باب چوويهون : زندگيءَ جي شام
حالتن مارڪس کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو پر نه ته سندس سياسي سرگرمين ۾ ڪا گهٽتائي ٿي ۽ نه ئي لکڻ پڙهڻ جي عادت ۾ ڪو فرق پيو. هو برطانيا، آمريڪا، جرمنيءَ، اسپين، اٽلي، روس، فرانس مطلب ته هر ديس جي کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن سان رابطو رکندو هو ۽ خطن ۽ مضمونن ذريعي کين صلاحون ڏيندو رهندو هو. حقيقت ۾ هاڻ هن جي حيثيت پنهنجن ۽ پراين ٻنهي جي نظر ۾ بين الاقوامي اشتراڪي تحريڪ جي قائد واري هئي ۽ هو پنهنجو اهو تاريخي فرض ڏاڍي هوشياريءَ سان نڀائي پيو. ان دوران مارڪس گهڻن ئي نون ڪتابن جا خاڪا به ٺاهيا، ان ڪري سندس مسودن ۾ درجنين ڊائريون مليون، جن مان سڌ پوي ٿي ته هڪ جامع عالمي تاريخ لکڻ جو ارادو هيس. کيس ننڍي کنڊ هند جي مسئلن سان به ڏاڍي دلچسپي هئي ۽ هو هن علائقي جي به هڪ تفصيلي تاريخ لکي رهيو هو، بلڪ مسلمانن جي فتحن کان 1857ع تائين حالتن تي تفصيلي نوٽ به تيار ڪري چڪو هو. (اهي نوٽ هاڻي ڪتابي صورت ۾ ”نوٽس آن انڊين هسٽري“ نالي سان ڇپجي چڪا آهن) پر موت کيس وِٿي نه ڏني.
ان دوران سندس زال جيني فان ويسٽ فالين سخت بيمار ٿي پئي. ڊاڪٽرن پهريائين ته جيري جي خرابي ٻڌائي، پر پوءِ خبر پئي ته جينيءَ کي جيري جي ڪينسر آهي. مرض ايڏو موتمار هو جو مارڪس کان پنهنجي بيماري وسري وئي ۽ ڏينهن رات زال جي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي ويو، پر جينيءَ کي نه بچڻو هو، نه بچي. سندس وفات 2- ڊسمبر 1881ع تي ٿي. پنجيتاليهن سالن جي محبت جي اها ٻرندڙ شمع ڇا وسامي، مارڪس جي حياتي اونداهي ٿي وئي ۽ هو ان صدمي مان ڪڏهن به نڪري نه سگهيو. سندس ڌيئرن ۽ دوستن کيس آٿت ڏيڻ ۾ وسان نه گهٽايو پر محبوبه جي جدائيءَ سان جيڪو خال پيدا ٿيو هو، اهو وري ڀرجي نه سگهيو. هن اڪيلائيءَ جو ڏک گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پنهنجي وڏي ڌيءَ جيني سان فرانس ۾ گذاريا ۽ سندس ٻارن سان رانديون کيڏيون، وري آبهوا جي تبديليءَ لاءِ الجزائر ويو ۽ طبيعت ڪجهه بهتر ٿيس ته لنڊن موٽي اچي پنهنجن ڪمن ۾ جنبي ويو، پر اڃا صحت مڪمل طرح بحال به نه ٿي هيس ته اوچتو اطلاع مليس ته جيني ڏاڍي بيمار آهي. مارڪس وٽس وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته سندس وفات جي خبر مليس. هوءَ پنجن ٻارن ۽ مڙس کي سوڳوار ڇڏي، 38 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي. ڌيءَ جي ڏک مارڪس جي بچيل سچيل مدافعتي سگهه به ڦري ورتي ۽ هو وري بيمار ٿي پيو. کيس پلورسي ٿي پئي ۽ ڦڦڙن به ڪم ڇڏي ڏنو، ايستائين جو صرف کير پِي سگهي پيو. مارچ جي شروعات ۾ ڪجهه فرق پيس پر 14- مارچ تي، ڏينهن جو اڍائي وڳي، جڏهن نوڪرياڻي سندس ڪمري ۾ وئي، ته ڏٺائين ته مارڪس آرام ڪرسيءَ تي نيم بيهوشيءَ ۾ آهي. هن هيٺ وڃي اينجلس کي ٻڌايو. هو ڊُڪندو مٿي آيو ته ”مارڪس ننڊ پيو هو پر اها ننڊ، جنهن مان ڪوبه ناهي جاڳيو. انهن ڪجهه منٽن ۾ هو انتهائي سڪون ۽ خاموشيءَ سان هن دنيا مان موڪلائي ويو.“ مارڪس جو لاش 17- مارچ 1883ع تي هاءِ گيٽ جي قبرستان ۾ جيني مارڪس جي پاسي ۾ دفنايو ويو. ان موقعي تي اينجلس پنهنجي سڀ کان پياري دوست ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي انقلابي مفڪر کي الوداع ڪندي، چيو ته:
”جهڙيءَ ريت ڊارون نامياتي فطرت جي ارتقا جو قانون ڳوليو، ساڳيءَ ريت مارڪس انساني تاريخ جي ارتقا جو قانون معلوم ڪيو: اها سنئين سڌي حقيقت جيڪا تصورن جي مبالغن هيٺان دٻجي وئي هئي ته انساني نسل کي سڀ کان اڳ کائڻو پيئڻو، سر بچائڻو ۽ تن ڍڪڻو پوي ٿو، پوءِ ئي اهو سياست، سائنس، آرٽ ۽ مذهب وغيره جي ڳڻتي ڪري ٿو. ان ڪري مادي معاشي ذريعن جي پيداوار ۽ مخصوص دؤر ۽ ماحول ۾ انسان جي معاشي ترقي اهو بنياد آهي جنهن تي رياستي ادارا، قانوني تصور ۽ آرٽ، ايستائين جو مذهبي خيال به جُڙن ٿا، ان ڪري ان جي تشريح به معاشي ذريعن جي پيداواري طريقي ۽ معاشي ترقيءَ جي نوعيت سان ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ابتڙ ڪرڻ جي، جيئن هاڻي تائين ٿيندو رهيو آهي.
”ان کان سواءِ مارڪس موجوده دؤر جي سرمائيداراڻي پيداواري طريقي ۽ ان جي تخليق ڪيل بورجوا سوسائٽيءَ جو مخصوص چرپر جو قانون به دريافت ڪيو. ان ڪري اضافي قدر جي دريافت اهو مسئلو حل ڪري ڇڏيو جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ بورجوا اقتصادياتي عالم ۽ اشتراڪي نقاد ٻئي اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيا هئا.
”پراهو ته مارڪس جي شخصيت جو اڌ پاسو به ناهي. هن وٽ سائنس هڪ تاريخي، چرپر رکندڙ (حرڪي) ۽ انقلابي سگهه هئي. هونئن ته هو نظرياتي سائنس جي هر نئين کوجنا تي خوش ٿيندو هو جيتوڻيڪ اڃا ان جا عملي فائدا به پوريءَ طرح ظاهر نه ٿيندا هئا، پر ڪنهن اهڙي نئين کوجنا تي، جنهن سان صنعت ۾ انقلابي تبديليون ايندڙ هجن، هن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي هئي.
”ڇو ته مارڪس سڀ کان پهرين انقلابي هو، پوءِ ٻيو ڪجهه. هن جي حياتيءَ جو مقصد سرمائيداراڻي معاشري ۽ ان جي ٺاهيل رياستي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ موجوده پرولتاريه جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ هو. هو پهريون ماڻهو هو جنهن پرولتاريه کي سندس رتبي ۽ ان جي تقاضائن جو شعور ڏنو ۽ آزادي ماڻڻ لاءِ جن شرطن کي پورو ڪرڻو پوندو آهي انهن جو احساس ڏياريو. ويڙهه ڪرڻ سندس فطرت هئي ۽ هن جنهن جوش، مضبوطيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان اها ويڙهه ڪئي، تمام ٿورا ماڻهو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا.
”اڄ سائبيريا جي کاڻين کان ڪيليفورنيا تائين يورپ ۽ آمريڪا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ لکين انقلابي پورهيت سندس موت جو سوڳ ڪري رهيا آهن ۽ کيس عزت ۽ محبت منجهان ياد ڪري رهيا آهن ۽ مون کي اهو چوڻ ۾ ٿورڙو به انديشو ناهي ته جيتوڻيڪ هن جا سياسي مخالف گهڻا ئي هئا پر هن جو ذاتي دشمن شايد ئي ڪو هجي.“
”هن جو نالو دنيا جي رهڻ تائين روشن رهندو ۽ هن جو ڪارنامو به.“
مارڪس جي وفات کان پوءِ يورپ ۽ آمريڪا جي سوشلسٽ تحريڪن جي قيادت جو بار اينجلس جي ڪلهن تي اچي پيو. هو سائنسي سوشلزم جو باني ئي نه هو پر علم ۽ فضيلت، تنظيمي تجربي ۽ انقلابي سمجهه ۾ به ڪوئي سندس ثاني نه هو. ان ڪري لينن لکي ٿو ته ”مارڪس جي وفات کان پوءِ اينجلس يورپي سوشلسٽن جو اڪيلو صلاحڪار ۽ اڳواڻ هو.“
مارڪس پنهنجي پٺيان اڻپورن مسودن، دستاويزن، يادگيرين، ڊائرين ۽ لکتن جو ڍڳ ڇڏي ويو هو. اهي مرتب ڪرڻ لاءِ اينجلس کان وڌيڪ ڪير موزون هو: پوري هڪ سال جي محنت کان پوءِ اهو ڪم مارچ 1884ع ۾ پورو ٿيو. اينجلس جو ارادو هو ته ”سرمائي“ جا ٻيو ۽ ٽيون جلد درست ڪري، جيترو جلد ٿي سگهي ڇاپي ڇڏي ۽ مارڪس جي حياتيءَ جو احوال لکي وٺي، پر مارڪس جي ڪاڳرن ۾ کيس آمريڪا جي هڪ روشن خيال علم الانسان (اينٿروپالاجي) جي عالم لوئس مارگن جي ڪتاب ”قديم سوسائٽي“ جا مفصل اقتباس مليا جن جي حاشين تي جتي ڪٿي مارڪس جا تبصرا به لکيل هئا. اينجلس اصلي ڪتاب پڙهيو ته خبر پيس ته مارگن مارڪس ۽ اينجلس جي تاريخي ماديت جي نظرين کان ناواقف هوندي قديم سوسائٽيءَ جو تجزيو تاريخي ماديت جي روشنيءَ ۾ ئي ڪيو هو. اينجلس کي اهو ڪتاب ايڏو وڻيو جو هن ٻن مهينن ۾ ”خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي ابتدا“ عنوان سان هڪ ڪتاب لکي ورتو جيڪو حقيقت ۾ مارگن جي ڪتاب تي ڊگهو تبصرو آهي. اينجلس جو اهو ڪتاب آڪٽوبر 1884ع ۾ ڇپيو.
اينجلس پنهنجي ڪتاب ۾ معاشري جي ابتدائي اشتراڪي دؤر، غلاميءَ جي دؤر ۽ جاگيري دؤر جي پيداواري طريقي ۽ پيداواري رشتن جي تشريح ڪئي ۽ ٻڌايو ته مختلف دؤرن ۾ خاندان (ڪٽنب) جي ارتقا ڪيئن ٿي، ابتدائي اشتراڪي نظام ۾ ڇو ۽ ڪيئن زوال آيو، طبقا ڇو ٺهيا ۽ ذاتي ملڪيت جو نظام ڪيئن قائم ٿيو. پوءِ رياست جو وجود ڪيئن پيو ۽ ان جي طبقاتي ڪردار جي نوعيت ڪهڙي آهي. آخر ۾ هن ٻڌايو ته ان اداري جو خاتمو اڻ طبقاتي ڪميونسٽ سوسائٽيءَ جي صورت ۾ ڇو اڻٽر ۽ ضروري آهي.
اينجلس واقعن ۽ شاهدين لاءِ مارگن تي ئي دارومدار نه رکيو پر يونان، روم، جرمنيءَ، روس ۽ هندستان جي آڳاٽين قومن جي خانداني ضابطن ۽ رسمن رواجن بابت به ضروري معلومات پنهنجي مطالعي مان ڏني. اينجلس جي اها سڀ کان دلچسپ ۽ سهنجي تصنيف آهي.
مارڪس جي وفات کان پوءِ اينجلس ٻارهن سال جيئرو رهيو. هن ”سرمائي“ جو ٻيو جلد 1885ع ۾ ڇپيو، پر ٽئين جلد جو مسودو (جيڪو لڳ ڀڳ يادگيرين جي صورت ۾ هو) ڪتابي صورت ڏيڻ ۾ اينجلس کي ايڏي محنت ڪرڻي پئي، جو اهو ڪتاب 1893ع کان اڳ ڇپجي نه سگهيو. اينجلس جو گهڻو وقت تنظيمي ڪمن ۾ سيڙبو هو، ڇو ته يورپ جي لڳ ڀڳ هر ملڪ ۾ سوشلسٽ پارٽيون ٺهي ويون هيون. جيڪي اينجلس کان رهنمائي چاهن پيون، ان ڪري لنڊن ۾ اينجلس جو گهر بين الاقوامي سوشلسٽن جو مرڪز بڻجي پيو هو. اينجلس ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ يورپ به هليو ويندو هو. هڪ ڀيري هو آمريڪا به ويو جتي ڪيئي هفتا ترسيو. پر انهن مصروفيتن باوجود هو مضمون لکڻ لاءِ به وقت ڪڍي وٺندو هو.
سوشلزم جي وڌندڙ مقبوليت مان اينجلس ڏاڍو خوش ۽ مطمئن هو. کيس يقين هو ته سماجي انقلاب جو سج ستت ئي ڪٿي نه ڪٿي ضرور اُڀرندو. سندس دل جي آرزو هئي ته مرڻ کان اڳ ويهين صديءَ جي پرهه ڦٽيءَ جو نظارو ڪري پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي. اينجلس جي نظر ڪمزور ٿيندي پئي وئي ۽ مٿس کنگهه ۽ زڪام جا حملا به جلد جلد ٿيڻ لڳا هئا. سندس خيال هو ته اهي شڪايتون عارضي آهن ۽ هو ستت ئي چڱو ڀلو ٿي ويندو، پر ڊاڪٽرن سندس دوستن کي ٻڌايو ته اينجلس کي ڪينسر آهي. مئي 1894ع ۾ اينجلس جي نڙي سُڄڻ لڳي ۽ سور ايڏو وڌي ويس جو سندس راتين جي ننڊ اُڏي وئي، پوءِ به سندس خوش مزاجيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو. هن موت جي بستري تي به ڪيئي مضمون ۽ تبصرا لکيا ۽ خطن جا جواب ڏاڍي باقاعدگيءَ سان ڏيندو رهيو. اينجلس جي آخري تحرير اهو خط آهي جيڪو هن 23- جولاءِ تي مارڪس جي ڌيءَ لارا لفارگ کي لکيو هو. جولاءِ جي آخري ڏينهن ۾ سندس صحت خراب ٿيڻ لڳي. 5- آگسٽ 1895ع تي سندس وفات ٿي. وصيت موجب کيس ساڙيو ويو ۽ خاڪ کي هن جي وڻندڙ تفريحي ماڳ ايسٽ بورن ويجهو سمنڊ ۾ وهايو ويو.
اينجلس کي اولاد نه ٿيو، البت هو مارڪس جي ڌيئرن کي پنهنجي اولاد وانگر چاهيندو هو. هن پنهنجي سڄي جائداد مارڪس جي ٻنهي ڌيئن ۽ ٽين وفات ڪري ويل ڌيءَ جي وارثن نالي ڪئي، چڱي خاصي رقم پنهنجيءَ مرحوم زال جي ڀائٽيءَ جي نالي ڪئي، پنهنجن ڪتابن جا حق، رائلٽيءَ جون رقمون ۽ مسودا جرمن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي نالي لکيا هئا ۽ هڪ هزار پائونڊ روڪ به پارٽيءَ کي ڏئي ويو هو.
اينجلس جيني مارڪس جي جنازي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”هن خاتون جي ذاتي صفتن بابت مون کي ڪجهه به ناهي چوڻو. سندس دوست چڱيءَ ريت انهن کان واقف آهن ۽ اهي ان عظيم شخصيت ۽ سندس خوبين کي ڪڏهن به نه وساريندا. جيڪڏهن ڪا اهڙي عورت هئي جيڪا ٻين کي خوش ڪري سڀ کان گهڻو خوش ٿيندي هئي ته اها جيني مارڪس هئي.“ اهي ئي لفظ هن عظيم انقلابي مفڪر تي به اکر اکر سچا آهن جيڪو سڄي ڄمار پئسن سان، قلم سان، سُخن سان سوشلزم جي خدمت ڪندو رهيو ۽ جنهن پورهيتن جي سرفرازيءَ جي جدوجهد ۾ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايو.
مارڪس ۽ اينجلس جنهن سماجي انقلاب لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪندا رهيا، اهو سندن حياتين ۾ ته نه آيو پر اڃا اينجلس جي وفات کي صرف ٻاويهه سال گذريا هئا ته سوشلزم جو سج روس جي افق مان اڀريو. روسي انقلاب تاريخ جو سڀ کان عظيم انقلاب هو جنهن جي رهنمائي لينن ۽ بالشويڪ پارٽيءَ ڪئي. اهو انقلاب ڪو اتفاقي حادثو نه هو پر روس جي معروضي ۽ موضوعي حالتن جو منطق ان امر جو گهرجائو هو. پاڻ مارڪس جي ڏور رس نگاهن 1882ع ۾ ڏسي ورتو هو ته انقلابي تحريڪ جو مرڪز روس ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. ان ڪري هن لکيو ته ”يورپ جي انقلابي تحريڪ جي اڳواڻي هاڻي روس جي هٿ ۾ آهي.“ (منتخب تصنيفون. از مارڪس ۽ اينجلد. جلد-1 ماسڪو. 1962ع. ص 23) روسي انقلاب سان مارڪس ۽ اينجلس جي سوشلسٽ نظرين جي تصديق ئي نه ٿي، پرروسي اڳواڻن سوشلسٽ معاشري جي جوڙجڪ ۽ اڏاوت به مارڪسزم جي ئي روشني ۾ ڪئي.“
مارڪسزم جي سچائيءَ جو ان کان وڏو ثبوت ٻيو ڪهڙو ٿيندو ته مارڪس ۽ اينجلس جون تعليمون ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيون آهن. دنيا جي ٽئين حصي ۾ اسان جي ڏسندي ئي ڏسندي اشتراڪي نظام رائج ٿي ويو آهي ۽ غير اشتراڪي دنيا ۾ به مارڪس جا لکين پوئلڳ انقلابي سرگرمين ۾ رڌل آهن. ان جي ابتڙ سرمائيداري نظام جي زوال ۽ اخلاقي پستيءَ جي هيءَ حالت آهي ته اديب، ڏاها، مفڪر ۽ فنڪار ته هڪ پاسي، اڪثر سرمائيدار ۽ انهن جون رياستون به هاڻي پنهنجو پاڻ کي ”سرمائيدار“ چوندي نه رڳو شرمائن ٿيون پر ”سوشلسٽ“ هجڻ جي دعويٰ به ڪن ٿيون. ان ڪري هٽلر ۽ مسوليني ٻئي پاڻ کي سوشلسٽ چوندا هئا. ساڳيءَ ريت آفريقا ۽ ايشيا جا انيڪ سياسي اڳواڻ، جن جو عمل سوشلزم جو صفا ضد آهي، عوام کي سوشلزم جي ئي نالي ۾ ڌوڪو ڏين ٿا.
مارڪس ۽ اينجلس شاهدين ۽ دليلن سان ثابت ڪري ڇڏيو هو ته دنيا جو مستقبل، ان جو آجپو سوشلزم ۾ ئي آهي جنهن کان سواءِ انساني معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اشتراڪيت جا دشمن اها حقيقت مڃن يا نه مڃن، پر اسان ڏسي رهيا آهيون ته غيراشتراڪي دنيا اڄوڪن ڏينهن ۾ ڪيڏي شديد ۽ مستقل بحران ۾ ڦاٿل آهي. جنگ، ڦرلٽ، دهشت ۽ قتلام، وڌندڙ بيروزگاري، انساني ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ، خود غرضي ۽ نفانفسي، بي يقيني ۽ بي ضميري، اڪيلائيءَ ۽ لاچاريءَ جو شديد احساس، مستقبل جو ڊپ ۽ عدم تحفظ، مطلب ته ڪا اهڙي بيماري ناهي جيڪا سرمائيداريءَ جي رت ۾ سمائجي نه چڪي هجي. ان بيماريءَ جو اڪيلو علاج سائنسي سوشلزم آهي ۽ غيراشتراڪي دنيا کي جلد يا دير سان زندگيءَ ۽ موت مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوندو.
مارڪس جو هڪ آمريڪي نفاد ڪلنٽن روسيٽر مڃي ٿو ته ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مارڪسزم کَٽي رهيو آهي.“ پر هن موجب فتح جو سبب هيءُ آهي ته ”آمريڪي روايت ۾ ڪو مارڪس ناهي، ڪو اهڙو استاد جنهن جو احترام پهرين ماخذ طور ڪيو ويندو هجي. پر بورجوا معاشرو ڇو مارڪس جهڙو ”پهريون“ ماخذ پيدا ڪرڻ کان وانجهيل آهي؟ ان سوال جو جواب روسيٽر نه ٿو ڏئي سگهي. ڳالهه هيءَ آهي ته بورجوا معاشرو پنهنجي تنزل (تباهيءَ) جي دؤر ۾ ڪو اهڙو اهم شخص پيدا ڪري ئي نه ٿو سگهي جيڪو رتبي ۽ هر دل عزيزيءَ ۾ مارڪس، اينجلس ۽ لينن جي برابري ڪري سگهي. انهن جي ”پهرين ماخذ“ بڻجڻ جو راز ئي اهو آهي ته هنن سرمائيداري نظام جي وڪالت ڪرڻ بدران ان کي ختم ڪرڻ جو رستو ڏيکاريو ۽ سوشلسٽ انقلاب جو بنياد رکيو، ڇو ته موجوده دؤر جي سڀ کان وڏي سچائي اها ئي آهي.
پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته مارڪسزم ڪو بيٺل ۽ تبديل نه ٿيندڙ فلسفو ناهي، نه ئي اهو آخري اکر يا ڪامل دين هئن جي دعوي ڪري ٿو، پر اهو حياتيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ نئين حياتيءَ جي قوتن کي اڳتي وڌائڻ جي جدوجهد ۾ ماڻهوءَ لاءِ فقط راهه جي مشعل آهي. ان ۾ حياتيءَ جي تجربن ۽ ضرورتن موجب واڌارا ٿي سگهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. ان ڪري اينجلس لکي ٿو ته:
”جدلي فلسفو مطلق ۽ آخري حقيقت جي سڀني تصورن جي نفي ڪري ٿو ۽ اهو مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته انساني نسل جي اولاد جو ڪو مطلق مَقام آهي. جدلي فلسفي موجب ڪا به شَي نه آخري آهي، نه مطلق ۽ نه مقدس. اهو هر شَي جي عبوري حيثيت جو انڪشاف ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هئڻ ۽ گذري وڃڻ جو عمل سدائين جاري رهندو آهي، هيٺينءَ سطح کان مٿينءَ سطح ڏانهن مسلسل سفر جو عمل.“