَ صنف ۾ اچي وڃي ٿو، ليڪن ڪجهہ شعر واردات محبت جي بيان ۾ دلنشين ۽ دلڪش آهن ۽ انھن شعرن جي پيش نظر فاضل سنڌيءَ جو هڪ پختو غزل گو شاعر آهي،ملاحظہ ڪندا
برھہ جي بيمار ڏي ڪارڻ شفا جي
ڪي قريبن جا سنيھا آئيا اڄ.
فاضل جي ذهن ۾ محبوب جي مسيحائي کان سواءِ ٻي ڪا بہ ڳالھہ ڪا نہ ٿي اچي. برھہ جي بيمار جو علاج محبوب جو پيغام آهي، جنھن کانپوءِ شفا حاصل ٿئي ٿي.
مھرباني تون ڪري منھنجي مدائن ڏي م ڏس
جيئن وڻئي تيئن پاڻ تون بالڪل ڀلارا ڀال ڪج.
عاشق کان هميشہ غلطيون سرزد ٿيو وڃن. عاشق ۾ ڪيتريون ئي خاميون ۽ خرابيون آهن، ليڪن محبوب جي وصف، سڀ مدايون معاف ڪري ڀلائن ڪرڻ جي حامي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس فطرت جي سرشٽي نيڪ ۽ پاڪيزہ آهي.
سڏي سھڻن ڪيو آواز اوري
هلي عاشق اسان جي عشق ۾ اچ.
انداز بيان جي سادگي ۾ جذبات جي لحاظ کان فاضل هڪ تغزل جو رنگ پيدا ڪيو آهي. محوب جي دعوت جو اظھار نھايت خوش اسلوبي سان پيش ڪيو آهي.
“دلربا دل ڪنان دعا ڪريانءِ
شال هوئين سڄڻ دلشاد”
تغزل جي خوبيءَ کي سھڻي نموني نڀاهيو ويو آهي. ڪنھن بہ رنگ آميزي جي ڪوشش ڪا نہ ويئي آهي.
“قول ڪامل قريب قرب سندو
ساڻ پت ۽ پريت پنھنجو پار”
التجا آهي، عرض آهي، هڪ گذارش آهي، جنھن ۾ عجز ۽ انڪسار آهي ۽ محبوب جي صفتن کي مٺڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
“حال هيڻو سندم ڏسي هوشيار
مان ڪا ماڙ مون ڪري منٺار”
ماڙ جي هڪ معمولي لفظ شعر ۾ جان پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڪنھن بہ قسم جو تصنع نظر نٿو اچي.
عاشق جو “الست” کان اقرار
ساڻ ساجن عجب ٿيو اظھار.
“الست” جي نظريي جو مجازي رنگ ۾ اظھار ڪري غزل جي روايت قائم رکڻ شاعر جي ذهني نشو و نما جو واضح دليل آهي.
گاھہ بيگاھہ دوست دلبر جي
تهدلئون تات کان ڪريان بس.
“تهدل سان” يار جي يادگيري جو انداز ڪيترو لطيف ۽ دلنشين آهي.
قلب ڪن مشتاق هن مسڪين جو
سربسر ساڄن سندءِ سينگار خوش.
فاضل پنھنجي ڳالھہ کي معمولي طريقي جي بجاءِ واردات قلب جي ڪيفيت جي تصوير پرلطف نموني پيش ڪري ٿو.
عشق عمدو ڏس عجيبن جو امالڪ ڏس ڏنو
پرت مان مون پڙ پيو ساجن سندو سولو سراغ.
عشق جو خلوص ۽ محبت جي ديانتداري ئي محبوب وٽ پھچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿو.
پرت وارا پچن پيا پلپل
آتش عشق ۾ اچيو عشاق.
عاشقن جي حالت زار جو سادگيءَ سان بيان ۽ عاشقن جي منزل مقصود جو اظھار ڪيو ويو آهي.
پيو هوت جن جي هلي هنج ۾
قوي تن سندو بخت بيدار ڀاڳ.
محبوب جي ديدار ۽ ملاقات کانپوءِ هڪ عجيب منظر نظر اچي ٿو. هر طرف ڄڻ شهنايون وڄن ٿيون. هر طرف خوشيون ۽ شادمانيون ٿي وڃن ٿيون. عاشق جو بخت نہ فقط جاڳي ٿو، پر هو قائم رهي ڄڻ بقا جي جي درجي تي پھچي ٿو.
تون سڄڻ ساھہ ۾ سمائين ٿو
قلب ۾ قرب کي ڪمائين ٿو.
قلب ۾ قرب کي ڪمائڻ جي ڪيفيت جو اظھار اهڙي سادگي سان پيش ڪرڻ، شاعر جي طمع جو کليل دليل آهي. شاعريءَ جي هڪ سست بحر ۾ معمولي الفاظ استعمال ڪري هڪ رنگيني پيدا ڪرڻ قادر الڪلامي جو ثبوت آهي.
عشق وارن اندر عجيب سندي
عشق ٻاريو اچي وڏو آڙاھہ.
آڙاھہ سان “وڏو” لفظ ڪم آڻي شاعر، قاريءَ جي دماغ کي فورن انھيءَ منظر ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ڪو پنھنجي اندر ۾ عشق جي آڙاھہ جو سراغ لڳائي ٿو. تپش دل جي اظھار جو سھڻو نموني آهي.
ڪا بہ گردون ۾ پئي گردش
نرت نڪري ويئي نھارڻ جي.
انداز بيان خوش اسلوبيءَ شعر کي معراج تي پھچايو آهي. نھارڻ جي نرت نڪري وڃڻ وارو اظھار بيحد سادگيءَ سان ڪيو ويو آهي. بيساختگيءَ جو ڪمال آهي.
فاضل جي ڪافين ۾ بہ رس ۽ رچاءُ موجود آهي. شاھہ صاحب ڪجهہ رباعيون بہ لکيون آهن، ليڪن طوالت جي خوف کان مان فاضل شاھہ شاھہ جي غزل تي اڪتفا ڪريان ٿو ۽ هديه طور فارسيءَ جا چند اشعار، اهل ذوق حضرات لاءِ پيش ڪريان ٿو:
دير است ڪه از نامه مانيست جوابي
شايد شدہ مقتول بره نامهءِ بره افسوس
...................
من ازلب تشنگي دادم تمنائي لب دريا
ولي از طالع گمرآھہ ره من بر سراب افتد
...................
طرزو طرار آوردو نو، تاروئي و لب آن ماهرو
تصوير رعنا يڪ طرف، تقرير زيبا يڪ طرف
...................
زهي احوال درويشان ڪه گو در عالم ارستان
چون برق ارجلا عرفان پد يد و گآھہ پنھا شد

(ماهور نئين زندگي جنوري، فيبروري، مارچ، مئي، سيپٽمبر 1963ع تان ورتل)