آزاد شاعريءَ جو مطالعو
مٿين شاعريءَ جي عروج جي دور ۾ ئي ثابت علي شاھہ جا مرثيا هيئت ۽ مواد جي لحاط کان هڪ خاص مذهبي نظريي جو خاڪو آهن ۽ ان کان فورن بعد سنڌ جي شعري دنيا ۾ غزل جو اجراءُ ٿيو، جنھن صنف ۾ “گل” جي مضبوط قوت مشاهده سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. غزل جي صنف، منزلون طئي ڪندي، “حامد” ۽ “سانگيءَ” جي غزل جي شاعريءَ سان عروج حاصل ڪيو؛ ۽ ان کان پوءِ شاعرن جي بي احتياطيءَ سببان تنزل جي طرف گامزن ٿي. اخلاقي ۽ اصلاحي شاعريءَ کي ازسر نو زنده ڪرڻ لاءِ “اٻوجهي” ۽ “بلبل” ڪوششون ڪيون. “بيوس” هڪ نئين ڍنگ سان قومي ۽ سماجي شاعريءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ هڪ قدم اڳتي وڌايو. ليڪن غزل واري روايتي شاعريءَ جو تسلط اڃا تائين قائم هو، ۽ ان جو سِڪو اڃا سوڌو رائج الوقت هو.
ٻي عظيم جنگ جي آخري زماني ۾ شيخ “اياز”، غزل جي شاعريءَ کان هٽي، نظم لکڻ شروع ڪيو، جنھن ۾ فارسي لفظن ۽ تشبيھن جي ڪثرت سبب ڪو بہ سنڌي رنگ ڄمي نہ سگهيو ۽ مٿس روايتي تغزل جو اثر بدستور قائم رهيو؛ مگر اسلوب ۽ هيئت جي خيال کان سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون تجربو هو ۽ ادب نواز حلقي لاءِ دلپسند ضرور هو.
قريبن ويھہ سال اڳ، سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رجحانات جي تحريڪ شروع ٿي. ترقي پسند ادب جي متعلق ڪي بہ اصول معين ٿي نہ سگهيا. ڪيترن ان تحريڪ کي “اشتراڪي جمھوريت” جو جز ڪري سمجهيو ۽ هاريءَ ۽ مزدور جي مجبوريءَ ۽ مظلوميت جو نعرو بلند ڪيو. سرمائيدار جي مٽي پليد ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويو. انھيءَ شدت ڪري انتھاپسندانہ رجحانات سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا، جن ۾ ڪجهہ عرصي کان پوءِ نرمي اختيار ڪئي وئي. پھريائين تہ روايت کان گهڻيءَ حد تائين بغاوت ڪرڻ جو ارادو هو، ليڪن ماضيءَ کي يڪلخت ختم ڪرڻ ناگزير سمجهيو ويو، تنھن ڪري روايت کي گهڻيءَ حد تائين قبول ڪيو ويو، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو هري “دلگير”، شيخ “ياز”، “تنوير” عباسي، وغيرہ جن کي ترقي پسند جماعت ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، انھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي انتھاپسنديءَ جو شائبو نٿو ملي. “اياز” پڻ روايت جو سھارو وٺي، مواد جي لحاظ کان ڪجهہ نوان تجربا پيش ڪيا آهن؛ تڏهن بہ سندس لاڙو قدامت ڏانھن زيادہ آهي. هري “دلگير” پنھنجي استاد “بيوس” جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ شعر ۾ ڪجهہ “جديد موضوع” پيش ڪيا آهن؛ ليڪن نارائڻ “شيام” سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوشگوار فضا قائم ڪئي آهي، جنھن مغربي تھذيب کان متاثر ٿي ڪجهہ نوان تجربا ڪيا آهن. مغربي تھذيب جي زير اثر، ادب کي زندگيءَ جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. تنھن ڪري هر اها تخليق ترقي پسند آهي، جنھن جو تعلق انسان جي زندگيءَ جي ڪنھن بہ صحتمند پھلوءَ سان آهي، ۽ جا ڪنھن سماجي مسئلي جي حامل آهي. انھيءَ تحريڪ جي ڪري ادب جو زندگيءَ سان برآھہ راست رشتو قائم ٿي ويو. مطالعي کان وڌيڪ مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو ويو. ترقي پسند ادب بذات خود هڪ جدا، وسيع ۽ وضاحت طلب موضوع آهي، جنھن سان سرِ دست منھنجي مقالي جو ڪجهہ واسطو آهي. تنھن ڪري وقتن فوقتن هن مقالي جي متن ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ وضاحت ڪرڻ ۾ ايندي. منھنجي موضوع جو تعلق شاعريءَ جي هڪ ترقي پسند صنف سان آهي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ “آزاد شاعريءَ” سان موسوم ڪيو ويو آهي.
آزاد شاعري هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان جدت پسند رجحانن ۽ زندگيءَ جي جديد لاڙن جي پيداوار آهي، ليڪن سرزمين سنڌ لاءِ هڪ شعري ڳجهارت بنجي پيئي آهي. اها شاعري دراصل يورپ ۽ آمريڪا کان انگلينڊ ۾ آئي، ۽ گذريل صديءَ جي مشھور انگريزي شاعرن منجهس ڪيترائي انوکا تجربا ڪري ان کي هڪ مقبول عام صنف جو درجو ڏنو آهي.
اردو شاعري هلندڙ صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ انھيءَ قسم جي شاعريءَ کان متاثر ٿي ۽ اردو شاعرن منجهس طبع آزمائي ڪئي. گذريل صديءَ ۾ مولانا عبدالحليم “شرر” ۽ اسماعيل ميرٺيءَ بہ اهڙي قسم جي ابتدائي ڪوشش ڪئي. ليڪن سندن ڪوشش ڪامياب چئي نٿي سگهجي. جيئن تہ سنڌي جديد شاعري عمومن اردو شاعريءَ کان متاثر رهي آهي، تنھن ڪري سنڌي شاعري، پنھنجي روايتي دستور موجب، ويھين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾، انھيءَ قسم جي صنف جو اثر قبول ڪيو. آزاد شاعريءَ سان گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ مختصر نظم جو بہ رواج پيو، جا پڻ بنيادي طور انگريزي صنف آهي. انھيءَ زماني ۾ سانيٽ جو رواج پڻ انگريزيءَ کان اردو جي ذريعي سنڌي شاعري ۾ داخل ٿيو.
سانيٽ تہ سنڌ جي درمياني، پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي سمجهہ ۾ جلد اچي ويو. جيتوڻيڪ انھيءَ شاعريءَ ۾ قافيي ۽ بندن جو انتظام هڪ انوکي نموني جو آهي، ليڪن قافيي جي شعبده بازيءَ ۽ مروجہ بحر جي وزن ۽ رڪنن سنڌي ذهن تي قبضو ڪيو. پنھنجي نرالي نظام جي طفيل، اها شاعري بہ اڃا تائين زيادہ مقبول ڪا نہ ٿي سگهي آهي، ۽ سنڌ ۾ هن وقت مون کي سانيٽ جو رواج گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، البت هندستان ۾ ڪڏهن ڪڏهن انھيءَ صنف جون ڪي سھڻيون چيزون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
سال 1943ع ۾ نارائڻ “شيام”، شيخ “اياز” ۽ مان ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ بي اي پڙهندا هئاسون. “اياز” گيت سان گڏ مختصر نظم بہ لکڻ شروع ڪيو، جا صنف آزاد نظم کان بہ وڌيڪ مشڪل آهي. نارائڻ “شيام” سانيٽ لکڻ شروع ڪيا ۽ راقم الحروف آزاد نظم لکيو. غير مقفيٰ نظم بہ انگريزي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جنھن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بہ طبع آزمائي ڪا نہ ڪئي آهي. شيخ “اياز” مختصر نظم جي مشق سبب، آسانيءَ سان بيت جي صنف تي حاوي ٿي سگهيو، سندس هيٺيون شعر “مختصر نظم” جو نمونو آهي:
چنڊ جي ڀرون تي ڀير،
ڄڻ صدين جي سوچ جا گهرا نشان،
هيءَ ستارن ۾ جلڻ جاڳڻ جي هير،
ڄڻ تہ آهن روح تنھنجي جا گيان:
نيرا نيرا آسمان!
آزاد شاعريءَ کي هڪ پنھنجو نرالو اسلوب ۽ هڪ انوکي قسم جو مواد آهي، جنھن ۾ سياسي، نفسياتي، فڪري، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن جو خام مال موجود آهي، جنھن جو رشتو گهڻو تڻو زندگيءَ جي خارجي معاملات سان وابستہ آهي. بعض اوقات آزاد شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت جا بہ نقش نگار اڀري اچن ٿا جيئن تہ:
ڪجهہ سرءُ جي شام ۾ سوچان سڙان، لوچان لھان،
ڪنھن پکيئڙي جي مثال،
صبح سانجهيءَ ٿو رهان،
داڻي پاڻيءَ جي پٺيان. (اياز)
مندرجہ: ذيل شعر ۾جنسي قدرن جي باوجود هڪ پاڪيزہ تصور موجود آهي:
وري منتظر هي رهن ٿيون نگاهون،
اڏامي وئي ننڊ نيڻن منجهان،
جڏهن ياد تنھنجي ٿي مون کي ستائي،
۽ مون کي روئاري،
ٺٺوليون ڪري ٿو لڪي چنڊ مون تي،
ٿڌي هير ٿي دل جا جذبا اٿاري،
۽ ٿو جوش جاڳي. (راز)
انھيءَ ڪري آزاد شاعري، هيئت ۽ موضوع جي لحاظ سان اسان جي روايتي رائج شاعريءَ جي لازمي ۽ بنيادي اصولن کان بلڪل بي نياز آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن طرز سخن کي اسان جي سرزمين تي اڃا تائين اجنبي ۽ غير مانوس سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اها شاعري ڪن بزرگن ۽ سيکڙاٽ اديبن لاءِ هڪ مضحڪہ خيز چيز بنجي پيئي آهي.
هيئت جي مختلف ردبدل جي علاوہ مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعريءَ جي تخليق جو باعث بنجي ٿي. طبقاتي ڪشمڪش جو هڪ نظر ۾ پيش ڪجي ٿو!
هي تو آواز ٻڌو،
ڪنھن جي آشفتہ سريءَ جو آواز!
آ هلي هيڏي، تون آ منھنجي قريب...
هو ڏٺئي سامھون جو آ قصر بلند،
ڪنھن تونگر جو اهو آھہ محل:
مون کي هن مان ٿي اچي خون جي بوءِ،
جنھن جي بنياد ۾ مزدور جو گوشت،
جنھن ۾ مفلس جو لھو. (راز)
آزاد شاعريءَ ۾ نہ فقط قافيي ۽ رديف جي پابندي کان انحراف آهي پر ان سان گڏ پراڻي اسلوب ۽ فرسودہ مواد کان بغاوت ئي صحيح نموني آزاد شاعريءَ جو فن آهي.
هر ڪنھن زبان جي ادب جي زندگيءَ ۾ هڪڙو اهڙو نازڪ وقت ايندو آهي، جڏهن انھيءَ ادب جو وجود خطري ۾ اچي ويندو آهي. انھيءَ زماني ۾ پراڻا ۽ فرسودہ تاثرات گهٽجڻ لڳندا آهن، ۽ جديد تاثرات جي نشو و نما لاءِ راھہ هموار ٿيندي رهندي آهي؛ ۽ جديد معيار ۽ ترقي پسند قدر پنھنجي انوکي طرز ۽ نرالي ڍنگ سان ڪا اهم جاءِ والارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهڙو اسلوب پيش ڪندا آهن، جو جاذب صورت هوندي بہ پڙهندڙ کي متحير ڪري ڇڏي. ڪنھن بہ نئينءَ تحريڪ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ دماغي، روحاني ۽ جذباتي طاقتن جو استعمال ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هڪ نئين چيز تخليق ڪرڻ لاءِ اعليٰ صلاحيت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
مختلف دورن جي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف، برصغير هند پاڪ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ ڪجهہ تيزيءَ سان بدلجندي رهي آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا هندي دوهي جي ٽيڪنڪ سان شروع ٿي آهي. انھيءَ فن جي پيش نظر، سنڌي شاعرن پنھنجي افتاد طبع جي لحاظ کان ڪيترائي نوان تجربا ڪيا آهن، جي تجربا سنڌي شاعرن جي فھم، ۽ شعور جي عظمت جو کليل دليل آهن.
هندي عروض کان پوءِ سنڌي شاعريءَ، فارسي عروض جو اثر قبول ڪري، پنھنجي نقطہ، نظر جي ترجماني ڪئي آهي. ساڳئي نموني آزاد شاعري بہ سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جي جدت ۽ تغير آهي، جنھن کي روايتي شاعريءَ کان بغاوت ڪري سڏجي تہ غلط نہ ٿيندو. اسان وٽ روايتي شاعري موجودہ صديءَ جي پھرين چوٿائيءَ کان وٺي ڪجهہ اهڙي بيپرواهي اختيار ڪئي، جو اسان جي قديم ۽ بلند شاعري ساغر و مينا، گل و بلبل ۽ رند و زاهد جي فرسودہ ۽ بي معنيٰ روايتن ۾ اهڙو جڪڙجي ويئي، جو موجودہ دور جي تعليم يافتہ طبقي جي دل ۽ دماغ تي ڪو بہ جمالي ۽ نطرياتي اثر ڪري نہ سگهي. وقت جي تقاضا ڪن ٻين صنفن کي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ انھن جي ڪري موضوعن ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ نيون چيزون اجاگر ٿيون. آزاد شاعري بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي. بحر وارو ترنم فطري ترنم کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
رات بدمست ٿي، ڪڪر ڪارا
جهومندا آسمان تي آيا....
چاندنيءَ جو سھاڳ لٽجي ويو:
هيءَ ٻٽي رات!
چنڊ ۽ تارا،
ڪير ڄاڻي، ڇپي ويا ڪيڏانھن؟ (اياز)
“مند آ برسات جي،
اڄ ڪئي ڪڪرن ٿي راند،
۽ ڍڪي ٿي آفتاب
ڪاري بادل جي سياھہ چادرمٿان.” (راز)
مقفيٰ شاعريءَ ۾ فطرتي آواز سان گڏ علم عروض جي بحر جو ميڪانڪي آواز شامل رهي ٿو، جي گڏجي ترنم پيدا ڪن ٿا. پر آزاد شاعري آواز ۽ ساھہ کڄڻ جي فطري ترنم، خيال ۽ احساس جي بيساختہ موسيقيءَ سان هڪ بيتڪلف آهنگ جو وهڪرو پيدا ڪري ٿي. هڪڙو فنڪار، انھن سڀني جزن کي ڪٺو ڪري هڪ اهڙو نغمو پيدا ڪري ٿو، جنھن جي پڙهڻ سان ڪنھن مقرر ۽ معين بحر جو گمان پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن ذهني تحريڪ ۾ ڪا لغزش پيدا ٿئي تہ اهو نغمو لطف ۽ سرور ڏيڻ بجاءِ بي ڪيف ۽ بدمزي ٿي پوي ٿو. آزاد شاعري هڪ خاص موڊ ۽ هڪ خاص تجربي جي مرهون منت آهي. ڪامياب آزاد شاعريءَ لاءِ آهنگ ۽ نغمگيءَ جو واضح شعور درڪار آهي، جنھن جي جادوگري شاعرانہ صلاحيت تي هڪ سخت پابندي ۽ ضابطو عائد ڪري ٿي، ۽ اها بحر واري ترنم کان آزاد رهي ٿي.
منھنجي دل جهومڻ لڳي،
جهولڻ لڳي ڪل ڪائنات؛
چشمِ دل جي سامھون،
مون ڏٺو،
ديوتائون عرش مان ڄڻ ڦول برسائڻ لڳا. (دلگير)
آزاد شاعريءَ تي آزادي گهٽ ۽ ذميداري زيادہ آهي. جيڪڏهن فني ۽ بنيادي پابندين جو خيال نہ رکيو وڃي تہ فن سان گويا بي انصافي ٿيندي.
آزاد شاعري دراصل آهنگ جي نغمي جو مسئلو آهي. آزاد نظم جي مصرعن جو وزن بحر جي مياڻ ۾ ميو ويندو آهي، ۽ اهو شعر مروجہ بحر ۾ هوندو آهي، جنھن ۾ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي بيشي ۽ تبديل ڪئي ويندي آهي. رڪنن جي ردبدل جي باوجود مصرعن کي پنھنجو “اسپيچ ردم” آهي ۽ هر مصرعي جو پنھنجو آهنگ بہ شاعرانہ ترنم جي خصوصيت بنجي پوي ٿو.
هن ئي ٻنيءَ تي ايندي مون کي سال ڏھہ يارنھن ٿيا
هاري اهو، ساڳي ٻني، سونھين بہ سا،
ساڳيو سرنھن، لم ڀي اها،
مٽ سٽ نہ ڪا:
ليڪن پکي،
هي لات ٿي جنھن جي مٺي،
آهي اهو ساڳيو اڳوڻو ڪينڪي-
هو تہ ويو ڪنھن چيٽ گذريل ساڻ گڏ معدوم ٿي! (شيام)
سٽن جي تعداد بدلجڻ ڪري شعر لاءِ ٺھيل ٺڪيل ٽڪرا ملي وڃن ٿا، جن کي مصرعن جي صورت ۾ کپايو وڃي ٿو. مٿن شعر جو مواد بہ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. آزاد شاعري ۾ فقط هيئت جو بدلجڻ ڪا وڏي ڪاميابي ڪا نہ آهي، پر مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب، داخلي ۽ خارجي احساسات جي ترجماني ۽ امتزاج، صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعريءَ جي تخليق جو باعث بڻجي ٿو. پراڻي اسلوب ۽ فرسودہ مواد کان بغاوت، صحيح نموني آزاد شاعريءَ جو فن آهي. اهو هڪ تغير آهي ۽ اهڙو تغير ۽ انقلاب ئي زندگيءَ جو دليل آهن.
آزاد شاعري ڪن خاص حقيقتن ۽ ڪنھن خاص نظريہ، حيات ۽ فڪر جي رد عمل کان پوءِ ظاهر ٿي آهي ۽ انھن حالتن کان متاثر ٿي، مٿيون اسلوب پنھنجي اظھار خيال جو جاذب، آسان ۽ موثر ذريعو ڪري تسليم ڪيو ويو آهي ۽ انھيءَ خاص مواد پنھنجي اظھار لاءِ مخصوص اسلوب پيدا ڪيو آهي. اها سڀ جديد ادب جي ڪارفرمائي آهي.
انساني ذهن ۾ ڪيترائي تخيلات پيدا ٿين ٿا. دماغ ۾ مختلف خيال هڪ ٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا. اهي لمحاتي ۽ تيز رفتار خيال، انساني دماغ ۾ هڪ هيجان پيدا ڪري مختلف قسم جون تصويرون پيش ڪن ٿا. اهي مختلف خيال هڪ شاعر لاءِ شعر تخليق ڪرڻ جو سامان بنجيو پون. جيتوڻيڪ اهي مختلف خيال هڪ ٻئي سان ظاهري طرح ڪنھن بہ قسم جو لاڳاپو نٿا رکن، پر آخر ۾ مجموعي طرح هڪ واضح ۽ مڪمل تاثر پيدا ڪن ٿا. انھيءَ نموني شعر ڪاميابيءَ جي منزل تي پھچي وڃي ٿو. آزاد شاعري گهڻو ڪري ترڪيبن، تشبيھن ۽ محاورن کان آزاد هوندي آهي ۽ منطقي دليلن کان بي نيازي، آزاد شاعريءَ جي جان آهي. جيڪي ڪجهہ جيئن محسوس ڪبو آهي، تيئن پيش ڪرڻ ۾ ايندو آهي. لمحاتي احساسات کي منطقي معنوي ۽ لفظي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪئي ويندي آهي. سڌي سنئين خالص شئي ٻڌندڙ جي سامھون پيش ڪبي آهي. جنھن ڪري بعض اوقات اها شاعري مبهم ۽ بي معنيٰ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ليڪن ٻڌندڙ انھيءَ تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي ۽ ڪوشش ڪري ڪنھن نہ ڪنھن نتيجي تي پھچي وڃي ٿو. انھيءَ مان ظاهر آهي تہ نظم جو آزاد تسلسل ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ مڪمل تاثر ڇڏي ٿو. آزاد تسلسل مان منھنجي مراد آهي تہ شعر جون مختلف ۽ ڇڙوڇڙ تصويرون ٿوري سوچڻ کان پوءِ هڪ واضح تصوير پيش ڪن ٿيون، جنھن مان ڪنھن نقطہ، نظر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. “اياز” جي هڪ مختصر نظم ۾ مختلف تصويرون هڪ زنجير جون ڄڻ خوبصورت ڪڙيون بڻجي پيون آهن:
هر قدم تي زندگيءَ جو جام زهر،
ڪنھن نئين سقراط جو آ منظر:
هر گهڙيءَ سوري سڏي
ڪنھن نئين منصور کي:
ٿي ٻري شمع حيات،
آ جلڻ جنھن تي پتنگن جي نجات:
ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات
زندگيءَ جي سينڌ جو جهومر ٿيو،
جنھن سان جرڪيو حسنِ ذات.
مٿئين مختصر نظم ۾ “اياز” قافيي جو سھارو ورتو آهي، جو آزاد شاعريءَ جي روح جي منافي آهي، ليڪن فلسفيانہ حيثيت سان هڪ وڏي اهميت جو مالڪ آهي. آزاد تسلسل جو هڪ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو:
ڇا ٻڌايان داستانِ زندگي،
زندگي کي ناھہ ڪا پايندگي،
اڄ اسان جي ۽ اوهان جي رات آھہ،
رات ڪيڏي مختصر، ڪيڏي قليل،
غم نصيبن جي مقدر ۾ فقط آھہ و فغان.
بي وسيلن بي سھارن جي مٿان صبح و مسا
ظلم جي تلوار جي هڪ تيز ڌار:
داستانِ غم نہ ڇيڙ،
اي منھنجي جان،
تنھنجي ڀاڪر ۾ ملي مون کي پناھہ! (راز)
مٿئين شعر ۾ هڪ فڪري ماحول جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، جنھن مان فراريت ۽ بيزاريءَ جا عناصر نمايان آهن. “تلوار جي تيز ڌار” وقت نظم منتھا (Climax) تي پھچي وڃي ٿو. ان کانپوءِ يڪدم گريز جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. محبوب جي ڀاڪر ۾ پناھہ جي تلاش شروع ٿي وڃي ٿي، جنھن ۾ هڪ پاڪ جذبو نمايان آهي.
آزاد شاعريءَ ۾ تشبيھن ۾ نئين روح پيدا ڪرڻ جا بہ ڪيترائي مثال ملن ٿا. “اياز” هن ڏس ۾ ڪيترائي انوکا تجربا ڪيا آهن:
چنڊ جي ڀِرون جا ڀير،
ڄڻ صدين جي سوچ جا گھرا نشان.
مون مٿي چيو آهي تہ آزاد شاعري مواد جي لحاظ کان مختلف موضوعن جي شاعري آهي. هر مسئلي جي نفس مضمون ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي ٿي. معاشري جا ڪيترائي مسئلا جن کي حل ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ ڪافي تشويش پيدا ٿي آهي، تنھن جي ترجماني ڪرڻ آزاد شاعريءَ جو مسلڪ بنجي چڪو آهي، جا قوم جي ذهن ۾ هڪ نئون خون پيدا ڪري، سندس تاديبي حيثيت کي بلند بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
آزاد شاعري جيئن روايتي شاعريءَ کان هيئت جي لحاظ سان مختلف آهي، تيئن مضمون جي خيال کان هر اڳينءَ شاعريءَ کان منفرد آهي. هن وٽ پنھنجو نفس مضمون موجود آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ انوکو اسلوب بيان.
آزاد شاعريءَ لاءِ جيڪڏهن صرف اهو غور ڪجي تہ هن ۾ قافين جي استعمال کان گريز، اصول جي خلاف مصرعن جي سٽا ۽ ترتيب، رڪنن جي تعداد ۾ تبديلي ڪو وڏو ڪارنامو آهي تہ بلڪل غلط ٿيندو. هن ۾ تہ فقط نئين فڪر ۽ جديد خيال کي اسلوب بيان سان اهڙي نموني هم آهنگ بنائڻو آهي، جنھن سان شاعري جي انفراديت جي ڪا جهلڪ نظر اچي سگهي. اها شاعري پنھنجي ھمہ گير ۽ بلند نظريات جي باوجود اسان جي شاعريءَ ۾ هڪ تجربو آهي، ليڪن ان جو مستقبل شاعرن جي ڪاوش جو محتاج آهي.
اسان جي قديم شاعري، اسان جي ملڪ جي روايتي موسيقيءَ کان فيضياب ٿي آهي، ليڪن گذريل سوا سئو سالن جي شاعريءَ جو مزاج علم عروض تي گهڙيو ويو آهي، جنھن جو فن موسيقي سان ڪو بہ تعلق نہ رهيو آهي، ليڪن ان جي شعريت اسان جي دلين تي ڪافي قبضو ڪيو آهي. آزاد شاعري بہ ساڳئي نموني سنڌي سنگيت جي اثر کان بي نياز آهي، ليڪن منجهس نغمگيءَ جي بجاءَ آواز جي آهنگ جي لطافت موجود آهي، جنھن جي ذريعي احساسات ۽ جديد تصورات جو اظھار ڪري، ٻڌندڙ جي دل و دماغ تي اثرانداز ٿي سگهجي ٿو. شعر ۾ انھيءَ قسم جي دلڪشي وزن جي مرهون منت آهي. وزن جي اهميت کي هر ملڪ جي شاعري ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، جنھن جي ذريعي عميق خيالات، بلند احساسات ۽ ذاتي مشاهدات کي متوازن زبان جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ ۾ وزن راڳ وانگر دل تي اثر ڪري ٿو، تنھن ڪري وزن شعر جو زيور آهي، ۽ هر شاعريءَ ۾ موجود آهي. وزن جي طفيل ئي آزاد شاعريءَ ۾ آهنگ موجود آهي. جيڪا شاعري مڪمل طرح جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪري ٿي، اها ئي اعليٰ شاعري چئي سگهجي ٿي.
شاعريءَ کي ٻن وڏن حصن ۾ تقسيم ڪيوويو آهي، جن کي “داخلي” ۽ “خارجي” شاعريءَ جي نالي سڏيو وڃي ٿو. انھن ٻنھي وڏن حصن جون بہ ڪيتريون ئي شاخون آهن. داخلي شاعري ذاتي تجربات ۽ دلي محسوسات تي مبني آهي ۽ گهڻو ڪري عشقيہ شاعري ليکجڻ ۾ اچي ٿي، ۽ جا فڪريه ۽ فلسفيانہ شاعري بہ آهي:
آ اهو مچ سھارو پنھنجو،
فقط بس مچ سھارو پنھنجو:
ڀئو ٿئي ٿو تہ ڪٿي هي بہ وسامي نہ وڃي،
آگ اجهامي نہ وڃي! (اياز)
خارجي شاعريءَ جو انحصار ڪائنات جي مطالعي سان تعلق رکي ٿو، اها شاعري اجتماعي تجربات جي حامل آهي.
رات بي نُور، سياھہ ۽ تاريڪ،
هر جڳھہ ڄڻ آ موت جو سايو؛
ٿي ڪري راھہ، هر تسليم
موت جي اڄ شهنشاهي:
يعني هر واٽ آ بيھوش
۽ فضا آھہ خاموش. (راز)
ليڪن ٻنھي حصن جو گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان ڳوڙهو رشتو آهي، جنھن ڪري ٻنھي جون حدون هڪٻئي سان ملي وڃن ٿيون. آزاد شاعري، اصولي طرح داخلي ۽ خارجي احساسات ۽ تجربات جو امتزاج آهي، اها آميزش ئي ان جي ڪاميابي آهي. جديد شاعريءَ جي تقاضا بہ اها ئي آهي. “شيام” جي هڪ نظم “پھرين ۽ پوءِ” ۾ اهڙيون تصويرون موجود آهن، جي داخلي ۽ خارجي احساسات جي ترجماني ڪن ٿيون، جنھن ۾ خلوص بہ آهي ۽ صداقت به.
پھرين پوپٽ جي مِٺي،
سمجهہ تو کي ڪا ذري سڌ ناهي،
منھنجو منھن غنچه سندءِ
پنکڙين ساڻ سٿيل ڪيئن آهي،
هِت مِٺي هُت مٺي، جيئن ڄاڻ پويم،
ڪوئي آهي جو مون کي ٿو چاهي،
۽ پوان لال! ٽڙي.
آزاد شاعري جذبات ۽ تجربات جي اظھار ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري تصنع ۽ آورد کان پاڪ آهي ۽ عمومن ان جو دارومدار مواد جي لحاظ کان خلوص تي رهندو آهي. داخلي شاعري گهڻو تڻو بيانيه شاعري هوندي آهي، جنھن ۾ مختلف واقعات جو ذڪر ۽ مختلف مناظر جي عڪاسي هوندي آهي. سماجي ۽ سياسي شعور بيدار ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي خارجي اثرن اسان جي دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿي، آزاد شاعريءَ لاءِ مختلف موضوع پيدا ڪيا آهن. آزاد شاعريءَ ۾ جيڪڏهن هڪ طرف قدرت جا منظر پيش ڪيا وڃن ٿا، تہ ٻئي طرف فلسفيانہ خيالات سان گڏ، ڪيترن ئي خارجي پھلوئن جي عڪاسي ڪئي وڃي ٿي، تنھن ڪري نظم ۾ خارجي ۽ داخلي عناصر شامل ٿي وڃن ٿا.
آخر ۾ هيئت ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪجهہ مثال پيش ڪري، مقالي کي ختم ٿو ڪريان.
هن جڳ ۾،
هن پاپي جڳ ۾،
جيئڻ آ جنجال:
تنھنجي ياد جو سھارو آهي،
هڪ پل جو موهوم سھارو:
تنھنجي شيرين شيرين ياد،
هڪڙي تلخ حقيقت آهي. (بشير)
جيتوڻيڪ مٿيون شعر بحر جي لحاظ کان گيت جو ترنم، ۽ ٻوليءَ جي خيال کان گيت جو مزاج پيدا ڪري ٿو، مگر منجهس آزاد شاعريءَ جي سٽا موجود آهي، ۽ آزاد نظم جي صورت پيدا ڪئي ويئي آهي. “بشير” جو ٻيو خالص آزاد شاعريءَ جو مثال پيش ڪريان ٿو:
دلِ نادان ٿي چوي،
حسن جا جلوا ٿيا ارزان؛
۽ سر شام فضا ۾پکڙيا
يار جا زلف، جيئن ڪاري گهٽا
جهومي اٿندي آ ڪڏهن مغرب مان!
آزاد شاعريءَ ۾ شمشيرالحيدريءَ ڪافي مشق ڪئي آهي. هيٺين شعر ۾ شاعري گهٽ، ۽ تبليغ زيادہ آهي:
منزل جي مندر جي گهنڊ جو آواز ٻڌو ٿا، اي ساٿيو؟
بس چند قدم منزل آهي،
اڳتي ئي هلي منزل ٿيندي:
هلندا ئي هلو، وڌندا ئي هلو،
تاريڪ فضائن جا سينا،همت جي چراغن سان چيري،
وڌندا ئي هلو،
ڪجهہ عزم سفر کي تيز ڪريو...
شاعر جو ڪم جذبات کي بيدار ڪرڻ آهي ۽ تبليغ ۽ تلقين لاءِ ڪناين ۽ اشارن کي استعمال ڪرڻ جائز ۽ مباح آهي. سندس هيٺيون شعر آزاد نظم جو سھڻو مثال آهي:
ڪو زمانو ٿي ويو،
ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رهيون،
دوبدو ٿينديون رهيون:
هر گهڙي هڪ آزمائش،
هر گهڙي هڪ امتحان،
ڪير ڪنھن جو ترجمان!
هيٺين شعر ۾ زندگيءَ تي تنقيد آهي:
ٿي ويو، دوست! هي شب خيز زمانو سارو،
بي بسي پاڻ کي ئي پاڻ پريشان ٿي ڪري،
زندگي موت جو ارمان ٿي ڪري،
بيڪسي پنھنجي جوانيءَ تي ڪري رنج و ملال،
پنھنجي ناڪام محبت جو ٻڌائي احوال. (راز)
سياسي بحران تي هڪ شاعرانہ تبصري جو مثال پيش ڪجي ٿو:
مون تہ سمجهيو هو، منھنجو ملڪ ٿيو آھہ آزاد،
مون تہ سمجهيو هو، هتي کير جون نھرون وهنديون،
مون تہ سمجهيو هو، هتي رقص ڪنديون حور و قصور،
مون تہ سمجهيو هو، هتي عيش جو ٿيندو سامان،
نہ اهو درد مصيبت جو زمانو رهندو،
نہ اهو گردشِ دوران جو فسانو رهندو:
منھنجا محبوب، وطن ٿيو آباد،
منھنجا محبوب، مگر تنگ ٿيو سازِ حيات. (راز)
ناسازگار حالتن کان مرعوب نہ ٿجي، ڇاڪاڻ جو نااميديءَ ۾ ئي اميد جي جهلڪ نظر اچي ٿي:
اي منھنجي جان!، مِٺي، زهرا جبين،
ڇو ٿي تون لڙڪ وهائين ايڏا،
تيرگي وقت گهڻو رهندي ڇا؟
هي سياھہ رات گهڻو رهندي ڇا؟
هو ٻڌين ٿي تون ڀيانڪ آواز،
ڪجهہ بہ ناهي، منھنجي جان! ڪجهہ بہ نہ آھہ.” (راز)
مصطفيٰ جتوئيءَ جي معاشري تي هڪ وڏيءَ چوٽ جو مثال پيش ڪجي ٿو:
چئہ، اي محبوب، بدلبو نہ هي ماحول خراب،
جنھن ۾ انسان کي انسان ٿو پيڙي بيجا،
جنھن ۾ انصاف جي مٽي ٿي ٿئي هر وقت پليد،
بيگناهن تي جتي ظلم و ستم آهي روا،
۽ جتي جرم ۽ غداري آهي حب وطن!
.............................
جواني اسان جي مشقت ۽ محنت ۾ گذري وئي آھہ،
گوارا خدا کي نہ محنت اسان جي رهي آھہ،
ٿئي ٿي شب و روز ذلت اسان جي،
هي انسان جيڪو امانت خدا جي،
ٿو سوچي، ڪنھين جي غريبيءَ تي سوچي.
سڄو هي زمانو فريبِ گلستان،
فريبِ گلستان، فريبِ نظر آھہ:
هلون دور ٻئي،
زمان و مڪان جا هي قصا پراڻا ڇڏي ڏي! (راز)
پنھنجي ماحول جو هو هڪ دلفريب مثال ڏجي ٿو:
چاندني رات جي تارن جون اکيون،
ڌرمسالا ۾ جيئن ڪوئي مسافر، ٿڪجي،
تنگ ڪمري جي هٻس، بوءِ ۾ لڇندي لڇندي،
منگهڻن کي ڳڻي ماريندي، ورائي پاسا،
ذهن تي زور ڏيئي ننڊ کي ڪوٺيندو هجي. (سڳن)
هيٺين شعر ۾ ڪيتريون تصويرون چٽي، شاعر پنھنجي قاريءَ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي:
تنھنجي چھري تي لڳي جا گردِ راھہ،
ان جو هر ذرڙو نرالي ڪائنات!
ذري ذري ۾ آهن جڳ جا پساھہ،
ذري ذري ۾ ٿا چمڪن چنڊ ڪئين،
ذرو ذرو آھہ روشن آفتاب. (بردو سنڌي)
ڪيترن دوستن آزاد شاعريءَ کي فقط لفظن جي راند سمجهي طبع آزمائي ڪئي آهي. منجهن شعر چوڻ جي صلاحيت تہ خير ڪا آهي، پر هنن شايد آزاد شاعريءَ کي هڪ آسان صنف سمجهي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. هر شاعريءَ لاءِ شعر جي لوازمات جي ڄاڻ نھايت ضروري آهي؛ پر آزاد شاعريءَ لاءِ تہ وڏي محنت ۽ مشقت درڪار آهي ۽ شاعر تي هٿان هڪ وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. عروضي شاعرن آزاد شاعريءَ کي صنف شاعريءَ کان خارج سمجهي، ان جي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کي بہ ڄڻ ناجائز قرار ڏنو آهي. شايد انھن دوستن موجودہ دور جي شاعرن فيض، نديم، قيوم نظر، يوسف ظفر، سلام ۽ جعفري وغيرہ جي آزاد شاعري ڪا نہ پڙهي آهي، جن کي اردو شاعريءَ ۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي.
هن کان پوءِ مان شاعريءَ متعلق حضرت شاھہ ولي ﷲ رحه جو رايو پيش ڪريان ٿو:
“عرب شاعرن وٽ جيڪڏهن هڪ ڪلمي جو اڌ حصو پھرينءَ مصرع ۾ ۽ اڌ حصو ٻيءَ مصرع ۾ شامل ڪجي تہ ڪا قباحت نہ آهي؛ ليڪن شعراءِ عجم ان کي ناجائز سمجهندا آهن.
“هندن پنھنجي شاعريءَ لاءِ وزن جو بنياد اکرن جي تعداد تي رکيو آهي. هو وزن ۾ حرڪات ۽ سڪنات جو ڪو لحاظ نہ رکندا آهن، ليڪن تڏهن بہ سندن گيت جي ٻڌڻ کان پوءِ لذت حاصل ٿئي ٿي. اسان ڳوٺاڻن جا گيت ٻڌا آهن. انھن گيتن ۾ رديف سان “تخميني موافقت” هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنھن ٽڪري ۾ هڪ لفظ گهٽ ۽ ڪنھن ۾ هڪ لفظ وڌيڪ آهي، تہ هو ڳائڻ جي لي ۾ ان ڪمي بيشيءَ کي ٺيڪ ڪندا آهن. هر قوم جي نظم جو هڪ خاص اسلوب هوندو آهي، ۽ سڀ قومون دلڪش آوازن ۽ دلفريب نغمن کان لطف اندوز ٿينديون آهن، ليڪن ڳائڻ جا طريقا ۽ قاعدا مختلف هوندا آهن.
“يونانين ڪجهہ وزن مقرر ڪيا، ۽ نالو رکيائون “مقامات”. اهل هند ڇھہ راڳ ٺاهيا. ديھاتي پنھنجي سليقي ۽ ذوق سان پنھنجي حسن منشا ڪجهہ وزن، راڳڻيون، سر ۽ تال ايجاد ڪري، گيت ڳائيندا ۽ ٻڌائيندا رهيا. انھن اختلافات جي باوجود اسين انھن ۾ “تخميني موافقت” ضرور ڏسون ٿا. عقل جي نظر فقط اجمالي امر تي آهي. قافين ۽ رديفن جي تفصيل سان ان کي ڪو بحث ڪونہ آهي. ذوقِ سليم تہ صرف لطف ۽ حلاوت جو خواهشمند آهي،ان کي بحر طويل ۽ بحر مديد سان ڪو واسطو ڪونھي.”
زير بحث موضوع تي مٿين مقالي پڙهڻ کانپوءِ، هيٺين نتيجي تي پھچجي ٿو تہ آزاد شاعري:
(1)هيئت ۽ مواد جي لحاط کان جديد لاڙن جي پيداوار آهي؛
(2)آزاد شاعري مغربي تھذيب جي مرهونِ منت آهي؛
(3)آزاد شاعري هيئت ۽ مواد جي تشڪيل جي لحاظ کان مختصر نظم، سانيٽ ۽ نظم معريٰ کان مختلف آهي؛
(4)آزاد شاعري سياسي، نفسياتي، فڪري، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن جي خام مواد مان پنھنجي صورت تخليق ڪري ٿي؛
(5) آزاد شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت گهٽ ۽ خارجي ڪيفيت زيادہ اثرانداز رهي ٿي؛
(6)آزاد شاعري گهڻو ڪري داخلي ۽ خارجي ڪيفيات جي امتزاج جو نتيجو آهي؛
(7)آزاد شاعريءَ جو قافيي ۽ رديف جي روايتي پابنديءَ کان انڪار آهي؛
(8) آزاد شاعري بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي؛
(9) آزاد شاعريءَ کي هڪ فطري ترنم آهي، جنھن ڪري اها هڪ بي تڪلف آهنگ پيدا ڪري ٿي؛
(10) آزاد شاعري ڪنھن نہ ڪنھن هڪ اڌ مروجہ بحرن ۾ هوندي آهي، مختلف مصراعن ۽ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي بيشي ڪئي ويندي آهي؛
(11) رڪنن جي تعداد جي ردبدل جي باوجود، مصرعن ۾ “ردم” قائم رهي ٿو؛
(12) آزاد شاعري مختلف لمحاتي تصويرن جي شاعري آهي، جيڪا مجموعي طرح هڪ واضح ۽ مڪمل تاثر پيدا ڪري ٿي.
(ٽي ماهي مھراڻ 1/ 1964ع تان ورتل)