باب تيرهون : جلاوطني ــــــــ پيرس ۾
پر مزور طبقو چپ ڪري ويهڻ وارو نه هو، ان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سڌا اُپاءَ کنيا پر هر ڀيري شڪست کاڌي. پهريون ڀيرو هنن جُونِ 1832ع ۾ مسلح بغاوت ڪئي ۽ پيرس جي رستن تي ٻن ڏينهن تائين فوج سان ويڙهه ڪندا رهيا. وري اپريل 1834ع ۾ ليون شهر ۾، انقلابي پورهيت طبقي بغاوت جو جهندو اوچو ڪيو ۽ پيرس ۽ ٻين شهرن ۾ به ان جي حمايت ۾ مظاهرا ٿيا پر فوج ان بغاوت کي به وڏي بيدرديءَ سان چٿي ڇڏيو. مئي 1839ع ۾ پيرس جي مزورن مشهور سوشلسٽ اڳواڻ بلانڪيءَ جي اڳواڻي ۾ هڪ ڀيرو وري اقتدار سان ٽڪر کاڌو پر اهي ناڪام ٿيا. البت باهه جا اهي شعلا اجايا نه ويا. مزورن کي پنهنجي تجربي سان دوست ۽ دشمن جي خبر پئجي وئي.
اسان پهرين لکي چڪا آهيون ته فرانس جي ماڻهن کي خيالي سوشلزم جي نظرين سان بابيو، سينٽ سائمن ۽ فوريئر آگاهه ڪيو. مارڪس جڏهن پيرس ۾ آيو ته انهن جي پوئلڳن پُروڌان، لوئِي بلانڪ، ڪابي ۽ ليرُو جي اشتراڪي تحريرن جو نالو چوٽ چڙهيل هو. شايد ان ڪري فيوئر باخ چيو هو ته ”دماغ جرمنيءَ جو هجي ۽ دل فرانس جي_ دماغ اصلاح ڪري ۽ دل انقلاب آڻي.“
پيرس جي هڪ خصوصيت هيءَ به هئي ته جرمني، اٽلي، آسٽريا، هنگري، روس ۽ ٻين ملڪن جي تڪليفون سٺل انقلابين ان شهر کي پنهنجين سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو هو. جرمنيءَ جي ته گهڻن ئي آزادي پسند دانشورن ۽ اديبن حڪومت جي تشدد کان تنگ ٿي، پيرس ۾ ئي پناهه ورتي هئي. انهن ۾ سڀني کان ممتاز شاعر هائني به هو جيڪو پوءِ مارڪس جو بيحد گهرو دوست ٿي ويو ۽ هن مارڪس کي متاثر ٿي ڪيترا ئي انقلابي نظم لکيا. جرمنيءَ جا گهڻا ئي هنرمند ۽ هٿ جو پورهيو ڪندڙ گذر جي سلسلي ۾ گهڻي ئي وقت کان پيرس ۾ رهندڙ هئا.
پيرس پهچي مارڪس رسالي جي تيارين ۾ لڳي ويو. رسالي جو نالو ”المانوي فرانسي رسالو“ هو. آرنلڊ روج اهو پيرس ۾ ڇپي، ڳجهي نموني جرمنيءَ ۾ هلائڻ چاهي پيو. هيءُ رسالو فيبروري 1843ع ۾ ٽن هزارن جي تعداد ۾ ڇپيو، پر جرمن خفيه پوليس کي آرنلڊ روج جي منصوبن جي اڳواٽ ئي خبر هئي، ان ڪري جرمنيءَ جي سرحد تي ناڪي بنديءَ جا مڪمل انتظام ڪيا ويا هئا. تنهنڪري رسالي جون ڪي هڪ هزار ڪاپيون به وڏي مشڪل سان ملڪ ۾ اچي سگهيون، ٻيون سرحد تي ئي ضبط ڪيون ويون. ان دوران آرنلڊ روج ۽ مارڪس جا نظرياتي اختلاف به ڏاڍا وڌي ويا، تنهنڪري رسالو جو پهريون پرچو ئي آخري پرچو ثابت ٿيو.
ان رسالي ۾ ڪارل مارڪس جا ٻه مضمون شامل هئا. پهريون مضمون ”هيگل جي قانون واري فلسفي جو تنقيدي جائزو“ ۽ ٻيو ”يهودين جو مسئلو.“ انهن مضمونن تي اسان گذريل باب ۾ تبصرو ڪري چڪا آهيون. پيش لفظ به مارڪس ئي لکيو هو ۽ ان ئي پرچي ۾ نسبتاً هڪڙي غير معروف نوجوان فريڊرڪ اينجلس جا به ٻه مضمون ڇپيا هئا: ”اقتصاديات جي ابتدا (مباديات) جو تنقيدي جائزو“ ۽ ڪارلائل جي ڪتاب ”ماضي ۽ حال“ تي تبصرو. ڪارل مارڪس اقتصاديات جي جائزي کي گهڻو پسند ڪيو.
رسالي جي غرضن ۽ مقصدن جي تشريح ڪندي مارڪس پيش لفظ ۾ پنهنجو مؤقف کلي ٻڌايو هو. کيس فرانس جي خيالي سوشلسٽن جي ”مثالي معاشري، مثالي رياست ۽ مثالي معيشت“ جي منصوبن تي به اهوئي اعتراض هو جيڪو جرمنيءَ جي تصوري فلسفين تي هو. ”اهي خيالي سوشلسٽ به مستقبل جو عڪس پنهنجين خواهشن جي آئيني ۾ ڏسندا هئا، جيتوڻيڪ مستقبل فردن جي خواهشن مان نه، پر حال جي گهرجن جي پيٽان پيدا ٿيندو آهي.“ انهن تي اعتراض واريندي مارڪس لکيو هو ته:
”اسان جا اصلاح پسند ساٿي ذهني لاقانونيت (انارڪيءَ) جو شڪار آهن. سندن ذهنن ۾ مستقبل جو ڪو چٽو نقشو موجود ناهي. اسان جي نئين تحريڪ، نئين دنيا جي باري ۾ ڪٽر مذهبين جهڙي اڳڪٿي ناهي ڪندي، پر اسان ماضيءَ جي تنقيد ۽ تحقيق واري راهه سان ئي نئين دنيا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. فلسفين کي اڃا تائين اهو غرور رهيو آهي ته ڪائنات جي لڪل رازن جي چاٻي سندن ميز جي خاني ۾ لڪل رکي آهي ۽ هن بي سمجهه دنيا جو رڳو اهوئي ڪم آهي ته پنهنجون اکيون ٻوٽي ۽ وات کولي ڇڏي ته جيئن ڪامل سمجهه جو رڌل حلوو سندس نڙيءَ ۾ لاٿو وڃي... اسان وقت کان اڳ مستقبل جي اڏاوت جا دعويدار ناهيون ۽ نه ئي دنيا جي مڙني مسئلن جو حل سدائين لاءِ پيش ڪيون ٿا، البت اسان جو فرض آهي ته موجوده دنيا تي رعايت کان سواءِ سخت تنقيد ڪيون... اسان کي نه ته پنهنجن فيصلن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ نه ئي ان دپ کان ڊڄڻ گهرجي ته متان اسان جو ٽڪراءُ موجوده طاقتن سان نه ٿي پوي.“
مارڪس ڪابي ۽ وائٽلنگ وغيره جي ڪميونزم جي حق ۾ به نه هو ۽ نه ئي انهن سوشلسٽن جو حامي هو جيڪي سياسي مسئلن ۾ الجهڻ پنهنجي شان خلاف سمجهندا هئا. ”سماجي صداقت هر هنڌ رياست جي اندروني تضاد مان ئي اخذ ڪري سگهجي ٿي. اسان کي ڪابه شَي سياست تي تنقيد کان نه ٿي روڪي ۽ نه ئي حقيقي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کان جهلي ٿي. البت اسان کي ڪنهن نئين اصول يا نظريي جي پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي، ڄڻ اسان چئي رهيا هجون ته ڏسو، هيءَ آهي سچائي، ان اڳيان جهڪو ۽ سندس عبادت ڪريو. ان بدران اسان کي گهرجي ته پراڻن اصولن منجهان ئي دنيا لاءِ نوان اصل ڳوليون ۽ نه دنيا کي حڪم ڏيون ته پنهنجا جهيڙا ختم ڪيو، اهي اختلاف چريائيءَ وارا آهن ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌو ته حقيقي سچائيءَ جي سمجهه رڳو اسان کي ئي آهي. اسان کي گهرجي ته دنيا کي ٻڌايون ته اها ڇاڪاڻ جدوجهد ڪري رهي آهي.“
مارڪس پنهنجن ٻنهي مضمونن ۾ بظاهر ته ٻن الڳ مسئلن تي بحث ڪيو آهي، پر فڪري اعتبار کان ٻئي هڪ ئي خيال جون ٻه ڪَڙيون آهن. مثلاً ”هيگل جي قانون واري فلسفي تي تنقيد“ انقلابي پورهيت طبقي جي جدوجهد جو فلسفياڻو خاڪو آهي ۽ ”يهودين جو مسئلو“ سوشلسٽ سوسائٽيءَ جو فلسفياڻو خاڪو آهي. ڄڻ ته پهريون مضمون ذريعو آهي ۽ ٻيو نتيجو، پهريون رستو آهي ته ٻيو منزل جو نشان.
آرنلڊ روج جو رسالو بند ٿي ويو ته مارڪس پنهنجو گهڻو وقت فرانس جي انقلاب جي تاريخ، اقتصاديات ۽ ڪميونسٽ ادب جي اڀياس ۾ سيڙائڻ لڳو. اقتصاديات تي عبور حاصل ڪرڻ جو لڳاءُ کيس فريڊرڪ اينجلس جي مضمون مان ٿيو هو. اهو مضمون سرمائيداري اقتصادي نظام تي دراصل پهرين تنقيد هو، جيڪا سائنسي سوشلزم جي روشنيءَ ۾ ڪئي وئي هئي. پر مارڪس هڪ ٻن مضمونن مان مطمئن ٿيندڙ ماڻهو نه هو. هو ان وقت تائين ڪنهن به مسئلي تي راءِ ڏيڻ ۽ لکڻ جو قائل نه هو جيسين ان تي مڪمل عبور نه حاصل ڪري وٺي. هن اقتصاديات جي مڙني عالمن_ ايڊم سمٿ، ريڪارڊو، ميڪ لُوش، سي فريڊرڪ لسٽ ۽ جيمزمل _ جا ڪتاب ڏاڍي ڌيان سان پڙهيا ۽ سندن نڪتن ۽ نظرين کي ڊائرين ۾ اُتاريندو ويو. اقتصاديات جو مطالعو ڪندي هو لکي ٿو ته:
”مون اها تحقيق پيرس ۾ شروع ڪئي ۽ برسلز ۾ برقرار رکي. مان جنهن عام نتيجي تي پهتس ۽ جيڪو پوءِ منهنجي مطالعي لاءِ راهه جو نشان بڻيو، اهو مختصر طور هيءُ هو ته سماجي پيداوار جي سلسلي ۾ هڪڙا ماڻهو ٻين ماڻهن سان ڪجهه مخصوص رشتا قائم ڪن ٿا. اهي رشتا ضروري هوندا آهن ۽ اهي قائم ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي مرضيءَ جو ڪم ناهي هوندو. اهي پيداواري رشتا مادي پيداواري عنصرن سان هڪجهڙائي رکندا آهن. انهن پيداواري رشتن جي ميڙ کي معاشري جو اقتصادي ڍانچو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو معاشري جو حقيقي (سچو) بنياد هوندي آهي جنهن تي معاشري جي قانوني ۽ سياسي عمارت بيٺل هوندي آهي. سماجي شعور جون مختلف صورتون (روپ) به انهيءَ اقتصادي بنياد موجب هونديون آهن. مادي شين جي اُپت جو اهو طريقو ماڻهوءَ جي سماجي، سياسي زندگيءَ تي عام عمل کي به مقرر ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جو شعور سندن وجود جو تعين ناهي ڪندو پر انهن جو سماجي وجود سندن شعور کي مقرر ڪندو آهي.“
پر مارڪس رڳو معاشري جي ترڪيبي روپ جي تشريح تي ئي بس نه ٿو ڪري بلڪ معاشري جي جدلي اوسر جو قانون به پيش ڪري ٿو:
”پر ارتقا جي هڪ مخصوص منزل تي پهچي پيداواري مادي عنصر مروج پيداواري رشتن سان ٽڪرائجڻ لڳندا آهن... جيڪي رشتا هاڻي تائين پيداواري عنصرن جي ترقيءَ جو سبب بڻيل هئا، اهي ئي رشتا هاڻي پيداواري عنصرن جي پيرن جا زنجير بڻجي پوندا آهن. تڏهن معاشرتي انقلاب جو دؤر شروع ٿيندو آهي. اقتصادي بنياد ۾ تبديليءَ سان گڏوگڏ معاشري جو ڍانچو به نئين روپ ۾ اچي ويندو آهي.“
اهي ڪجهه جملا مارڪس جي تاريخي ماديت ۽ انقلاب جي فلسفي جو تت آهن. ان کان پوءِ مارڪس ۽ اينجلس جيڪو ڪجهه به لکيو، اهو انهن ئي جملن جي تشريح آهي.
مارڪس جو ارادو هو ته اقتصاديات، قانون، اخلاقيات ۽ سياست تي پهريائين ننڍا رسالا لکي ۽ پوءِ انهن جي ذريعي هڪڙو جامع ڪتاب مرتب ڪري. مارڪس اپريل کان آگسٽ 1844ع دوران ڪجهه حصا لکي به ورتا هئا، پر انهن کي آخري شڪل ڏيڻ کان اڳ هو ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. اهي اڻپورا مسودا مارڪس جي وفات کان گهڻو پوءِ 1932ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيا. اڄڪلهه اهي اڻپورا مضمون (جيڪي ”اقتصادي ۽ فلسفياڻيون لکتون“ جي نالي سان آهن) غيراشتراڪي دانشورن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته مارڪس انهن دستاويزن ۾ سرمائيدار تهذيب جي سڀ کان نقصانڪار مرض _ وجود جي اجنبيت (ڌاريائپ) _ جي سڃاڻپ ڪئي آهي ۽ ان جو علاج به ڏسيو آهي.
”اقتصادي ۽ فلسفياڻيون لکتون“ اصل ۾ ٽن الڳ الڳ دستاويزن جو ڳٽڪو آهن. مارڪس اهي يادگيريون مختلف وقتن تي لکيون هيون. انهن جو ڪو عنوان به نه هو، البت ايڊيٽرن (مرتب ڪندڙن) پهرين دستاويز کي ”لاتعلق پورهيو“ (Alienated Labour) سڏيو. اهو دستاويز سترهين صفحي تي اوچتو ختم ٿئي ٿو. ٻيو دستاويز، جنهن جو عنوان ايڊيٽرن ”ذاتي ملڪيت جو رشتو“ رکيو، وچان شروع ٿئي ٿو. ان جا مهڙيان ۽ پويان ورق گم آهن. ٽيون دستاويز ڪنهن گم ٿيل حصي ڏانهن اشارو ڪندي شروع ٿئي ٿو. ان جي مختلف اڻپورن ٽڪرن کي، ايڊيٽرن ”ذاتي ملڪيت ۽ محنت“، ”ذاتي ملڪيت ۽ ڪميونزم“، ”ضرورت، اُپت ۽ ڪم ورڇيندڙ“ ۽ ”ناڻو“ جا نالا ڏنا آهن. آخر ۾ هيگل جي ”جدليت ۽ عام فلسفي تي تبصرو“ به شامل آهي.
لکتن جي پيش لفظ ۾، جيڪو مڪمل محسوس ٿئي ٿو، مارڪس چٽو ڪيو آهي ته منهنجا اهي نتيجا اقتصادي علم جي محتاط ۽ تنقيدي مطالعي تي آڌاريل آهن ۽ نج تجرباتي تجزيي جو ثمر آهن.“ البت ”مون فرانسي ۽ انگريز سوشلسٽن کان سواءِ المانوي سوشلسٽ تحريرن مان به فائدو حاصل ڪيو آهي، پر دائٽلنگ جي تحريرن کي ڇڏي ڪري، ان موضوع تي اصلي ۽ اهم جرمن تصنيفون فقط ٻه آهن. هڪڙو مضمون هيس جو آهي ۽ ٻيو اينجلس جو، جيڪو المانوي- فرانسي رسالي ۾ ڇپيو هو.“
مارڪس جو انهن وکريل ورقن جي مرڪزي خيال اها اجنبيت، ڌاريائپ يا لاتعلقي آهي جيڪا سرمائيداري نظام جي رڳن ۾ گِهري وئي آهي. جيتوڻيڪ لاتعلقي (Alienation) فلسفي جو اصطلاح آهي پر مارڪس اهو نج اقتصاديات جي روشنيءَ ۾ جاچيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته وجود جي لاتعلقي سرمائيدار معاشري جي مزاج ۾ داخل آهي. اهو خيالي دنيا جو نه، پر حقيقي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن جا محرڪ اقتصادي آهن.
____
Karl Marx: Franz Mehring. P-61, London. 1966
Karl Marx: Franz Mehring. P-16, London. 1966
مڪمل تصنيفون. جلد ٽيون. ص- 232. ماسڪو. 1975ع (انگريزي)