ڪلاسيڪي غزل ۾ جمالياتي رنگ
سنڌي غزل جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ غزل جي ڪلاسيڪي شاعرن ڪيترو عرصو فارسي مزاج کي سنڌي مزاج ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن سنڌي نج الفاظ، سنڌي استعارا ۽ اصطلاح، غزل جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن، پر تنھن هوندي بعض اوقات انھن فارسي لوازمات کي غير شعوري طور پنھنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ غزل جي شاعري نامڪمل رهجي وڃي ٿي.
اها هڪ حقيقت آهي تہ صدين کان سنڌ ۾ فارسي زبان جو رواج هو. سنڌي علماء شعراءِ فارسي علم و ادب جي اصولن کان چڱيءَ طرح واقف هئا. جن ڪلاسيڪي شاعرن، سنڌي غزل جي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۽ ان جي تعمير ڪئي. اهي پڻ فارسيءَ جا وڏا عالم ۽ انھن مان ڪي تہ فارسي زبان جا قادرالڪلام شاعر ليکيا وڃن ٿا. فارسي زبان جي لوازمات کي ترڪ ڪرڻ هنن جي لاءِ نہ فقط مشڪل هو پر ناممڪن بہ هو، سنڌي غزل جي شاعريءَ جي هيئت اسان جي قديم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مزاج کان بلڪل مختلف آهي. هيئت جو اصطلاح “ساخت” جي لفظ جي هم معنيٰ آهي. آءٌ هيئت جي اصطلاح کي سمجهڻ لاءِ کيس شعر جي ساخت چوڻ وڌيڪ مناسب ۽ آسان سمجهان ٿو. هر شعر جي تعمير ۾ لفظن جي خام مال جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي، لفظن کي ترتيب ڏيئي ڪنھن خاص انداز سان نظر جي قالب ۾ سموئي، شعر جي صورت ڏني وڃي ٿي. تنھن ڪري شعر قالب ۽ لفظن جو مرڪب بڻجي پوي ٿو. قالب ۽ الفاظ شعر جوڙڻ لاءِ “لازم ۽ ملزوم” آهن.
سنڌ ۾ انھيءَ نئين هيئت جو آغاز ارڙهين صديءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنھن کي عروضي شاعري چئجي ٿو. ان جي خاص، اهم ۽ لطيف صنف يعني غزل جو رواج اڻويھين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ڌاران عمل ۾ اچي ٿو. هن صنف جو سرواڻ خليفو گل محمد “گل” هو.
غزل جي صنف فارسي ۽ اردو زبانن ۾ صدين کان وٺي رائج آهي. غزل جي شاعريءَ جو موضوع، واردات قلبيءَ جو ترجمان آهي، ليڪن انھيءَ اهم مضمون سان گڏ غزل ۾ بعض شاعرن پنھنجي ماحول ۽ معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آهي. صورت جي اعتبار کان غزل ۾ معنوي تسلسل نہ هوندو آهي. غزل جو هر شعر منفرد ۽ مستقل هوندو آهي، جنھن کي پنھنجي معنيٰ ۽ مضمون هوندو آهي. اختصار غزل جي جان آهي، جنھن ۾ طوالت جي ڪا گنجائش نٿي رهي. غزل جي فطرت داخلي رجحانات ۽ احساسات جي حامل آهي ۽ بعض وقت منجهس خارجيت جو عنصر ڀرپور نموني نظر ايندو آهي. غزل جو اصل موضوع “غم جانان” آهي. غزل جو نفس مضمون، مقصد ۽ مدعا، محبوب سان ڳالھين ڪرڻ جي مترادف آهي، ليڪن بعض وقتن تي “غم دوران” بہ اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو جو “غم جانان” جي تصوير بڻجي سامھون اچي ٿو. جنھن ۾ روح بہ آهي، جسم بہ آهي، جنھن ۾ حقيقت بہ آهي ۽ معنويت بہ آهي، جنھن ۾ سوز بہ آهي ساز بہ آهي ۽ آهنگ سان گڏ لئي بہ آهي.
غزل جا شعر هم وزن، هم قافيہ ۽ هم رديف ٿيندا آهن، جنھن کي ڪنھن نہ ڪنھن بحر ۾ ترتيب ڏني ويندي آهي، مطلع ۽ مقطع بہ هوندا آهن. جن وصفن جي پيش نظر صنف کي سڃاڻڻ ۾ ڪا تڪليف نہ ٿيندي آهي. فني لحاظ سان غزل جي شاعريءَ لاءِ اهڙن لوازمات جي پابندي آهي.
سنڌي ڪلاسيڪي غزل جي دنيا موضوعاتي اعتبار کان نھايت وسيع آهي، جنھن ۾ الاهيات، تصوف، اخلاقيات ۽ معاشيات وغيرہ جھڙا مضمون ملن ٿا. جن ۾ حتي الوسع جمالياتي رنگ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. شاعريءَ ۾ مواد، هيئت ۽ معاني، شعر جو حسن وڌائين ٿا، انھن سڀني لوازمات جي سھڻي امتزاج جو نالو آهي “جمالياتي رنگ”.
فلسفہ جمال ۾ هيئت ۽ صورت، نظم ۽ ترتيب جا نالا آهن. ترتيب سان ئي جمالياتي رنگ جو اندازو لڳائي سگهبو آهي. اها ترتيب، صورت ۽ شڪل ئي هڪ جمالياتي اثر پيدا ڪندي آهي. اهو جمالياتي اثر شاعر ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ هڪ تعلق قائم ڪري ٿو، جنھن ڪري ٻڌندڙ تي هڪ جمالياتي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي.
غزل جي صنف اردو ۽ فارسي زبانن ۾ هڪ اهم مقام والاري ٿي، جنھن جي مقابلي ۾ ٻي ڪا بہ صنف نٿي اچي سگهي، پر سنڌي ادب ۾ ڪافي ۽ وائي جي صنفن کان هر سنڌي نھايت متاثر ٿيل آهي، جنھن ڪري انھن جي حيثيت غزل جي صنف کي ڪڏهن بہ ملي نہ سگهندي. ڪافي عوام جي دلپسند هيئت آهي، سنڌي موسيقيءَ ۾ سندس رس ۽ رچاءُ صدين کان قائم آهي ۽ هميشہ قائم رهندو. سنڌي غزل کي ان ڪري ثانوي حيثيت حاصل آهي ليڪن غزل جي شاعري سنڌيءَ ۾ ٻين مروج فارسي صنفن کان وڌيڪ جامع ۽ دلڪش آهي.
غزل ترتيب جي لحاظ کان حسين و جميل چيز آهي. بشرطيڪہ ان جي ترتيب ۾ حسن ڪاري پيدا ڪئي وڃي. غزل ماڻھن جي مزاج ۾ انھن جي ذهني ڪيفيات ۽ سندن افتاد طبع جي مناسب آهي. غزل جي موضوعن ۾ انداز دلڪشي ۽ طرز دلربائي نظر ايندي. غزل جو سڀ کان وڌيڪ اهم موضوع “عشق” آهي. غزل جي شاعري عشق جي موضوع ڪري ئي جاذب ۽ دلڪش آهي. جن بزرگن غزل جو بنياد تصوف ۽ اخلاق جھڙن موضوعن تي رکيو آهي. تن کي بہ غزل جي زبان اختيار ڪرڻي پيئي آهي. ان ڪري ئي اسان جي غزل جي سرواڻ خليفي “گل” جو پھريون غزل شاهدي طور پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ جاذبيت ۽ دلڪشي کان سواءِ جمالياتي رنگ پنھنجي ڀرپور انداز ۾ جهلڪي ٿو:
پيالو مئي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا،
تہ مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا.
اٿيئي اي دل ڌڻي جي دوستي ۽ شوق جي محبت،
دنيا جي عيش جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو وهي جوڙي،
وسن برسات جيئن دائم تنين جا نيڻ ٿيا نالا.
جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وطن ڏوريون،
پٿون ٿا پير پھڻن ۾ ڇپر ۾ پيا ڇلي ڇالا،
ڏسڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي “گل”
تنھنجو مک گل زلف سنبل منھنجي دل جيئن گل لالا.
غزل پنھنجي ڀرپور جمالياتي رنگ ۾ پيش آهي. غزل جا سڀ لوازم پورا رکيا ويا آهن. مضمون کي نباهڻ لاءِ غزل جي زبان جو استعمال نھايت چابڪدستيءَ سان ڪيو ويوآهي. ڪلام ۾ پاڪيزہ ۽ بلند خيالات کي پيش ڪيو ويو آهي. حسن ڪاري جي لحاظ سان غزل ۾ مقطع بہ آهي ۽ مطلع بہ پنھنجي موزون ۽ مناسب جاءِ تي موجود آهي. بحر ۾ رواني ۽ لفظن جي نزاڪت سان گڏ موضوع ۽ معنيٰ ۾ بہ ڪنھن قسم جو نقص پيدا نہ ٿيو آهي، فارسي اصطلاحن کان اشاري ۽ ڪنايي ۽ استعاري جو ڪم ورتو ويو آهي. نج سنڌي لفظن ۽ سنڌي محاورن جي استعمال غزل جي لطافت ۽ نفاست کي برقرار رکيو آهي. مختلف شعرن جو پاڻ ۾ رابطو قائم آهي. شعرن جي سادگي ۽ صفائي مجموعي طور تي غزل کي ناڪارہ بڻايو آهي.
انھيءَ نموني سنڌي غزل جي شروعاتي دور ۾ “گل” اهڙا غزل پيش ڪيا آهن. جن ۾ غزل جون سموريون خوبيون موجود آهن، زبان جو صحيح استعمال بہ شاعر جي ذهانت جو ثبوت پيش ڪري ٿو.
سنڌي ڪلاسيڪي غزل جو ٻيو شاعر قاسم هو. هو “گل” جو همعصر هو. قاسم فارسي ۽ اردوءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو بنيادي طور تي فارسي زبان جو شاعر هو. ماحول جي تقاضا کيس غزل لکڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سنڌي شاعري ۾ استاد جو درجو حاصل ڪيائين:
صبح دم بلبل ڪيا سورن سماع
گل ڇڏي وندر ويم ويٺي وداع.
دوست ڌارا ڪوپ ڏاڍي سان ڪيا،
مون اندر ۾ انتظارن اجتماع.
ڏس ڀلي ڀت، برھہ جي بازار ۾،
مثل محبت مور ناهي ڪا متاع.
دل نہ ڀر تون لالچين جيئن لوڀ سان،
لاءِ لالچ ڪر نہ ڪنھن سان نت نزاع.
ڪير مٽُ قاسم ڪري انصاف ڏس،
منجهہ سخن ان جا عجائب اختراع.
هن غزل جو موضوع بہ عشق آهي، پر غمِ دوران جي بہ هلڪي جهلڪ ملي ٿي. جيتوڻيڪ جذبات ۾ هيجان پيدا ڪرڻ جي ڪيفيت گهٽ نظر اچي ٿي. ان هوندي بہ منجهس تغزل موجود آهي. غم، گوندر، بلبل، گل، انتظارن اجتماع وغيرہ جھڙا اصطلاح ۽ الفاظ غزل جي جان آهن ۽ غزل جي حسن کي دوبالا بڻائين ٿا. هن مان شاعر جو خلوص ۽ صداقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. معاشري ۾ لالچ ۽ لوڀ بہ آهي، جنھن جي ڪري تنازع ۽ تڪرار بہ آهي. ليڪن شاعر نھايت سنجيدگيءَ سان اخلاقي پھلو بيان ڪيو آهي. “حامد” ۽ “قاسم” جو همعصر شاعر هو، هو بہ طبعن غزل گو شاعر هو.
دل گهريا دوست دادلا سڄڻان!
مون سري ڪين تو سوا سڄڻان!
ڇو رقيبن جي چئي رسين مون ساڻ،
ڪي وفا ٿي نہ بيوفا سڄڻان!
ڏور ويندين تہ ڏينھن لائيندين،
گهار مون سان گڏ سدا سڄڻان!
عاشق جي تہ اصل عادت آھہ،
عاجزي عرض التجا سڄڻان!
جاڙ تو ري سندم جيڻ جاني،
ٿي نہ نامِ خدا جدا سڄڻان!
مٿين غزل جو هر شعر مختلف آهي، التجا بہ آهي ۽ عاجزي بہ آهي ۽ انڪساري به، اهي خصوصيتون غزل جي شاعريءَ لاءِ تسليم شدہ روايتون آهن. فارسي شاعريءَ ۾ رقيب کي پيدا ڪرڻ هڪ پراڻي رسم آهي. محبوب جو تصور رقيب کان سواءِ غزل جي شاعريءَ ۾ بي معنيٰ آهي. رقيب کان اصطلاحي ۽ علاماتي معنائن جو ڪم وٺڻ بہ غزل جي مزاج ۾ شامل آهي.
تيئن غزل ۾ نغمگي ۽ غنائيت ڀرپور انداز ۾ ملي ٿي. رديف بہ نھايت لطيف ۽ نفيس نظر ايندا. اسلوب بيان جي سادگي ۽ صفائي پڻ دلڪش صورتون اختيار ڪري رهيون آهن. اهي خوبيون غزل ۾ جمالياتي رنگ پيدا ڪن ٿيون.
ڪلاسيڪي غزل جي دور جو پويون شاعر “سانگي” آهي، جنھن غزل جي شاعريءَ کي مائيدار بڻائي، منجهس جديد رنگ ڀري سنڌي غزل جي روايت کي مڪمل ڪري ڇڏيو. سنڌيءَ ۾ جديد غزل لکڻ لاءِ ڪي رهنما اصول قائم ڪيا اٿس ۽ “غم جانان” کي “غم دوران” بڻائي ڇڏيو اٿس. هن سنڌي غزل لاءِ پنھنجو ماحو ل پيدا ڪيو، پنھنجي زبان ڪم آندي. فارسي علامتن، اصطلاحن ۽ استعارن کان سنڌي ماحول ۽ معاشري جي پيش نظر ڪم ورتو ۽ روايتي غزل کي معتدل ۽ مقبول بنائي سنڌي مزاج جي مطابق پيش ڪيو.
“سانگي” وٽ فارسي غزل جا سڀئي لوازمات هڪ پراثر انداز ۾ موجود آهن. هن غزل جي صحيح روح جي ترجماني ڪرڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
تڏهن ترڪ وطن ڪيو سون جڏهن اهل وطن بگڙيا،
جي بگڙڻ جا نہ هئا اهڙا بہ يارانِ ڪھن بگڙيا.
آهي اهڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،
چمن جو سير ڪيو سون ٿي تہ مرغانِ چمن بگڙيا.
دلين جي عام ڦاسائڻ جو پاتو دام هو دلبر،
جڏهن ڦاسڻ لڳس آءٌ تہ زلف پُر شڪن بگڙيا.
زماني رمز سان ورتي جا آهي راه حاڪم جي،
ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا.
نہ بگڙي دل گهريو دلدار منھنجو ماه لقا مون سان،
رقيب،روسيہ جھڙا هزارين مَرُ وتن بگڙيا.
هن غزل جو موضوع عشق نہ آهي، ليڪن منجهس ماحول ۽ معاشري جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. غزل جي هيئت کي عشق جي موضوع کان سواءِ ان ۾ جمالياتي رنگ ڀرڻ هڪ وڏو ڪارنامو آهي. تاثر جي شدت کان سواءِ هن ۾ خلوص ۽ صداقت جو مضمون ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جيئن تہ غزل سنڌ جي پر آشوب دور جي تصوير آهي، ليڪن سانگي هن ۾ تغزل جي رنگت ڀرڻ ۽ غزل جي زبان استعمال ڪرڻ ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ “غم دوران” جو هڪ اهم شاهڪار پيش ڪيو آهي.
(سنگت شاعري نمبر،1993ع، مرتب ادل سومر، تان ورتل)