تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

پيش لفظ

سوشلزم جا شروعاتي اصول مون مشهور انقلابي تاريخدان ڊاڪٽر محمد اشرف مرحوم کان سکيا هئا. هي قصو انهن ڏينهن جو آهي جڏهن ملڪ تي انگريزن جي عملداري هئي ۽ ڪميونسٽ ادب جي داخلا تي بندش هئي. ڪڏهن ڪڏهن مارڪس، اينجلس يا لينن جو ڪو ڪتاب لِڪ ڇپ ۾ اچي ويندو هو، ته ان جا سائيڪلو اسٽائيل نقل ڳجهي نموني گشت ڪندا هئا، پر اسان جي پهچ انهن دستاويزن تائين ڪا نه هئي. بس ڏئي وٺي برٽرانڊرسل، برنارڊ شا، ڊي.ايڇ. ڪول يا سڊني هُڪ جون لکڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون هيون، جيتوڻيڪ انهن مان ڪو به حقيقي معنى ۾ سوشلسٽ يا ڪميونسٽ ڪو نه هو. سوشلسٽ ادب جي ان اڻهوند کي آڏو رکندي، ڊاڪٽر اشرف سوشلزم جي هڪ ترتيبوار جامع تاريخ لکڻ جي رٿابندي ڪئي هئي، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو سياسي سرگرمين ۾ اهڙو اڙيو، جو رٿا رکي ئي رهجي وئي.
ان ڳالهه کي 35 سالن کان وڌيڪ مُدو گذري ويو آهي. ان وچ ۾ دنيا اندر اڻ ڳڻيا انقلاب آيا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشلسٽ قوتن جي حاڪمي قائم ٿي. سوشلسٽ تحريڪن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ واڌارو ماڻيو ۽ سوشلزم جو آواز عام ٿي ويو، تان جو اسان جي ملڪ ۾، هاڻي شايد ئي ڪو پڙهيل لکيل شخص هجي، جنهن سوشلزم جو نالو نه ٻڌو هجي. هاڻي ته هتي به سوشلسٽ ادب سولائيءَ سان ملي وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته
ڀــري هـيــن جــس قــدر جــام و سـبُــو
مَـــــــــــي خــــــانــــه خـــــالــــــــــي هــــــــــي.
پر حيرت آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به زبان ۾ سوشلزم متعلق سُٺي يا بُري هڪ به تاريخ موجود ڪانهي. هيءُ ڪتاب ان گهٽتائيءَ کي ختم ڪرڻ جي مقصد خاطر لکيو ويو آهي.
مارڪس ۽ اينجلس پنهنجن ڪميونسٽ نظرين جي لاءِ سائنسي سوشلزم جو اصطلاح ۽ پراڻي سوشلزم لاءِ خيالي سوشلزم جو اصطلاح استعمال ڪيو. خيالي سوشلزم مان سندن مراد سماجي ڀلائيءَ جا اهي منصوبا هئا جيڪي يورپ جا مفڪر وقت به وقت پيش ڪندا رهندا هئا. اهي منصوبا سماج جي معروضي حالتن مان ڪڍيل ڪو نه هئا، پر انهن مفڪرن جي ذاتي خواهشن جا عڪس هئا. ان جي ابتڙ سائنسي سوشلزم سرمائيداري نظام جي معروضي حالتن جو لازمي ۽ منطقي نتيجو هئي. ان جا اصول سماجي ارتقا، خاص طرح سرمائيداري نظام جي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ اخذ ڪيا ويا هئا. سائنسي سوشلزم مان مراد اهو سماجي نظام آهي جنهن ۾ پيداوار جا سمورا وسيلا ــــــــ زمين، معدنيات، ڪارخانا، فيڪٽريون، بئنڪون، واپار وغيره ــــــــ سماج جي گڏيل ملڪيت هوندا آهن ۽ انهن جي پيداوار جسماني ۽ ذهني ڪم ڪندڙن جي تخليقي پورهيي مطابق ورهائي ويندي آهي. ڪميونزم سائنسي سوشلزم جو اڳيون قدم آهي. ان مان مراد اهو گڏيل نظام آهي جنهن ۾ پيداواري قوتون ۽ پيداوار، ٻئي، ايترو وڌي ٿيون وڃن جو واهپي ۾ ايندڙ شين جي استعمال جو ماپو ماڻهن جو پورهيو نه، پر انهن جي ضرورت هوندي آهي.
سوشلزم جا دشمن عام ماڻهن کي سوشلزم کان بدگمان ڪرڻ لاءِ اها پروپيگنڊا (تشهير) ڪندا آهن ته سوشلسٽ سماج ۾ ڪنهن به شخص کي ذاتي ملڪيت جو حق نه هوندو آهي، پر اها تهمت غلط آهي. ڳالهه هيءَ آهي، ته ذاتي ملڪيت ٻن قسمن جي هوندي آهي: هڪ اها ذاتي ملڪيت جنهن ذريعي ٻين جي پورهيي جو استعمال ڪري پنهنجو مال ۽ ڌَن وڌايو ويندو آهي. مثال طور زمين، معدنيات، فيڪٽري، بئنڪ وغيره. ان قسم جي ذاتي ملڪيت کي پيداوار جا وسيلا چئبو آهي. سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام ۾ ذاتي ملڪيت وڏي مقدس شَي سمجهي ويندي آهي. جڏهن ته سوشلزم جو بنياد ئي پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري، انهن وسيلن کي سماجي ملڪيت بنائڻ تي آهي. پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيت هئڻ ڪري سماج ۾ ايتريون خرابيون پيدا ٿي پيون آهن جو هاڻي سرمائيدار ملڪن ۾ به ان کي ختم ڪرڻ جي اصول کي مڃيو پيو وڃي ۽ پيداواري وسيلن جي ادارن کي سرڪاري ضابطي ۾ ورتو ويو آهي، جيئن پاڪستان ۽ هندستان ۾ بئنڪن ۽ انشورنس ڪمپنين وغيره جي ڪاروبار کي. ٻي قسم جي ذاتي ملڪيت اها آهي جنهن کي اسان واهپي ۾ ايندڙ شيون چئون ٿا. انهن ۾ استعمال جو ملهه ته هوندو آهي پر مٽاسٽا جو ملهه نه هوندو آهي. مثال طور ڪپڙا لٽا، ٿانوَ ٿپا، گهر، ڪتابَ، ريڊيو، گراموفون، سائيڪل، موٽر، هَر، ڏاند، ذاتي استعمال جا اوزار وغيره. سرمائيداري سماج ۾ ماڻهن جي وڏي اڪثريت انهن شين کان محروم رهندي آهي، جڏهن ته سوشلزم جو مقصد ئي واهپي جي شين جي ذاتي ملڪيت کي گهڻي کان گهڻو ماڻهن ۾ عام ڪرڻ هوندو آهي، تنهنڪري سوشلزم ۾ ان قسم جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. پر سڀني ماڻهن جي تخليقي صلاحيت يا ڪم ڪار جيئن ته برابر نه هوندا آهن ان ڪري سوشلسٽ نظام ۾ به آمدني برابر ڪا نه هوندي آهي. ٻئي طرف هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پورهيي جو ميوو کائڻ ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ جو هڪ جهڙو حق ۽ موقعو ملندو آهي. سوشلسٽ برابري ان کي چئبو آهي. برابريءَ جو مقصد اهو بنهه ڪونهي ته سڀني ماڻهن جو لباس هڪجهڙو هجي، انهن جو کاڌو هڪ جهڙو هجي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي ساڳي هجي، پر هر ماڻهوءَ کي پورو اختيار هوندو آهي ته هو پنهنجي آمدنيءَ مان پنهنجي مزاج ۽ شوق جي تسڪين جو سامان پيدا ڪري. سوشلزم ۾ انفراديت کي چيڀاٽيو نه ويندو آهي، پر ان جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي آهي، اتي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻين جي پورهيي جي ڦرلٽ ڪري، پنهنجي آمدني يا اثر رسوخ وڌائڻ جي موڪل نه هوندي آهي.
سوشلزم هڪ وسيع علم آهي، جنهن جو گهرو اڀياس بيحد ضروري آهي. هيءُ هڪ انقلابي علم به آهي جنهن تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ اسان نه ته هاڻوڪي سماج جي اصل حقيقت سمجهي سگهون ٿا ۽ نه پنهنجين مخصوص حالتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ ۽ طريقيڪار جو رخ مقرر ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي اهو فيصلو ڪري سگهون ٿا ته هنن ڏينهنِ ۾ سوشلزم جي نالي ۾ جيڪي تحريڪون هلي رهيون آهن اهي سچيون آهن يا ڪُوڙيون. مون سوشلزم جي هن تاريخ کي اينجلس جي وفات تي ختم ڪيو آهي، جيتوڻيڪ گذريل 80 سالن ۾ سوشلزم حياتيءَ جي فلسفي کان ترقي ڪري هڪ جيئري جاڳندي حقيقت، هڪ عالمگير قوت بنجي ويو آهي. هن نئين دؤر جي سڀ کان عظيم شخصيت روسي انقلاب جي اڳواڻَ لينن جي آهي، جنهن بالشويڪ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ دنيا جي پهرين سوشلسٽ حڪومت قائم ڪئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته سائنسي سوشلزم چرين جو خواب نه آهي، ان تي عمل به ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجي، نه ته سماج برائيءَ جي چڪرن مان نڪري نه سگهندو. لينن جي ڪارنامن ۽ ويهين صديءَ جي ڪميونسٽ تحريڪن جو گهيرو ڪرڻ لاءِ ڌار لکيتن جي ضرورت پوندي.
هن ڪتاب جي تاليف ۾ هونئن ته ڪيترن ئي مهربانن جي حوصلي افزائي شامل آهي، پر مان جناب محمد عثمان جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان، جنهن ڪجهه اڻلڀ ڪتابن جا نقل برٽش ميوزم مان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليا. مان ”پاڪستاني ادب“ جي ايڊيٽر عزيزه سعيده گزدر جو به بيحد شڪر گذار آهيان، جو هُن مارڪس جي ڪجهه ٽڪرن جو ترجمو ڪري ڏنو ۽ مسودي جي گهڻن حصن کي پڙهي، مون کي ڏاڍيون ڪارائتيون صلاحون ڏنيون. مان جناب بنياد علي ۽ جناب شفيق احمد جو به احسانمند آهيان، جن مسودي جو نقل ڪري منهنجو بار هلڪو ڪيو.

سبطِ حسن
ڪراچي ــ 3 جنوري 1976ع