لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

غزلن جو غنچو

ڪجهہ ڏينھن ٿيا، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بي اي جي شاگردن لاءِ نصاب جو اعلان ٿيو. سنڌيءَ جي لاءِ ڪن ٻين ڪتابن سان گڏ هڪ شعرن جو مجموعو بعنوان “غزلن جو غنچو” پڻ نصاب ۾ ڏسڻ ۾ آيو.ڪتاب جي نالي مان بالڪل واضح هو تہ غزلن جو انتخاب هوندو؛ ليڪن ڪتاب اڃا مارڪيٽ ۾ ڪين آيو هو؛ جنھن ڪري ڪا وڌيڪ راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪين آئي. اميد ۽ توقع هئي، تہ ڪتاب جو مواد بھترين هوندو، ڇاڪاڻ جو يونيورسٽيءَ جي ٻن ذميدار شخصيتن هر هڪ جناب علي نواز جتوئي ۽ محترم عبدالجبار شام جي زير ترتيب مذڪور بالا ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو هو. ڪتاب جي عنوان منھنجي ذهن ۾ هڪ ڪشمڪش پيدا ڪئي. غزل تہ اسان جي زبان ۾ هڪ رواجي لفظ وانگر استعمال ٿي رهيو آهي ۽ تعليم يافتہ طبقو ان جي مفھو،م ۽ معنيٰ کان ڪجهہ نہ ڪجهہ واقف ضرور آهي ۽ اڻ پڙهيل طبقو بہ هن کي راڳ جو هڪ قسم ڪري سمجهي ٿو. منھنجي ذهن لاءِ غنچو لفظ هڪ مسئلو بنجي، منھنجي تشويش جو باعث بڻيو. لفظ غنچو سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ عام طرح استعمال ٿئي ٿو، ۽ ڪجهہ سنڌي ماڻھو باغ جي گلڪاريءَ لاءِ غنچي جو لفظ استعمال ڪندا آهن، جنھن جو مفھو،م “گلن جي جاءِ” ڪري ورتو وڃي ٿو؛ جو ڪن حد تائين درست آهي. مون “غنچه” لفظ جي بنياد تي غور ڪيو تہ آخر سنڌيءَ جي استادن جو تعلق يونيورسٽي سان آهي؛ انھن ضرور ڳوڙهي سوچ ۽ ويچار، غور ۽ خوص بعد اهو لفظ استعمال ڪيو هوندو. جن مان هڪ سنڌي شعبي جو صدر ٿي رهيو آهي. مون پنھنجي ذهن ۾ انھيءَ لفظ جي ڪيترين ئي معنائن جي مشق ڪئي. غنچي جي معنيٰ مکڙي عام طرح مستعمل آهي، ۽ تشبيھہ طور محبوب جي ننڍي وات لاءِ بہ استعمال ڪرڻ ۾ ايندو آهي. ان کان سواءِ ڪنھن آباد ۽ ڀرپور جڳھہ جي معنيٰ ۾ بہ وٺبو آهي. ڀانئجي ٿو تہ پوئينءَ معنيٰ کي نظر ۾ رکي اهو عنوان تجويز ڪيو ويو آهي؛ يعني “غزلن سان ڀرپور جڳھہ”. اهو مفھو،م ڪيتري قدر صحيح آهي، ان کي قارئين جي مزاج تي ڇڏجي ٿو. پر ايترو ضرور چئبو تہ لفظن جي امتزاج، انھيءَ عنوان ۾ جاذبيت، رنگيني ۽ موسيقي ضرور پيدا ڪئي آهي؛ جيڪي غزل جي شعر جون خاص خصوصيتون آهن. هن دور ۾ هونءَ بہ معنيٰ ۽ مطلب سان ٿورو واسطو وڃي رهيو آهي، ۽ ان جي بدران رس ۽ رچاءَ، شيرينيءَ ۽ رنگينيءَ جو لحاظ وڌيڪ رکيو وڃي ٿو.
بھتر ٿئي ها، جيڪڏهن جناب جتوئي صاحب انھيءَ ڪتاب تي هڪ سير حاصل مقدمي لکڻ جي زحمت گوارا ڪري؛ شاگردن ۽ مختلف استادن لاءِ غزل گوئيءَ جي صنف جي اصولن سمجهڻ ۾ رهنمائي ڪري ها، ۽ اهڙي قسم جو ديباچو هڪ ذمه دار شخصيت طرفان شايع ٿي غزل جي ميدان ۾ سند طور استعمال ٿي سگهي ها. ليڪن افسوس جو اها ذميداري محترم عبدالجبار جي ضعيف ڪلھن تي رکي ويئي.
سرسري طور ڪتاب نظر مان گذريو. مقدمي کي البت غور سان پڙهيو ويو. ان کان پوءِ شاعرن جي فهرست تي نظر وڌي ويئي، جن مان ڪي شاعر اهڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن ڪڏهن بہ غزل ڪين لکيو، ۽ جيڪڏهن ڪنھن موقعي تي تفريح طبع لاءِ لکيائون تہ انھن کي غزل گو شاعر ڪري پيش ڪرڻ هڪ غلط روايت آهي. مون پنھنجي مختلف مقالن ۾ غزل جي صنف تي وقتن فوقتن راءِ زني پئي ڪئي آهي، ۽ اميد اٿم تہ جڏهن بہ موقعو ملندو رهندو تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ لکندو رهندس. مذڪورہ بالا ڪتاب جي شايع ٿيڻ کانپوءِ بہ ڄڻ هڪ موقعو ميسر ٿيو آهي.
سنڌ جي سرزمين تي ٻن اصناف سخن ڪافي ۽ بيت جو دور دورہ رهيو آهي، ۽ اهي صنفون زندگيءَ جي مختلف حالات ۽ انساني ذهن جي پيچيدہ خيالات جي اظھار جو ذريعو بنيون. سنڌي عوام جي طبيعت جي رجحان ۽ ميلان انھن اصناف سخن جي بنيادن ۾ مضبوطي ۽ استواري قائم ڪئي. سنڌين جي طرفان اهڙي حوصله افزائي هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ ۾ هڪ دلنشين فضا پيدا ڪئي، ۽ انھن صنفن پنھنجو تسلط قائم رکيو، جن جي نوعيت عشقيہ صورت وٺندي رهي؛ جنھن ۾ جوش، ولولو ۽ شدت موجود هئي، ليڪن اهو ڪلام پڙهڻ لاءِ گهٽ ۽ ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ هو؛ ڇاڪاڻ جو سندس ڪشش، دلفريبي، رس ۽ رچاءَ جو انحصار ٻڌڻ تي قائم هو. هن وقت اهري قسم جو بحث منھنجي موضوع کان الڳ آهي، تنھن ڪري آءٌ غزل جي جزيات جو مختصر جائزو وٺان ٿو.
انساني زندگيءَ ۾ حسن ۽ عشق جي موضوع کي هڪ وڏو مقام حاصل ٿيو آهي، جنھن جو بنياد سوز ۽ گداز تي ٻڌل آهي. ايران جي فضا انھيءَ موضوع لاءِ نھايت سازگار ثابت ٿي آهي. جنھن ڪري غزل جو وجود انھيءَ فضا ۾ پيدا ٿيو، جنھن ڄڻ ايراني تمدن ۾ پنھنجي اک کولي. تنھن ڪري غزل جو وجود احساس حسن جي فضا ۽ ان جي لطافت ۽ نفاست جو مرهون منت رهيو آهي، جيڪڏهن انھن خوبين کي الڳ ڪيو وڃي تہ نہ غزل رهندو ۽ نہ تغزل.
محترمي عبدالجبار مذڪور ڪتاب جي مقدمي ۾ سنڌي غزل ۾ ايراني تقليد ۽ غير مانوس ماحول، سنبل، سرو، صنوبر، گل ۽ بلبل جي شڪايت ڪئي آهي. اهو اعتراض ڪيتري قدر بجا آهي، ان لاءِ آءٌ ڪا راءِ پيش نٿو ڪريان، البت ايترو چوڻ ضرور سمجهان ٿو، جيئن تہ سنڌي غزل جي ساخت، خيالات ۽ مختلف جزيات جو بنياد ئي ايراني غزل تي ٻڌل آهي، تہ ان جا لوازمات قائم رکڻ، هڪ نيڪ نيتيءَ جو ثبوت آهي ۽ اهي عناصر ئي غزل جي جان آهن. فارسي غزل جو تتبع ڪندي، سنڌي غزل ۾ تصوف ۽ روحانيت جا اثرات بہ اثرانداز ٿي چڪا آهن، ۽ شاعرن جي دماغي ڪاوشن تصوف جي پيچيدہ ۽ مشڪل مسائل ۾ اهڙو رنگ ڀريو آهي، جن ۾ حسن ۽ عشق جون ڪيتريون ئي جهلڪيون نظر اچن ٿيون. اسان جي غزل جا بنيادي شاعر، گل، قاسم ۽ فاضل اهڙي قسم جا شاعر آهن، جن روحانيت کي حسن ۽ عشق ۾ رڱي ڇڏيو آهي. فارسيءَ ۾ روحانيت جي وڏن علمبردارن سنائي، عطار، رومي، سعدي ۽ خسرو وغيرہ غزل کي سينگاري ۽ سنواري پيش ڪيو آهي ۽ اهي غزل جا عظيم شاعر تسليم ڪيا وڃن ٿا. حافظ غزل جي زمين ۾ ڪيترا نوان تجربا ڪري فارسي غزل کي عروج تي پھچايو آهي. اردو غزل ۾ مير، غالب ۽ مصحفيءَ جو مد مقابل پيش ڪرڻ غلط ڪوشش ٿيندي، جن غزل جي روايت کي برقرار رکيو ۽ اردو غزل جي پرورش لاءِ برصغر جي سرزمين سازگار ثابت ٿي. انھيءَ ڪري مختصر عرصي ۾ غزل جي صنف چڱي طاقت حاصل ڪئي. گل ۽ قاسم کانپوءِ سنڌ جي غزل گو شاعرن عمومن اردو غزل کان فيض حاصل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هو ساڳي وقت فارسي زبان جا بہ عالم هئا، ليڪن مٿن اردو غزل جو اثر برآھہ راست غالب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سانگي ۽ حامد گذري ويا، جن کي پنھنجو مخصوص رنگ هو، جنھن ۾ مٺڙو درد ۽ لذت آميز سوز هو، جنھن ۾ خلوص سان گڏ صداقت بہ هئي. غزل کي انھن زندگي بخشي، جنھن ۾ رنگارنگي، وسعت ۽ ھمہ گيري نظر اچي ٿي. انھيءَ دور جي شاعرن غزل ۾ نوان اسلوب پيدا ڪري غزل ۾ ڪيترائي دلچسپ اضافا ڪيا، ۽ ماحول جي مختلف حالات سان مطابقت رکي، ترقيءَ جي منزل ڏانھن قدم وڌايو. گل ۽ قاسم پنھنجي حالات ۽ واقعات جي تقاضا موجب درست هئا ۽ سانگي ۽ حامد پنھنجي جاءِ تي صحيح هئا. فارسي غزل بہ حالات مطابق هر موضوع کي پنھنجو بنايو آهي. منجهس زندگيءَ جو هر موضوع موجود آهي. تنھن ڪري فارسي غزل کي معتوب ڪرڻ دانشمنديءَ جو دليل ڪين آهي. فارسي غزل وانگر، سنڌي غزل ۾ بہ فلسفي ۽ اخلاق جا مسائل بہ گهڻو اڳي داخل ٿي چڪا آهن. معاشي ۽ معاشرتي معاملات جي بتدريج ترجماني ڪئي ويئي آهي. گل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني جھڙا ڪيترائي مفروضات غزل ۾ داخل ٿي ويا آهن. اهي مفروضات غزل جو روح آهن ۽ غزل جي ڪاميابيءَ جو باعث بنجن ٿا. فقط انھن کي استعمال ڪرڻ لاءِ بالغ نظريءَ جي ضرورت آهي، ۽ هر ڪنھن جي همت نہ آهي، جو کانئن صحيح ڪم وٺي سگهي. ان کانپوءِ غزل ۾ جيڪي الفاظ ۽ اصطلاحات استعمال ڪيا وڃن ٿا؛ انھن جي معنويت فقط اصليت ۽ حقيقت تائين محدود ڪين آهي، پر انھن جو بہ هڪ مجازي مطلب آهي، جن جي ذريعي غزل ۾ وسعت پيدا ٿئي ٿي. غزل جي علامتن ۽ اشارن، تشبيھن ۽ تمثيلن جي سھاري غزل جو جسم تيار ٿئي ٿو، جنھن کي Imagery چئبو آهي. جيڪڏهن ان کي غزل کان ڌار ڪيو وڃي تہ غزل جو وجود ختم ٿي ويندو. غزل جي علامتن ۽ اشارن جو بنياد وري عشقيہ معاملات تي استوار آهي.
مون غزل جي مٿي ذڪر ڪيل مفروضات، لوازمات ۽ اصولن جي وضاحت نہ ڪئي آهي. مطلب تہ انھن مڙني چيزن جي بدولت غزل ۾ رمزيت، سوز و گداز، رنگيني ۽ رعنائي، رندي ۽ سرمستي، نغمگي ۽ غنائيت جون تصويرون نمايان ٿين ٿيون.
محترمي عبدالجبار مقدمي ۾ ايراني اثر هيٺ سنڌي غزل جا ڪجهہ مثال پيش ڪيا آهن، ليڪن غزل جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اهڙن لوازمات جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي. البت ايترو ضرور آهي تہ ڪن جاين تي انھن جو استعمال ذرا ناگوار ۽ طبيعت تي هڪ بار بڻجي پوي ٿو، قليچ ۽ بيوس جي ڪلام کي بطور غزل جو مثال پيش ڪرڻ، سنڌي غزل جي مذاق ڪرڻو آهي. شعر جي هيئت کي غزل جي صورت ۾ ڏسي، هر ڪنھن شعر کي غزل سمجهڻ پڻ افسوس جھڙي ڳالھہ آهي. حاصل مطلب تہ بيوس کي غزل جو شاعر سڏي ساڻس بي انصافي ڪئي ويئي آهي. هوند راج دکايل کي غزل گو شاعر چئي، ان جي مقابلي ۾ پرسرار ضيا کي وساري ڇڏڻ بي انصافي آهي. شيخ اياز، بشير ۽ شمشير جي لاءِ محترمي مقدمہ نگار لکيو آهي، تہ انھن غزل جي زبان ۽ لوازمات کي ترڪ ڪيو آهي. موجودہ دور جي مٿين شاعرن جي ڪلام کي مون چڱيءَ طرح پڙهيو آهي. انھن وٽ غزل جي زبان ۽ لوازمات شدت سان موجود آهن؛ جن جي طفيل سندن غزل جي شاعري ۾ شيريني، رس ۽ رعنائي پيدا ٿي آهي. البت تنوير پنھنجي غزل ۾ سادگي ۽ سنڌي ماحول جي عڪاسي، سنڌي محاوري ۾ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ۽ اهو ئي سبب آهي، جو سندس غزل معياري ٿي نہ سگهيو آهي. تنوير نظم جو شاعر آهي، کيس غزل گو شاعر چئي نٿو سگهجي.
خليل، سرشار ۽ طالب الموليٰ غزل جي ميدان ۾ ساڳيءَ روايت جا قائل آهن، جن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي. البت طالب الموليٰ جي ڪافيءَ ۽ بيت جي صنفن جي طرف ڪجهہ زيادہ رغبت آهي. ماضي قريب ۾ غزل گو شاعرن ۾ نواز علي خان “نياز” لاڙڪاڻي واري جو وڏو مقام آهي. تقسيم کان پوءِ غزل جي صنف سنڌ خواھہ هندستان ۾ خاطر خواھہ ترقي ڪئي آهي. نوجوانن جي مختلف ۽ انوکن تجربن سنڌي غزل کي خوبصورت ۽ دلڪش بڻايو آهي، جن ۾ “شيام” جو درجو بلند آهي.

(اسلاميہ ڪاليج سکر جي مخزن تان ورتل)