لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  

Title Cover of book سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾

سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾ (حصو پھريون)

سنڌ جا سڀئي ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائيندا آهن، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بہ ان ٻولي جو اثر موجود آهي، انھي ٻولي جو رسم الخط عربي آهي ۽ عربي زبان جا سمورا حروف تھجي جا اکر سنڌي ٻولي جي صورتخطيءَ ۾ موجود آهن ۽ ان کانسواءِ نج ۽ سنڌي ٻولي جا اکر بہ شامل آهن، تنھن ڪري سنڌي زبان جي صورتخطي سڀني ٻولين کان وڏي آهي. هر ڪنھن آواز لاءِ اکر آهي، جنھن کي پنھنجو مخصوص آواز آهي، تنھن ڪري سنڌي زبان ۾ هڪ اکر ٻئي اکر جو سھارو نہ وٺندو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ سنڌي صورتخطي جا اکر پاڪستان جي ٻين سڀني رائج ٻولين کان وڌيڪ آهن، تنھن ڪري هي ٻولي وڌيڪ جامع ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي معاملي ۾ وڌيڪ مالدار آهي.
سنڌ ۾ ادبي تحريڪ جو تجربو نھايت قديم آهي، پر تاريخي دور ۾ ڳالھہ، پھاڪا، اصطلاح، روايتون، ڏند ڪٿائون، گنان، رزميہ گيت ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جو بنياد صدري روايتن تي ٻڌل آهي. ڪنھن وقت ۾ مقفہ نثر بہ هوندو هو، جنھن جي آخر ۾ قافيو هوندو هو ۽ ماڻھو انھن جي ٻڌڻ کانپوءِ محظوظ ٿيندا هئا، هينئر مقفہ آزاد شاعري جو نمونو رائج آهي، ان کانسواءِ انھن روايتن تي هندي شاعري جو اثر بہ زائل ڪري نٿو سگهجي. تيرهين چوڏهين صدي عيسوي ڀڳتي تحريڪ جي نفاذ جا اهم سال ليکيا ويندا آهن، جنھن تحريڪ نانڪ، ميرا ٻائي، چيتن ڪبير جھڙا شاعر پيدا ڪيا آهن، جن ﷲ جي وحدانيت جو پيغام پھچايو آهي، تنھن ڪري ڪجهہ هندي اشعار بہ سنڌي ماڻھن جي زبان تي هوندا هئا. سنڌ ۾ تحريري شاعري جو رواج ڪو نہ هو، تنھن ڪري پٽ کي پيءُ وٽان، ڌيءُ کي ماءُ وٽان ڪي سھڻا ٻول ۽ بيت ۽ ڪي مخصوص پھاڪا ۽ اصطلاح ملندا هئا، جي هو ياد ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پشتا پشت اهو سلسلو هلندو رهندو هو. دهلاري دهل تي ڏونڪو هڻي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ اهي صدري اشعار ڳائيندا هئا، جي ماڻھن کي لطف اندوز بڻائيندا هئا.
سنڌي تحريري شاعري ارغونن جي حڪومت جي دور کان شروع ٿئي ٿي. سورهين صدي ۾ ارغون گهراڻي جي هڪ مشھور عالم ۽ نامور شاعر تحريري شاعري جو بنياد رکيو. هڪ عربي جي عالم ۽ فارسي زبان جي فاضل اوچتو ئي اوچتو سنڌي شاعري ڪئي، سا ڪنھن مقصد کان خالي نہ هوندي. اهو معتبر عالم بکر جي علائقي جو قاضي قاضن هو. افسوس جو محققن کي سندس ست بيت هٿ آيا آهن ۽ اندازو اهو آهي تہ سندس سنڌي اشعار چڱي تعداد ۾ موجود هوندا، جي زماني جي گردش جو شڪار ٿيا هوندا.
سنڌ جي تاريخ جي شروعات کان وٺي سنڌين جا ايرانين سان سياسي ۽ تجارتي لاڳاپا هوندا هئا، تنھن ڪري فارسي ٻولي جو بہ سنڌي ماڻھن سان ڳوڙهو ۽ ويجهو تعلق رهيو آهي، پر ارغونن ۽ مغل گورنرن جي زماني ۾ فارسي سنڌ جي ادب ۾ وڏو حصو ادا ڪيو آهي ۽ عمومن سنڌي نسل جا شاعر فارسي ۾ شعر چوڻ فخر ۽ برتري جي ڳالھہ سمجهندا هئا. انھيءَ دور ۾ فارسي ٻولي ماڻھن جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو ذريعو بڻجي چڪي هئي. ڪيترائي ٻاهريان عالم ۽ بزرگ ارغونن سان گڏجي آيا، جن فارسي زبان جي سنڌ ۾ ڄڻ هڪ روايت قائم ڪري ڇڏي. ان زماني ۾ عام ماڻھن ۾ سنڌي لوڪ ادب، ڏند ڪٿائن ۽ پيرولين جو قديم رواج بہ هلندو آيو. ماڻھو منجهانئن لطف وٺندا هئا، پر فارسي دفتري زبان جو ڪردار ادا ڪيو.

قاضي قاضن
قاضي قاضن جي زماني ۾ بکر ان وقت سنڌ جو تختگاھہ هو، جتي ڪلاسيڪي فارسي جو رواج هو، مهدوي تحريڪ جو باني سيد ميران محمد جونپوري سمن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو، جتي قاضي قاضن سندس خاص معتقد ٿيو: خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سمه حڪمران جا خيالات مهدي تحريڪ جي خلاف هئا، تنھن ڪري سيد صاحب سنڌ ۾ وڌيڪ وقت ترسي نہ سگهيو، پر قاضي قاضن سندس تحريڪ کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن عام سنڌين جي سمجهڻ لاءِ سنڌي ۾ بہ شاعري شروع ڪئي، کيس سنڌي شاعري تي عبور حاصل هو، سندس ست بيت ڄڻ سنڌي شاعري ۾ ست نشتر آهن، جن ۾ وحدانيت سان گڏ علم ظاهري ۽ علم باطني جي اپٽار ٿي سگهي ٿي. تذڪيه نفس جي لاءِ ڪيترائي ناياب نڪتا آهن، جي عام ماڻھو جي هدايت لاءِ ڪافي آهن. سنڌي لفظن کي نھايت مھارت سان استعمال ڪيو ويو آهي، جن مان سندس خيالن جو اظھار ٿئي ٿو. انھيءَ شاعري ۾ هن هندي شاعري جي مخصوص ٽيڪنڪ کي استعمال ڪيو آهي، جنھن کي هندي دوهو چيو ويندو آهي ۽ انھيءَ نوع ۽ نموني تي قاضي قاضن سنڌي ڏوهڙي جو باقاعدي بنياد رکيو. قاضي قاضن 1551ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس شعر جو نموني هيٺين طور آهي:
سيئي سيل ٿئام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اڀري واڳو ٿي وريام.
***
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،
هيڪائي هيڪ ٿيو ويئي سڀ جهت.

حضرت مخدوم نوح
حضرت مخدوم نوح پنھنجي زماني جو وڏو اولياءَ ﷲ ٿي گذريو آهي. هو قاضي قاضن جو ننڍو معاصر هو. سندس خانگاھہ تان ڪيترن عالمن ۽ بزرگن فيض ورتو، ڪڏهن ڪڏهن جذب جي حالت ۾ مخدوم صاحب شعر چوندو هو. سندس مريد ۽ معتقد اهي اشعار ياد ڪري ڇڏيندا هئا. اندازو آهي تہ بزرگ جا ٻيا بہ ڪيترا شعر هوندا پر سندس ولايت انھن تي پردو وجهي ڇڏيو آهي. سندس شاعري جي ٻولي نھايت مٺڙي ۽ رسيلي هوندي هئي، جنھن جي ذريعي هو پنھنجو ماحول بيان ڪري سگهندو هو. سندس خيالات بلڪل اوچا ۽ بامعنيٰ هوندا هئا. هيءُ بزرگ 1590ع ۾ گذاري ويو. سندس بيت جو نمونو قاضي قاضن جي نموني کان ٻئي قسم جو آهي:
سمو بہ ساٿين گڏ، تون لوچج لڄ کي،
هلندي سمي سامھون، تون پڻ ڪيرت ڪج،
تہ تون پڻ ٿئي ڏڍ، سمي جي سوڀ ٿئي.

پير محمد لکوي
پير محمد لکوي بہ ساڳئي زماني جو شاعر آهي، جنھن اسلامي نوعيت جا شعر لکيا آهن. هيءُ بہ قاضي قاضن جو ننڍو معاصر هو. سندس شاعري ۾ پند و نصيحت جا ڪيترائي نڪتا بيان ڪيل آهن، جنھن ۾ شعر کي وڌائڻ لاءِ هن مصنوعي قافيہ استعمال ڪيا آهن، سندس نظم گهڻو ڪري الف اشباع جي قافيہ ۾ چيل آهي، هيءُ بزرگ 1600ع ۾ وفات ڪري ويو.



شاھہ ڪريم
شاھہ ڪريم سنڌ جي شروعاتي شاعرن ۾ هڪ وڏي حيثيت جو مالڪ آهي، تنھن ڪري سنڌي شاعري ۾ سندس درجو انگريزي شاعر چاسر جھڙو سمجهيو وڃي ٿو. هو پنھنجي بزرگ شاعرن وانگر تصوف جو حامي رهيو آهي ۽ هڪ بلند پايہ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري بلڪل صاف ۽ روشن آهي، جنھن ۾ هم اوست جي مسئلي جي وضاحت آهي. هو شاعري جي ميدان ۾ پنھنجي وڏي شاعر قاضي قاضن جو پوئلڳ آهي. هن قاضي قاضن وانگر صوفي خيالن ۽ هندي ٽيڪنڪ جي تائيد ڪئي آهي، پر ان سان گڏ هن فن ۽ فڪر جي لحاظ کان سنڌي شاعري ۾ هڪ اڳتي قدم وڌايو آهي. سنڌي شعر ۾ هڪ نئين زندگي ۽ تازگي پيدا ڪئي آهي، تنھن ڪري شاھہ ڪريم سنڌي زبان جو پھريون وڏو شاعر آهي، جنھن سنڌي شاعري جي آبياري ڪري هڪ راھہ متعين ڪئي آهي. ڪريم جي ڪلام ۾ سادگي ۽ صفائي، شائستگي ۽ جدت جون انيڪ خوبيون ملن ٿيون. هڪ دل آويز شخصيت ۾ جيتريون وصفون هونديون آهن، سي شاھہ ڪريم ۾ موجود هيون. دينداري، سخن آرائي، صبر و استقلال ۽ خدمت خلق جهڙيون خوبيون سندس ذات ۾ ظاهر هيون. ڪريم جي وڏي خوبي اها هئي جو مشڪل تخيلات کي معمولي لفظن ۾ بيان ڪندو هو، جيڪو شعر هر خاص و عام ماڻھو سمجهي سگهندو هو. شاھہ ڪريم فڪر جي اعتبار کان فارسي شاعرن جي غوشه چيني ڪئي آهي ۽ فارسي تصوف جو اثر شاھہ ڪريم قبول ڪيو آهي. شاھہ ڪريم 1622ع ۾گذاري ويو.
پاڻيائي سر ٻھڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

لطف ﷲ قادري
ٻين سنڌي شاعرن جي سٿ ۾ لطف ﷲ قادري ۽ عثمان احساني مشھور و معروف شاعر ٿي گذريا آهن. ٻنھي کي شاعري جي فن جي ڄاڻ هئي ۽ سندن اسٽائيل سھڻي نموني جي شاعري ليکي ويندي آهي. احساني جو وطن نامون عمدي شاعري جي علامت آهي، جنھن مان پڙهندڙ کي رس ۽ راحت نصيب ٿئي ٿي. انھيءَ زماني کانپوءِ سنڌي ۾ مقامي ماڻھن جي حڪومت شروع ٿئي ٿي ۽ شاعري ۾ بہ ڪجهہ آزاديءَ جي جهلڪ ظاهر ٿئي ٿي، لطف ﷲ قادري جي وفات 1650ع ۾ ٿي.

شاھہ عنايت
شاھہ عنايت سنڌي شاعري جو هڪ ممتاز شاعر ٿي گذريوآهي. شاھہ صاحب جي خانواده جي پيري مريدي جو سلسلو هو. سندس طبيعت جو رجحان تصوف طرف مائل هو. هن شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري مقامي ماحول جي ترجماني ڪئي آهي. ٺيٺ سنڌي لفظن ۽ مڪاني تشبيھن سندس شعر کي جاندار بڻايو آهي ۽ هن سنڌي شعر جي ٽيڪنڪ ۾ ڪي دل آويز تبديليون آنديون آهن.
مذهبي معاملات کانسواءِ شاھہ عنايت جي شاعري ۾ تصوف جون باريڪيون موجود آهن، جن کيس تمثيل طور سنڌي لوڪ ڪھاڻين کي بيان ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو آهي، جن ۾ حسن و عشق جون پاڪيزہ باريڪيون آهن، جن کي روحاني طور بيان ڪيو ويو آهي. شاھہ عنايت پنھنجي ماحول جو عڪاس هو. جنھن جي ذڪر ڪرڻ ۾ هو سڀ کان اڳرو هوندو هو. سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي عجيب طنزيہ انداز ملي ٿو. شاھہ عنايت 1728ع ۾ وفات ڪري ويو.
گلبدن جون گجريون ارم اوڍيائون
چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون
مشڪ محبت پاڻ ۾، لڱين لاتائون
ڪوڏان پوتائون ڪچنان، سيلا سڌيائون
هڙي پر عنايت، چئي راڻو رائيائون
سو موٽي ڪيئن ٻاهون، جو وڃي گل گجر کي گڏيو.

شاھہ لطيف
شاھہ لطيف سنڌ جو سدا حيات شاعر دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪڙو آهي. هو سنڌ جو سرتاج شاعر آهي. هو هڪ باوقار ۽ باڪمال شخصيت جو مالڪ هو. سندس دعويٰ هئي تہ سندس بيت آيتون آهن، فقط باريڪ بيني گهرجي. دنيا ۾ هر جڳھہ تي قدرت جون آيتون پکڙيل آهن. انسان کي انھن آيتن کي پڙهي پنھنجي عاقبت سنوارڻ گهرجي، لطيف جي اهڙي دعويٰ سراسر سچي نڪتي. هو هڪ برگزيده درويش هو، جنھن جو شان ۽ مان اعليٰ آهي.
شاھہ صاحب جي دل ۾ هڪ لگن هئي ۽ هن ڪائنات جون آيتون پڙهي پنھنجي ڪلام ۾ آيتون پيش ڪيون آهن. هن نہ فقط سنڌ جو سير ڪيو سنڌ جي ماحول کي جاچيو، ڪمين ۽ ڪاسبين جي زندگيءَ کي پڙهيو پر سنڌ جي ٻاهرين ماحول جي بہ سياحت ڪئي. شاھہ جي ڪلام ۾ اهي خوبيون موجود آهن، جيڪي ڪنھن الھامي شاعر ۾ هجن. شاھہ جي شاعراڻي کستوري جي خوشبوءِ ملڪن کي واسي ڇڏيو آهي. شاھہ جو ڪلام اڪثر ماڻھو خوشي مان ڳائيندا آهن ۽ ڪي جهونگاريندا آهن، ڪي مثال طور پيش ڪندا آهن، تنھن ڪري شاھہ جي فڪر کي سند جي حيثيت حاصل آهي. شاھہ جي ڪلام ۾ سنڌ جي ماحول جي عڪاسي موجود آهي، جنھن ۾ نہ فقط سماجي، پر ديني، معاشي ۽ معاشرتي زندگي جا واضح آثار موجود آهن. شاھہ صاحب ڪائنات جي رنگينين مان پنھنجي مقصد ۽ مطلب جا جوهر ڳولي لڌا آهن. شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ خارجيت ۽ داخليت جو هڪجھڙو دخل آهي. شاھہ سنڌي ڪھاڻين کي نئين زندگي بخشي کين زنده جاويد بڻايو. سسئي پنھون، عمر ماري، مومل راڻو شاھہ جا اهڙا سر آهن، جيڪي سنڌ ۾ دلچسپي ۽ دلگذار نموني ڳايا ويندا آهن، جن ۾ رمز بہ آهي راز بہ آهي. شاھہ صاحب 1754ع ۾ گذاري ويو.
ڇاجي ڏنگا ڏير، منھنجو ڏينھن ڏنگو م ٿئي.

عبدالرحيم گرهوڙي
عبدالرحيم گروهوڙي هڪ جيد عالم ۽ صوفي شاعر هوندو هو. هو خواجہ محمد زمان لنواري واري بزرگ جو مريد ۽ معتقد هوندو هو. هن الف اشباع جي نوعيت ۽ ٽيڪنڪ تي گهڻو شعر چيو آهي، جنھن ۾ علم ۽ فضل جون گوناگون خوبيون آهن. حقيقت محمدي جو بيان وضاحت سان ڪيو اٿس. هن شعر ۾ نور ۽ بشر جو بيان نھايت محققانہ نموني ڪيو آهي. مخدوم صاحب ڇند وديا جي ٽيڪنڪ موجب تصوف جي رازن جي وضاحت ڪئي آهي، سندس بيان عارفانہ آهي. پاڻ هڪ بتڪدي جي پوڄارين سان جهاد ڪندي 1778ع ۾شھيد ٿيو.
ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ٻيا بہ مشھور ۽ معروف شاعر ٿيا آهن، تن ۾ ڪجهہ مسلمان ۽ ڪجهہ هندو آهن. خليفو نبي بخش ۽ سچل وقت جا برگزيده درويش ٿي گذريا آهن، جن تصوف جي موضوع تي ڪيترائي شعر چيا آهن. هندن ۾ سامي ۽ دلپت وقت جا مشھور شاعر ٿي گذريا آهن، جن ويدانڪ فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي.

سچل سرمست
سچل سرمست سنڌ جو بلند پايہ شاعر ٿي گذريو آهي ۽ زندگي جي پوئين حصي ۾ هو جذب ۽ ڪيف جي حالت ۾ رهندو هو. هو سنڌي شاعري ۾ شاھہ لطيف کانپوءِ مکيہ شاعر ڪري ليکيو ويندو آهي. ڪن شرعي عالمن کي هن بزرگ جي شعرن تي اعتراض آهي، جن ۾ هن کليو کلايو منصور حلاج جي پيروي ڪئي آهي. هن جي دعويٰ آهي تہ هو تصوف جي وڏن شاعرن عطار ۽ سنائي جي سٿ مان آهي، جنھن ڪري سندس ڪلام ۾ مستي ۽ جوش موجود آهي، تنھن ڪري کيس سرمست جو لقب مليو آهي. صوفي شاعرن وانگر هن ﷲ جي وحدانيت ۽ ھمہ اوست جو ذڪر ڪيو آهي. هن کي هفت زبان شاعر ڪري تسليم ڪيو ويو آهي. هن سنڌي کانسواءِ ٻين مختلف ٻولين ۾ بہ شعر لکيو آهي، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي مڪمل عبور حاصل آهي. فني لحاظ کان حضرت سچل سرمست ڪافي ۾ وڏي وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ مختلف ڪافين جا نمونا آهن، ڪافي جي فن تي هن انيڪ تجربا ڪيا آهن، هو 1829ع ۾ وفات ڪري ويو.
جتي ماڻھن ميڙ آھہ، آءٌ تتي ناهيان،
سي سنباهيان پٺيءَ شاھہ حلاج جي.

دلپت
دلپت هڪ فقير منش قسم جو ماڻھو هو هن ڪيتريون ڪافيون ۽ بيت لکيا آهن، هو هڪ عمدو شاعر هو، جنھن ويداني فلسفي جا ڳوڙها اصول بيان ڪيا آهن،هو سيوهڻ جو ويٺل هو ۽ پوءِ لڏي اچي حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن سنڌي زبان کانسواءِ سرائڪي ٻوليءَ ۾ بہ شعر چيو آهي. ازانسواءِ فارسي ۽ هندي زبانن ۾ بہ سندس شعر موجود آهي. هو 1841ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حمل
حمل شاعري جي اعتبار کان سنڌي شعر ۾ هڪ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي آهي، تنھن ڪري سندس ذڪر وڏن شاعرن جي فهرست ۾ آيو آهي. هو لنواري جي بزرگن جو مريد هو. هن حسن و عشق سان گڏ تصوف جا باريڪ مسئلا بہ پيش ڪيا آهن. هو سنڌي ۽ سرائڪي جو باڪمال شاعر سمجهيو وڃي ٿو.
ڪھہ ڪانگا ڪر بات، اڄ عجيبن اچڻ جي،
اچي ويھہ اکين تي، لنوءَ سٻاجي لات،
ڪانگل تنھنجو وات، مصري سان مٺو ڪيان.

خليفو نبي بخش
خليفو نبي بخش هڪ ممتاز شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنھنجي ڪلام ۾ قومي شاعري هڪ دلچسپ انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هي پھريون شاعر آهي، جنھن سنڌي قومي شاعري کي بلڪل وضاحت سان بيان ڪيو آهي، تنھن ڪري سنڌ جا موجودہ مشھور قومي شاعر کيس پنھنجو رهبر سمجهندا آهن. ٽالپرن ۽ افغانن جي لڙائي کي خليفي نھايت سليقہ مندي سان پيش ڪيو آهي. خليفو پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. سندس وفات 1863ع ۾ ٿي آهي.
ڪونڌ قلعي ڪوڏيا نونڌ نچندا بس
ڇڏي تن ترس، پلٽيوشاھہ پٺاڻ تي.

پير محمد راشد
پير محمد راشد پير ڳوٺ جي درگاھہ جو باني هو. پير صاحب سيد پير محمد بقا جو فرزند هو ۽ خانواھہ راشديہ جو باني هو. هو هڪ باعمل عالم هو. پاڻ باشريعت بزرگ هو، پر سندس طبيعت جو لاڙو تصوف طرف گهڻو ٿو ڏسجي. سندس سنڌي ڪلام، بيتن، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي. سندس فارسي ڪلام بہ موجود آهي، پاڻ فارسي زبان ۾ برک هوندو هو.
وحدت مان ڪثرت ٿي آهي، ڪثرت وحدت ڪل
اندر ٻاهر سپرين، ٻول نہ ٻيءَ ڪنھن ڀل،
هو هنگامو ۽ هل مڙوئي محبوب جو.

ڀائي چين راءِ لنڊ
شڪارپور جي مردم خيز سرزمين تي ڀائي چين راءِ لنڊ پيدا ٿيو. چين راءِ پنھنجي گروءَ جو پوئلڳ ۽ سندس عشق ۾ گم هو. هن کي پنھنجي اڳواڻ سان حد درجي جو پيار هوندو هو. سندس گرو جنھن جو نالو سامي مينگهراج هو سو بھاولپور جو ويٺل هو، تنھن ڪري هن پنھنجي گروءَ جي سامي لفظ کي پنھنجي شاعري لاءِ تخلص ڪري چونڊ ڪيو. هو هڪ ويدانتي شاعر ۽ ويدانت جي فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ پنھنجي شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو. ويدانتي نظريا ڪنھن حد تائين اسلامي نظرين سان ٺهڪي اچن ٿا. پر ڪن ڳالھين ۾ ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. هن پنھنجي ڪلام ۾ سنسڪرت ۽ هندي لفظن کان سواءِ عربي ۽ فارسي الفاظ بہ ڪم آندا آهن، تنھن ڪري هن وٽ ڪنھن بہ ٻولي لاءِ تعصب ڪو نہ ٿو ملي، سامي هندو مسلم اتحاد جو زبردست حامي رهيو آهي. نفس جي پاڪائي لاءِ هن پنجن براين کان پاسي رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. هن ڪام، ڪروڌ، موھہ، لوڀ ۽ اهنڪار جي خلاف جنگ جوٽي آهي ۽ سندس اعلان آهي تہ جيڪڏهن هڪ بہ برائي انسان ۾ رهندي تہ انسانيت جي درجي تان ڪري پوندو، اخلاق سنوارڻ لاءِ هر انسان کي انھن پنجن براين سان لڙائي ڪرڻي آهي، تنھن ڪري سامي جا سمورا سلوڪ انھن براين کان ڇوٽڪاري جي باري ۾ آهن.
پانئڻ ڀڃي ڇڏ، متان ڄاڻ وجهيئي ڄار ۾،
آهيون اسين جن جا، تنين وٽون اڏ،
پاڻ تنين سان گڏ، نينھن جن جو نانھن سان.


(ماهوار نئين زندگي اپريل، مئي 1977ع تان ورتل)