لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

شيخ اياز جو فن (سُر مارئي)

شاعريءَ جي نئين دور جي شروعات ۾ شيخ اياز جي مقفيٰ نظم جي شھرت هئي،جنھن تي فارسي لوازمات جو ٺپو لڳل هو. سندس اهڙي شاعري 1942ع کان اڳ جي هئي ۽ ان وقت سنڌ ۾ ترقي پسندانہ ادب جي ڪا بہ فضا هموار نہ ٿي سگهي هئي. اياز جي اهڙي شاعري سنڌ ۾ هڪ نئون روپ اختيار ڪري نئون موڙ ۾ قائم ڪيو، پر ان جي ابھام، لب و لھجي جي شعريت ۽ مزاج جي انفراديت اياز جي تعلق سنڌي ادبي حلقن ۾ هڪ نرالو اثر پيدا ڪيو. اهڙيءَ شاعري کي اجاره دارانہ سنڌي شاعريءَ واري حلقي ۾ مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو ويو، جنھن تي اعتبار کان ڪمزور هجڻ جو الزام لڳايو ويو. ان زماني ۾ اياز ڪراچي ڪاليج ۾ هو. هن جي ۽ منھنجي دوستي هئي ۽ اسان جي سنگت شعر و شاعريءَ ۾ فضا ۾ پلجڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ شروع ڪيو.
سنڌي شاعريءَ ۾ رومانيت ڪنھن بہ زماني ۾ تحريڪ جي حيثيت اختيار ڪا نہ ڪئي هئي، پر قديم خواھہ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ رومانيت هڪ رجحان جي حيثيت ۾ ظاهر ٿيندي رهي آهي. سنڌي شاعريءَ جي پنج سئو سالن جي تاريخ ۾ اهڙا رجحان هر صديءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن شاعر جي شاعريءَ ۾ واضح نموني ۾ اڀريل نظر اچن ٿا. پوءِ انھيءَ رومانوي رجحان کي کڻي عشق حقيقيءَ سان منسوب ڪيو وڃي، پر رومانوي تصور پنھنجيءَ جاءِ تي اٽل آهي ۽ انھيءَ رجحان هر دور ۾ چڱي مقبوليت اختيار ڪئي آهي.
شيخ اياز هلندڙ دور جي رومانيت جو نمائندو شاعر آهي. سندس جوانيءَ جو آغاز ڀرپور رومانوي دور مان گذريو آهي. مون منڍ کان وٺي ايئن سمجهيو آهي تہ اياز رومانوي شاعر آهي ۽ سندس شاعري رومانوي آهي. زماني جي انقلاب منجهس وقتن فوقتن تبديليون آنديون آهن. هر ڪنھن تغير منجهس هڪ تحرڪ پيدا ڪيو آهي. هو نھايت حساس طبع جو مالڪ آهي. ڪنھن وقت اياز انگريزي سامراج جي خلاف آزاديءَ جو نعرو بلند ڪيو ۽ ڪنھن وقت هن جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي خلاف تحريري هلچل هلائي. سندس ترقي پسند نظرين سوشلسٽ شاعري کي موثر بڻايو ۽ اياز هڪ نئين روپ ۽ نئين رنگ ڍنگ سان سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ کي پيدا ڪيو ۽ هو اهڙي شاعريءَ جو سرواڻ بڻجي سنڌ جي حلقن سان روشناس ٿيو. فني اعتبار کان اياز سنڌي شاعريءَ ۾ انوکا تجربا ڪيا آهن، جن کي سنڌي ادبي تاريخ ڪڏهن بہ فراموش ڪري نہ سگهندي.هن وقت جيڪا بہ نئين شاعرانہ فضا قائم آهي، اها اياز جي مرهون منت آهي. جيڪڏهن ڪو ان ڳالھہ کان انڪار ڪري تہ اهو حقيقت ۽ صداقت کان منڪر آهي. مون سنڌي شاعريءَ جي ٽيھن سالن جي مختلف تجربن کي پنھنجي اکين سان ڏٺو آهي. اياز جي شاعريءَ ۾ بہ ڪيترائي لاها ۽ ڪيترائي چاڙها نظر اچن ٿا. ڪٿي سندس شخصيت تضادات جو مرڪب نظر ايندي ۽ هو تنازعه شخصيت بڻجي پيو. ڏھہ سال اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ تبديلي رونما ٿي، جنھن کي قومي شاعريءَ جي تبديلي چئي سگهجي ٿو. اياز جي اهڙي شاعري ۾ ڪيترن ئي لوازمات جو اثر آهي، جنھن ڪري شاعري جو مزاج ڪٿي ماٺيڻو ۽ ڪٿي ولوله انگيز انقلابي نظر اچي ٿو. سندس طبيعت جو اٿاھہ سمنڊ ڪڏهن طوفاني ۽ ڪڏهن ماٺو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، منجهس ڪڏهن انتھاپسندي ۽ ڪڏهن اعتدال پسندي. سنڌي روايتي شاعري ڪڏهن بہ انتھاپسنديءَ جي متحمل نہ رهي آهي. سنڌي شاعريءَ جو بنيادي مزاج نھايت مٺڙو ۽ سٻاجھڙو رهيو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو خمير تصوف مان ٺھيل آهي، جهن جو نظريو انسان دوستي ۽ ھمہ اوست ايترو جامع ۽ اٽل آهي، جنھن ۾ ڪنھن ٻئي رجحان جو دخل مشڪل آهي. قديم شاعرن پنھنجي مخصوص مزاج ۽ لب و لھجي جي وسيلي پنھنجو عظيم مقصد حاصل ڪيو، جهن ڪري سندن شاعري لافاني ۽ ابدي حيثيت جي حامل بڻجي پيئي آهي. ڀانيان ٿو اياز اهڙيءَ حقيقت کان بخوبي واقف آهي، تنھن ڪري سندس مزاج ۽ طبيعت ۾ انڪار ۽ اقرار جو امتزاج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ظاهري ۽ باطني دٻاءَ جي ڪشمڪش مان، اياز ڪيتري عرصي کان پنھنجي شاعريءَ ۾ قديم صنف ۽ هيئت کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي سنڌ جو روح سمجهيو آهي. هن ويھن سالن کان وٺي گهڻو ڪري سنڌي ڪلاسيڪي هيئت کي اختيار ڪيو آهي. هن ان فن ۾ جديد موضوعن کي سموهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنھن هوندي بہ هو قديم مضمون ۽ نظريي کان هرو ڀرو عار بہ نٿو ڪري. هو لاشعوري طور وحدت الوجود جي قريب بہ پھچي وڃي ٿو. روحانيت هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل نظر اچي ٿي. مان پاڻ ڪڏن ڪڏهن منجهي پوندو آهيان ۽ پنھنجي سمجهہ ۽ شعور موجب اياز جي شخصيت مون کي بہ پيچيدہ نظر ايندي آهي.
اڄوڪو موضوع پڻ اياز کي اسان جي قديم شاعريءَ کان ورثي طور مليو آهي، جنھن موضوع کي اسان جي برگزيده ۽ عظيم شاعرن وقتن فوقتن شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي. سر مارئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايو ۽ وڄايو ويندو آهي. سنڌ جو عوام اهڙي موضوع جي ماهيت کان چڱيءَ پر واقف آهي. جيتوڻيڪ موجودہ دور اڄوڪي ماحول ۾ روحانيت کان وڌيڪ ماديت ڏانھن مائل آهي، تاهم روحانيت جي لافاني ۽ جامع اثر کي رد نٿو ڪري سگهجي. اياز سر مارئيءَ ۾ ڪن حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، جن حالتن جي موجودہ ماحول سان مناسبت ۽ مطابقت آهي.
شاھہ لطيف سر مارئيءَ ۾ “الست بربڪم” چئي پنھنجي بنيادي نظريي جو کليل اعلان ڪيو آهي ۽ ان ۾ فروعي لوازم ڪٺا ڪري سر کي ترتيب ڏنو آهي، جنھن ۾ ساڻيھہ جي سڪ، مقامي ثقافت جي جهلڪ، ملڪي مناظر سان والھانہ محبت وغيرہ جھڙا رجحان واضح ۽ ڀرپور نموني ۾ اثرانداز ٿيا آهن. انھن سان گڏ منجهس ڪيترن ئي اخلاقي نڪتن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، جي سنڌين جا موروثي ۽ بنيادي اهڃاڻ آهن ۽ اهي اخلاقي قدر سنڌي معاشري جا اٽوٽ انگ آهن، جن ۾ ڪا تبديلي ممڪن نہ آهي.
شيخ اياز جيل ۾ نہ وڃي ها تہ اسان کي کانئس سر مارئي نہ ملي سگهي ها. جيل جي اونداهيءَ ڪوٺڙيءَ کيس حقيقت کي پروڙڻ لاءِ مجبور ڪيو. ايڪانت ۽ اڪيلائي کيس ڪيترن ئي موضوعن تي ويچارڻ جو وجهہ ڏنو، يا ڀايان ٿو تہ سندس اندر جي آواز کيس شاھہ لطيف جي فلسفي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني. هو مادي زندگيءَ کان ڪٽجي چڪو هو ۽ غالبن سندس ذهن “پوءِ ڇا” جي چڪر ۾ ڦاسي پيو. جيل جي مدقوق زندگي اياز کي وڏي شاعر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. اياز جيل ۾ ڪيترائي سر لکي سنڌي ادب جي لاءِ هڪ وڏو ذخيرو پيدا ڪيو آهي. اهي بيت سنڌي ادب ۾ املھہ ماڻڪ آهن ۽ سنڌ جو دانشور طبقو هر دور ۾ انھن کان استفادو حاصل ڪندو رهندو. هن سر ۾ اياز جي اعتداد پسنديءَ جو رجحان عروج تي آهي، اهو سر سنڌي ادب جو سينگار آهي، نہ جنھن ۾ ڪو نعرو آهي ۽ نہ وري ڪنھن اشتعال انگيزي جو تاثر. اديبانہ انداز ۾ شاعر پنھنجي مقصد کي اڳتي وڌايو آهي. حب الوطني سندس مدعا آهي، جنھن کي جامع ۽ پراثر بڻائڻ لاءِ هن ڪردار جي اخلاقي خوبين تي خاص نظر رکي آهي. هي فڪر ۽ جستجو جو اعليٰ نمونو آهي. اصل ۽ نج شاعري، فڪر ۽ جستجو جي پيداوار ٿيندي آهي، جا شاعر جي دل جي عڪاسي ڪندي آهي ۽ شاعر جي شخصيت ظاهر ٿيندي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ اهو ڪلام ڳوڙهو آهي پر سوجهيندڙ ان جي مام کي وڃي پھچندا. جيڪڏهن اهو نج وحدت الوجود نہ آهي تہ وحدت الوجود ڏانھن هڪ قدم ضرور آهي، جننہ کي ٻين ضمني لوازمن جي ڀراءَ سان سنڌي مزاج ۽ روح جي مناسب بڻايو ويو آهي. هڪ سڌي سنئين واٽ تيار ڪئي ويئي آهي. اهو روشنيءَ جي طرف هڪ ڊگهو قدم آهي ۽ ڪنھن بہ اوجهڙ ۽ اوڙاھہ ۾ ڪرڻ ۽ رڃ ۽ سڃ ۾ ڀٽڪڻ جو سوال ئي پيدا ٿي نٿو سگهي. حب وطن هڪ پاڪ ۽ نيڪ جذبو آهي. انسان کي سدائين پنھنجي ساڻيھہ سان سڪ رهي آهي. اها انسان جي هڪ ازلي تقاضا ۽ فطري گهرج آهي. انسان سماجي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ سموري زندگي ڦٿڪيو آهي. غلامي ڪنھن بہ معاشري قبول نہ ڪئي آهي، پوءِ کڻي اهو معاشرو ڪيترو ئي غير متمدن هجي. محنت کي مقدس ۽ برتر سمجهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو پورهيو انسان جو مقدر آهي. سماجي انصاف سندس بنيادي حق آهي، جنھن کي ڪا بہ استحصالي قوت غصب ڪري نٿي سگهي. آزادي مارئيءَ جو بنيادي حق آهي. عمر جي استحصالي طاقت ان حق کي چيڀاٽي ۽ چيٿاڙي نٿي سگهي.
شاھہ لطيف سر مارئيءَ ۾ ان حق جي جيت جو ذڪر ڪيو آهي. حق، حق آهي، جنھن کي باطل نابود ڪري نٿو سگهي. شاھہ جي رواداري پنھنجي عروج تي نظر اچي ٿي. شاھہ جو مزاج درويشاڻو، لب لھجو ناصحاڻو ۽ مقصد صوفياڻو آهي، جنھن نہ ڪڏهن غاصب ۽ ظالم کي پٽيو ۽ نہ پاراتو ڏنو، اها سنڌ جي خمير جي روايت آهي. غاصب فنا جي درياھہ ۾ پاڻ ئي غرق ٿي ويا ۽ مظلوم، معصوم ۽ سٻاجهڙا، سدائين زنده جاويد بڻجي پيا، جن کي ڪو انقلاب مٽائي نہ سگهيو. مارئي سدا سھاڳڻ آهي، مارو جيئرا آهن، سنڌ زنده آهي ۽ سنڌو درياھہ سگهارو آهي. پنجن هزارن سالن جي تاريخي انقلابن سنڌ کي طاقتور بڻايو. ڪيترائي تغيرات رونما ٿيا، پر سنڌ جيئري رهي ۽ قيامت تائين زنده رهندي. بھار ۽ خزان وغيرہ جا موسمي لوڏا آهن، ايندا رهندا ۽ هليا ويندا.
اياز جو سر مارئي گوناگون ڪيفيتن جو حامل آهي. اهي ڪيفيتون رنگين، لطيف ۽ دلفريب آهن. لطافت ۽ نفاست اياز جي طبيعت جا خاص جزا آهن. هو سدائين فطرت جي مناظر کان متاثر ٿيندو رهيو آهي. فطرت ۾ هن کي ڪيتريون ئي دلڪش رنگينيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هو طبعن فطرت جو مداح آهي. هن جي اندر جو انسان امن ۽ آشتيءَ جو قائل آهي. اياز طبعن ڪڏهن بہ تشدد پسند ٿي نٿو سگهي. اياز وٽ هڪ حساس دل آهي. هو فطرت جو عڪاس آهي. قدرتي مناظر سندس روح کي راحت ۽ دل کي تسڪين پھچائين ٿا. سر مارئيءَ ۾ زبان ۽ بيان جي اعتبار کان اياز پنھنجي ماحول ۽ پنھنجي گهيري کان هڪ وک بہ ٻاهر نہ نڪتو آهي. هتي سندس شعور نھايت پختو ۽ مضبوط نظر اچي ٿو. سموري ٿري زندگيءَ ۽ سندس وهاڻ ۽ وٿاڻ اکين آڏو اچن ٿا. اها مٽي ڪھڙي نہ سگهاري ۽ صحتمند آهي، جنھن ۾ سايون سڱريون ۽ ڳاڙها گل پيدا ٿين ٿا. اها مٽي طاقتور آهي، جنھن سگهارا، تندرست ۽ سلڇڻا ماڻھو پيدا ڪيا آهن. هزارين جندڙيون اهڙي مٽيءَ مٿان گهوري ڇڏجن. اياز سر مارئي ۾ ٿر جي رهڻي ڪرڻي ۽ عام سڀيتا جي اپٽار ڪئي آهي. کائڙ ۽ کاٽولين تي ماڪ ڦڙن ۽ ماروئڙن جي بدحاليءَ جو نقشو اکين اڳيان آندو اٿس.
اياز سر مارئيءَ ۾ ڪيترن ئي مصمونن کي پيش ڪيو آهي. اهي موضوع سنڌ جي زندگيءَ سان مطابق آهن. پنھنجي وطن سان محبت ايمان جو جزو ڪري ليکيو ويو آهي ۽ وطن جي هر وٿ سان اڪير ۽ اڪنڊ انسان جو هڪ اڻ مٽجندڙ جذبو بڻجي چڪو آهي. اها محبت بہ انساني زندگيءَ جو اهم ۽ وڏو قدر آهي.
مون ۾ آھہ ملير، آهيان آءٌ ملير ۾،
رڳو روڪي ٿو سگهي جسي کي زنجير،
تنھنجي وس سرير، مون من ماروءَ هنج ۾.
ماڻھو ۽ مٽيءَ جو پاڻ ۾ هڪ ڳوڙهو سٻڌ آهي پر اهو ناتو جسم کان وڌيڪ روح جو آهي. ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا هجن، محل ۽ ماڙيون هجن، ڪڙيون ۽ زنجيرون هجن، بدن تي انيڪ پابنديون هجن، تاهم بدن تہ فاني شئي آهي پر روح سدا حيات آهي. روح ۾ پنھنجي ٿاڪ جو سلو اڀري ٿو، نپجي ۽ پلجي وڏو ٿئي ٿو، تنھن ڪري اهو سلو لافاني بڻجي پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو روح زندگيءَ جو مقدر آهي. اهو ناتو تير ۽ تلوارون بہ ٽوڙي نٿا سگهن ۽ اهو تعلق قائم ۽ دائم آهي.
مون کي وڍي سومرا ڳڀا ڳڀا ڪر،
پوءِ بہ ٻڌندي ڌر، مون مان نانءُ ملير جو.
بدن ۽ لڱ ڪپجي ڳڀا ڳڀا ٿي سڙي ۽ ڳري وڃن ٿا، پر ڪا شئي باقي بچي ٿي، جتان ساڻيھہ جي سڪ جو آلاپ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهو ساڻيھہ، جنھن جي مٽ دنيا جو ڪو ملڪ نہ آهي، نہ ڪوئي ڏيھہ سندس ثاني ۽ شريڪ آهي، اهو ڏونرن جو ڏيھہ آهي، جنھن ۾ ڀُرٽ ۽ گولاڙا آهن، جنھن ۾ ڪھوءَ ۽ مھوءَ جا وڻ آهن، پر اهي شيون ڪيڏيون نہ دلپسند، ذائقيدار ۽ لذيذ آهن، ڇاڪاڻ جو انھن جو واسطو وطن جي مٽيءَ سان آهي ۽ مٽيءَ جو ناتو جيءَ سان جڙيل آهي. جيءُ سدائين جيئرو آهي ۽ اهي شيون لافاني آهن، جن تي ڪڏهن بہ موت جو سايو پئجي نٿو سگهي. مينھن وٺي انھن تي سونھن ۽ سوڀيا اچي وڃي ٿي. هلندڙ ۽ وهندڙ حياتيءَ ۾ سدائين سرهاڻ ۽ سندرتا آهي. ان زندگيءَ جي سڳنڌ هنڌين ماڳين پکڙجي ويندي آهي. مينھن جو وسڻ بہ لازمي شئي آهي. مايوسيءَ ۽ اداسيءَ جون ڪيفيتون دائمي نہ آهن. ڏکيا ڏينھن بہ ڪڏهن مستقل نہ رهندا آهن:
مارو ڪک بہ موريا جڏهن وٺا مينھن،
هي جي ڏکيا ڏينھن، رهي رهندا ڪينڪي.
اياز کي موزون ۽ مناسب اکرن جي چونڊڻ ۾ وڏي دسترس حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڪي لفظ اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال نٿا ٿين، پر اياز جي اها وڏي خوبي آهي، لفظن کي گڏ ڪري شعر ۾ سمائي، منجهائن اجنبيت جي بوءِ ڪڍي ٿو ڇڏي. تنھن هوندي بہ ڪي الفاظ اهڙا آهن، جي موجودہ دور ۾ گهٽ رائج آهن يا جن کي ھمہ گير حيثيت نہ آهي، تنھن ڪري اياز کي حاشيہ ۾ سندن معنيٰ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
دنيا جي ڪنھن بہ بند کان آزادي حاصل ڪرڻ ڪا سولي ڳالھہ نہ آهي. نفس جو زنجير هجي، ظالم جو قيد هجي يا غلاميءَ جو ڳٽ. محنت انسان جو مقدر آهي. ماڻھوءَ کي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي، کيس ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا، اهي سختيون ۽ سور سندس بدن جو رت پت ڪڍي ڇڏين ٿا، پر هو پنھنجي محنت ڪري سرهو نظر اچي ٿو. هر مقصد ماڻڻ لاءِ مجاهدو ڪري ٿو. اهو مقصد ڪھڙو بہ هجي، روحاني هجي يا مادي، پر منزل طرف وڌڻ جو عمل آهي، جو سندس روح کي راحت پھچائي ٿو. هو رضا تي راضي رهي ٿو، هو توڪل جو ترهو ٻڌي اڳتي هلي ٿو، مسلسل ڪوشش ۽ اڳتي وڌڻ ئي سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ مدعا آهي.
مارن ڦوڪي بنسريون ڪاهيا رڍن ڌڻ،
ساٺ ڪيا سانوڻ، وڄون وريون اوچتو.
انسان مٿان انيڪ مصيبتون نازل ٿين ٿيون. هو ڏڪر ۾ بہ ارهو ڪونھي ۽ سڪر ۾ سرهو آهي، سندس محنت جو ڦل کيس ملي ٿو. هو لوچي ٿو تہ لھي بہ ٿو. هر جاءِ تي خوشيون وريو وڃن. سندس هر وک تي خوشيءَ جا شادمانا ٿيو پون.
جيئن ڪي ڪھوءَ ڏار، تيئن مڙس ملير جا،
نيٺ تہ تنھنجي ڪوٽ تي اڀري ڪندا وار،
سگهارا سنگهار، ولھيءَ ٿيندا واهرو.
مانجهي مڙس سدائين ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف جنگ جوٽيندو رهي ٿو. ڪنھن پاڪ جذبي جي اثر هيٺ هو ظلم جي ڪوٽ تي وار ڪندو رهي ٿو، اهو جوش ۽ جولان کيس پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب بڻائي ٿو ۽ هو همت ۽ مردانگيءَ سان ظلم جا ڪوٽ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي ٿو.
اياز جي ڪلام ۾ مارئي ڪيترين علامتن جي تصوير آهي. هوءَ حب الوطنيءَ جي تصوير آهي. هوءَ آزاديءَ جي خواب جو تعبير آهي ۽ هوءَ سيرت جي توقير آهي. اياز سنڌ جي سونھن مارئيءَ جي سيرت ۾ ڏٺي آهي. جنھن سيرت جا مختلف پھلو آهن ۽ جا سيرت ھمہ گير، جامع ۽ مڪمل آهي. جيتوڻيڪ ڏکن ۽ بکن ڪري ظاهري سونھن ڪاراٽجي وڃي ٿي، پر اندرين خوبصورتي جرڪڻ لڳي ٿي. اندر جي سوڀيان، مارئيءَ کي زنده ۽ جاويد بڻائي ڇڏيو. مجموعي طور تي مارئي سنڌ جي وڏي علامت آهي، بلڪ مارئي سنڌ آهي ۽ سنڌ مارئي.
مارو ڄاڻن ٿا، ست بکي ٿو سونھن ۾،
سدا لوئيءَ لڄ جا، لاک ڏئي جهلڪا،
لڇڻ لوئين جا، پريان ئي پڌرا ميان.
مارئي ڪڏهن بہ ڪوجهي ۽ ڪارياڻي ٿي نٿي سگهي. هن جو ست ۽ سيل قائم آهي، جنھن ۾ سونھن ۽ سوڀيا آهي. سندس اخلاق بلند آهي. هن جو توڪل تي ترهو آهي. هن کي يقين آهي تہ آخر سچ جي جيت آهي، بي يقيني هن جي مذهب ۾ حرام آهي، يقين محڪم هن جو ايمان آهي، هوءَ حياءَ ۽ حلم جي مورت آهي.
ڳهيليون پائن ڳھہ، مون تي هس حياءَ جو.
سر مارئيءَ مان ظاهر آهي تہ دنيا فاني آهي ۽ فنا کان پوءِ بقا جو مقام آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ اخلاقي قدر، سنڌي ادب جو بنيادي پٿر آهي. اياز جيتوڻيڪ وحدت الوجودي نہ آهي، تنھن هوندي بہ روحانيت هن جي تحت الشعور ۾ موجود آهي ۽ هو ھمہ اوست جي ويجهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انسان تڏهن ئي پاڻ کي سڃاڻي ٿو، جڏهن هو پاڻ کي وڃائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. باوجود قيد و بند جي مارئيءَ پاڻ کي سڃاڻڻ جي ساڃھہ پيدا ڪئي آهي ۽ اياز بہ جيل ۾ ان مام کي پروڙيو آهي:
مان ئي ٿر جي ريت هان، مان ئي هان آڪاس،
مان ئي جر جي جيت ۾، مان ئي ڌرتي ساس،
ڄڻ هي منھنجو ماس، مٽي آھہ ملير جي.
اڃا اڳتي هلي پاڻ ان نظريي ۾ وڌيڪ پختگي نظر اچي ٿي، پر اها پختگي شاعر کي گمراهيءَ جي طرف گهلي نٿي وڃي، هو اناالحق جو نعرو نٿو هڻي، اها شاعر جي وڏي ڪاميابي ۽ اعتدال پسندي آهي.
پيھي ڏٺم پاڻ ۾، مان واريءَ تي وس،
مان ئي اڙهڙ اس ۾، سارا گوندر گس،
مان ئي آهيان تس، مان ئي مران تاس ۾.
جيڪڏهن اياز جي ان قسم جي شاعريءَ ۾ صداقت آهي ۽ منجهس بقائيءَ جو دخل گهٽ آهي تہ اها شاعري اياز جي اندر جو آئينو آهي، جا سندس روحاني ۽ اخلاقي اقدار کي کولي پڌرو ڪري ٿي. پاڻ ۾ پيھي ڏسڻ وارو عنصر معرفت جي مشاهدي جي قريب پھچي وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ اياز دنيا جي مشھور ۽ معروف صوفين جو مداح آهي، جن ۾ جنيد بغدادي، بايزيد بسطامي، سنائي، عطار، منصور، سرمد، لطيف ۽ سچل وغير اچي وڃن ٿا جن سدائين دل جي آئيني تان دوئيءَ ۽ ڪثرت جي ڪٽ کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت کي پروڙڻ جو اياز بہ ساڳيو ئي رستو گهڙيو آهي.
مان ٻاٻيھي اڃ ۾ مان ئي پکيءَ پر،
مان ئي سانوڻ مينهڙا، مان ئي پاڻ پلر،
مون ۾ آھہ امر، مٽي ملڪ ملير جي.
انسان ان وقت تائين جيئرو آهي، جيسين سندس مقصد موجود آهي. جيڪڏهن مقصد فوت ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ انسان جو جيئڻ فضول آهي. آدرش سچ پچ حياتي آهي. آدرش کان سواءِ زندگي بي معنيٰ آهي. اياز جي سامھون سندس وڏو مقصد آهي، جنھن جو تعلق سنڌ جي خوشحالي سان وابستہ آهي. اهو بہ درست آهي تہ جيڪڏهن ڪا سرزمين سکي آهي تہ ان جا ماڻھو بہ خوشحال آهن. ماڻھوءَ جي خوشحاليءَ سان معاشرو صحتمند بڻجي ترقيءَ جي پاسي وک وڌائي ٿو. اها سموري ترقي سماج جي ترقي آهي پر جيڪڏهن وطن ڌتڙيل آهي تہ پوءِ ماڻھو بہ دکي آهي. ماڻھوءَ ۾ لگن ۽ چاھہ آهي تہ پوءِ هو مصيبتن سان مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ پنھنجو آدرش حاصل ڪري سگهي ٿو. محنت ۽ همت انسان کي منزل مقصود تي پھچائن ٿيون. انھيءَ نموني ئي تھذيبون ٺھيون آهن ۽ ان ئي نموني سان ثقافتن نشو و نما حاصل ڪئي آهي.
آءٌ امرتا آهيان، جيسين آھہ ملير،
الا! منھنجي جيءَ تي، زور وڌو زنجير،
منھنجيءَ وٽيءَ کير، وھہ گڏيو تو سومرا.
انسان کي پورهيو ڄمڻ کان وٺي ورثي ۾ مليو آهي. زندگيءَ جي جدوجھد انسان کي زنده ڪري ڇڏي ٿي. ماڻھو امر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس مقصد قيامت تائين قائم رهي ٿو. محنت سان هو من جون مرادون حاصل ڪري ٿو، ان لاءِ مسلسل جدوجھد گهرجي. اياز چوي ٿو:
اک نہ لائج جهپ، اڳيان ايندءِ پنبڻيون!
ٿوري بہ غفلت سبب جان جوکي ۾ اچي سگهي ٿي. معمولي غلطي انسان کي اوڙاھہ ۾ اڇلايو ڇڏي:
ٿر تي ٿڌو چنڊ، ڀني رات ملير جي،
ڄڻ هي سارو منڊ، مھڪيو تو سان مارئي.
ماڻھو ۽ مقصد، انسان ۽ آدرش، پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. هڪ کي ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي. مارئيءَ کي ملير کان ڌار ڪيئن ڪري سگهبو، جنھن جي جيءَ جون جڙون ملير جي مٽيءَ ۾ پيوستہ آهن.

(ٽي ماهي مھراڻ 4/ 1973ع تان ورتل)