لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

/ سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾ (حصو ٽيون)

(جديد سنڌي شاعري)
مٿئين موضوع تي ڏسڻ کانپوءِ قاريءَ جي دماغ ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا، جن مان ڪي هيٺينءَ ريت ٿي سگهن ٿا: قديم ۽ جديد جو جهڳڙو هڪ پراڻو فسانو آهي ۽ انھيءَ معرڪه آرائي ۾ ڪيترن اديبن ۽ نقادن وقتن فوقتن پنھنجي قوت ۽ حوصلي آهر حصو پڻ ورتو آهي. هونءَ بہ اديبن جون زور آزمايون ۽ ارھہ زورايون هر دور جي هر شاعريءَ ۾ رهنديون آيون آهن ۽ هر اديب پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ انھن ادبي مسئلن ۽ علمي معاملات تي ٿڌي سيني ويچارڻ جي بجاءِ هر ٻئي کي معتوب ۽ مردود بڻائڻ جو قصد ڪيو آهي. بھرحال مٿئين عنوان جي پيش نظر سنڌي شاعريءَ متعلق هيٺيان سوال ذهن ۾ پرورش وٺن ٿا، جن جي حد بندي ۽ وضاحت ڪرڻ ضروري آهي.
1.قديم سنڌي شاعري ڪھڙي آهي ۽ ان جو ڪھڙو دور رهيو آهي؟
2.قديم شاعريءَ جي ڪھڙي ۽ ڪيتري افاديت رهي آهي ۽ تھذيبي ۽ اخلاقي طرح سندس اهميت ڪھڙي آهي؟
3.جديد شاعري ڪھڙي آهي ۽ سندس ڪھڙي ضرورت آهي؟ جديد شاعري هيئت جو نالو آهي يا فڪر جو؟
4.جديد شاعري معاشري جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿي آهي يا ڪنھن خاص نظريہ، يا موضوع جو اظھار آهي؟

قديم سنڌي شاعري
اسان قديم شاعري ان کي چئون ٿا، جنھن جي حيثيت ڪلاسيڪي آهي. اهڙي شاعري پنھنجيءَ جاءِ تي مسلم ۽ مستند آهي؛ ليڪن آهي قديم، ڇاڪاڻ جو سندس تعلق ڪنھن گذريل زماني جي اخلاقي، سماجي ۽ سياسي رجحانات سان وابستہ آهي. لغت جي لحاظ کان يا تنقيدي اصطلاح موجب قديم قديم آهي، جنھن کي جديد سڏي نٿو سگهجي ۽ ساڳئي نموني جديد کي جديد ئي سڏبو. جدت جو واسطو “نئين زندگي” ۽ ان جي روز مرھہ جي معاملن ۽ مسئلن سان ڳنڍيل آهي. قدامت قديم معاشري ۽ روايات جي ترجمان ۽ آئينہ دار آهي، تنھن ڪري سنڌي شاعري ۾ هيئت جي لحاظ کان ڪلاسيڪي ۽ قديم شاعري بيت، وائي ۽ ڪافيءَ وغيرہ جي شاعري تي مشتمل آهي. جيڪڏهن هيئت تي غور ڪجي تہ اها نت نين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڇاڪاڻ جو ان جو رواج اسان جي ثقافتي زندگيءَ ۾ اڃا تائين ۽ ڪنھن بہ دور ۾ انھيءَ قديم اسلوب کي ترڪ نہ ڪيو ويو آهي ۽ اڄ بہ اها هيئت جديد هيئت جي دوش بدوش سنڌي شاعري جي سرزمين جي آبياري ڪري کيس سرسبز ۽ شاداب ڪري رهي آهي، تنھن ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ هيئت چاهي فڪر جي اعتبار کان ڪا بہ قديم شاعري ڪا نہ آهي، جنھن کي قديم جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. ان کي ڪلاسيڪي شاعري سڏڻ وڌيڪ مناسب آهي. انھيءَ شاعريءَ انساني زندگيءَ جي هر دور ۾ انساني تھذيب ۽ اخلاق جي نشو و نما ۾ مدد ڪئي آهي ۽ پنھنجون ارتقائي منزلون طئي ڪندي موجودہ سائنسي دور جي انساني زندگيءَ جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ پيش پيش آهي.
ڪلاسيڪي شاعري قاضي قاضن جي زماني کان وٺي اڄوڪي دور تائين انساني مزاج جو تجزيو ڪيو آهي ۽ تھذيب و اخلاق جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ سندس خاص ۽ اهم حصو رهيو آهي.

جديد سنڌي شاعري
جديد شاعري عروضي هيئت ۽ لساني چابڪدستي جي تجربن تي مشتمل آهي، جنھن جو پھريون تجربو خليفي گل ڪيو، ليڪن منجهس ڪلاسيڪي روح پنھنجي پوري آب ۽ تاب سان قائم رهيو. انساني فطرت ۾ نون تجربن ڪرڻ جو هڪ جذبو ۽ شعور موجود رهي ٿو ۽ انسان هر نئين شئي جي نقالي ڪري مٿس طبع آزمائي جي ڪوشش ڪري ٿو. جديد شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ گهڻو ڪري هيئت جا تجربا ڪيا ويا آهن، تنھن ڪري مبهم ۽ مھمل فڪر ۽ خيال جو اثر منجهس تمام گهڻو رهيو آهي. هيئت جي طفيل محور ۽ اوزان کانسواءِ سنڌي شاعريءَ ۾ نيون تشبيھون، نوان اصطلاح، استعارا ۽ محاورا داخل ٿي ويا، جن زبان ۾ چاشني پيدا ڪري کيس مائيدار بڻايو آهي، جنھن ڪري ٻوليءَ ۾ فصاحت ۽ سلامت کانسواءِ صنعت لفظيءَ جي گرم بازاري ڏسڻ ۾ آئي ۽ سنڌي شاعريءَ هڪ نئون روپ اختيار ڪري شاعرانہ فنڪاريءَ جي فضا قائم ڪئي.
شاعري جيڪڏهن پنھنجي فطري قدرن کي ڪن ڌارين رجحانن سان بدلائي ٿي تہ اها پنھنجي مانوس ماحول ۽ مخصوص معاشري کان ٻاهر نڪري هڪ بي معنيٰ چيز بڻجي پوي ٿي پوءِ ڀلي اها قديم سڏي وڃي يا جديد، انھيءَ ڪري هر شاعري جي حسن و قبح کي پرکڻ لاءِ ماحول ۽ معاشري جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، موافقت ۽ مطابقت جي پيش نظر ئي سندس افاديت جي تور ۽ ماپ ڪري سگهي.

جديد سنڌي شاعريءَ ٻہ مکيہ دور
بھرحال آءٌ جديد شاعريءَ جي ٻن مکيہ دورن جو مختصر نموني تجزيو ڪريان ٿو. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ حقيقت ۽ واقعيت جا اڪيچار مثال موجود آهن. شاھہ لطيف ۽ سچل سرمست سنڌي معاشري جون گوناگون تصويرون پيش ڪيون آهن. سندن شاعريءَ ۾ انساني جمھوري زندگي روان دوان نظر اچي ٿي. سنڌ جا ٿر بر، چراگاھہ، مارو ۽ مال، هاري ۽ ناري وغيرہ صحيح صورت پيش ڪرڻ سان مٿين شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جو روح اجاگر ڪيو آهي. ان کانسواءِ فطرت نگاري ۽ منظر ڪشيءَ جا ڪيترا حسين ۽ جاذب نظارا پيش ڪيا آهن. ساڳيائي معاملا ۽ مسئلا، ساڳيون ئي تصويرون ۽ صورتون اڄ بہ سنڌ جي سامھون آهن. بدلجندڙ حالتن پٽاندڙ انھن ۾ ڪميون پيشيون ٿيون آهن ۽ انسان جي سوچڻ جي انداز ۾ ڪنھن قدر تبديلي اچي ويئي آهي. ليڪن بنيادي اقدار پنھنجي جاءِ تي اٽل آهن، جن کان ڪنھن بہ حالت ۾ گلو خلاصي ٿي نٿي سگهي. رحم و انصاف، تھذيب و اخلاق، حسن و عشق، حقيقت ۽ واقعيت، اهڙا جامع ۽ ٺوس قدر آهن، جي سنڌي شاعريءَ جي قديم زماني ۾ بہ موجود هئا، هينئر بہ قائم آهن ۽ آئنده بہ رهندا، فقط اظھار کي دلچسپ، پراثر ۽ حسب حال بڻائڻوآهي ۽ ان کانسواءِ نظرين ۽ رجحانن کي موجودہ حالتن کي سازگار بڻائڻو آهي. آءٌ هميشہ اها دعويٰ ڪندو رهيو آهيان تہ سنڌي شاعري جو خمير بلڪل نرالو آهي ۽ ٻين مشرقي شاعرين کان هڪ علحدي نوعيت جو آهي، تنھن ڪري کيس هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي، جنھن تي ڪنھن بہ وقت سندس پاڙيسري ٻولين يعني فارسي، اردو يا هندي جي شاعري مجموعي طرح اثرانداز نہ رهي آهي. حالي ۽ چڪبست جي ڪن نظمن کي جديد رنگ جو حامل سڏيو وڃي ٿو، جنھن ڪري کين اردو ادب ۾ انقلاب جو داعي سمجهيو وڃي ٿو ليڪن اهڙا مثال ۽ افڪار سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻو آڳاٽا آهن ۽ اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن وٽ جاءِ بجاءِ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
خليفي گل پراڻن موضوعن کي نئين انداز ۽ نئين سانچي ۾ پيش ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. فڪر ۽ خيال جي اعتبار کان خليفي گل وٽ ڪافي مواد ملي ٿو. جنھن مان سندس بالغ نظريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. خليفي گل جي شاعريءَ سان سنڌي ادب ۾ هڪ نئون انقلاب آيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي سرزمين تي خليفي گل سنگ بنياد رکيو. اسان فقط عروضي شاعريءَ جي هيئت جي اهميت کي نٿا ڏسون پر عروضي شاعريءَ جي ٻين لوازمات تي بہ نظر رکون ٿا، جن کي خليفي گل نھايت سليقہ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نباهيو آهي. کانئس اڳ فقط عروضي تڪ بنديءَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنھن ڪري ان کي جديد شاعريءَ جي زمري ۾ شامل ڪري نٿو سگهجي. سنڌي شاعريءَ ۾ گل جي معرفت نوان ماپا ۽ ماڻ رائج ٿي ويا ۽ فارسي لوازم آهستہ آهستہ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيڻ لڳا، جنھن ڪري عروضي اصول ۽ ضوابط مطابق نئينءَ شاعريءَ جو رواج پيو. انھيءَ شاعريءَ ۾ فن ۽ فنڪاري، حسن ۽ حسن ڪاري سان گڏ لفاظي، خيال آرائي، تصنع ۽ تڪلف بہ شامل ٿي ويا، انھن مڙني خوبين ۽ خامين جي امتزاج سان سنڌي جديد شاعريءَ جو آغاز ٿيو. نہ فقط ايترو پر نئين وديسي سامراج پڻ اسان جي شاعريءَ تي اثر ڪيو. سنڌ ۾ حڪومت ۽ حڪمرانن جو مزاج بلڪل انوکو ۽ نئون هو. رعيت حاڪم جي طبيعت کان ناواقف ۽ حاڪم رعايا جي تقاضائن ۽ قدرن کان بي خبر. خليفي گل جي شاعري جو آغاز فرنگي حڪومت جي قائم ٿيڻ وقت ٿيو، تنھن ڪري ايئن چئجي تہ جديد شاعري جي شروعات سنڌ جي جديد سياست سان گڏ ٿي. خليفو گل 1846ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس ديوان سنڌي جديد شاعريءَ ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت سان ظاهر ٿيو. تنھن ڪري جديد شاعري جو پھريون دور سنڌ جي غلامي جي ڏينھن کان وٺي ملڪ جي آزاديءَ جي تاريخ تائين مقرر ڪجي ٿو ۽ سندس ٻيو دور آزاديءَ کان وٺي نوجوانن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي جو ڦل آهي.
اسان پھريائين جديد شاعري جي پھرين حصي تي مختصر نظر وجهنداسون ۽ ان کانپوءِ ٻئي حصي جو ذڪر ڪنداسون، جنھن جي اهميت ۽ افاديت پھرين حصي کان وڌيڪ محسوس ڪئي وڃي ٿي، جنھن تي گهڻو ڪري ٻيءَ جنگ عظيم کانپوءِ مغربي اديبن جو اثر پيو آهي، جيئن مشرق جي ڪيترن وڏن ملڪن يعني هندستان، برما، چين، جپان، ترڪي ۽ ايران وغيرہ ان جو اثر قبول ڪيو آهي.
سن 1843ع واري مياڻي جي جنگ سنڌ جي زندگي جو هڪ اهم واقعو آهي، جنھن سنڌ جي قسمت تي مھر هڻي غير ملڪي سامراج جو تسلط قائم رکيو. اهڙي ماحول ۾ خليفي گل جي شاعري، ادب جي زندگيءَ جو پھريون سڏ هو، جنھن شاعري جي زندگيءَ جي احساس جو پاسو اٿلايو ۽ سنڌي شاعري جا پيمانا يڪلخت بدلجي ويا، ذهني تصورات ۽ محسوسات ۾ تبديلي اچي ويئي، ملڪ جي رائج الوقت هندي بحر کي نظرانداز ڪري فارسي بحر، وزن، رديف ۽ قافيہ جو بنياد رکيو ويو. هيءُ هڪ ادبي انقلاب هو جنھن کان سنڌ جو سنڌي مزاج اڳ واقف نہ هو. نہ فقط ايترو، پر فارسي ٽيڪنڪ سان گڏ فارسي مزاج ۽ اساليب کي بہ سنڌي ماحول ۽ سنڌي فضا جي مناسب ۽ مطابق بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌي روح ۽ سنڌي نظريا پنھنجي جاءِ تي جامد و ساڪت رهيا. قديم موضوعات کي اهم جاءِ ڏني ويئي. توحيد، رسالت، تصوف، عشق، حقيقت، واقعيت ۽ اخلاق کي مناسب مقام حاصل ٿيو. نئين اسلوب ۽ بيان جي ڪوشش ۾ خليفي گل جي غزل جي شاعريءَ ۾ جهول پيدا ٿي پيو ۽ غزل ۾ قصيدي وارو تسلسل ڏسڻ ۾ آيو، جنھن ڪري غزل جي خوبصورتي ۽ خوبي قائم رهي نہ سگهي پر اهو زمانو اهڙو نہ هو، جنھن ۾ ٽيڪنڪ جي باريڪين تي نظر وجهي غزل ۽ نظم جو امتياز رکي سگهجي.
سنڌي ادب تي ٻي مھاڀاري لڙائي تائين غزل جي صنف جو اثر تمام زيادہ رهيو، ليڪن پوئين دور ۾ غزل فن ۽ فڪر جي لحاظ کان يتيم بڻجي ايتري تہ سطحيت اختيار ڪئي جو نئون نسل منجهانئس بيزار ٿي پيو ۽ ملڪ جي آزادي کانپوءِ غزل هڪ نئون جنم اختيار ڪيو ۽ ڪيترن نوجوان شعراء انساني زندگي جي بيشمار تجربن کي شعر جي قالب ۾ داخل ڪري نين تشبيھن ۽ خوبصورت بندشن جي وضع ڪرڻ سان نئين غزل لاءِ راءِ هموار ڪئي.

خليفو گل محمد
گل جديد شاعريءَ جي بنياد رکڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آهي. هن ڪيترائي سادا، سليس ۽ مقامي خيال، فنڪاريءَ سان پيش ڪيا آهن، جن مان عام ماڻھن جي روزانہ زندگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن پنھنجي ماحول ۽ معاشري جي عڪاسي ڪئي آهي. فارسي پيمانن ۽ فارسي لوازمات ۽ اساليب کي استعمال ڪندي بہ هن جي نظريات ۽ موضوعات کي چٽيءَ طرح سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سپڪ ۽ سلوڻن لفظن سان گڏ هن دقيق ۽ ثقيل لفظ استعمال ڪيا آهن، جنھن ڪري بعض اوقات شعر جي خوبصورتي زائل ٿي ويئي آهي ۽ ان جي بيساختگي مجروح ٿي پئي آهي. سخت ۽ طويل بحرن جي استعمال بہ شعر جي زمين کي سنگلاخ بنائي ڇڏيو آهي. ان جي باوجود ايئن چوڻ کان رهي نہ سگهبو تہ گل جديد سنڌي شاعريءَ جي باغ جو پھريون باغبان هو ۽ سنڌي غزل جي ڦلواري جو پھريون مالھي.
گل کانپوءِ انھيءَ صنف شاعري ۾ڪيترن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ قاسم، فاضل، لطف فقير جا نالا قابل ذڪر آهن. انھن شاعرن جيتوڻيڪ فارسي عروض ۽ فارسي چيزن کي برقرار رکيو ليڪن غزل جي شاعري هڪ عجيب ناصحانہ شاعري سان گڏ بي اثر عاشقانہ رام ڪھاڻي بڻجي پيئي ۽ غزل جو جيڪو روح گل جي ڏينھن ۾ اڀريو هو سو سڪرات جي ويجهو اچي پھتو. بلبلن جا سور جاڳيا ٿيا ۽ گلن جي ستم ظريفي جي شڪايت شروع ٿي. فارسي تشبيھن ۽ بندشن جي ڀرمار تي زور رکيو ويو. عشق و شباب، شجر و وصال جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ۽ شاعريءَ کي تعيش جو سامان سمجهيو ويو. مگر ان ۾ زندگيءَ جو ڪو نہ ڪو عڪس ضرور موجود هو ۽ ان کانسواءِ انھن شاعرن جي بدولت ٻولي کي ڪيتريون ئي نيون شيون مليون، فڪر کان وڌيڪ فن جي طرف توجھہ ڪئي ويئي ۽ لب و لھجي جي رمزيت منجهس ڪجهہ نہ ڪجهہ رونق پيدا ڪئي ۽ انھيءَ نموني سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف قائم ٿي ويئي. غزل جيتوڻيڪ اسان جي شاعري جو قيمتي سرمايو نہ آهي، تڏهن بہ اظھار خيال جو هڪ سھڻو اسلوب ضرور آهي ۽ ان سان گڏ هڪ لطيف ۽ دلڪش صنف، جنھن کي ڪڏهن بہ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ سنڌي شاعريءَ جي صد ساله زندگي تي غزل جي صنف جو وڏو اثر ۽ ڪافي تسلط رهيو آهي.

حافظ حامد
انھيءَ ساڳئي دور جو هڪ ٻيو برجستو شاعر حافظ حامد ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ غزل سان گڏ نظم چوڻ جون صلاحيتون بہ موجود هيون. مارئي جي آزي نيزاري ۽ سسئي جا ورلاپ، هن فارسي بحر ۾ شاعري لکي پنھنجي قادرالڪلاميءَ جو ثبوت پيش ڪيو آهي ۽ باقاعدہ نظم لکڻ لاءِ هڪ راءِ جي نشاندهي ڪئي آهي. هڪ ئي خيال کي شعر جي مختلف بيتن ۾ سلسليوار نظم ڪري گويه شاعر پنھنجي انفراديت جي دعويٰ ڪئي آهي. غزل جي شاعريءَ تي بہ هن کي ڪافي عبور حاصل آهي ۽ هن غزل جي لوازمن کي بہ نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. غزل جي مڙني روايتن کي ڪنھن حد تائين قائم رکڻ ڪا سولي ڳالھہ ڪا نہ آهي. ليڪن حامد جي شاعريءَ ۾ زبان جي سادگي، شائستگي ۽ اظھار جي بيساختگي، خيال جي ندرت عروضي فن جي ماپن ۽ ماڻن ۾ اهڙي نموني سمايل آهي، جو ايئن محسوس ڪيو وڃي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄڻ انھيءَ صنف ۽ اسلوب جو رواج ڪو آڳاٽو آهي، جنھن تي ڪافي مشق ٿيل آهي. اخلاق و تھذيب، حسن و عشق رواداري ۽ انسان دوستي جھڙا بنيادي قدر ۽ رجحان، حامد جي شاعريءَ ۾ جاءِ بجاءِ موجود آهن. حامد مثنوي جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هڪ نئين صنف کي روشناس ڪرايو، جنھن ڪري جديد سنڌي شاعري ۾ هڪ صنف جو وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ مير حسن جي مثنوي هڪ نمائنده حيثيت حاصل ڪئي.

مير عبدالحسين سانگي
ويھين صدي جي اوائل ۾ گدا، مرتضائي ۽ مصري شاھہ جديد شاعري جا ناميارا شاعر ٿي گذريا آهن ۽ انھيءَ ساڳئي دور ۾ سانگي پيدا ٿيو، جنھن کي جيڪڏهن جديد غزل جو شهسوار ڪوٺجي تہ مبالغو نہ ٿيندو. هن غزل جي صنف کي سنواري ۽ سينگاري منجهس سنڌ جو روح پلٽي ڇڏيو ۽ پنھنجي ماحول جي عڪاسي هڪ فطرت شناس مصور وانگر ڪئي. سندس شاعريءَ ۾زندگي ۽ زنده دلي آهي. هي اهو دور هو، جنھن ۾ مغربي ۽ مشرقي تمدن جو تصادم ٿيو. پراڻي علم و فن جي قدر ۽ قيمت گهٽجڻ لڳي. پراڻا رجحان ۽ موضوع مٽجڻ لڳا. سانگيءَ جي بالغ نظريءَ پنھنجي گرد و پيش جو جائزو ورتو ۽ هو نھايت اطمينان ۽ سنجيدگيءَ سان پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪرڻ لڳو ۽ اسلامي محفل جو هڪ صاحب طرز غزل گو شاعر بڻجي پيو. سندس شعر جي خوبصورتي ۽ حسن ۾ هڪ آھہ پوشيده آهي، جنھن ۾ ڄڻ تہ سنڌ جي ماضيءَ جو روح مضمر آهي. صنعت گري ۽ مضمون آفريني جي لحاظ کان هن جو هڪ وڏو درجو هو، منجهس جذبات نگاري جون اهڙيون دلچسپ ڪيفيتون ملن ٿيون، جي ڄڻ هن لاءِ ئي مخصوص هيون. ويھين صدي جي پھرين دور جو ڄڻ هو پھريون ۽ آخري غزل گو شاعر هو. حڪيم، واصف، مخلص ۽ بلبل بہ هن دور جا چمڪندڙ ستارا هئا. ويھينءَ صدي جي ٽئين ڏهاڪي کان پوءِ غزل جي دنيا تي پزمردگي ڇانئجي ويئي ۽ ڪيترائي شاعر اردوءَ جي تتبع تي پنھنجي ميراث لٽائي ويٺا. سياسي بيداري ماڻھن ۾ قومي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو. هوم رول ۽ خلافت تحريڪون عوام تي اثرانداز رهيون. ان وقت هڪ ٻي صنف جو آغاز ٿيو، جنھن ماڻھن ۾ سياسي شعور ۽ اخلاقي جرئت پيدا ڪرڻ جي سعي و ڪوشش ڪئي. اها نظم جي صنف هئي، جنھن ۾ مرزا قليچ، بيوس، مخلص ۽ نظامي ڪن خاص نظرين ۽ رجحانن جي پيش نظر سنڌي نئين شاعري ۾ ڪيترائي اضافا ڪرڻ لڳا. سنڌ جي ڪيترين جماعتن ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ڪيا، جن جو نفس مضمون فارسي روايت جو خاڪو بڻيو. انھيءَ دور جي شاعرن ۾ خليل، نياز، احسن، خادم، عبد، سرشار، عزيز، طالب الموليٰ، گرامي، گدائي، بدوي، رشيد لاشاري ۽ غني قابل ذڪر آهن.

جديد شاعر
ٻي جنگ عظيم کان پوءِ اسان جي جديد شاعري جي ٻئي دور لاءِ زمين هموار ٿيڻ لڳي. ڪاظم، ضيا ۽ شيام غزل ۾ نوان تجربا شروع ڪيا ۽ جديد نظم (مقفيٰ ۽ آزاد) جي تحريڪ شروع ٿي. مقفيٰ نظم ۾ شيام، اياز ۽ حاميءَ سھڻا تجربا ڪيا ۽ آزاد نظم جو آغاز راقم الحروف جي “اميري ۽ غريبي” جي شايع ٿيڻ کانپوءِ 1943ع ۾ ٿيو. گيت جي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي ويئي ۽ نارائڻ شيام ڪجهہ سانيٽ لکيا. ملڪ جي تقسيم کانپوءِ ڪيترائي جديد نظريا ۽ رجحان سنڌي شاعري ۾ اڀري آيا ۽ جديد سنڌي شاعري ۾ ڪيترائي قابل قدر اضافا ٿيا، جن ۾ بعض شدت پسند عروضي شاعرن کان سواءِ گهڻو ڪري سڀني بزرگ اديبن ۽ شاعرن دلچسپي ورتي ۽ جديد موضوعات جا حامي ٿي ويٺا. تقسيم کانپوءِ ڪيترائي روشن ستارا سنڌي ادب جي افق تي چمڪيا جن ۾ حامي خيرپوري، اياز قادري، عبدالحليم جوش، سليم ڳاڙهوي، علي محمد مجروح، تنوير عباسي، رشيد لاشاري، نياز همايوني، بردو سنڌي، بشير مورياڻي، شمشير الحيدري ۽ محمد حسن ساز قابل ذڪر آهن. ورهاڱي کان اڳ جن نوان ۽ پراڻن شاعرن لکيو ٿي، انھن مان طالب الموليٰ، خليل، حاجي خادم، احسن، ضيا بلبل، گدائي، اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير ڪيترائي نوان اضافا ڪري ڪجهہ نون موضوع پيدا ڪيا. آءٌ نئين دور جي مٿين سڀني شاعرن جي ادبي ڪاوشن جو تجزيو ڪريان ٿو جيئن هرهڪ جي مقام کي متعين ڪرڻ ۾ سھولت ٿئي.
جڏهن اردو ادب ۾ غزل جي مخالفت زور ورتو تڏهن ڪجهہ عرصي کانپوءِ ان جو ردعمل سنڌي ادب ۾ بہ ظاهر ٿيو. اهو زمانو 44-1943ع جو هو. غزل کان وڌيڪ نوجوان اديبن خصوصن ۽ بزرگ شاعرن عمومن نظم جي طرف رغبت ڏيکاري، ليڪن ان ۾ قابل قدر اضافو ٿي نہ سگهيو. گويا اهو دور نظم جو عبوري دور هو ۽ غزل جي پرستارن جو هڪ وڏو حلقو موجود هو، جو نہ فقط بارسوخ هو، پر ادبي دنيا ۾ سندن ڪافي اثر هو. غزل شاعري جي هڪ سھڻي صنف آهي ۽ سنڌي غزل جو مطمع نظر، مزاج ۽ لب و لھجو فارسي ۽ اردو غزل کان ڪي قدر مختلف نظر اچي ٿو. تنھن ڪري غزل فقط شاعري نہ آهي پر تھذيب پڻ، جنھن بسا اوقات سنڌ جي معاشرتي نظام ۽ اخلاقي مزاج جي عڪاسي پڻ ڪئي آهي. عشق ۽ شباب جي ڳالھين کان سواءِ زندگي جي ڪيترين لطيف ۽ دلدوز ڪيفيتن جو اظھار سنڌي غزل ۾ موجود آهي. گل هجي يا فاضل، حامد هجي يا گدا ۽ سانگي، انھن بزرگن جي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي لطافتون موجود آهن ۽ ڪيتريون ئي تصويرون روان دوان نظر اچن ٿيون. محض مبالغہ، آرائي ۽ قافيہ پيمائي نہ آهي. جيڪي غزل جا نقائص ڪري ڄاڻايا ويندا آهن، جيڪڏهن حسن آهي تہ ان ۾ دلڪشيءَ سان گڏ ڪجهہ سنجيدگي ۽ ڪجهہ شائستگي بہ قائم آهي ۽ جي شباب آهي تہ ان ۾ حجاب آهي ۽ جيڪڏهن عشق آهي تہ ان ۾ سوز و گداز ۽ وارفتگي موجود آهي. موجودہ دور جي سموري سنڌي شاعري غزل جي مرهون منت آهي، جنھن سنڌي شاعريءَ جي بنيادي قدرن ۽ رجحانن جي نشو نما ۾ ڪافي معاونت ڪئي آهي. اسان غزل کي سنڌي شاعريءَ ۾ڪو مٿانھون درجو نٿا ڏيون ۽ نہ وري ڪنھن غزل گو شاعر کي عظيم ڪلاسيڪي شاعرن جي مقابلي ۾ پيش ڪريون ٿا، ليڪن ائين چوڻ کان بہ رهي نٿا سگهون تہ غزل جي شاعريءَ سنڌين ۾ هڪ برجستو شعور ۽ لطيف احساس ضرور پيدا ڪيو آهي، جنھن ڪري ئي هنن ۾ هڪ نئين جذبي پرورش ورتي ۽ هو هڪ نئين ادبي ماحول جي تشڪيل لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهڙي بيداري فقط غزل جي شاعريءَ ئي منجهن پيدا ڪئي ۽ کين هڪ نئين جامع ۽ صحتمند ٻولي سان روشناس ڪرايو، جنھن ۾ ڪيترا ئي ٺھيل ٺڪيل شاعرانہ لوازمات موجود هئا. تنھن ڪري شاعري جي زبان ۾ بہ وسعت پيدا ٿي.
بھرحال اسان سنڌي غزل کي هڪ فن لطيف تسليم ڪندي ان کي ادب عاليہ جو هڪ خاص جزو ڪري سمجهون ٿا ۽ سندس خدمت کان ڪڏهن بہ انڪار ڪري نٿا سگهون. ادنيٰ يا اعليٰ، چڱي يا بري شاعريءَ جو انحصار شاعر جي سطح تي آهي. هر ڪو شاعر وڏو ۽ چڱو شاعر ٿي نٿو سگهي. ڪيترن شاعرن سنڌي غزل ۾ مبالغہ، ۽ تصنع، نقالي ۽ لفاظي کان ڪم ورتو آهي؛ ليڪن انھن جي ڪم مائيگي ڪري صنف کي معتوب بڻائي نٿو سگهجي. اسان غزل جي هلندڙ دور جي ڪن پرگو شاعرن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جي ڪلام ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ سمجهون ٿا تہ انھن سنڌي غزل ۾ تجديد جو ڪم ڪيو آهي. 45-1944ع ڌاري نارائڻ شيام جي وساطت سان پرسرام ضيا جو مجموعه ڪلام مليو. اسان جي محفل ۾ ڪيترائي ڏينھن انھيءَ مجموعه ڪلام جي غزلن تي بحث هلندو آيو. درحقيقت سندس غزلن جو مزاج هڪ نئين ادبي ماحول جو پيش خيمو آهي. ضيا جا شيام سان قريبي تعلقات هئا، تنھن ڪري شيام جي غزلن جو رنگ بہ گهڻو تڻو ساڳيو ئي هو. نئين غزل جي رآھہ هموار ڪرڻ ۾ ضيا ۽ شيام جو وڏو هٿ آهي، جن جي شاعري ۾ مقامي روح زيادہ جلوہ، گر آهي.
جيڪي هڪڙي جام کان محروم ٿيا
مان انھن محروم مخوارن مان هوس. (ضيا)
هڪ اهڙي ڪيفيت جو اظھار آهي، جيڪا حقائق تي مبني آهي ۽ روايتي غزل گو اهڙي نموني سوچي بہ نٿو سگهي. ضيا غزل جي صنف سخن کي معيار سخن بنائي ڇڏيو. هن پنھنجي نقطہ، نظر کي سھڻي انداز فڪر ۽ سليقي سان نباهيو آهي.

ڪاظم
ڪاظم بہ انھيءَ زماني جو برجستو غزل گو شاعر آهي. ڪاظم سان اسان جي ملاقات شيخ اياز جي معرفت 1944ع ۾ ٿي. اياز سندس وڏو مداح هو، ڪاظم فارسي غزل گو شاعرن جو مقلد آهي ۽ هن فارسي جي مزاج ۽ رنگ کي روايتي صورت ۾ قبول ڪيو آهي، تنھن ڪري هن ساڳين ايراني روايتن کي سنڌي زبان ۾ سنوارڻ، سمائڻ ۽ سموهڻ ۾ وڏي محنت ڪئي. جيتوڻيڪ هن ايراني رنگ روپ کي هڪ مقامي رنگ بخشيو، تنھن هوندي بہ هن ايراني لوازمات کي سو في صدي قبول ڪيو آهي.
اڄ سرو قد عطا ڪيو سيب ذقن جو بوسو
نخل مراد آخر ٿيو با رباب آهي.
...................
منھنجو همسايه ٿئي زاهد خشڪ
اهڙي جنت کان خدا مون کي بس آه.
...................
“زاهد ايئن نہ سمجهہ تہ اڳ جو پياڪ آن
ڏاڍو ڪڙو هو تنھن ڪري هڪ ڳيت پي ويس”
ان کانسواءِ ساڳئي رنگ ۾ ڪاظم جي جدت ۽ ندرت ملاحظہ ڪجي:
ٿئي زلف جان تہ سلسلهءِ آرزو دراز
ڪنھن شوخ جي جواب طرح مختصر ڪجي.
...................
مون کي خبر تہ رات ڪٽيم ڪيئن مري مري
وعده شڪن جي اڄ بہ نہ آيو مري ويس.
...................
ڪاظم ۽ هت ڪڏهن بہ نہ شايد ملي وڃي
قاتل جي در تي يا در قاتل جي آسپاس.
ڪاظم جي غزل جي شاعري شيخ اياز تي گهڻي قدر اثر انداز رهي آهي، پر اياز فارسي اساليب کي قبول ڪندي بہ غزل ۾ سلاست ۽ سادگي پيدا ڪئي آهي، جنھن ۾ سندس طبع جو گهڻو دخل آهي.
وفائون جفائون ادائون حيا
ڪرشما هيا خاڪ جا ڇا هيا.
...................
زندگي هونءَ بہ وڃي ها گذري
يا خدا! هوءَ ملائينم نہ ها. (اياز)

شيخ راز
جيئن تہ راقم الحروم جا شيام خواھہ اياز سان گهرا تعلقات هئا، تنھن ڪري انھن ٻنھي جي رنگ مان چڱيءَ طرح واقفيت آهي. اياز ۾ بيساختگي ۽ شيما ۾ سنجيدگي ۽ شائستگي موجود آهي. اهڙين صحبتن ۽ ادبي محفلن راقم الحروف کي غزل ۾ هڪ نئين ۽ مختلف انداز کي پيش ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.
وري دانھن ڪنھن بيوفا بيوطن ڪئي
وري آسمان ٿيو هراسان هراسان
قيامت قيامت ڪري ٿو زمانو
آ ڪنھن جي جواني خرامان خرامان. (راز)

سنڌي ادبي سرڪل ۽ جديد شاعري
سال 1943ع ۾ نئين سنڌي ادب جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل بنياد رکيو ويو. ڪاليج جي زندگي ۾ اها پھرين سنڌي ادبي تحريڪ هئي، جنھن سنڌي ادب جي جديد تقاضائن تي نظر ڪئي ۽ جنھن جو افتتاح سنڌ جي مايه ناز محقق ۽ اديب آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ صدر جي حيثيت ۾ ڪيو. پروفيسر رام پنجواڻي ايڪس آفيشو جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ راقم الحروف کي متفق راءِ جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو. سنڌي ادب جي پر آشوب دور ۾ ڪجهہ اهڙا دوست نڪري آيا جن سرڪل جي سرگرمين ۾ اهم حصو ورتو ۽ پھريون بنيادي ڪتابچو “لهرون” نالي شايع ٿيو، جنھن ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، سڳن آهوجا، ممتاز، نعيم، پروفيسر منشاراماڻي ۽ پروفيسر ڀمڀاڻي جون تحريرون شامل هيون. ان کانپوءِ ترقي پسند مصنفين جي انجمن جو اجراء ٿيو، جنھن جي سرڪردگي گوبند مالھي جي حوالي رهي. ان انجمن ۾ سرڪل جي ڪيترن ميمبرن اهم حصو ورتو. ٿوري عرصي کانپوءِ انجمن جي طرفان “پرھہ ڦٽي” نالي هڪ ڪتاب شايع ٿيو، جنھن ۾ راقم الحروم کان سواءِ نارائڻ شيام، شيخ اياز، راجپال، سڳن آهوجا، رام پنجواڻي وغيرہ جون تخليقون شايع ٿيون.

تقسيم هند کان پوءِ
ملڪ جي تقسيم کانپوءِ سنڌيءَ جي ڪھنہ مشق غزل گو شاعرن تي بہ نوجوان شعرا جي مٿئين لب ۽ لھجي جو اثر پيو، جنھن ڪري نياز، خليل، طالب الموليٰ ۽ رشيد لاشاري پنھنجي انداز سخن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ انھن نئين غزل جي همت افزائي ۾ ڪافي محنت ۽ مدد ڪئي. اهي شعراءِ ڪرام سنڌي شاعري ۾ استاد جي حيثيت رکن ٿا، تنھن ڪري عوامي اذهان تي ان جو خاطر خواھہ اثر پيو. ماهنامي نئين زندگيءَ هڪ نئين سحر جو پيغام ڏنو.
اندر کي آسرو جن جو ۽ دل کي ڀروسو جن جو
الائي ويا هليا ڪاڏي اهي شيرين زبان وارا.
...................
تنھنجي خوشي جي منھنجو وٺي غم پنآھہ ۾
هر غم کان بي نياز رهي منھنجي زندگي. (نياز)
۽ خليل پڪاريو:
هاڻ بدلايون هي فرسودہ نظام آسمان
ڪي ٻيا مآھہ و نجموم و ڪهڪشان پيدا ڪريون.
...................
هو مسيحائي زمان تو تي گذر نيٺ ڪندو
آس محبت جي ڪڏهن اي دل بيمار نہ پڇ.

ان کان پوءِ رشيد للڪاريو:
تباهي ۾ تہ ڇو ڳوليون حيات جاودان پنھنجي
خزان ۾ ئي آهي بھار بي خزان پنھنجي.
...................
تو کي ڇا گهرج؟ پاڻ آهين بھار
دوست! مون وٽ سدا بھار هجي. (رشيد)
طالب الموليٰ پنھنجي بي سرو ساماني جو روايتي ذڪر ڪندي چيو:
تون يار منھنجو مون سان هجين ٻيو نہ ڪجهہ کپي
ٻي ڪھڙي ٿيندي بي سرو سامان جي آرزو.
دلگير بہ غزل جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هو بنيادي طور نظم جو شاعر آهي:
اها ياد اٿم باغ ۾ ڪيئن آئي بھاري
کلندو ڏسي توکي ئي کٽڻھار کڙيا ٿي.
انھن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ انھيءَ نموني جو انداز دل تي اثر ڇڏڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي ۽ ڪنھن واردات قلبي جو حقيقت پسندانہ اظھار آهي.
نوجوان شاعرن ۾ حقيقت ۽ واقعيت جو هڪ پختو شعور پيدا ٿيو آهي، جن غزل جي سرزمين کي سرسبز و شاداب بڻائڻ لاءِ وڏو رياض ڪيو آهي. منجهن خلوص سان گڏ هڪ نئون پيرايه بيان موجود آهي. اسان هينئر انھن جو ذڪر ڪريون ٿا.

عبدالحليم “جوش”
تقسيم کان پوءِ، جن نوجوان شاعرن غزل جي زمين کي هموار ڪري، منجهس جديد رجحانن ۽ جديد تقاضائن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، انھن ۾ عبدالحليم “جوش” جو ڪجهہ مٿانھون درجو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. غزل جي مزاج کي پرکڻ ۽ ان جي لب و لھجه کان واقفيت رکڻ، ڪا سولي ڳالھہ نہ آهي. ان جي لاءِ مشق ۽ دل جي خون جي ضرورت آهي. هر زبان جي شاعريءَ ۾ شاعرن کان وڌيڪ تڪ بند پيدا ٿيندا آهن. سنڌي شاعريءَ کي بہ ان ڪليه کان مستثنيٰ ڪري نٿو سگهجي: ڪن عروض جو سھارو ورتو آهي، ڪن ڪافيه پيمائي ڪئي آهي ۽ ڪن وٽ سواءِ لفظن جي شعبده بازي جي، ٻي هر شئي مفقود نظر اچي ٿي. داد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي طبع آزمائي ڪئي آهي، پنھنجن پراون جي مدد سان ڪيتريون ئي شاعرانہ چيزون پيدا ڪيون آهن، جن کي اسان ڪڏهن بہ شعر و شاعريءَ سان منسوب نہ ڪيو آهي.ڪا بہ شعري تخليق جيستائين اسان جي ذوق سليم کي ڌونڌاڙي ۽ اسان جي جذبات کي اڀاري نٿي، ان کي اسان شاعري جي دفعي ۾ داخل نٿا ڪريون. اسان ڪن نوجوان شاعرن جي غزلن مان ڪجهہ بيتن جو انتخاب ڪيو آهي،جن ۾ واقعي غزل جي چاشني موجود آهي ۽ جن جي اشعار اسان جي دل تي ڪو نہ ڪو اثر ڇڏيو آهي. “اياز”، “خليل”، “ڪاظم”، “نياز”، ”عبد”، “ضيا” ۽ “شيام” جي اهميت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو؟ انھن سنڌي غزل جي روايت کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي. جيتوڻيڪ ڪنھن جاءِ تي اصولي ۽ نظرياتي اوڻايون ۽ ڪمزوريون نظر اچن ٿيون ۽ ڪن کان علمي، ادبي، فني ۽ لساني لغزشون سرزد ٿيون آهن، انھن هوندي بہ سندن شاعرانہ حيثيت پنھنجي جاءِ تي مسلم آهي. ان کانپوءِ نوجوان شاعرن انھيءَ روايت ۾ ڪيترائي لطيف ۽ دلڪش تجربا ڪيا آهن. نوجوان شعرا ۾ “جوش” بنيادي ۽ نجي طور غزل جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ جو مدار حسن اظھار تي آهي، تنھن ڪري اسان کيس حسن ۽ عشق جو شارح سمجهي، غزل گو شاعر ڪري ليکيون ٿا. انھن قدرن جي وضاحت لاءِ غزل جي زمين ئي نھايت موزون ۽ مناسب آهي. سنڌيءَ جي هڪ پرگو، ڪھنہ مشق شاعر جي فرزند جي حيثيت سان، کيس ڪيتريون لطافتون ورثي ۾ مليون آهن. زبان کي هن هڪ فن بڻايو آهي، جنھن ڪري سندس زبان جي شائستگيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. سندس جذبات جي شگفتگي، بيان جي سادگي ۽ خيال جي پختگي ايتري جامع، دلڪش ۽ ھمہ گير آهي، جنھن مان ڪنھن وڏي شاعر جي اعليٰ صلاحيتن جو انداز ملي ٿو. هن نئين غزل جي انداز کي چڱيءَ طرح سمجهيو آهي ۽ ان کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ هن وڏي جدوجھد ڪئي آهي. “جوش” جي شاعري عشقيا آهي، جنھن ۾ حسن ۽ عشق، جوش ۽ جذبو، سڀ شامل آهن. سندس شاعريءَ ۾ افڪار ۽ خيالات بي نقاب نظر اچن ٿا.
“ميڪده بابت نہ ڪجهہ چئو، واعظا!
جو هتي آيو، سو انسان ٿي ويو”
ماڻھوءَ جو معراج جو ڪيترو نہ آسان شرط سوچيو ويو آهي! ليڪن ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن غور ڪيو وڃي تہ اها راھہ ڪٺن آهي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون درپيش آهن.
جنھن دل ۾ درد ناهي، اها دل بہ ڪا دل آھہ؟
مون سان ڪڏهن نہ درد جي درمان جي ڳالھہ ڪر”
جيتوڻيڪ نئون خيال نہ آهي، ليڪن سنڌي زبان ۾ سندس انداز مٺڙو آهي، جنھن مان واضح ٿئي ٿو تہ درد ئي انسان کي منزل تي پھچائي ٿو ۽ درد کي محفوظ رکڻ، زندگيءَ جي وڏي ڪاميابي آهي.
“جوش” وٽ سنڌي غزل جي نئين شعور جو ڀرپور مزاج ۽ نئين دور جو واضح تصور ملي ٿو، جنھن ۾ گهڻو ڪري استعارن ۽ تشبيھن کان گريز آهي؛ ۽ زندگيءَ جي هڪ ساده ۽ صاف تصوير جهلڪي ٿي. چيو اٿس:
منھنجا قدم ڪٿي ها ۽ منھنجي نظر ڪٿي؟
منزل کان ايڏو ڏور ۽ منزل جي آسپاس.
سنڌي غزل جي روايتي لب ۽ لھجي کان بلڪل مختلف رنگ آهي. “جوش” وٽ موضوع ۽ مواد کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. عشقيہ موضوعات تي جن شعرن جي تخليق ڪئي اٿس، انھن ۾ واردات ۽ ڪيفيات جو اظھار زيادہ آهي. زندگي آلام ۽ مصائب سان سنوارجي ٿي. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ تڪليفون ۽ مصيبتون نہ هجن تہ زندگيءَ ۾ ڪا بہ رنگيني نٿي رهي ۽ حياتي وبال جان بڻجيو پوي. روزه مرھہ جي واقعات کي “جوش” نھايت چڱيءَ طرح پڙهيو آهي.
ڪٿي صليب، ڪٿي اهتمام دار آهي،
اڃا حياتي جو ماحول خوشگوار آهي.
هر وقت ۽ هر گهڙيءَ خوف ۽ هراس طاري آهي؛ هر قدم تي ڪنھن نہ ڪنھن مصيبت سان مد مقابل ٿيڻو آهي، تنھن ڪري اڃا تائين زندگيءَ ۾ ڪو سڪون ميسر نہ ٿيو آهي: هڪ مصيبت کان جان ڇڏائجي ٿي، تہ ٻي آزمائش للڪارڻ شروع ڪري ٿي ۽ اهڙي چئلينج جي مقابلي لاءِ تياري ڪرڻي پوي ٿي. انھيءَ نموني زندگيءَ ۾ چين ۽ آرام شل نصيب ٿئي.
قفس جو خوف، نشيمن جو غم، خزان جو خيال
فضا چمن جي ڪٿي آهي سازگار اڃا.
شاعر زندگيءَ ۾تحريڪ پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. هن کي زندگيءَ جي خاموشي ۽ زماني جي اداسي نٿي وڻي. هو ڪنھن هنگامه آرائيءَ جو متمني آهي، جو خوشحاليءَ ۾ آسودگيءَ جو پيش خيمو بڻجي پوي.
چمن اداس، فضا سرد، بلبلون خاموش،
بپا چمن ۾ ڪو هنگامه بھار ڪريون.
انھيءَ نموني “جوش” جا ڪيترا ئي پيارا اشعار موجود آهن، جن زندگيءَ جي ترجماني ڪئي آهي.
پرھہ ڦٽي، تہ ڏٺي مون خدا جي فياضي
جي هڪ ڏيو ٿو جلائي، سوين وسائي ٿو.
...................
لڙڪ مان مرڪ پيدا ڪري ٿو سگهان،
پاڻ روئي ٻين کي کلايو اٿم.
...................
فصل بھار ۾ تہ ڪجي ٿو چمن جو سير،
دور خزان ۾ ڪا تہ گلستان جي ڳالھہ ڪر.

تنوير عباسي
نئين دور جي غزل گو شاعرن ۾ “تنوير” عباسي جو بہ هڪ اهم مقام آهي. “تنوير” غزل جي نئين نسل جي نشاندهي ڪري ٿو. ۽ هن غزل جي نئين خوبصورت خام مواد کي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ “تنوير” بنيادي طرح نظم جو شاعر آهي، ليڪن منجهس غزل لاءِ هڪ مٺڙو گداز موجود آهي. هن ۾ غزل جي روح تائين پھچڻ جو شعور آهي. جنھنڪري منجهس غزل جي شعر چوڻ جو سليقو ڏنل آهي. انھن لياقتن “تنوير” جي لطيف حسن کي بيدار ڪري کيس غزل جي ميدان ۾ پھچايو آهي. “سانگي” کانپوءِ پنجويھن سالن جو دور گهڻو ڪري سنڌي غزل ۾، خيال آفريني ۽ مضمون بنديءَ جو زمانو رهيو آهي. هن دور ۾ ڪيترائي اهل قلم بزرگ پيدا ٿيا، جن شعر ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ زور آزمائيون ڪيون آهن، ليڪن انھن گهڻو ڪري ابھام کان ڪم ورتو؛ جنھن ڪري شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي نمائندگيءَ جي ڪا بہ صورت نظر نہ آئي. منجهن نازڪ خياليءَ جون گوناگون تصويرون موجود آهن، ليڪن زندگيءَ جي مسائل تي هنن ڪڏهن بہ ڪين سوچيو آهي ۽ شاعري محض تفريح طبع جو سامان بڻجي پيئي. نئين نسل شروعات ۾ انھن جي تقليد ڪئي، ليڪن هنن وقت جي تقاضائن ۽ زندگيءَ جي اهم مسئلن کي ئي محسوس ڪيو ۽ دماغي ڪاوشن کان وڌيڪ دل جي احساسات ۽ جذبات جي حقيقت پسندانہ تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انھيءَ صورتحال کي روشناس ڪرائڻ لاءِ نوجوان طبقي جون ڪوششون تحسين جوڳيون آهن. تقسيم کانپوءِ حقيقت پسندانہ رجحانن کي پيش ڪرڻ لاءِ خصوصن نوجوان شاعرن، ڪيترائي خارجي ۽ داخلي تجربا ڪيا. “تنوير” بہ انھن شاعرن مان هڪڙو آهي. “تنوير” جي غزل ۾ بيباڪي، سادگي ۽ بيساختگي موجود آهي. هن ۾ سليقي کانسواءِ وضعداري بہ آهي ۽ محبوب جي نيڪناميءَ ۽ وضعداريءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن جو محبوب سخي ۽ شاندار آهي.
تون پنھنجي رونق محفل جو ڪجهہ تہ خيال رک
شڪستہ حال ڪو ۽ تنھنجي انجمن ۾ هجي.
ڪيڏي وڏي ڳالھہ “تنوير” سادگي ۽ شائستگي سان پيش ڪئي آهي. انداز بيان انوکو ۽ دلفريب آهي؛ منجهس ڪنھن قسم جي روايتي شڪايت نظر نٿي اچي.
محبوب جي لطف و عنايت واري هڪ نظر سان دنيا جي ڪايا بدلجي وڃي ٿي، ڏک ڏولاوا لھي وڃن ٿا ۽ هر ڪو خوش خرم ۽ هشاش بشاش نظر اچي ٿو. دنيا جي خوش حالي ۽ آسودگي جو راڄ رهي ٿو ۽ زندگي ناچ ڪرڻ شروع ڪري ٿي.
زندگيءَ کي ڏٺو ٿي مون رقصان،
تنھنجي الفت ڀري اشارن ۾.
تنوير ۾ مصنويت جو ڀرپور انداز آهي، محض قافيہ پيمائي نہ آهي. سندس بلند حوصلي جو انداز تہ ڏس:
شوق ساحل ۾ تہ موجن جي حوالي ٿي، اي دوست!
آيو طوفان، تہ طوفان کي ڏسي رهنداسين.
انھيءَ نموني مجاز ۽ حقيقت جو ڪيتريون ئي لطيف ۽ نفيس چيزون تنوير پنھنجي غزل جي شعرن ۾ پيش ڪيون آهن:
وائڙو وقت ۽ منجهيل ماڻھو
ڪجهہ ڳايو ۽ ڪجهہ ڳالھايو
...................
هر پکي پنھنجي ريت، پنھنجي نيت آ
منھنجي لئہ جو آھہ داڻو، تنھنجي لئہ سو دام ٿيو
...................
تنھنجي دل ۾ رهيس ٿي غم جي خلش
توکان ڪڏهن بہ دور ڪين ٿيس

“تنوير” غزل ڏانھن گهٽ رغبت ڏيکاري آهي ۽ سندس طبيعت جو ميلان پابند نظم جي طرف رهيو آهي. هر ڪنھن جي پنھنجي آزادانہ راءِ آهي، ورنہ اسان کيس غزل جي لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهون ٿا. اسان سندس نظم تي نظم جي حصي ۾ بحث ڪنداسون. ترقي پسند طبقي وٽ غزل ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ورثو سمجهيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ روايتي ۽ قديم شاعريءَ جو علمبردار. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ مٿس غير ملڪي لوازم جو اثر آهي، تنھن ڪري ان کي مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. اردو شاعريءَ جي لحاظ کان تہ اهو اثر ۽ خيال ڪنھن حد تائين صحيح ۽ درست آهي، ليڪن سنڌي شاعريءَ ۾ اها حجت بي بنياد ۽ حقائق جي خلاف آهي. اردو وارن غزل کي مذموم ۽ مردود بنائي، ان جي خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا تہ سنڌين بہ سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ انھن جي تقليد ڪئي ۽ اسان جا نوجوان جذباتي طور انھيءَ اثر جا شڪار ٿيا آهن. غزل جي مخالفن ۾ عام طرح ڏٺو ويو آهي تہ غزل کي سمجهڻ جي لطيف حس ئي موجود ڪا نہ آهي.
سنڌي جديد غزل ۾ علي محمد “مجروح” محمد حسن “ساز” “بشير” مورياڻي، “امداد” حسيني، “تاج” بلوچ ۽ “سليم” ڳاڙهوي وغيرہ نمايان حصو ورتو آهي، جن سان سنڌي غزل جون وڏيون اميدون وابستہ آهن.
کلان ٿو پاڻ ئي مان پنھنجي بي ثباتي تي
تبسم گل و لاله تہ درڪنار اڃا. (مجروح)
...................
تون اگر آهين تہ آهي اوج تي بزم جهان،
تون اگر ناهين، تہ رنگين حسن فطرت ڇو هجي؟ (مجروح)
...................
وفا سان واسطو ڪھڙو، جفا جي ناهي ڪا پرواھہ،
جفا کان ۽ وفا جي نام کان بيزار آهيان مان (ساز)
...................
اڄ سو ئي منھنجي حال زبون تي رهي ٿو خوش،
مون سان غمن ۾ گڏ ٿي رهيو اشڪبار جو (ساز)
...................
ظلم ۽ بيداد جا حامي هزارين ٿو ڏسان،
عدل ۽ انصاف وارا پاسبان ڪاڏي ويا؟ (سليم)
...................
جي ڏسڻ چاهين ٿو اسرار جنون، اي همدم!
چاڪ دامن ڏسي يا چاڪ گريبان اڳ ۾. (سليم)
...................
اي ياد! عھد محبت جي بار بار نہ آ،
مون بيقرار کي ايڏو تہ بيقرار نہ ڪر. (بشير)

اسان مٿي ذڪر ڪيل غزل جي سڀني مکيہ شاعرن جي ڪلام کي ڪٺو ڪري رهيا آهيون ۽ اميد تہ جلد ئي هڪ مفصل مقالو پيش ڪنداسون، جنھن ۾ جديد رجحانن ۽ موضوعن جو تفصيل بيان ڪري، سندن شاعريءَ جي حسن ۽ قبح جو جائزو وٺنداسون تہ انھن شاعرن پنھنجي فن کي خوبصورت ۽ پائيدار بڻائڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪئي ۽ پراڻين روايتن کان استفاده حاصل ڪري، پنھنجي شاعريءَ ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪيتري قدر سعي ۽ ڪوشش ڪئي آهي.
اسان جي جديد شاعريءَ ۾ نظم جي صنف بہ هڪ اهم، خوبصورت ۽ زيادہ ڪار آمد صنف آهي. جديد شاعريءَ ۾ انھيءَ صنف جا ٻہ حصا آهن: هڪ پابند نظم ۽ ٻيو آزاد نظم. اسان هن کان اڳ ذڪر ڪيو آهي تہ پابند نظم جا رجحان اسان کي اوڻويھين صديءَ جي آخر ۾، سڀني کان اول حافظ “حامد” ۾ نظر آيا ۽ ان کان اڳ موضوع جي اعتبار کان “گل” وٽ ڪيترائي نظم ملن ٿا، جن کي غزل سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي غزل جي هيئت تي مشتمل آهن. هيئت جي اعتبار کان غزل ۽ موضوع جي لحاظ کان نظم آهن. سانوڻ جي رت جو هڪ ڀرپور نظارو “گل” پنھنجي هڪڙي غزل ۾ پيش ڪيو آهي، جو مواد خواھہ موضوع جي اعتبار کان، سو في صدي نظم آهي ۽ ويھينءَ صديءَ جي ترقي پسند دور جو ڄڻ ڪ پسنديدہ موضوع آهي. قاسم ۽ فاضل ۾ بہ ساڳيا رجحان ڪارفرما آهن. حافظ حامد انھيءَ صنف کي بيانيه انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ سندس “موسم گل” اوڻويھين صديءَ جي آخري دور جو هڪ اهم ۽ رنگين نظم آهي. تنھن ڪري سنڌي جديد شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم هٿ هٿ ۾ ڏيئي ارتقائي منزلون طئي ڪندا رهيا آهن. مولوي اٻوجهي، قومي نظريات جي پيش نظر، هن صنف شاعريءَ جي نشو و نما لاءِ هڪ اهم حصو ادا ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ، محمد هاشم “مخلص”، “حڪيم”، ڪشنچند “بيوس”، ”بدوي“، “نظامي ۽ “رشيد” لاشاري نظم کي مقبول بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ۽ مشق ڪئي آهي. زندگيءَ جي سياسي، معاشرتي ۽ قومي مسائل جي موضوعن تي هنن خاص توجھہ ڏني آهي.

تقسيم کانپوءِ نظم گو شاعر
نظم لاءِ تہ هر شاعري کي نظم چئجي ٿو، ليڪن ڪنھن مخصوص صنف شاعريءَ کي نظم جي نالي سان موسم ڪيو ويو آهي. اسان انھيءَ صنف جو ذڪر ڪريون ٿا. نظم شعرن جو مجموعو ٿئي ٿو، جنھن ۾ هڪ مرڪزي خيال رهي ٿو ۽ ان مرڪزي خيال کي واضح ڪرڻ لاءِ شعرن جو سلسلو قائم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ اهڙي فضا قائم رکي ٿو، جنھن سان موضوع جي لاءِ گنجائش آهي، تنھن ڪري نظم زندگيءَ جي ڪيترن مسئلن ۽ موضوعن جي ترجماني ڪري ٿو، جن ۾ سياسي، اخلاقي، مذهبي، فلسفانہ ۽ مفڪرانہ مضامين پيش ڪري سگهجن ٿا. موضوع ۽ خيال کي انتخاب ڪري ان جي تشڪيل ڪرڻ، شاعر جي صلاحيت تي منحصر آهي، جنھن مان شاعر جي شخصيت ۽ انفرادي تجربي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اسان تقسيم کان پوءِ سنڌ جي نظم گو شاعرن جو هڪ سرسري جائزو وٺون ٿا.
سنڌ ۾ نظم جي تحريڪ غزل جي صنف جي مخالف نہ رهي آهي ۽ نہ وري ڪنھن بہ دور ۾ غزل جي زوال جا آثار پيدا ٿيا آهن. غزل، “گل”، کان وٺي اڄ تائين، پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪامياب رهندو آيو آهي، ۽ سنڌ جي لکيل پڙهيل طبقي انھيءَ صنف جو احترام ڪيو آهي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ غزل ۾ ڪيترائي ڪچا ڦڪا ۽ لتاڙيل خيال اچي ويا آهن، ليڪن غزل جي اهميت پنھنجيءَ جاءِ تي مسلم رهي آهي ۽ اسان وٽ تہ غزل پنھنجي هيئت جو تسلط نظم جي شاعريءَ مٿان بہ قائم رکيو آهي، جنھن ڪري جديد پابند نظم اڃا تائين ابتدائي مرحلن مان گذري رهيو آهي. هيئت ۽ مواد تي محنت ۽ مشقت ڪئي وڃي ٿي. جديد دور جي نظم گو شاعرن ۾ هري دلگير، نياز لاڙڪاڻوي، اياز قادري، نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسي، لطف ﷲ بدوي، رشيد لاشاري، نياز همايوني، عطا محمد حامي، حافظ احسن ۽ عبدالڪريم گدائي نمايان حيثيت رکن ٿا. مٿين شاعرن جا گهڻو ڪري مختلف نظريا ۽ مختلف موضوع آهن. ڪي ترقي پسند رجحانن جا قائل آهن، ڪن تي مذهبي ۽ قومي رنگ غالب آهي ۽ ڪي حب وطن جا دلداد آهن. جيڪڏهن حقيقت پرستي آهي تہ تصوريت بہ موجود آهي ۽ جيڪڏهن حقيقت نگاري آهي تہ اشاريت کي بہ ڪو مقام حاصل آهي. ڪي حقيقت پرستيءَ جا رازدان آهن تہ ڪن ۾ بغاوت جا عناصر موجود آهن. بھرحال سنڌي جديد نظم ۾ خارجي ۽ داخلي پھلوئن جو هڪ امتزاج نظر اچي ٿو.

ڪشنچند بيوس
اسين جديد نظم جي پھرئين دور جو جائزو وٺي، ڪن شاعرن جو سرسري ذڪر ڪنداسون. هن مختصر مضمون ۾ حوالن جي گنجائش نہ ڏسي، اسين گهڻو ڪري حوالن کان گريز ڪنداسون. “بيوس” کي سنڌي پابند نظم ۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي. جيتوڻيڪ “بيوس” جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي فني، عروضي ۽ لساني نقص موجود آهن، تنھن هوندي بہ “بيوس” هڪ نئين نياپي جي تبليغ ۽ تشھير ۾ خاطر خواھہ ڪيو آهي، ۽ سنڌي شاعريءَ جي مزاج کي موڙڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي، جنھن ڪم جي شروعات مولوي اٻوجهي ۽ مرحوم “بلبل” پنھنجي پنھنجي نموني ۾ ڪئي. سنڌ ۾ “بيوس” پنھنجن مداحن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو، جنھن جي ڪري کيس ڪافي شھرت نصيب ٿي. چيو وڃي ٿو تہ هو هڪ فقير تن انسان هو، جنھن ڪري ماڻھن ۾ سندس چڱي مڃتا هئي. اسان جو استاد پروفيسر رام پنجواڻي کيس پنھنجو رهبر ۽ گرو ڪري مڃيندو هو. بھرحال، “بيوس” سنڌي شاعريءَ ۾ جديد موضوعن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مٿس علامه اقبال جي شاعريءَ جو وڏو اثر ٿو ڏسجي. هن پنھنجي وطن ۽ ان جي فطرتي منظرن جو نقشو نھايت سادگيءَ سان چٽيو آهي ۽ وطن جا ترانا هڪ دردمندانہ انداز ۾ پيش ڪيا آهن، جن ۾ انگريزي سامراج ۽ فرنگي معاشرت جي خلاف ڪيترائي جذبا ڪارفرما آهن. “بيوس” قومي ۽ اقتصادي مسئلن سان گڏ، نفسياتي ۽ اخلاقي نظرين کي پڻ نھايت نرميءَ ۽ گنڀيرتا سان پيش ڪيو آهي. ڀانئجي ٿو تہ “بيوس” مرزا قليچ بيگ جو اثر بہ قبول ڪيو آهي، جنھن سنڌي شاعريءَ کي گونان گون موضوعن سان روشناس ڪرايو آهي. مرزا صاحب زندگيءَ جي هر مسئلي کي نھايت باريڪيءَ سان ڏٺو آهي، ۽ قوم جي رجحانن جو چڱيءَ طرح تجزيو ڪيو آهي. اخلاقي قدرن کي وڌائڻ ۾ “قليچ” هڪ نمايان حصو ادا ڪيو آهي، تنھن ڪري “بيوس” ۽ “قليچ” سنڌي شاعريءَ ۾ جديد نظم جي نشاندهي ڪئي آهي. انھن غزل جي شاعريءَ کان هٽي، نظم جي ذريعي سنڌين ۾ سجاڳيءَ جي لهر پيدا ڪئي.

محمد هاشم ”مخلص”
انھيءَ دور جو ٻيو شاعر محمد هاشم ”مخلص” آهي، جنھن ۾ فني ڪمزورين جي باوجود هڪ سياسي ۽ قومي شعور موجود آهي. ان کان پوءِ “نظامي” قومي شاعر ٿي مشھور ٿيو، جنھن قوم جي ناسورن ۽ وقت جي مسئلن ڏانھن توجھہ ڪئي ۽ هن ”قليچ” ۽ “بيوس” جي نظرين کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ورهاڱي کان پوءِ جن ڪھنہ مشق شاعرن نظم جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، انھن ۾ نياز، بدوي، رشيد، گدائي ۽ حافظ احسن قابل ذڪر آهن. انھن سان گڏ حيدر بخش جتوئيءَ کي بہ فراموش نٿو ڪري سگهجي. “نياز” ماضي قريب جو هڪ صاحب طرز شاعر هو ۽ ڪھنہ مشق بزرگن ۾ هن جو درجو مٿانھون هو.
پاڻ کي ڇو رزق جي لئي ٿو نوائين ايترو،
پنھنجي خودداري نہ ڪر برباد، اي دل جا پکي!س (نياز)
ڄڻ تہ اقبال جي “طائر لاهوتيءَ” جي ڳالھہ آهي. جنھن عمل جي ڪري ضمير مردہ ٿي وڃي ٿو ۽ انسان جي خودي ختم ٿيو پوي، “نياز” ان کي برباديءَ کان بچائڻ ٿو گهري. “نياز” انسان کي پنھنجي صحيح مقام جي طرف وڌڻ جي تلقين ڪئي آهي. انھيءَ کان سواءِ، قدرتي نظارن کي چٽڻ ۾ “نياز” کي هڪ ملڪو حاصل آهي. هن فطرت جي جذبات ۾ قدرت جي دلڪش ۽ دلاويز نظارن جي عڪاسي ڪئي آهي.
“حب وطن تہ منھنجي دل ۾ ٿي موجزن آ،
ذڪر وطن زبان تي ليل و نھار آهي.” (احسن)
سڀ کان اعليٰ ۽ افضل جذبو وطن جي محبت آهي. اها انسان جي فطري تقاضا آهي. انھيءَ نيڪ جذبي کي شاعريءَ ۾ پيش ڪري “احسن” پنھنجي لطيف احساسات جي ترجماني ڪئي آهي. “احسن” اڪثر و بيشتر اخلاقي مضمونن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. ان کان سواءِ اسلام جي عظمت ۽ وقار جا بہ وٽس ڪيترائي موضوع آهن، جن سا هن جي والھانہ عقيدت ۽ محبت آهي. “ تون آهين مرد مومن، ناھہ تو لئہ ڪا پريشاني.” حافظ احسن، قديم روايات جو شارح آهي. ڪيترن ٻين موضوعن سان گڏ “احسن” جو “ٿڌي هير ٿر جي” هڪ پسنديدہ نظم آهي.

لطف ﷲ بدوي
لطف ﷲ بدوي هڪ ڪھنہ مشق شاعر، اديب ۽ محقق آهي. سندس ادبي تصنيفون هميشہ زنده رهنديون. بدويءَ کي هر صنف جي شاعريءَ ۾ ڪافي استعداد حاصل آهي. نظم سان گڏ بيت، غزل ۽ گيت بہ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. بدوي صاحب علامه اقبال جو اثر قبول ڪيو آهي ۽ کيس اقبال سان دلي محبت آهي، جنھن ڪري سندس ڪيترا نظم انھيءَ رنگ ۾ رڱيل آهن. هن علامه مرحوم جي ڪيترن نظمن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اصل ۽ ترجمي ۾ فرق لازمي شئي آهي. ان کان سواءِ، ترجمي ڪرڻ ۾ مترجم کان ڪجهہ غلطيون واقع ٿين ٿيون. انھن جو سبب گهڻو ڪري زبان جو مزاج ۽ لب و لھجو آهي. بدويءَ جو ترجمو بھترين ترجمو چئي سگهجي ٿو، ۽ اسان جي خيال موجب، بدوي ترجمي جا حق بجا آڻي پنھنجيءَ صلاحيت جو ثبت پيش ڪيو آهي. هونئن بہ بدوي قومي مسئلن تي هڪ ناقدانہ نظر رکي ٿو، تنھن ڪري سندس طبعزاد قومي شاعري سنڌي قوم جي ترجمان آهي.
درحقيقت سنڌيءَ ۾ نئين شاعريءَ جو آغاز نظم جي صنف سان ٿيو آهي. اهو نظم پابند هجي خواھہ آزاد، نئين فضا ۽ نئين فڪر جي ترجماني نظم جي شاعري ۾ پيدا ڪئي وئي آهي. هر نئون دور جديد فڪر سان گڏ ڪجهہ نون لفظن جو ذخيرو پيدا ڪري ٿو. نئين خيال جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ نوان لفظ تيار ڪرڻا پوندا آهن؛ ۽ بعضي پراڻن ۽ قديم لفظن کي نئين معنيٰ ڏني ويندي آهي، جا حالات ۽ ماحول جي حسب حال هجي، بشرطيڪ انھن لفظن پنھنجيءَ اصلي معنيٰ کي، وقت جي گذرڻ کان پوءِ معدوم ڪري ڇڏيو هجي، ۽ انھن جي استعمال جو رواج هڪ داستان بارينہ بڻجي چڪو هي. انھيءَ اهم معاملي ۾ فقط نعريبازيءَ ۽ هنگامه آرائيءَ کان ڪم وٺڻ، ادب ۽ زبان سان بي انصافيءَ جي مترادف ٿيندو، تنھن ڪري احتياط جي ضرورت آهي. شاعريءَ جو مقصد زندگيءَ ۽ زماني جي رشتي کي قائم ۽ استوار ڪرڻ ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن کي اجاگر ڪري، انساني زندگيءَ جي رهنمائي ڪرڻ آهي. سندس مقصد هڪ اعليٰ معاشري جي تعمير ۽ انقلاب جي عشق ۾ يا شھرت ۽ عظمت جي هوس ۾، ڪنھن بہ انسان جي احساسات کي مجروح ڪرڻ هڪ اهڙو ناقابل تلافي جرم آهي، جنھن کي ڪو بہ باشعور طبقو ۽ صحتمند معاشرو معاف ڪري نٿو سگهي. پنھنجي ماضيءَ جي قدرن ۽ شاعريءَ جي روايتي رجحانن کي ختم ڪرڻ دانشمندي نہ آهي، جنھن کان سواءِ شاعري فقط شعبده بازي بڻجيو پوي ۽ شاعر جو مقام ڪنھن مداريءَ کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. اها شاعري هڪ عجيب غريب معمو بڻجيو پوي. ان کي ٿوريءَ دير لاءِ جذبات جي دٻاءَ هيٺ، غير محسوس طور قبول ڪيو وڃي ٿو. ليڪن ان جي زندگي عارضي آهي، ۽ پاڻيءَ تي ڦوٽي جي مثال آهي. نظم جي شاعري ۾ نئين اسلوب، نئين لب لھجي، جديد فڪر جي سنجيدگيءَ ۽ شائستگيءَ سان ترجماني ڪرڻ، جديد لفظن ۾ اضافو آڻڻ، نين تشبيھن جي تحقيق ڪرڻ، ڪنھن شاعريءَ جي سرمايي لاءِ نيڪ فال آهي؛ ليڪن اها اهڙي ذميداري آهي، جنھن جي لاءِ فني ۽ لساني ديانتداري، ذهني ۽ فڪري ايمانداريءَ جي ضرورت آهي، ۽ ان لاءِ ڪنھن تصنع ۽ ڪنھن بناوٽ کي ڪائي جاءِ ملي نٿي سگهي، ۽ ڪنھن نئين شئي کي پيدا ڪري، ان جي صحت جي دعويٰ ڪرڻ بہ هڪ بنيادي غلطي آهي.

هري دلگير
جديد سنڌي نظم جي شاعريءَ ۾ جديد نظم گو شاعرن ۾، هري دلگير جو مقام آڳاٽو آهي. لاڙڪاڻي جو ادبي ماحول مٿس اثرانداز رهيو آهي، جتي ڪيترن سنڌ جي وڏن شاعرن شعر، شاعريءَ جي آبياري ڪئي آهي. هري دلگير روايتي شاعريءَ کان هٽي “بيوس” جي مڪتب خيال جي تقليد ڪئي آهي. هن ڪيترائي عوامي مسئلا پنھنجي شاعري ۾ پيش ڪيا آهن. هن معاشري جي ڪيترن ناسورن جي جراحت جي ڪوشش ڪئي. “سنڌ وستار”، “رکڙي”، “بازاري عورت”، “پتي ديوتا”، “چور جي بندگي”، “نئون گلڙو” آهي “دلگير” جا عوامي موضوع آهن، جن کي هن نھايت خوش اسلوبيءَ سان نباهيو آهي. هو ليڊر جي ڪردار جي عڪاسي ڪندي، کيس ڪيترائي نيڪ مشورا پيش ڪري رهيو آهي. هو هڪ صحيح ليڊرشپ جي تصور قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ليڊر جي انھن نقصن کي بيان ڪري رهيو آهي، جن فضا کي ناگوار بڻايو آهي.
اٿار ڪين حقارت جي جوش جولان کي
اڀار ڪين خدارا تون اهل نادان کي.
هڪ ٻئي نظم ۾ شاعر کي عملي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪندي هو طنيه طور چوي ٿو:
تون سپنن جي دنيا ۾ آهين مدام،
حقيقت تي تنھنجي نظر نانھہ مور.
جڏهن حاڪم سمھي ٿو پوي، يعني غفلت ۾ آهي، تہ ملڪ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ رعيت ناڪارہ ۽ عيش پسند ٿي پوي ٿي:
ننڊ ڪري ٿو جڳ داتار، ناس نگر، رعيت بيڪار.
وري چوي ٿو:
ڌن وارن جا پاليل واگهو، نرڌن جو ڪن گردن قابو.
اسان جي سانڀر ۾ اسان ڪنھن دولتمند کي واگهو پاليندي نہ ڏٺو آهي، البت ڪتا ۽ ماڻھو پاليندا آهن. اهو درست آهي تہ معاشري ۾ غريب ۽ مسڪين، مجبور ۽ مظلوم آهي، جنھن جو ڪو بہ واهي وسيلو نہ آهي ۽ دولتمند مٿس ظلم ۽ تشدد روا رکي ٿو. هري دلگير ناسور ڏيکاريندي بہ جراحت ڪرڻ کان مجبور آهي. منجهس ڪا طاقت نہ آهي جو جبر ۽ اسبداد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو صحيح علاج ٻڌائي سگهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترين جاين تي جهول پيدا ٿي پيو آهي، جنھن ڪري ڪيترائي معاشرتي اهم موضوع دل تي ڪو خاص اثر نٿا ڇڏين، لفظن ۽ محاورن جو غير مانوس استعمال طبيعت تي بار بڻجيو پوي. جيئن تہ اسين تنگ نظريءَ جا قائل نہ آهيون، تنھن ڪري زبان ۽ فن جي ڪن لغزشن تي پنھنجو وقت وڃائڻ مناسب نٿا سمجهون، ۽ انھيءَ راءِ جا آهيون تہ “دلگير” هن دور جو هڪ وڏو نظم گو شاعر آهي.

اياز قادري
سنڌي جديد نظم ۾ هري دلگير ۽ اياز قادريءَ جي شاعريءَ ۾ مماثلت نظر اچي ٿي. ٻنھي جي پيشڪش گهڻو ڪري هڪجھڙي رهي آهي. بياني انداز ۾ ٻنھي هڪجھڙي محنت ڪئي آهي. اياز قادري سنڌ جو نوجوان اديب آهي. نئين ادب جي تحريڪن سان سندس وابستگي هڪ نمايان ڪارنامو آهي. سندس شاعريءَ ۾ جدت سان گڏ، قديم روايات جو بہ هڪ سھڻو امتزاج قائم آهي. سندس ذهن هروقت ڪنھن اهڙيءَ تصويرڪشيءَ ۾ مصروف نظر اچي ٿو، جنھن مان هن جي حقيقت شناس نظر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اياز هڪ سهل پسند شاعر آهي، جنھن ڪري منجهس سادگيءَ ۽ شائستگيءَ جون گوناگون تصويرون نظر اچن ٿيون، جن سان مهذب لب لھجي جي چاشني پڻ موجود آهي. هو ڪنھن بہ تصنع ۽ پيچيدگيءَ جو قائل نہ آهي. پنھنجي زماني جي سنجيدگيءَ سان ترجماني ڪرڻ، اياز جي حصي ۾ آيو آهي. وٽس ڪيترائي جديد موضوع آهن، جن ۾ ڪجهہ زندگيءَ جا مسئلا بہ شامل آهن. زندگيءَ جي پيچيدگين کي سليقي سان پيش ڪرڻ معمولي ڪارنامو نہ آهي. انسانيت جي ناسورن جي احساس کان متاثر ٿي، اياز هڪ ماهر جراح وانگر اڳتي وڌي ٿو، ليڪن کيس بہ ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي. ليڪن هو دلشڪستو نہ آهي، ۽ پنھنجي ڪم ۾ سرگرم نظر اچي ٿو. ڪاميابي ۽ ناڪامي تہ ﷲ جي طرفان رونما ٿئي ٿي، جنھن عقيدي تي اياز جو ايمان آهي؛ ليڪن هن جي همدردانہ ۽ ايماندارانہ ڪوشش قابل تعريف آهي. سندس شاعري نئين دنيا جي تعمير جو هڪ خوشگوار خواب آهي.
ساز تي سردار سر ڏيئي ٿيا جي سرخرو،
سين سر جي جن هنئي، تن ساز وارن جو قسم.
واقعي، سر جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ انسان کي معراج حاصل ٿئي ٿو. هو دنيا خواھہ عقبا ۾ سرخرو آهي.ليڪن جيڪو ماڻھو ڪنھن دولاب ۽ دوکي سان ڪنھن جي جان ضايع ڪري ٿو، ان جي عمل کي اسين حقارت جي نگاھہ سان ڏسون ٿا ۽ کيس ڪڏهن بہ معاف ڪري نٿا سگهون. ليڪن شاعر کيس معزز ۽ قابل احترام شخصيت تسليم ڪندي، سندس عظمت جو اعتراف ڪري، ان جي سر جو قسم کنيو آهي. اسان جي شاعري پنھنجن معاملن تائين محدود آهي. اسان کي پنھنجن قرائن ۽ حالات جو جائزو وٺڻو آهي. آسان مان روحانيت مفقود ٿي چڪي آهي، تنھن ڪري شاھہ لطيف جي اهڙن باريڪ نظرين جي تشھير لاءِ نہ فقط علمي طرح پر عملي طور هڪ هڪ وڏي محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي.
دنيا ۾ ڪيترائي حسين پيدا ٿيا ۽ معدوم ٿي ويا. هر ڪنھن نفس تي موت غالب آهي. اهو هڪ اڻٽر ۽ بنيادي اصول آهي، جنھن موجب هر ڪنھن مخلوق کي ضايع ۽ فنا ٿيڻو آهي. اهو قدرت جو انتظام آهي. اياز قادريءَ پنھنجي محبوب کي اهڙي تلخ حقيقت کان واقف ڪيو آهي، جنھن ۾ جيتوڻيڪ ڪا جدت ڪا نہ آهي، ليڪن چوڻ جو انداز دلپسند آهي:
پاڻ جھڙن کي فنا ٿيندو ڏسي،
پو وڏائي حسن تي ڇو ٿو ڪرين.
باغ ۾ مکڙي پنھنجي مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ تي ماتم ڪري رهي آهي. زندگيءَ ۾ جوانيءَ جو زمانو نھايت پرڪيف بڻجي پوي ٿو ۽ هر ڪو تمنا ڪري ٿو تہ سندس جوڀن قائم ۽ سلامت رهي، يا ڪم از ڪم جوانيءَ جي پربھار لطافتن کان لطف اندوز ٿئي:
دل ٿي چوي ڏسان مان،مستيءَ ڀري جواني،
ڪجهہ لطف شادماني، ڪجهہ لطف زندگاني.
گلچين رهڻ ڏي مون کي.
اياز ۾ عمومن حب وطن جو جذبو بدرجه اتم موجود آهي. دلگير ۽ اياز هڪ ئي مڪتبہ فڪر جا فرد نظر اچن ٿا،جن تي لاڙڪاڻي جي ڪنھن مشق بزرگ شاعرن، بيوس، نياز ۽ خادم وغيرہ جو گڏيل سڏيل اثر آهي. “بيوس” جي اثر ڪري، منجهن سادگيءَ ۽ بيساختگيءَ جون ڪيتريون ئي وارداتون نمايان آهن ۽ “نياز” جي ڪري منجهن شائستگيءَ ۽ برجستگيءَ جون ڪيفيتون موجود آهن.
اياز قادريءَ جي شاعريءَ ۾ “پو وري فرصت ڪٿي”، “مکڙي” ۽ “ٻن وڇوڙو، کھہ جدائي آ پرين” جھڙا نظم سنڌيءَ شاعريءَ ۾ سنگ ميل جو درجو رکن ٿا، جن ۾ شاعريءَ جو مٺڙو گداز ۽ پيارو انداز موجود آهي، جن جو لب لھجو صاف ۽ سليس آهي ۽ ڪنھن بہ وقت ۽ ڪنھن بہ جاءِ تي دقت محسوس نٿي ٿئي.

(ماهوار نئين زندگي، آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر 1966ع ۽ مارچ 1967ع تان ورتل)