تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6323
  • 2265
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب ڏهون : فرانسي انقلاب کان پوءِ

فرانسي انقلاب بورجوا انقلاب هو جنهن مان پورهيتن جون توقعون ته پوريون نه ٿيون پر ان جا نتيجا ڏاڍا ڏوراهان نڪتا ۽ سياسي انقلاب کي ڇڏي ڪري، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اهم تبديليون ظاهر ٿيون. ان ڪري اڻويهين صديءَ جي شروعاتي پنجاهه سالن کي جيڪڏهن انقلابن جو دؤر چئون ته غلط نه ٿيندو. ان وچ ۾ فرانس ۾ ٻه ڀيرا انقلاب آيو. ان کان سواءِ آسٽريا، هنگري، چيڪو سلواڪيا، اٽلي، پولينڊ، هالينڊ، بيلجيم، جرمني، مطلب ته يورپ جي لڳ ڀڳ سڀني ملڪن ۾ آزاديءَ ۽ جمهوريت جو آواز اوچو ٿيو ۽ هٿياربند بغاوتون ٿيون، تان جو ان انقلاب جون لهرون انگريزي راڄ جون حدون رودبار انگلستان کان ٽپي برطانوي ڪناري سان وڃي ٽڪريون. انقلاب جو اهو جوش سياستدانن ۽ مزورن تائين محدود نه هو، پر ان وقت جو شايد ئي ڪو اديب، فنڪار ۽ فلسفي هجي جنهن انهن انقلابي سرگرمين جو اثر قبول نه ڪيو هجي.
ان قانون ۾ سوشلزم جو چَوٻول به عام ٿيو ۽ سوشلزم جا ڪيترائي مبلغ پيدا ٿيا. مثال طور سينٽ سائمن، رابرٽ اووين، چارلس فوريئر وغيره. انهن جون لکڻيون وچين طبقي سان گڏ ڪجهه مزور جماعتن ۾ به وڏي شوق سان پڙهيون وينديون هيون، پر انهن مان ڪيترائي سوشلسٽ دانشور پورهيتن جي طبقاتي جدوجهد جي حق ۾ نه هئا ۽ نه ئي سرمائيداري نظام کي مزور انقلاب وسيلي نيست نابود ڪري سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ ٿي چاهيائون، پر سندن خيال هو ته جيڪڏهن سوشلزم جا معقول منصوبا تيار ڪيو وڃن ۽ سرمائيدار طبقي کي دليلن سان قائل ڪيو وڃي ته سوشلزم پنهنجو پاڻ قائم ٿي ويندو. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس پنهنجين سرگرمين جي شروعات انهن خيالي سوشلسٽن جي خلاف نظرياتي جنگ سان ڪئي هئي ۽ مزورن کي انهن جي اثر کان آزاد ڪرڻ لاءِ تنظيمي جدوجهد به ڪئي.

[b]سينٽ سائمن
[/b]سينٽ سائمن (1760ع-1825ع) فرانسي انقلاب جي عروج ۽ زوال جو اکين ڏٺو شاهد هو. هن جو تعلق فرانس جي هڪ امير گهراڻي سان هو. هُو اڃا سورهنِ سالن جو هو ته جنگ شروع ٿي وئي (1775ع-1783ع). فرانس برطانيا جو روايتي حريف هو ان ڪري فرانس آمريڪا جي آزادي پسندن جي ڏاڍي مدد ڪئي. ايستائين جو فرانسي انقلابين جو وڏو تعداد به رضاڪاراڻي طور آمريڪي جنگ ۾ شريڪ ٿيو. سينٽ سائمن انهن ۾ ئي هو. آمريڪا ۾ قيام هن جي خيالن تي گهرو اثر وڌو. آمريڪا جي نئين دنيا ۽ يورپ جي پراڻي دنيا ۾ زمين آسمان جو فرق هو. يورپ ۾ بادشاهه هئا، درٻاري امير هئا، نڪما نواب هئا، عيش پسند پادري ۽ انهن جا وڏا وڏا اوقاف هئا. نئين دنيا انهن لعنتن کان پاڪ هئي. فيڪٽرين جا مالڪ، دُڪاندار، مزور، هاري سڀ محنت مشقت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ ملڪ جي سماجي فضا وڏي حد تائين جمهوري هئي. زنگي غلامن جو وڪرو ۽ خريد ۽ ڪپهه، تماڪ ۽ چانورن جي ٻنين ۾ انهن جو زبون حال سينٽ سائمن شايد نه ڏٺو يا ڏٺو ته سهي پر هن نيگرو ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهيو، جو انهن جي باري ۾ غور ڪري ها.
سينٽ سائمن وطن وريو ته هتي انقلاب برپا ٿي ويو. سينٽ سائمن انقلاب جي آجيان ڪئي. سندس اباڻي زمين ضبط ٿي وئي، ته به هن پرواهه نه ڪئي. ماڻهو هوشيار هو، سَٽو کيڏي ڪافي دولت گڏ ڪري ورتائين. ان وچ ۾ گرفتار به ٿيو پر جلد ئي آزاد ڪيو ويو. قيدخاني ۾ هن تي اهو ”انڪشاف“ ٿيو ته قدرت کيس ڪنهن عظيم خدمت جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ هُو پنهنجو پاڻ مسيح تصور ڪرڻ لڳو.
پيرس اچي هن شادي ڪئي پر گهريلو زندگيءَ جون ذميواريون سندس وَس جون نه هيون، ان ڪري هڪ سال ۾ ئي علحدگي ٿي وئي ۽ سينٽ سائمن مادام اسٽل (1766ع-1817ع) جي ڇانوَ ۾ پناهه ورتي. مادام اسٽل پيرس جي وڏي مشهور شخصيت هئي. هوءَ ڪيترن ئي روماني ناولن جي ليکڪ هئي ۽ سندس گهر ۾ اديبن، فنڪارن ۽ دانشورن جو جهڳٽو پيو رهندو هو. انهيءَ وچ ۾ سينٽ سائمن جو پهريون ڪتاب ”جنيوا کان خط“ (1801ع) شايع ٿيو. ان وقت سينٽ سائمن جي عمر 41 سال هئي.
انهن ”خطن“ کان پوءِ سينٽ سائمن ٻيا به ڪيترائي رسالا لکيا. انهن ۾ جيتوڻيڪ واقعا ۽ دليل بدليل هئا پر مضمون جو روح هڪ ئي هو يعني سائنس ۽ صنعت جي بنياد تي سماج جي نئين سر اڏاوت. انهن تصنيفن مان سينٽ سائمن کي مالي نفعو ڪجهه به نه ٿيو، اُٽلو سندس مالي حالت خراب ٿيندي وئي. غريبيءَ کان تنگ ٿي هن خودڪشيءَ جي ڪوشش به ڪئي پر ناڪام رهيو. ان وقت هڪ پراڻي نوڪر سندس مدد ڪئي ۽ سندس سار سنڀال ڪرڻ لڳو. 59 سالن جي عمر ۾ مٿس هڪ مضمون جي ڏوهه ۾ بغاوت جو مقدمو هليو پر هو آزاد ٿي ويو.
”جنيوا کان خط“ هن هڪ فرضي دوست جي خطن جي جواب ۾ لکيا. پهرين خط جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
”مان هاڻي جوان ڪو نه آهيان. مون گهڻي دنيا ڏٺي آهي ۽ کوڙ مصروف به رهيو آهيان پر منهنجي محنت جو مقصد تنهنجي خوشي رهيو آهي. هينئر مون هڪ منصوبو سوچيو آهي، جيڪو منهنجو خيال آهي ته تنهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان ڪري مان تو ڏانهن منصوبو موڪلي رهيو آهيان. نيوٽن جي مقبري آڏو چندو گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪر ۽ ان ڪم ۾ اڻٿڪ محنت ڪر.“
سينٽ سائمن وٽ نيوٽن جي شخصيت خلق جي بي غرض خدمت ۽ سائنسي ذهانت جي علامت هئي. ان ڪري هن راءِ ڏني ته هڪ بين الاقوامي نيوٽن ڪائونسل قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ ٽي حسابدان، طبعيات جا ٽي عالم، نفسيات جا ٽي ماهر، ٽي ليکڪ، ٽي مصور ۽ ٽي موسيقار شامل هجن. اهي 18 ماڻهو نه ته ڪو عهدو وٺن ۽ نه ئي اجورو، پر انسانذات جي بي لوث خدمت ڪن. اهي انسانيت جا ”مشعل بردار“ هجن ۽ دنيا کي حق ۽ انصاف جو رستو ڏيکارن. ”اها نيوٽن ڪائونسل زمين تي خدا جي نمائندگي ڪندي.“ سينٽ سائمن اهو نه سوچيو ته مفڪرن ۽ فنڪارن ۾ ان ڪائونسل جي چونڊ ڪير ڪندو ۽ جيڪڏهن ڏکيو ئي سهي، چونڊ ٿي وڃي ته انهن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جي صورت ڪهڙي هوندي؟ ان جا حڪم ڪيئن نافذ ٿيندا؟
سينٽ سائمن وٽ ارڙهين صدي ”تنقيدي، تخريبي ۽ انقلابي صدي“ هئي، تنهنڪري اڻويهين صديءَ کي تنظيمي صدي هئڻ گهرجي، تڏهن ئي اها پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪري سگهندي. تنظيم نهايت ضروري آهي ڇو ته سورهين صديءَ کان پوءِ (پروٽسٽنٽ فرقن جي رومي ڪليسا خلاف بغاوت جي ڪري) يورپ جي وحدت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي. اميرن ۽ جاگيردارن جِي (صنعتي نظام ڪري) اهميت ختم ٿي وئي آهي ۽ پادرين جي، جيڪي اسان جا روحاني پيشوا آهن، هاڻي ڪا به ضرورت ڪانهي، ان ڪري سماج جي نئين تنظيم سائنس ۽ صنعت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هاڻي سماج صنعتي دؤر ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ اسان کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته فرانس به هڪ فيڪٽري آهي. جيئن فيڪٽري ۾ اميرن، جاگيردارن، پادرين ۽ سپاهين جي ڪا به گنجائش ڪانهي، ساڳيءَ طرح سماج اندر به انهن بيڪار ۽ واندن طبقن جو وجود ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي. ”سڀ ماڻهو ڪم ڪن ۽ ڪم جو اجورو وٺن.“
”هر ماڻهوءَ جو فرض آهي ته پنهنجي ذاتي صلاحيتن جو رخ انسان جي بهبود ڀلائي طرف موڙي. غريبن جا عضوا اميرن جي پرورش ڪندا، پر اميرن جو فرض آهي ته پنهنجي ذهن کان ڪم وٺن. جيڪڏهن انهن جو ذهن ڪم نه ٿو ڪري ته پوءِ کين هٿن سان ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته نيوٽن انهن ماڻهن کي، جيڪي ورڪشاپ جي ڪم جا نه هجن، ڌرتي گولي تي آزاد نه ڇڏيندو.“ (جنيوا کان خط)
سينٽ سائمن جي منصوبي موجب سماج جي نئين تنظيم جا ٽي ايوان هوندا:
1. تخليقن جو ايوان،
2. پاڪائين جو ايوان، ۽
3. تنظيمن جو ايوان.
تخليقن جو ايوان 200 انجنيئرن، 50 اديبن، 25 مصورن، 15 مجسمي سازن ۽ تعمير جي ماهرن ۽ 10 موسيقارن تي ٻڌل هوندو.
پاڪائين جي ايوان ۾ 300 ميمبر هوندا: 100 حيوانن جا عالم، 100 طبعيات جا عالم ۽ 100 حسابدان.
تنظيمن جي ايوان ۾ مختلف صنعتن جا نمائندا شامل هوندا: هاري، مستري، هنرمند، صناع، واپاري، مزور، صنعتڪار وغيره. سماج جي شهه رڳ صنعت ۽ حرفت جي اهائي نمائنده مجلس هوندي. سينٽ سائمن انهن سڀني ماڻهن کي صنعتي طبقي جو فرد سمجهي ٿو. ان حد تائين جو هو سرمائيدار ۽ مزدور، مل-مالڪ ۽ اجوري تي هنرمند کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري ٿو.
”اهو اڪيلو طبقو آهي جنهن جي باري ۾ اسان جي آرزو آهي ته ان جي ارادن ۽ سياسي همت ۾ واڌارو ٿيندو رهي، ڇو ته صنعتڪارن جو طبقو ئي اهو طبقو آهي جن جا ارادا فائديمند ۽ همت ضروري آهي. ان جا مخصوص مفاد سڀني جي گڏيل مفادن سان هم آهنگ ٿين ٿا. جيئن ته اسان کي ان سچائيءَ جو احساس آهي ان ڪري اسان صنعتڪارن جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي. اسان انهن کي تهذيب جو حقيقي مرڪز تصور ڪيون ٿا. سينٽ سائمن جي راءِ ۾ سرمايو ۽ پورهيو ٻئي اجوري جا حقدار آهن، پر ان منصوبي تي عمل ڪيئن ٿئي ــــــ پورهيتن کي سياسي اختيار ڏئِي؟ - نه، هرگز نه. ڇو ته فرانسي انقلاب جو تجربو اسان جي آڏو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته عوام ان جو اهل ناهي. اهو پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري نه ٿو سگهي، پر اهو تاريخي فرض به مهذب طبقن کي پورو ڪرڻو پوندو ــــــ سماج جي بزرگ فردن کي، انجنيرن کي، بئنڪرن کي، فنڪارن کي، دانشورن کي.
سينٽ سائمن سماجي انقلاب کان سواءِ انقلابي تبديليون آڻڻ چاهي ٿو. هُو عوامي تحريڪ، عوامي جدوجهد جو قائل نه آهي ۽ نه ان کي عوام جي سياسي شعور يا تنظيمي صلاحيتن تي اختيار آهي. ڇا هن فرانسي انقلاب جي هنگامن ۾ پيرس جي عوام جون ”غير ذميدار“ حرڪتون نه ڏٺيون هيون؟
سينٽ سائمن جا منصوبا شيخ چليءَ جي منصوبن کان گهٽ نه هئا. جاگيرداراڻي نظام جي نقصن جي باري ۾ هن جا تاثر بلڪل صحيح هئا. اميرن، ڪليسا ۽ فوج تي هن جيڪا تنقيد ڪئي، اها به صحيح هئي. هن جو اهو خيال به صحيح هو ته دنيا هاڻي سائنس ۽ صنعت جي دؤر ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ سماج جي فلاح ۽ بقا جو دارومدار تخليقي صلاحيتن مان فائدو وٺڻ تي آهي، پر سينٽ سائمن اهو ڀلجي وڃي ٿو ته فرانس جو اڀرندڙ صنعتي نظام به طبقاتي نظام هو. هڪ طبقو سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جو (بورجوا) هو ۽ ٻيو طبقو پورهيتن (پرولتاري) جو هو. اختيار جون واڳون سرمائيدارن ۽ انهن جي ڇاڙتن جي هٿ ۾ هيون. انهن کي منطقي دليلن سان يا انسانذات جو واسطو ڏئي پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي اقتدار کان هٿ کڻڻ تي آماده نه ٿو ڪري سگهي، پر اهو ان صورت ۾ ممڪن هو ته پورهيت منظم جدوجهد وسيلي بورجوا طبقي کان اختيار کسي وٺي. سينٽ سائمن ڪيترائي منصوبا ٺاهي ته سگهيو پئي پر هُو ان قوت کي، جيڪا انهن منصوبن کي عملي ويس پارائي سگهڻ لائق هئي، تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن جا منصوبا ڪتبخانن (لائبريرين) جي سونهن بڻجي ويا. فرانسي قوم انهن تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو.

[b]رابرٽ اووين
[/b]ان دؤر جي جنهن انگريز سوشلسٽ کي بين الاقوامي شهرت نصيب ٿي، ان جو نالو رابرٽ اووين هو. رابرٽ اووين (1771ع-1858ع) ويلز جو رهاڪو هو. سندس پيءُ لوهه جو سامان وڪڻندو هو ۽ گهوڙن جا سنج ٺاهيندو هو. اووين ستن سالن جي عمر ۾ مدرسي ۾ پڙهڻ کان بس ڪئي ۽ ڳوٺ جي ئي هڪ دڪان تي نوڪري ڪئي. ڏهن سالن جي عمر ۾ هو لنڊن هليو آيو ۽ ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ مانچسٽر هليو ويو، جيڪو سوٽي ۽ اوني ڪارخانن جو ڏاڍو وڏو مرڪز هو. پنهنجي فطري ذهانت ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري هو جلد ئي ترقي ڪري ڊرنڪ واٽر ڪاٽن جو مينجر ٿي ويو. ان وقت (1790ع) اووين جي سالياني پگهار 300 پائونڊ هئي. ستن سالن کان پوءِ هن نيولنارڪ جي فيڪٽري خريد ڪئي. اها جاءِ اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسگو کان لڳ ڀڳ 25 ميل پري ڪلائيڊ نديءَ جي ڪناري هڪ ننڍو ڳوٺ هو. ڳوٺ ڇا هو، چورن، شرابين ۽ بدمعاشن جو اڏو هو.
اووين نيولنارڪ جي سڌاري جو بار سنڀاليو. سندس پڪو عقيدو هو ته انسان پنهنجي ماحول جي پيداوار هوندو آهي. ماحول جيڪڏهن سٺو هجي ۽ انسان جي پرورش ۽ تعليم تربيت صحت بخش حالتن ۾ ٿئي، ته ان جو ڪردار صالح ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ انسان جو ماحول جيڪڏهن خراب هوندو ته ان جو ڪردار به خراب ٿيندو، تنهنڪري انسان جي سڌاري لاءِ ضروري آهي ته ماحول جو سڌارو ڪيو وڃي.
اووين پنهنجي ان منصوبي کي نيولنارڪ ۾ آزمائڻ جو سندرو ٻڌو. هن ٻارن جي لاءِ اسڪول کوليا جن ۾ موسيقي ۽ رقص جي تعليم به ڏني ويندي هئي. مزورن لاءِ صاف سٿرا گهر ٺهرايا ۽ راند روند ۽ وندر ورونهه جو سامان مهيا ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڏسندي ئي ڏسندي نيولنارڪ جو بدنام ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ بڻجي ويو ۽ جيستائين اهو تجربو جاري رهيو تيستائين اووين جي چوڻ موجب ”هڪ ماڻهو به ڪنهن اخلاقي ڏوهه ۾ نه ڦاٿو.“ ان مثالي ڳوٺ جي مشهوري پري پري تائين پکڙي ۽ پارليامينٽ جا ميمبر، سماجي ڪارڪن ۽ صحافي وغيره نئين ڳوٺ جي هن تجربي کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. برطانيا جو وزيراعظم بنجامن ڊزريلي نيولنارڪ کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن پنهنجي ناول ”سيبل“ ۾ نيولنارڪ طرف اشارو ڪندي لکيو ته ”مردن جا لباس انتهائي مناسب ۽ عورتن جا ڳل صوف جيان سرخ هئا، شراب نوشي اڻلڀ هئي ۽ نازڪ جنس جي اخلاقي حالت ڏاڍي عمدي هئي.“
مزدورن جو گهريلو ماحول سڌريو ته انهن جو ڪم ڪار به سٺو ٿيو. ان ڪري اووين جي فيڪٽريءَ جي پيداوار به وڌي ۽ نفعي ۾ به واڌارو ٿيو. اووين جو تجربو ڪامياب رهيو ۽ هن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ صنعتڪار دورانديشي ڪن ۽ نيولنارڪ کان سبق سکي پنهنجن مزدورن جي زندگي جي حالتن کي سڌارڻ طرف ڌيان ڏين ته ملڪ جي پيداوار ايتري ته وڌي ويندي جو ڪو به ماڻهو غريب، مفلس ۽ محتاج نه رهندو. اووين جي آرزو هئي ته سڄي دنيا نيولنارڪ جي قالب ۾ ٺهي پوي.
اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ برطانيا ۾، جيڪو سڀ کان وڏو صنعتڪار ملڪ هو، مزدورن جي حالت بيحد خراب هئي ۽ انهن ۾ ڏاڍي بي چيني پکڙيل هئي. زمينن تان بي دخل ٿيندڙ هارين اهو سوچي ڪارخانن جون مشينون ڀڃڻ شروع ڪيون هيون ته سندن رزق ڇنڻ واريون اهي ئي مشينون هيون. جيتوڻيڪ قصور مشينن جو نه، پر سرمائيداري نظام جو هو، جيڪو ٻنين تان بي دخل ٿيل ماڻهن کي ڪارخانن ۾ جذب نه پئي ڪري سگهيو. 1812ع ۾ ان تحريڪ ايترو زور ورتو جو پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو ته مشينن جي ٽوڙ ڦوڙ موت جي سزا لائق ڏوهه آهي. ان ڪري جنوري 1813ع ۾ رڳو هڪ شهر يارڪ ۾ تيرهن مزدورن کي مشيون ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني وئي.
ان زماني ۾ فيڪٽرين ۾ روزانو ست ڪلاڪ ڪم ٿيندو هو ۽ ڪم ڪرڻ وارا گهڻو ڪري عورتون يا ٻار هوندا هئا. انهن کي مردن کان گهٽ اجورو ملندو هو. ان کان سواءِ ڏنڊ جو رواج عام هو. هڪ اندازي موجب برطانيا جي سوٽي، اوني ۽ ريشمي ملن ۾ مزدورن جو ڪل تعداد 3 لک 56 هزار هو. انهن ۾ هڪ لک 60 هزار مرد هئا ۽ هڪ لک 96 هزار عورتون. تفصيل هي آهن:
٭ 11 سالن کان گهٽ عمر: ڇوڪرا 4800 ۽ ڇوڪريون 53308
٭ 11 ۽ 18 سالن جي وچ ۾ عمر: ڇوڪرا 67000 ۽ ڇوڪريون 89000
٭ 18 سالن کان وڌيڪ عمر: مرد 58000 ۽ عورتون 102000
اووين پنهنجي فيڪٽريءَ ۾ ڪم جو وقت گهٽائي 10 ڪلاڪ ڪيو. عورتن ۽ ڏهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کان ڪم وٺڻ بند ڪيو ۽ ڏنڊ جو طريقو ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن به سندس فيڪٽريءَ جي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو، پيداوار جو معيار (عمدگي) سٺو ٿيو ۽ نفعو به وڌي ويو. اووين ماحول کي سٺو بڻائڻ تي زور ڏئي بيٺو، پر ماحول ان وقت سٺو ٿي سگهي ٿو جڏهن پيداوار ۽ ضرورت جي شين جي گهڻائي هجي. جيڪڏهن گهڻائي نه هوندي ته پوءِ غربت، جهالت، وهم پرستي، بيماري ۽ اخلاقي خرابيون وڌنديون آهن. اووين چوندو هو ته صنعتي ڪارخانن جي ايتري واڌ ۽ پيداور جي ايتري گهڻائي آهي جو هاڻي انسان جي آزاديءَ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي ڪو به محتاج رهڻ تي مجبورنه هوندو.
انهيءَ ئي زماني ۾ اووين ڪيترائي رسالا پنهنجن نظرين جي حمايت ۾ لکيا ۽ ٻين ڪارخانيدارن کي به پنهنجو هم خيال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي يقين هو ته جيڪڏهن صنعتڪارن کي معقول دليلن سان سمجهايو وڃي ته اهي به پنهنجن مزدورن جي حالتن ۾ مناسب سڌارو آڻيندا. 1814ع ۾ هن انهن جي نالي هڪ گشتي خط موڪليو، جنهن ۾ لکيل هو ته:
”تجربي توهان کي ٻڌايو هوندو ته اهي مشينون جيڪي صاف سٿريون هونديون آهن ۽ ترتيب سان لڳل هونديون آهن ۽ اهي مشينون جيڪي گنديون رهن ٿيون ۽ بي ترتيب لڳل هونديون آهن، ڪيترو فرق هوندو آهي. پهرئين قسم جون مشينون ڪفايت سان هلنديون آهن ۽ انهن جي سارسنڀال تي گهٽ خرچ ايندو آهي پر ٻئي قسم جي مشينن جي صورتحال ان جي ابتـڙ هوندي آهي.
هاڻي جيڪڏهن بي جان مشينن جي مناسب سارسنڀال جو نتيجو فائديمند ٿئي ٿو ته توهان جيڪڏهن زنده مشينن جي صحيح سار سنڀال ڪيو ته ان جو نتيجو به ظاهر آهي ته ڏاڍو سٺو نڪرندو. ڇا اهو مناسب نه ٿيندو ته توهان پنهنجو ٿورو وقت ۽ سرمايو انهن زنده مشينن جي سٺائيءَ تي خرچ ڪيو ته جيئن نتيجا وڌيڪ فائديمند ۽ اطمينان جهڙا هـجن.“
پر رابرٽ اووين جي اها خوشفهمي هئي. صنعتڪارن هن جي خط کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. اووين به هار مڃڻ وارو نه هو. هن 1815ع ۾ اسڪاٽ لينڊ جي صنعتڪارن جو هڪ جلسو سڏايو. ايجنڊا ۾ ٻن معاملن جو ذڪر هو: پهريون، حڪومت کي درخواست ته درآمدي ڪپهه تي محصول گهٽ ڪيو وڃي. ٻيو، ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارن ٻارن جي حالتن جو سڌارو.
جلسي ۾ حاضر ماڻهن پهرين راءِ کي ته وڏي خوشيءَ سان قبول ڪيو، پر اووين جي ٻي راءِ جي تائيد ڪندڙ هڪ ماڻهو به نه هو.
ان جلسي جي تلخ تجربي باوجود اووين کي يقين هو ته دولتمندن ۽ سرڪاري آفيسرن کي مزدورن جي سڌاري لاءِ آماده ڪري سگهجي ٿو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته مزدورن جو هم آواز هوندي به مزدورن جي چارٽسٽ تحريڪ ۾ڪڏهن به شامل نه ٿيو ۽ نه ئي چارٽسٽن جي هن حمايت ڪئي، پر صنعتڪارن ۽ انهن جي حڪومت کي پنهنجو هم خيال بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
اووين جو دليل اهو هو ته مشينن جي پيداواري قوت ۾ واڌاري جي ڪري بازارون شين سان ڀرجي ويون آهن پر عوام جي گهڻائي اڃا مفلس ۽ محتاج آهي. مشيني دؤر کان اڳ پيداوار ۽ آباديءَ جي نسبت برابر هئي (1:1) پر 1792ع ۽ 1817ع جي وچ ۾ مشيني پيداوار آباديءَ کان ٻارهن ڀيرا وڌيڪ (1:12) ٿي وئي، پر پيداوار ۾ ان حيرت جهڙي واڌاري کان پوءِ به مزورن کي ڪو به فائدو نه پهتو رهندو انهن جي حالت اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. جن هيءَ سڄي دولت پيدا ڪئي اهي بيروزگار ٿي سرڪاري خيرات تي گذر سفر ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا، ان ڪري جو انهن ضرورت کان وڌيڪ شيون پيدا ڪري ورتيون هيون.
اووين چوي ٿو ته ان تضاد کي خيرات وسيلي حل ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ان جو حل غريبن جِي آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ آبادڪاري آهي، اڃا به پيداوار ۽ ان جي استعمال ۾ هم آهنگي آهي، پر سڌارن جو نفاذ هوري هوري ٿيڻ گهرجي. مثال طور، سڀ کان اول بيروزگارن کي ڪم تي آندو وڃي ته جيئن اهي ماڻهو جيڪي سرڪار کان مفت جي ماني وٺن ٿا ۽ سماج جي دولت ۾ ڪو به واڌارو نه ٿا ڪن، تخليقي سرگرمين ۾ لڳي وڃن، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن قومي فرض ۽ ذاتي مفاد هڪ ٻئي سان ملي پون. ماڻهن جون جسماني ۽ ذهني صلاحيتون انهن جي لاءِ به مفيد هجن ته سماج لاءِ به.
اووين جي راءِ هئي ته ”ٻڌي ۽ سهڪار جا ڳوٺ“ آباد ڪيا وڃن. انهن مثالي ڳوٺن ۾ آبادي 500 کان 1500 تائين هجي. هر ڳوٺ وٽ 1000 کان 1500 ايڪڙن جيتري زرعي زمين هجي. ان ۾ ڳوٺاڻن جي ضرورت لاءِ ٻني ٻارو ڪيو وڃي ۽ صنعتي ادارا به کوليا وڃن. گهر هڪ وڏي چَوڪ جي چئني طرف قطار ۾ ٺاهيا وڃن. هر ڳوٺ جي هڪ سهڪاري سوسائٽي هجي جيڪا ڳوٺ جي پيداوار جي ورهاست، ٻارن جي تعليم، صحت جي حفاظت، راند روند ۽ وندر ورونهن جي نگراني ڪري. هر سهڪاري سوسائٽي کي ابتدا ۾ 96 هزار پائونڊن جي مالي امداد به ڏني وڃي جيڪا في ماڻهو 80 پائونڊن کان وڌيڪ نه هوندِي. اووين جي دعوى هئي ته ان رقم مان بيروزگار ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀري سگهندو ۽ پنهنجي پيداوار مان ڪجهه عرصي کان پوءِ اها رقم سرڪار کي موٽائي ڏيندو.
پر آگسٽ 1817ع ۾ جڏهن اووين پنهنجو هيءُ منصوبو لنڊن جي مزدورن جي هڪ جلسي ۾ رکيو ته مزدورن ان کي رد ڪري ڇڏيو. اهڙي حالت ۾ حڪومت يا صنعتڪارن پاران هن منصوبي کي عملي ويس پارائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو.
اووين پنهنجي مهم جاري رکي. 1819ع ۾ هڪ دستاويز ”مزدورن جي نالي هڪ خط“ شايع ڪيو. ان خط ۾ اووين مزدورن کي پنهنجي مدد جو يقين ڏياريو هو پر ان شرط تي، ته هو پنهنجو ڪردار ٺيڪ ڪن، تشدد کان مُڙن ۽ دولتمندن کان نفرت ڪرڻ ختم ڪن، ڇو ته:
1. دولتمندن ۽ محتاجن، حاڪمن ۽ محڪومن جو مفاد حقيقت ۾ هڪ ئي آهي.
2. مٿين طبقي جا ماڻهو نه ته مزدور کي ذليل ڪرڻ چاهن ٿا ۽ نه ئي انهن کي محڪوم بڻائي رکڻ جا آرزومند آهن.
3. عقل جي باک ڦٽي رهي آهي ۽ جيئن ئي عقل جو سج نمودار ٿيو، ته دنيا جون سڀ ڪلفتون دور ٿي وينديون.
پر مزدور طبقو سرمائيدارن جي اصل کان واقف هئا. سندس روزانو تجربو اووين جي خوشفهمين جي نفي ڪندو هو ان ڪري هنن اووين جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اووين اجوري ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ به وڙهندو رهيو. هن پنهنجي هم پيشي صنعتڪارن کي اهو ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اجوري ۾ واڌاري جي ڪري کين ئي نفعو ملندو، ڇو ته مزدورن جي خريد ڪرڻ جي قوت وڌندي.
انهن ئي ڏينهن ۾ برطانيا ۾ معاشي بحران سان گڏ مالي بحران به شروع ٿيو. بيشمار بئنڪن جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ حڪومت کي مجبورن ڪاغذي نوٽ ڇاپڻا پيا. اووين ان سِڪي جاتي بحران مان اهو نتيجو ڪڍيو ته سماجي خرابين جي ذميداري مٽاسٽا جي دولت ۽ بئنڪن جي گردش تي به ايتري ئي لاڳو ٿئي ٿي جيتري دولت جي غلط ورهاست تي.
اووين جو خيال هو ته جيستائين نفعي خوري جو سلسلو جاري آهي ايستائين نه سماجي ماحول ۾ سڌارو اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي ماڻهن جو ڪردار ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. هن وٽ نفعي خوري سماجي برتريءَ جو لازمي جزو آهي. برتريءَ کي جيڪڏهن جنگ سان تعبير ڪيو وڃي ته نفعي خوري کي ڦر جو ماڻ سمجهڻو پوندو. ان ڪري ڪا اهڙي تدبير ڪرڻ گهرجي جيئن نفعي خوري ختم ٿي وڃي ۽ سستي خريداري ۽ مهانگي وڪري جي خواهش به دٻجي وڃي، پر نفعو سِڪي يا روڪ دولت جي شڪل ۾ حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته بازاري شين ۾ قدر جو ماپو انساني پورهيو آهي، سِڪو نه. ان بنياد تي اووين جي راءِ هئي ته سڪن بدران ”مزدوري نوٽ“ (Labour Note) جاري ڪيا وڃن.
”ڌاتوءَ جا سڪا بي انصافيءَ، حاجت ۽ ڏوهه جو سبب بڻجن ٿا. انساني ڪردار کي برباد ڪرڻ ۾ به ڌاتوءَ جي سڪن جو وڏو هٿ آهي.“
اووين سيپٽمبر 1832ع ۾ لنڊن ۾ ليبر ايڪسچينج (مزوري جي مٽاسٽا) جي نالي سان سهڪار جو هڪ ادارو قائم ڪيو. ان جي ميمبرن جو تعداد 840 هو. ايڪسچينج جون ڪجهه شاخون مضافاتي (ڳوٺاڻن) علائقن ۾ به کوليون ويون. اسٽور ۾ خريد ۽ وڪري لاءِ ليبر نوٽ ڇاپيا ويا. جيڪڏهن ڪو رڪن پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻي ڏيندو هو ته ان کي ٻڌائڻو پوندو هو ته مال جي تياريءَ ۾ ڪيترن ڪلاڪن جو پورهيو سيڙايل آهي. ان موجب هن کي ليبر نوٽ ملندا هئا ۽ هو انهن نوٽن جي عيوض اسٽور تان ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهندو هو. اووين جي دعوى هئي ته
”اهو منصوبو ميڪسيڪو ۽ پيرُو جي سونَ چانديءَ جي کاڻين کان وڌيڪ قيمتي آهي.“
پر اووين جو اهو منصوبو به ناڪام ٿي ويو، ڇو ته ايڪسچينج جا ميمبر پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻڻ وقت پورهيي جي مقدار کي وڌائي ٻڌائيندا هئا ۽ ان سان گڏ هو ردي قسم جو مال آڻيندا هئا. ان جي بدلي ۾ ليبر نوٽ وٺي پوءِ اُوچو مال خريد ڪري هليا ويندا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته اسٽور ردي مال سان ڀرجي ويو ۽ ان جو ڪو به گراهڪ نه هو. اووين ليبر نوٽن کي رجسٽرڊ به نه ڪرايو هو. ان ڪري هر ماڻهو، پوءِ اهو ليبر ايڪسچينج جو رڪن هو يا نه، انهن نوٽن کي خريد ڪري يا وڪڻي سگهندو هو. لنڊن جا واپاري سهڪار جي هن ننڍي منصوبي جي تجربي کي به سهڻ لاءِ تيار نه هئا، ان ڪري 300 دڪاندارن ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيترائي ليبر نوٽ خريد ڪري ورتا ۽ اسٽور جي سڀ کان سٺي مال تي قبضو ڪري ورتو ۽ جڏهن اسٽور ۾ رڳو ردي مال بچيو ته نوٽن جي خريداري بند ڪري ڇڏي. ليبر ايڪسچينج جو ڏيوالو نڪري ويو.
1824ع ۾ اووين جي دل هارجي پئي ۽ هن آمريڪا جي راهه ورتي. اتي يورپ کان لڏي آيل ماڻهن جا اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آباد هئا جيڪي سهڪار جي اصولن تي ڪم ڪري رهيا هئا. اووين کي يقين هو ته نئين دنيا ۾ سندس منصوبن جي آجيان ضرور ڪئي ويندي. هن انڊيانا رياست ۾ 30 هزار پائونڊن سان هڪ ڪميونٽي سينٽر، جنهن جو نالو هارموني (آهنگ، مٺو آواز يا ميٺاڄ) هو، خريد ڪري ورتو. اهو جرمنيءَ کان آيلن جو ڳوٺ هو. انهن جرمنن 1814ع ۾ ٽيهه هزار ايڪڙ زمين، جيڪا صفا ويران هئي، خريد ڪئي هئي ۽ پنهنجي محنت سان ان کي زراعت ۽ باغبانيءَ لائق بڻايو هو. ان زمين جو انتظام هُو سوشلسٽ بنيادن تي ڪندا هئا. اووين اتي 900 ماڻهن کي آباد ڪيو پر ٽن سالن جي لاڳيتي ڪوشش باوجود اهو منصوبو ناڪام ٿي ويو. اووين جي سڄي ملڪيت ٻڏي وئي ۽ هو مفلس ٿي انگلستان موٽي آيو.
اووين سڄي عمر مزدورن جي خدمت ۾ گذاري. ماڻهو هن جي خلوص ۽ نيڪ نيتي جي دل سان عزت ڪندا هئا، پر ڏکيائي اها هئي ته هن سرمائيداري نظام جي مطالعي مان جيڪي نتيجا ڪڍيا هئا اهي سراسر غلط هئا ۽ ماحول جي سڌاري لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ان جو زندگيءَ جي حقيقتن سان ڪو به واسطو نه هو. هو سرمائيداري نظام جي خامين کان واقف ضرور هو پر پورهيت جي طبقاتي جدوجهد جي تاريخي ڪردار جي اهميت کي صفا اهميت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي انهن جي جدوجهد جي حق ۾ هو. هن جي ذهن ۾ پورهيت طبقي جي سياسي اقتدار جو به ڪو تصور ئي ڪو نه هو، پر هن جو خيال هو ته پارليامينٽ جي نالي عرضداشت موڪلي سرمائيدارن کي معقول دليلن سان سمجهائي مزدورن جو حامي بڻائي سگهجي ٿو. هو سماجي انقلاب جي حق ۾ به نه هو پر سرمائيداري نظام اندر ئي مزدورن جا ننڍا ننڍا مثالي ڳوٺ ٺاهي، اهو سمجهيائين پئي ته مسئلو حل ٿي ويندو.
اووين جيتوڻيڪ پنهنجن منصوبن ۾ ناڪام رهيو پر هن جي ارادي کي پسند ڪندڙ وڏي عرصي تائين هن جي خيالن جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ هن جي لکڻين ڪري مزدورن جي ذهني تربيت ۾ به وڏي مدد ملي. اووين پنهنجي پٺيان ڪيترائي شاگرد ڇڏيا جن مان گهڻن چارٽسٽ تحريڪ (مزدورن جي سياسي حقن جي تحريڪ) ۾ وڌيڪ ڀرپور حصو ورتو ۽ استاد کان به اڳ ڪڍي ويا.

[b]چارلس فوريئر
[/b]چارلس فوريئر (1771-1837ع) فرانس جي اتر-اوڀر شهر سبانسان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ کي ڪپڙي جو دڪان هو، ان ڪري سندس ننڍپڻ سک سان گذريو. تعليم کان واندو ٿي، هو شهر جي ڪيترين ئي فرمن جو نمائندو بڻجي ويو. پنهنجن فرضن جي سلسلي ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا جرمني، هالينڊ ۽ بيلجيم جو سفر ڪرڻو پيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ هن ليان شهر ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، پر فرانسي انقلاب کان پوءِ 1793ع ۾ هو پنهنجي سڄي ملڪيت وڃائي ويٺو ۽ جڏهن زوريءَ ڀرتي شروع ٿي، ته فوريئر کي به ٻن سالن تائين فوج ۾ ڪم ڪرڻو پيو. فوج مان نڪري هن هڪ واپاري دفتر ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ سڄي عمر ڪلارڪي ئي ڪندو رهيو.
چون ٿا ته فوريئر کي واپاري بي ايمانين جو پهريون تجربو پنجن سالن جي عمر ۾ ٿيو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن گراهڪ فوريئر کان ڪنهن ڪپڙي بابت پڇيو، ته فوريئر سچي ڳالهه ٻڌائي. ان ڪري سندس پيءَ کيس ڏاڍي مار ڏني. فوريئر ڏاڍو حيران ٿيو، ته گرجا گهر ۾ پادري ته کيس سچ ڳالهائڻ جي هدايت ڪندو آهي، پر دڪان ۾ سندس پيءُ کيس ڪوڙ ڳالهائڻ تي مجبور ڪري ٿو. هن کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته ڪاروباري دنيا ڪُوڙ ۽ ڌوڪي جي دنيا آهي.
ٻيو تجربو کيس مارسيلز جي بندرگاهه تي ٿيو. هاڻي هو جوان ٿي چڪو هو ۽ بندرگاهه تي نوڪري ڪندو هو. اُتي گُهـڻي کاڌل چانوَرن جون ٻوريون رات جي خاموشيءَ ۾ گودي تي لاٿيون وينديون هيون ۽ پوءِ صاف چانورن ۾ ملايون وينديون هيون. فوريئر کي وياج ۽ زيان جي ان نظام کان نفرت ٿي وئي.
فوريئر جو پهريون ڪتاب 1808ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ فوريئر ڪائنات جي ارتقا جو جيڪو جائزو ورتو آهي، اهو حقيقت ۽ خيالي ڊوڙ جو هڪ کلڻ جوڳو ملغوبو آهي. فوريئر جي خيال ۾، ڪائنات کي ڪل 80 هزارسالن جي عمر عطا ٿي آهي ـــــــ 40 هزار سال عروج جا ۽ 40 هزار سال زوال جا. ان کان سواءِ 8 هزار سال مڪمل خوشيءَ جا آهن، جيڪي ان ۾ شامل ناهن. اهي 80 هزار سال 32 قرنن (دؤرن) ۾ ورهايل آهن. اسان جو هاڻوڪو سماج پنجين دؤر ۾ آهي، جيڪو تهذيب جو دؤر آهي. ان کان اڳ جا چار دؤر هي آهن: وحشت جو دؤر، جهنگلي دؤر ، سرخيلي دؤر ۽ بربريت جو دؤر. ايندڙ دؤر گارنٽيسمي (Garantesmi) جو هوندو، جنهن ۾ انساني حقن جي ضمانت هوندي. 8 دؤر گذرڻ کان پوءِ اسين ”آهنگ“ (ترنم، لئي، ميٺاڄ) جي دؤر ۾ داخل ٿي وينداسون. ان کان پوءِ انساني نسل فنا ٿي ويندو.
انهيءَ قسم جي اڳَ ڪٿي جرمن فلسفي ايمانويل ڪانٽ سج جي گرميءَ ۾ هوري هوري کوٽ جي بنياد تي ڪئي هئي ۽ ليکو لڳايو هو ته ڪو وقت ايندو جڏهن سج صفا ٿڌو ٿي ويندو ۽ وڻ ٻوٽا سڀ فنا ٿي ويندا.
فوريئر جي قلم ۾ ڏاڍو زور هو. سندس لکڻين ۾ ٽوڪ ۽ مذاق جي ”چاشني“ هئي. اهو قلم جو زور هن سرمائيداريءَ جي قانون کي بي نقاب ڪرڻ ۾ لڳايو. هو سڀ ڄاڻيندڙ هو. فوريئر جو خيال هو ته هن نظام ۾ رڳو ننڍيون ننڍيون خرابيون نه آهن، جن کي سڌاري سگهجي، پر هتي هر ماڻهوءَ جو مفاد ٻئي ماڻهوءَ سان ٽڪرائجي رهيو آهي ۽ هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو دشمن ٿي پيو آهي.
”صنعت سان تعلق رکندڙ هر ماڻهو باقي انسانيت سان جهڙي ۾ آهي ۽ ذاتي مفاد جي ڪري ٻين سان دشمني رکي ٿو. ڊاڪٽر جي خواهش آهي ته شهرين جو وڏي کان وڏو مقدار بيمار هجي، وڪيل چاهي ٿو ته هر گهر ۾ مقدمي بازي هلندي رهي. اڏاوتن جي ماهر جي آرزو آهي ته شهر ۾ باهه لڳندي رهي ته جيئن پراڻيون جايون ڊهنديون رهن ۽ ٺهنديون رهن. شيشي وارو چاهي ٿو ته ڳـڙو وسندو ۽ طوفان ايندو رهي ته جيئن گهرن جا شيشا ڀڄن، درزي چاهي ٿو ته گراهڪ جا ڪپڙا جلدي جلدي ڦاٽن، موچي چاهي ٿو ته جتيون جلدي ڳرن، عدالت ان ڳالهه ۾ خوش آهي ته فرانس ۾ هر سال هڪ لک ويهه هزار دخل اندازي لائق ڏوهه ٿيندا آهن ڇو ته فوجي عدالت جو وجود انهن ئي ڏوهن تي دارومدار رکي ٿو. مطلب ته اسان جو مهذب دنيا ۾ هر ماڻهو سڄي آباديءَ خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“
اهو ئي نه، پر سماج جي ٿورائي ڄَور جيان ٻين جي خون پگهر تي جيئري آهي. فوريئر وٽ سماجي ڄَورن جو تعداد ٻارهن آهي جيڪي سماج جي دولت ۾ ته واڌاو نه ٿيون ڪن پر سماج جي دولت پيون پيئَن. ان ۾ فوجون آهن، سرڪاري آفيسر آهن، سوداگر ۽ دڪاندار آهن، پادري حضرات آهن ۽ غير حاضر زميندار آهن. چور، ٺڳ، فقير وغيره اڃا ڳڻپ ۾ نه آهن.
فوريئر کي شڪايت آهي ته اسان جي سماج ۾ نا اهلي ۽ ڄٽائپ گهڻي آهي. ان سلسلي ۾ هن عورتن تي جيڪي ظلم ڪيا آهن ان جو خاص طرح ذڪر ڪيو آهي. هو عورتن جي حقن جو زبردست حمايتي هو. هن جي دعوى هئي ته سماج جي ترقيءَ ۽ تهذيب جو ماپو سماج جي پنهنجي عورتن سان سلوڪ آهي. فوريئر عورتن جي حقن جو جذباتي انداز ۾ علمبردار نه هو، پر هن جو چوڻ هو ته اڄوڪي دؤر ۾ عورتن کي غلام بڻائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. مثال طور، هو چوي ٿو ته 300 گهر وٺو، انهن ۾ 300 عورتون ڌار ڌار ڪم ڪن ٿيون. 300 چلهيون ڌار ڌار ٻرن ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو 300 ماڻهن جي لاءِ، جڏهن ته 300 مردن جي لاءِ خوراڪ پهچائڻ جو ڪم چار پنج عورتون وڏي سولائي سان ڪري سگهن ٿيون. اهڙيءَ طرح ٻارڻ به گهٽ ٿيندو ۽ عورتون به سڄو ڏينهن چلهه دکائڻ کان بچي پونديون. اهو ئي حال زندگيءَ جي ٻين مشغلن جو آهي، نه ڪو نظم آهي ۽ نه ڪا عقلمندي ۽ نه ئي ڪو منصوبو.
واپاري طبقن تي به هن ڏاڍي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. هن جي دعوى آهي ته خدا جي بادشاهيءَ ۾ سڀني طبقن کي داخلا ملندي، سواءِ واپارين ۽ سوداگرن جي، ڇو ته واپاري طبقا سماج جي سڀني براين جو مجسمو آهن. واپار هڪ گندي ڪَسي آهي جنهن ۾ هر قسم جا زهريلا جيت پلجن ٿا. پراڻي زماني ۾ سوداگرن کي ننڍو چور چيو ويندو هو پر هاڻي هو ”وڏا چور“ ٿي پيا آهن. انهن جي بڇڙاين سڄي سماج کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. واپار برتريءَ کي جنم ڏئي ٿو ۽ ٻين کي به بدديانتي، ڌوڪي ۽ بي ايمانيءَ تي آماده ڪري ٿو. ان سان گڏ واپاري طبقن کي سماج ۾ اها حيثيت/جاءِ ملي وئي آهي جنهن جا هو هرگز لائق/حقدار نه ناهن. هو صنعتڪارن جا آقا بڻجي ويا آهن جيتوڻيڪ انهن کي صنعتڪارن ۽ پيداوار ڪندڙ طبقن جي تابع هئڻ گهرجي ها. ان طبقي ته حڪومت تي به قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي حڪومت به انهن جي اشاري تي هلي ٿي، پر سماج جي انهن براين جو حل ڪهڙو آهي:
”منهنجو نظريو اهو آهي ته قدرت جي عطا ڪيل هر هڪ جذبي کي واڌ ويجهه جو پورو پورو موقعو ملڻ گهرجي. منهنجي سڄي نظام جي ڪُنجي اها ئي آهي. سماج جي گهر آهي ته خدا اسان کي جيڪي صلاحيتون ۽ قوتون ڏنيون آهن انهن سڀني جو ڀرپور استعمال ڪيو وڃي.“
فوريئر جي فڪر جو مرڪزي نڪتو جذباتي ڪشش (Passional Attraction) آهي. ان جي ڀيٽ ۾ نيوٽن جو ڪشش ثقل جو نظريو صفا گهٽ آهي، ڇو ته جذباتي ڪشش جو نظريو روحاني ۽ اخلاقي دنيا تي به ڇانيل آهي. خدا ان جذباتي ڪشش وسيلي انهن سرگرمين کي به دلڪش بڻائي ڇڏيندو آهي جيڪي غيردلڪش هونديون آهن. کير پياڪ ٻار جي پرورش کان وڌيڪ غيردلچسپ ٻيو ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو ــــــ هن جا رلڪا ڌوئڻ، رات جي ننڊ خراب ڪرڻ، سيني مان لڳائي کير پيارڻ، پر قدرت ماءُ منجهه ڪشش جو جذبو ڀري ڇڏيو آهي ۽ هوءَ اهي سڀ ڪم خوشيءَ سان ڪندي آهي.
جذبي جي ڪشش يا ڪشش جي جذبي سان ئي اسان جي عمل جو رخ مقرر ٿئي ٿو. بس اسان لاءِ لازم آهي ته اسان انهيءَ جذبي جي پيروي ڪيون. جيڪڏهن اسان جي جذبن ۾ ڪم ظرفي نظر اچي ٿي ته اهو جذبن جو قصور ناهي پر ماحول جو نقص آهي، ان ڪري ماحول بدلائڻ ضروري آهي ته جيئن ڪشش جو جذبو پنهنجو فطري جوهر ڏيکاري سگهي.
فوريئر فلسفين کان ناراض آهي ڇو ته هنن جذبي جي هميشه مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ڪم ظرفيءَ جو رنگ ڏنو آهي ڄڻ ته جذبو ڪا مڪروه شَي آهي، جنهن کان بچڻ گهرجي، جڏهن ته جذبو خوشيءَ جو تجربو ڪرڻ يا ان جي سطح کي مٿاهون ڪرڻ جو ذريعو هوندو آهي. خوشيءَ جي جذبن جو تعداد ٻارهن آهي. پنج اهي آهن جن جو تعلق پنجن حواسن سان آهي يعني ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، ڇهڻ ۽ سنگهڻ. چار روحاني آهن: دوستي، خواهش، پيار ۽ خاندان ــــــ اهي چارئي جذبا جميعت جي تعمير ڪن ٿا.
سوال هي آهي ته سماج کي ”آهنگ“ جي دؤر ويجهو ڪيئن ڪجي، جيئن خراب انسان نيڪيءَ جو انسان بڻجي پوي. آهنگ اها دنيا آهي جنهن ۾ ماڻهو ڪشش جي جذبي هيٺ ڪم ڪندا. اهڙي دنيا فيلينگز (Falanx) جي دنيا هوندي. ”فيلينگز“ يوناني ٻوليءَ ۾ مخصوص صف بنديءَ کي چوندا آهن، جيڪا سڪندر اعظم جي زماني ۾ يونان ۾ رائج هئي. فوريئر اهو اصطلاح پنهنجي منصوبي جي اشتراڪي وحدتن لاءِ ڪتب آندو آهي.
سينٽ سائمن چوندو هو ته سماج هڪ فيڪٽري آهي ان ڪري ان فيڪٽريءَ جي اصولن کي منظم ڪرڻ گهرجي، پر فوريئر وٽ سماج هڪ هوٽل آهي ان ڪري ان کي هڪ هوٽل جيان هلائڻ گهرجي.
فوريئر جي منصوبي هيٺ هر فيلينگز جي هڪ مرڪزي جاءِ هوندي. جديد هوٽلن جيان ان ۾ وڌ ۾ وڌ 1500 ماڻهن جي کاڌي ۽ رهائش جو بندوبست هوندو. ان سان گڏ جاءِ ۾ رهندڙن جي سڀني ضرورتن ۽ سهولتن کي مهيا ڪرڻ به انتظام ڪندڙن جي حوالي هوندو. هوٽل جي چوڌاري 400 ايڪڙن جو علائقو هوندو جنهن ۾ زراعت ڪئي ويندي ۽ ننڍيون صنعتون قائم هونديون (فوريئر وڏين فيڪٽرين جو سخت مخالف هو). ان زراعت ۽ صنعت سان هوٽل وارن جون سڀئي ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. هر فيلينگز جي تنظيم جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني جي اصولن تي هوندي. فيلينگز جا ميمبر ان تنظيم ۾ حصيدار طور شريڪ ٿيندا. ”ان تنظيم ۾ حصيداري زمين ۽ پيسي کان گهڻو وڌيڪ قيمتي هوندي.“ فيلينگز جو ٽيهه پنجٽيهه في سيڪڙو نفعو هوندو جيڪو حصيدارن ۾ ورهايو ويندو، پر سرمائي کي 3/1 حصو ملندو، پورهيتن کي 12/5 ۽ منتظمن کي 4/1. منتظمن جي چونڊ قابليت جي بنياد تي پاڻ ميمبر ڪندا.
فوريئر جي منصوبي ۾ شريڪ هئڻ جو احساس نهايت ضروري شرط آهي. جيڪڏهن مزدور کي اها خبر پئجي وڃي ته فيڪٽري يا فارم ۾ سندس حصو به آهي، ته پوءِ هو وڌيڪ چاهه سان ڪم ڪندو. ”آهنگ جو غريب مزدور، جنهن وٽ رڳو 20/1 حصا آهن، اهو به اداري جو جزوي مالڪ آهي. هُو ”منهنجي زمين“، ”منهنجون جايون“، ”منهنجا جهنگ“ ۽ ”منهنجي فيڪٽري“ چئي سگهي ٿو، ڇو ته اهي شيون جزوي طور هن جي به ملڪيت هونديون.“
مزدور يا ڪارڪن کي نفعي جو ڪجهه حصو مزدور جي حيثيت ۾ ملندو، ڪجهه حصيدار جي حيثيت ۾ ملندو ۽ جيڪڏهن هو منتظم چونڊيو ويو ته ڪجهه منتظم طور به ملندس.
فيلينگز حقيقت ۾ هڪ سهڪاري هوٽل هوندو جنهن جا رهاڪو هر لحاظ کان آزاد هوندا. اهي جيڪو هنر يا ڌنڌو چاهن، اختيار ڪن ۽ جڏهن مرضي هجين تڏهن ان کي ڇڏي ڪو ٻيو ڪم شروع ڪن. جيءُ چاهين ته کاڌو سڀني سان گڏجي ويهي ڊائننگ هال ۾ کائن ۽ جيءُ چاهين ته پنهنجي ڪمري ۾.
فيلينگز جي ثنا ۽ تعريف ۾ فوريئر گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ ان جي ننڍن ننڍن جزن کي به وڏي تفصيل سان لکيو آهي. فيلينگز جي ڪري مرد سودو سامان آڻڻ، سامان خريد ڪرڻ، گهر جي چوڪيداري ڪرڻ کان آزاد ٿي ويندو. نه بيروزگاريءَ جو انديشو ۽ نه غربت جو خوف. عورتون چلهيون ٻارڻ، ٻهاري ڏيڻ، ٿانوَ ڌوئڻ، کاڌو پچائڻ ۽ ٻارن جي تعليم تربيت ۾ مٿو هڻن کان بچي پونديون ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تخليقي ڪم ڪري سگهنديون.
ان گڏيل زندگي جي ڪري سماج جو سڄو ماحول ۽ مزاج بدلجي ويندو. ماڻهو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ هڪ ٻئي سان دشمني بدران دوستي ۽ مدد ڪندا. نه ڪنهن ٻئي کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ٿينديون ۽ نه ئي بدديانتي يا بي ايمانيءَ جي ضرورت پوندي.
فوريئر طبقاتي جدوجهد جو سخت مخالف آهي. هو طبقاتي تعاون جو قائل آهي، ان ڪري هن جي فيلينگز ۾سرمائيدار به هوندا ۽ بي ملڪيت مزدور به، اڃا به هوٽل ۾ پنجن طبقن جي رهائش جو بندوبست هوندو. هو ذاتي ملڪيت جو مخالف به ناهي.
فوريئر وڏن شهرن جي گوڙ ۽ بي سليقائيءَ کان پناهه گهري ٿو. هن وٽ هر فيلينگز جي آبادي 400 گهراڻن (1600 ماڻهن) تائين محدود آهي. ڄڻڪ هر فيلينگز جديد طرز جو هڪ ڳوٺ هوندو. فيلينگز جو رهائشي علائقو ڏاڍو پرفضا هوندو، ڪنهن نديءَ ڪناري يا جبل جي جهول ۾ لهرون هڻندڙ ٻنين سان گهيريل.
ان خيالي جنت ۾ وڏن وڏن ڪارخانن جي ڪا به گنجائش نه هوندي. عجب ڳالهه آهي ته فوريئر سرمائيدارن جي خلاف نه هو پر صنعتي نظام کي سخت ناپسند ڪندو هو. ”صنعتي نظام اسان جو جديد ترين ڌوڪو آهي.“ هو اناج پيدا ڪرڻ جي حق ۾ به نه هو پر ماڻهن کي صوف، انگور ۽ سنگترا پوکڻ، سبزيون پيدا ڪرڻ ۽ ڪڪڙيون پالڻ جي ترغيب ڏيندو هو.
جن ماڻهن ڪوئٽا ۾ ڪوئلي جو کاڻيون ڏٺيون آهن يا سمنڊ ڪناري لوڻ ٺاهيندڙ مزدورن کي گوڏي جيڏي پاڻيءَ ۾ بيٺي ڏٺو آهي، انهن کي چڱيءَ طرح اندازو هوندو ته جسماني محنت ڪيتري ٿڪائيندڙ ۽ غيردلچسپ شَي آهي. سوڙهين ۽ اونداهين ڪوٺين ۾ ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ لاڳيتو ڪم ڪرڻ سان صحت ختم ٿي وڃي ٿي، جسم بيمارين جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهي، نظر گهٽجڻ لڳي ٿي، دق (سلهه، ٽي.بي)، پيچش، دم ۽ ٻيا مرض ٿي پون ٿا ۽ سگهاري کان سگهارو ماڻهو به وقت کان اڳ ڪراڙو ٿي وڃي ٿو. اڻويهين صديءَ ۾ يورپ جي مزدورن جي حالت اهڙي ئي هئي، ان ڪري مسئلو اهو هو ته جسماني پورهيي کي پرڪشش ڪيئن بڻايو وڃي. فوريئر ان جو حل اهو ڏنو ته ڪو به ماڻهو ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪري. مزدورن ۾ دوستن جون ٽوليون هجن ۽ دوستاڻي همدردي/ سنگت/ ڀائپيءَ جو روح ڦوڪيو وڃي. هن اجوري بدران نفعي ۾ حصي جون ڌار ڌار حدبنديون مقرر ڪيون. مثال طور، عام ڪارڪنن کي ٽيهن کان چاليهه في سيڪڙو نفعو ڏنو وڃي. وچولي درجي وارن کي 15 في سيڪڙو ۽ دولتمندن کي رڳو 5 في سيڪڙو. اهو نفعو ڪم ڪرڻ وارن جي پورهيي يا پيداوار جي مقدار جي لحاظ کان نه ورهايو وڃي پر ڪم محنت ۽ افاديت جي حساب سان ـــــ جيڪو ڪم جيترو وڌيڪ خوشگوار هجي ان جو اجورو اوتروئي گهٽ ڪيو وڃي. مثال طور، باغباني ڪرڻ وارن جو حصو سڀني کان گهٽ هجي، پر جيڪو ڪم جيترو ڏکيو يا اڻوڻندڙ هجي ان جو اجورو اوترو ئي وڌيڪ هجي.
ٻارن جي پالنا ۽ عورتن جي حقن تي افلاطون کان فوريئر تائين هر هڪ خيالي سوشلسٽ خاص ڌيان ڏنو آهي. ٻارن جي تربيت نرسن جي نگرانيءَ ۾ ٻن سالن جي عمر کان شروع ٿي وڃي. نرسون ٻارن کي اتي وٺي وڃن جتي ماڻهو ڪم ڪندا هجن. اتي انهن کي ننڍا ننڍا مترڪا ۽ ٻيا اوزار کيڏڻ لاءِ ڏنا وڃن جيئن اهي وجداني طور تي اوزارن جي ماحول جا عادي ٿي وڃن. اڍائي سالن جي عمر ۾ هو مٽر ڇلڻ لڳن يا ان قسم جا ٻيا هلڪا هلڪا ڪم کين مشغولي طور ڏنا وڃن. نرسون هر ٻار جي فطري صلاحيتن جو مطالعو ڪن ۽ انهن صلاحيتن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪن. ٻارن لاءِ اوپيرا (ناچ ۽ موسيقي) جو به انتظام هجي. واضح هجي ته فوريئر اهي تجويزون ڪنڊر گارٽن جي ايجاد کان ڪيترائي سال اڳ پيش ڪيون هيون ۽ ڪنڊرگارٽن جو مَوجد فوريئر جو ئي هڪ شاگرد هو.
سينٽ سائمن ۽ فوريئر فرانسي انقلاب جي فضا ۾ پرورش پاتي هئي پر واٽرلو واري جنگ ۾ نپولن جي شڪست (1815ع) کان پوءِ يورپ ۾ رجعت پرست قوتن جو نئين سر غلبو ٿي ويو. اتحادين (برطانيا، آسٽريليا، جرمني ۽ روس) فرانس جي قتل ٿيل بادشاهه لوئي سورهين جي ڀاءُ لوئي ارڙهين کي فرانس جي تخت تي ويهاريو (1815ع- 1824ع) ۽ ڪانگريس آف وينا جي موقعي تي ان ڳالهه جو پورو بندوبست ڪيو ته انقلابي تحريڪون ٻيهر نه اڀري سگهن. ان جوڙ توڙ ۾ برطانيا جو حڪمران طبقو اڳيان اڳيان هو. برطانيا صنعتي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ملڪ هو ۽ ان نه پئي چاهيو ته يورپ ۾ ڪا اهڙي طاقت اڀري جيڪا ان جي بحري قوت يا مشرقي قبضن لاءِ خطري جو ڪارڻ بڻجي. نپولن سان لاڳيتي جنگ پٺيان اهو ئي جذبو ڪارفرما هو.
نپولن خلاف جنگ هلندي برطانيا جي مشيني صنعت ۾ ڏاڍو واڌارو ٿيو، پيداوار ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي وئي ۽ صنعتي شهرن جي آباديءَ ۾ به حيرت انگيز واڌارو ٿيو. مثال طور، لنڊن جي آبادي 1801ع ۾ ساڍا نوَ لک هئي جيڪا 1821ع تائين وڌي چوڏهن لک ٿي وئي. اهڙيءَ طرح لورپول، مانچسٽر، برمنگهم، ليڊز، شيفلڊ، ناٽنگهم، بريڊ فورڊ ۽ نيو ڪيسل جون آباديون ٻيڻيون ٿي ويون.
صنعتي پيداوار ۾ واڌاري سان گڏ هڪ طرف سرمائي جي هڪ جاءِ جمع ٿيڻ جي رفتار وڌي وئي، ته ٻئي طرف مزدورن جو تعداد به گهڻو وڌي ويو، پر جنهن نسبت سان سرمائيدارن جي نفعي ۾ واڌارو ٿيو انهيءَ نسبت سان پورهيتن جي مالي حالت ڪِرندي وئي. امير طبقو وڌيڪ امير ۽ پورهيت طبقو وڌيڪ غريب ٿيندو ويو، ان ڪري هڪ شخص پيٽرڪ ڪول قوهون (Patrick Colquohon) عددن ۽ ڳڻپ وسيلي ثابت ڪيو ته مزدورن جي في ماڻهو سالياني آمدني 11 پائونڊ آهي، جڏهن ته پورهيي جي قوت مان صنعتڪارن کي ساڍا ستاويهه ڪروڙ پائونڊن جو فائدو ٿئي ٿو. مزدورن کي محنت جو رڳو 6/1 حصو ملندو آهي ۽ باقي 6/5 واپاري طبقا هضم ڪري ويندا آهن.
ان وقت تائين مزدورن يونين ٺاهڻ جو حق حاصل نه ڪيو هو ۽ نه ئي اهي پارليامينٽ جو چونڊن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا هئا، پوءِ به هو پنهنجن مطالبن لاءِ مظاهرا ۽ هڙتالون ڪندا رهندا هئا. 1819ع ۾ مانچسٽر جي هڙتالي مزدورن تي پوليس گولي هلائي جنهن جي ڪري بيشمار مزدور قتل ۽ زخمي ٿيا. ان حادثي تي ناراض ٿي انقلابي شاعر شيلي هڪ نظم ۾ مزدورن جي حوصلي افزائي ڪندي لکيو هو ته:
”شينهن جيان ننڊ مان اُٿو،
ايڏي تعداد ۾ جو ڪوئي توهان کي شڪست ڏئي نه سگهي.
پنهنجين زنجيرن کي جهٽڪي ڦٽو ڪيو
جيڪي ماڪ جي ڦڙن جيان ننڊ ۾ توهان جي جسمن تي ڄمي ويون آهن.
توهان گهڻا آهيو،
هُو ٿورا آهن.“
انهيءَ وچ ۾ برطانيا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ شديد معاشي بحران آيو جيڪو سرمائيداري دؤر جو پهريون بحران هو. سبب اهو هو ته پيداوار جنهن رفتار ۽ مقدار ۾ وڌي، ماڻهن جي خريدي قوت ۾ ايترو واڌارو نه ٿيو. پهچ گهرج کان وڌي وئي ۽ بازارون فاضل سامان سان ڀرجي ويون. نتيجو اهو نڪتو ته ڪارخانا بند ٿيڻ لڳا، مزدورن جي ڇانٽي شروع ٿي وئي، بيروزگارن جي فوج ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ مزدور طبقي جي حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿي وئي.
اِهو هو اُهو معاشي پس منظر، جنهن ۾ برطانيا جي سوشلسٽ فلسفين جي شعور پرورش پاتي. تاريخي لحاظ کان پهريون ذڪر لائق انگريز سوشلسٽ چارلس هال هو.

[b]چارلس هال
[/b]چالس هال (1740ع-1820ع) عمر ۾ سينٽ سائمن کان به وڏو هو پر سندس ڪتاب ”يورپي ماڻهن تي تهذيب جا اثر“ (The Effect of Civilization on the Peoples of European States) 1808ع ۾ شايع ٿيو. چارلس هال وڏو ڪامياب ڊاڪٽر هو. هن پنهنجي سڄي زندگي هڪ بااصول شهريءَ جي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان اصول پرستيءَ جي ڪري هن جي زندگيءَ جا پويان ڏينهن قيد ۾ گذريا. ٿيو ايئن جو ڪنهن ماڻهوءَ هن تي قرض جو مقدمو مڙهيو ۽ ڊگري ورتي. چارلس هال رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هن کي رقم نه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ قيد جي سزا ڀوڳڻي پئي. هو چاهي ها ته رقم ڏئي آزاد ٿي سگهيو پئي، پر هن جو دليل اهو هو ته جڏهن ته هن قرض ورتو ئي ناهي، ته پوءِ ادا ڇو ڪري. نتيجو اهونڪتو ته هن جو موت قيدخاني ۾ ئي ٿيو.
ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ چارلس هال عام شهرين جي ڏکن ۽ سورن کان واقف هو. هو مزدورن جي گهرن ۾ ويندو هو، انهن کي دلداري ڏيندو هو ۽ کين مالي مدد ڏيڻ کان به نه لنوائيندو هو. مزدور ڇا ٿا کائن، ڇا ٿا پائن، انهن جي آمدني ڪيتري آهي، انهن جا گهر ڪيئن آهن، انهن کي صحت جي حفاظت جون ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون گهرجن. چارلس هال کي اها سڀ خبر هئي، ان ڪري هن پنهنجن ذاتي تجربن جي بنياد تي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ برطانيا جي پورهيت طبقي جون حالتون ڏاڍي مؤثر انداز ۾ بيان ڪيون هيون.
چارلس هال جو چوڻ هو ته سماج ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: هڪ طبقو دولتمندن جو آهي ۽ ٻيو غريبن جو ۽ انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ اهو ئي رشتو آهي جيڪو آلجبرا ۾ واڌُو ۽ ڪاٽُو کي آهي يعني اهي هڪ ٻئي جو مڪمل ضد آهن ۽ هڪ ٻئي جي نفي ڪن ٿا. ”مزدورن جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن، اهي جن ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا، اتي صحت جي حفاظت جو به خيال نه ٿو ڪيو وڃي. صاف هوا جي جاءِ تي زهريلو دونهون، سج جي روشنيءَ بدران ٻاٽ اونداهه ۽ کليل فضا بدران بند ڪوٺين جو ٻوسٽ. ان هوندي به مزدور پنهنجي پيٽ کان مجبور ٿي سرمائيدارن جي شرطن تي ڪم ڪري ٿو.“
دولت جي بي پناهه طاقت جو راز اهو ئي آهي ته اها انسان جي پورهيي کي پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ جي قوت رکي ٿي ۽ اها طاقت وچين دؤر جي مطلق العنان بادشاهن جي طاقت کان به وڌيڪ قوي آهي، پر دولت کي رڳو پورهيي تي ئي اقتدار حاصل ڪونهي پر دولتمندن جي مُٺ ۾ ته قانون، انتظام ۽ عدليه جي سموري طاقت آهي. اهي رياست جي اڇي ڪاري جا به مالڪ هوندا آهن.
دولت مزدور پيدا ڪن ٿا، پر ان پيداوار ۾ انهن جو حصو ڪيترو هوندوآهي؟ چارلس هال جي اندازي موجب هر ڏهن ماڻهن ۾ اٺ مزدور هوندا آهن، پر پيداوار ۾ انهن جو حصو رڳو 10/1 هوندو آهي. 10/9 حصي تي دولتمند طبقو قبضو ڪري وٺي ٿو جيتوڻيڪ آباديءَ ۾ دولتمندن جو تناسب رڳو 10/2 آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مزدور اٺن ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ هن جو باقي وقت سرمائيدار لاءِ شيون ٺاهڻ ۾ گذري ٿو.
پر چارلس هال دولت ۽ پورهيي جي رشتي ۽ مزدورن جي مسئلن جو جذباتي انداز ۾ جائزو نه ٿو وٺي ۽ نه ئي انساني همدردي جو واسطو ٿو ڏئي، پر هو ته انگن اکرن جي مدد سان مزدورن جي خراب حالت ۽ دولتمندن جي خوشحاليءَ جي سببن جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو، هو معاشي اصولن جي حوالي سان جاچي ٿو، سياسي يا اخلاقي اصولن جو سهارو ڪو نه ٿو وٺي.
ان هوندي به چارلس هال جي سوچ جو اندازو زرعي آهي. هن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پرولتاري طبقي وٽ زمين هجي ها ته صنعتڪارن سان سودو ڪرڻ وقت هن جي حالت ايتري ڪمزور نه هجي ها. جيڪڏهن مزدورن کي سرمائيدارن جا شرط قبول نه هجن ها ته هو گهٽ ۾ گهٽ بک ته نه مرن ها، ٻني ٻارو ڪري پنهنجو پيٽ پالن ها. چارلس هال اهو ڪو نه پئي ڄاتو ته پورهيتن جي اها ئي بدحالي هن جي انقلابي ڪردار جو بنياد آهي، ڇو ته هن وٽ پورهيي جي قوت کان سواءِ ڪا به ملڪيت ڪانهي جنهن کي هو وڪڻي سگهي. چارلس هال جو خيال هو ته زمين خدا جو عطيو آهي جيئن سج جي روشني ۽ هوا، ان ڪري زمين تي هر ماڻهوءَ جو حق آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي زمين مان فائدو وٺڻ گهرجي.
معاشي حالتن جي بهتريءَ لاءِ چارلس هال ٻه رٿون رکيون: پهرين اها ته هر ماڻهوءَ کي رڳو ايترو ڪم ڪرڻ گهرجي جيترو سندس ۽ سندس خاندان جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري هجي. هن جو خيال هو ته مشينن جي ڪري پيداوار هاڻي ايتري وڌي وئي آهي جو انسان لاءِ ڍڳي جيان سڄو ڏينهن ڪم ۾ جوٽيو رهڻ جي ضرورت ناهي، پر ٻن چئن ڪلاڪن جي پورهيي (بشرطيڪه سڀ تندرست ماڻهو پورهيو ڪن پوءِ اهي ڪهڙي به طبقي جا هجن) سان زندگي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون. ٻي رٿ اها هئي ته هر ماڻهوءَ کي ان جي پورهيي جو پورو پورو اجورو ملڻ گهرجي. اسان مٿي ٻڌائي چڪا آهيون ته چارلس هال جي اندازي موجب پورهيت طبقي کي ان جي پورهيي جو رڳو 10/1 حصو اجوري طور ملي ٿو ۽ 10/9 حصو سرمائيدار هڙپ ڪري وڃن ٿا. سرمائيدارن جي ان ڦرلٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هو اها راءِ ڏئي ٿو ته اهو 10/9 حصو به مزدورن کي ئي ملڻ گهرجي جيڪو سرمائيدارن جي قبضي ۾ هليو وڃي ٿو. پر چارلس هال مزدور تحريڪ سان ڳنڍيل نه هو ۽ نه ئي کيس مزدورن کي سياسي پلئٽفارم تي منظم ڪرڻ جو موقعو مليو. نتيجو اهو ٿيو جو هن جون رٿون سندس ڪتابن ۾ ئي محفوظ رهيون، ڪنهن عوامي تحريڪ جو جز بڻجي نه سگهيون.

[b]وليم ٿامپسن
[/b]وليم ٿامپسن (1785ع-1833ع) برطانيا جي شهر ڪارڪ جو هڪ خوشحال زميندار هو. سچائيءَ جي ڳولا ۽ انساني ڀلائيءَ جي آرزو کيس جيريمي بنٿم (1748ع-1832ع) جي اخلاقي فلسفي ڊيوڊ رڪارڊو (1772ع-1823ع) جي پورهيي جي نظريي ۽ رابرٽ اووين جي سوشلسٽ لکڻين جي اڀياس تي آماده ڪيو. بنٿم افاديت جي فلسفي جو باني هو. هن جي دعوى هئي ته سمورن انساني عملن جو محرڪ خوشي حاصل ڪرڻ آهي. انسان جيڪو ڪجهه ڪري ٿو اهو ذاتي مفاد لاءِ ڪري ٿو. ان لحاظ کان سرمائيدار، مزدور، زميندار، هاري سڀني جي عمل جو محرڪ هڪ جهڙو آهي. رڪارڊو جو چوڻ هو ته بازاري شين جي ملهه (قدر) جي ماپڻ جو ماپو پورهيي جو اهو مقدار آهي جيڪو ان جي تياري ۾ لڳو هجي. مزدور جي محنت به بازاري شَي آهي ان ڪري ان جي به ڪا نه ڪا قيمت هوندي آهي. اها قيمت مقرر ڪيئن ڪجي؟ ”محنت جي قيمت اها رقم آهي جنهن جي سهاري مزدور زنده رهي سگهن ۽ پنهنجو نئون نسل پيدا ڪري سگهن.“ اووين جي سوشلزم تي اسان تفصيل سان بحث ڪري چڪا آهيون. ٿامپسن جا سوشلسٽ خيال انهن ٽنهي مفڪرن جو دلچسپ ميڙ آهن.
ٿامپسن پنهنجا خيال هڪ ڪتاب ”انساني خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ دولت جي ورهاست جي اصولن تي تحقيق“ (Inquiry Into the Principles of the Distribution of Wealth Most Conductive to Human Happiness) ۾ قلمبند ڪيا. اهو ڪتاب 1824ع ۾ شايع ٿيو.
ٿامپسن جي خيال جو بنياد ”گهڻن کان گهڻن ماڻهن لاءِ گهڻي کان گهڻي خوشي“ جو فلسفو آهي. هن وٽ انسان جو بنيادي حق خوشي حاصل ڪرڻ آهي، ان ڪري ڪنهن به سماج جي ڪمائتي هئڻ جو ماپو به اهو ئي هئڻ گهرجي، ته ڇا اهو وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي خوشي مهيا ڪري ٿو يا نه، پر خوشي ان وقت حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ماڻهو دولت مان فيض پرائي سگهن. دولت مان هن جي مراد اهي مادي شيون آهن جيڪي محنت ۽ عملن جي ڪري جاندار ۽ بي جان شين کي استعمال ۾ آڻڻ سان پيدا ٿينديون آهن. دولت جي جيتري گهڻائي هوندي ۽ جيتري ان جي انصاف ڀري ورڇ هوندي خوشي ۾ به ايترو ئي واڌارو ٿيندو.
هيستائين هو بنٿم جو هم خيال آهي. بنٿم جي دعوى هئي ته دولت جو حقيقي خالق سرمائيدار آهي، مزدور نه. اتي پهچي ٿامپسن پنهنجي مرشد جو ساٿ ڇڏي ڏئي ٿو، ڇو ته ٿامپسن جي راءِ ۾ دولت جو حقيقي خالق مزدور آهي، نه ڪي سرمائيدار. پر سرمائيداراڻي سماج ۾ مزدور کي پيداوار جي گهٽ ۾ گهٽ اڌ حصي کان محروم ٿيڻو پوي ٿو. اهو اڌ حصو سرمائيدار نفعي جي صورت ۾ کڻي وڃي ٿو، ڇو ته دولت وڌائڻ جا ذريعا (زمين، مشين، فيڪٽريون) سرمائيدارن جي ملڪيت هوندا آهن. پر نفعو ڇا آهي؟ ”نفعو اهو وڌيڪ ملهه (قدر زائد) آهي جيڪي پورهيي جي ڪري خام مال ۾ پيدا ٿئي ٿو. ڪچو مال، جايون، مشينون، اجورا پاڻ پنهنجي ملهه ۾ ته واڌارو نه ٿا ڪري سگهن. اهي مزدورن جي ڪيل محنت جو ثمر هونديون آهن، ڇو ته لوهه جي کاڻ مان ڪچو لوهه مزدور ڪڍندا آهن، ان کي صاف مزدور ڪندا آهن، بٺيءَ ۾ ڳاريندا به مزدور آهن ۽ پوءِ ڪلون، پرزا ۽ اوزار به مزدور ئي گهڙيندا آهن. اهڙيءَ طرح لوهه جي ملهه ۾ ڏاڪي به ڏاڪي واڌارو به مزدورن جي ئي پورهيي سان ٿيندو آهي. اهو وڌيڪ ملهه رڳو پورهيي سان پيدا ٿيندو آهي. ته ڇا پيداواري ذريعن جي مالڪ کي ڪجهه به ملڻ گهرجي؟ ٿامپسن جو چوڻ آهي ته انصاف جي گهر اها آهي ته پيداوري ذريعن کي استعمال ڪرڻ جو اجورو سرمائيدارن کي ضرور ڏنو وڃي، ڇو ته مشين ۽ ڪچي مال کان سواءِ مزدور ڪجهه به پيدا ڪري نه ٿو سگهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ادائگي ڪيتري ٿئي يعني مزدور جو پيداوار مان ڪيترو حصو سرمائيدار کي ملي. ٿامپسن چوي ٿو ته مزور ته اهو ئي چوندو ته سرمائيدار کي رڳو مشين جي گاٺ، ڀڃ ڊاهه جو معاوضو ڏنو وڃي ۽ سندس خرچ لاءِ ايتري رقم، جو هو آرام سان زندگي گذاري سگهي. ان جي ابتـڙ سرمائيدار جو مطالبو هوندو ته مشين جي استعمال سان جيڪو وڌيڪ ملهه پيدا ٿيو آهي، اهو سڀ جو سڀ مون کي ملڻ گهرجي.
ٿامپسن ٻنهي ڌرين جي دعوى ته بيان ڪري ڇڏي پر هو فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڪهڙي دعوى اقتصادي قانونن موجب صحيح آهي ۽ ڪهڙي غلط. سرمائي ۽ پورهيي جي ان جهيڙي کي اقتصادي اصولن جي روشني ۾ طَي ڪرڻ بدران هن افاديت جي فلسفي جو سهارو ورتو ۽ لکيو ته ”مزور کي سرمائي جي استعمال جو جيڪو معاوضو ادا ڪرڻو پوي ٿو ان جي باري ۾ سرمائي ۽ پورهيي جي اندازن ۾ وڏو فرق آهي. اهو فرق مڪمل مساوات ۽ دولت ۽ غريبي جو فرق آهي... انهن متضاد دعوائن جي باري ۾ انصاف ڪهڙو حڪم ڏئي ٿو ۽ افاديت ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي.“ ڄڻ ته ٿامپسن اقتصادي مسئلي جو فيصلو اقتصادي عدالت بدران افاديت ۽ انصاف جي اخلاقي عدالت جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن مزور جي دعوى مڃي وڃي ته دولت ۾ وڏي تيزي سان واڌارو ٿيندو، ڇو ته مزور کي جڏهن ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ته هن جي پورهيي جو ثمر کيس ئي ملندو ته هو وڌيڪ چستيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪندو، دولت عوام ۾ پکڙبي ۽ اهڙيءَ طرح ”گهڻي کان گهڻي تعداد لاءِ گهڻي کان گهڻي خوشي“ جو انتظام ٿي سگهندو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن سرمائيدارن جي دعوى تسليم ڪئي وئي ته اڻ برابري وڌندي، سرمائيدار هڪ جابر حڪمران جو روپ وٺندو، نظم ۽ نسق جا سمورا اختيار ــــــ قانون، انتظاميا، عدليا ــــــ سرمائيدار غصب ڪري وٺندو ۽ خوشي اڻلڀ ٿي ويندي، ان ڪري دولت ۽ خوشيءَ جي گهڻائيءَ لازمي آهي ته دولت جي ورهاست جو مروج نظام تبديل ڪيو وڃي، ته جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو دولت ۽ خوشيءَ کان لطف اندوز ٿي سگهن. ان ڪري ضروري آهي ته:
1. مزور بلڪل آزاد هجن ۽ انهن کي پورو اختيار هجي ته جيڪو ڌنڌو چاهن اهو چونڊن ۽ جيترن ڏينهن تائين چاهن اهو ڌنڌو جاري رکن.
2. مزور جي پيداوار مزور جي ملڪيت هجي.
3. پيداوارن جي مٽاسٽا آزاد ۽ رضاڪاراڻي هجي.
4. ائين ڪرڻ سان برابري به قائم ٿيندي ۽ عوام کي ذهني سڪون ۽ مادي تحفظ به ملي پوندو.
ٿامپسن سماج جي نئين ڍانچي لاءِ رابرٽ اووين جي پوئواري ڪئي. هو لکي ٿو ته ”رابرٽ اووين نيولنارڪ ۾ تجربي سان ٻڌائي ڇڏيو ته دولت جي هڪ جيتري ورهاست ۽ مڪمل تحفظ ۾ آهنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اووين سهڪار ۽ برابر ورهاست وسيلي عمل ڪري ٿو.“
ٿامپس پنهنجي ٻي تصنيف ”محنت جو ميوو“ (Labour Rewarded) ۾، جيڪا 1826ع ۾ شايع ٿي، سهڪار جي تصور کي وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيو آهي. هو مزورن جي ٽريڊ يونين جو حامي آهي، پر هن جو خيال آهي ته ٽريڊ يونينن وسيلي طبقاتي جدوجهد تيز ڪرڻ بدران فنڊ گڏ ڪرايو وڃي جيئن هوري هوري سهڪار جي هڪ گڏيل ملڪيت قائم ٿي وڃي. جڏهن گهڻي رقم گڏ ٿي وڃي ته انهيءَ سرمائي سان هر جاءِ فيڪٽريون کوليون وڃن، مزورن لاءِ گهر اڏايا وڃن ۽ فيڪٽرين جي انتظام ۽ مشينن جي مرمت وغيره جا خرچ ڪڍڻ کان پوءِ جيڪا آمدني بچي اها مزورن ۾ وراهي وڃي. انهيءَ سان گڏ مزورن کي فيڪٽريءَ جا حصص (شيئر) خريد ڪرڻ تي آماده ڪيو وڃي ته جيئن اهي فيڪٽري جي نفعي ۾ به شريڪ ٿي سگهن پر ڪنهن به ماڻهو کي هڪ کان وڌيڪ حصص خريد ڪرڻ جي اجازت نه هجي، ڄڻ ته اهي فيڪٽريون سرمائيدارن بدران مزورن جي جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنين جي ملڪيت هجن.
ٿامپس لنڊن ڪوآپريٽوِ سوسائٽي جو سرگرم رڪن هو ۽ سوسائٽي جي رسالي ڪوآپريٽوِ مئگزين ۾ لاڳيتو مضمون لکندو هو.

[b]ٿامس هاجڪِن
[/b]ٿامس هاجڪن (Thomas Hodgkin) (1783ع-1869ع) برطانوي سامونڊي فوج ۾ آفيسر هو، پر هن جڏهن سامونڊي فوج جي نظم ۽ نسق خلاف هڪ پمفليٽ شايع ڪيو ته هن کي زوريءَ رٽائر ڪيو ويو. نوڪريءَ مان نڪرڻ کان پوءِ هن سفر تي سندرو ٻڌو ۽ ٽن سالن تائين جرمنيءَ، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ پيدل گهمندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ هن کي آدم اسمٿ، رڪارڊو، بنٿم، گوڊوِن ۽ جان لاڪ جا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. 1833ع ۾ جيمزمل جي سفارش تي هو اخبار مارننگ ڪرانيڪل ۾ رپورٽر مقرر ٿي ويو. رپورٽر جي حيثيت ۾ هن مزدورن جي تحريڪ جو ويجهي کان اڀياس ڪيو. هو پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ به رپورٽر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ان وقت تائين برطانيا ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونين جو حق نه مليو هو ۽ پارليامينٽ انهن منع ڪيل قانونن کي رد ڪرڻ لاءِ غور ڪري رهي هئي. اتي جيڪي تقريرون ٿيون انهن مان هاجڪن ان نتيجي تي پهتو ته سرمائيدارن جي نمائندن کي رڳو پنهنجو طبقاتي مفاد پيارو آهي ۽ اهو ته سرمائي ۽ پورهيي جي وچ ۾ ڪو به ٺاهه ٿي نه ٿو سگهي. 1823ع ۾ هن لنڊن ۾ مزورن جو هڪ ادارو لنڊن مڪينڪس انسٽيٽيوٽ جي نالي سان قائم ڪيو ۽ مزورن کي معاشيات ۽ فلسفي جي تعليم ڏيڻ لڳو.
معاشيات متعلق هاجڪن جو پهريون ڪتاب ”سرمائي جي دعوائن خلاف پورهيي جو بچاءُ“ (Labour Defended Against Claims of Capital) 1825ع ۾ شايع ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ هن ”عام فهم معاشيات“ لکيو. اهو ڪتاب حقيقت ۾ ليڪچرن جو مجموعو هو. 1832ع ۾ هن ”ملڪيت جي قدرتي ۽ مصنوعي حقن جي ڀيٽ“ شايع ڪيو. هاجڪن جا نظريا انهن ئي ڪتابن ۾ موجود آهن.
”پورهيي جو بچاءَ“ هاجڪن جي اهم تصنيف هئي. هي ڪتاب انهن ڏينهن ۾ لکيو ويو جڏهن پارليامينٽ ۾ مزدورن جي قانونن تي بحث ٿي رهيو هو. ان ڪري هاجڪن ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو، ته اڄ ڪلهه سڄي ملڪ ۾ سرمائي ۽ پورهيي جي وچ ۾ جهيڙو جاري آهي. لڳ ڀڳ سڀني صنعتن جا مزدور متحد ٿي وڌيڪ اجوري جو مطالبو ڪري رهيا آهن. انهن کي اجورو ڏيندڙن پنهنجي بچاءَ لاءِ پارليامينٽ ۾ درخواست ڪئي آهي. ان جو فيصلو رڳو ٻنهي ڌرين جي ويڙهه جي قوت تي ئي ٻڌل ناهي پر دليل ۽ دعوائون به اهم ڪردار ادا ڪندا.
ٻين هم عصر سوشلسٽ مفڪرن جيان هاجڪن به انهيءَ نتيجي تي پهتو ته مزدورن کي جيڪو اجورو ملي ٿو اهو انهن جي پورهيي جو پورو اجورو ناهي. انهن کي رڳو ايترو معاوضو ڏنو وڃي ٿو ته جيئن هو پنهنجي جسم ۽ روح جي رشتي کي ڪنهن نه ڪنهن نموني قائم رکي سگهن. مزدور طبقو جيتوڻيڪ اڄ کان 200 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻو مال پيدا ڪن ٿا پر انهن کي اڄ به اها ئي مزدوري ملي ٿي جيڪا 200 سال اڳ ملندي هئي. انهن جي پيداوار جو سڄو فائدو سرمائيدار ۽ زميندار کڻن ٿا ۽ مزدور جڏهن متحد ٿي پنهنجو حصو گهرن ٿا ته انهن کي سزا ملي ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته انهن جي بغاوت ملڪ لاءِ خطرو آهي. مارڪوئس آف لينڊس ڊائون چوي ٿو ته جيڪڏهن مزدورن جي شورش نه روڪي وئي ته سرمائيدار ڊڄِي ٻين ملڪن ڏانهن ڀڄي ويندا ۽ ملڪ جي معيشت برباد ٿي ويندي ۽ معاشيات جا عالم ـــــــ مالٿس، جيمزمل ۽ مڪولوش ـــــ سرمائي جي عظمت ۽ افاديت (اهميت) جا گيت ٿا ڳائن ۽ چون ٿا ته ”متحرڪ ۽ جامد سرمائي کان سواءِ دولت مورڳو پيدا ئي ڪو نه ٿي ٿي سگهي، جيتوڻيڪ سڀني شين جو خالق مزدورن جو پورهيو آهي. اهو پورهيو ويران جبلن کي زرخيز فصلن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ (مبالغو) ڪونهي ته اهو لوڻياٺين لهرن مان کاڌو تيار ڪري ٿو.“
هاجڪن چوي ٿو ته جنهن سرمائي کي ايئين ٺلهه تي چاڙهيو وڃي ٿو، اچو ڏسون ته ان جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي. ڇا پيداوار جو محرڪ ۽ سرچشمو واقعي سرمايو ئي آهي؟
هاجڪن سرمائي کي گردشي (Circulation) ۽ جامد (Fixed) سرمائي ۾ وراهي ٿو. گردشي سرمايو ان پيداوار کي چون ٿا جيڪو بازار ۾ وڪرو ٿئي ۽ ماڻهن جي استعمال ۾ اچي ٿو. مثال طور، ڪپڙو، اناج، سيمنٽ، تيل وغيره، پر ان گردشي سرمائي جو خالق ڪير آهي؟ - مزدور.
”هر طبقي جا ماڻهو ان يقين جي ڪري روزانو پورهيو ڪن ٿا ته جنهن وقت هڪ ماڻهو ڪنهن هڪ ڌنڌي ۾ مصروف هوندو آهي، ان وقت ٻيا ماڻهو انهن شين جي تياري ۾ لڳل هوندا آهن، جيڪي ذڪر ڪيل شخص پنهنجي استعمال ۾ آڻي ٿو. پورهيي جي اها موجودي سماجي زندگيءَ جي بنيادي حقيقت آهي. سرمائيدار ان حقيقت مان فائدو وٺي ٿو ۽ پنهنجي اهميت ڄاڻائي ٿو.“
جامد سرمايو مشينن ۽ اوزارن پرزن کي چوندا آهن، پر ڇا انهن شين کي به مزدور نه ٺاهيندا آهن؟ ڇا ڪو ٻيو طبقو ٺاهي ٿو؟ اهي مشينون، اهي اوزار ۽ پرزا مرده ۽ بي جان شيون آهن جيڪي گسنديون ۽ خراب ٿينديون رهن ٿيون. انهن جي افاديت ان وقت تائين هوندي آهي جيستائين مزدور انهن کي هلائيندا آهن. انهن کي گودام ۾ رکڻ سان فائدو ڪو نه ٿو ٿئي، پر نفعو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن مزدور انهن کي چرپر ۾ آڻيندا آهن. انهن جو مقصد اهو به ڪونهي ته اهي خاموش پيون رهن پر سرمائيدار جي خواهش اها هوندي آهي ته اهي ڏينهن رات هلنديون رهن ۽ سامان پيدا ڪنديون رهن. اهي استعمال لاءِ ٺاهيون وينديون آهن، دڪان يا نمائش ۾ سينگارڻ لاءِ نه.
سرمائيدار طبقو مزدور کي جيڪا ٿوري ٿڪي مزدوري پيٽ ڀرڻ لاءِ ڏئي ٿو، ته اها ان ڪري جو مزدور کان سواءِ سندس ڪم هلي ڪو نه ٿو سگهي. ان جي ابتڙ هاجڪن جي دعوى آهي ته سرمائيدار طبقو پيداوار جي حد تائين بلڪل فالتو ۽ غير ضروري طبقو آهي، ڇو ته ڪنهن به قوم يا ملڪ جي دولتمنديءَ (خوشحالي) لاءِ ٽن شين جي ضرورت هوندي آهي: 1. مشينون ايجاد ڪرڻ جو علم، 2. انهن ايجادن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت، ۽ 3. تيار ٿيل شين کي استعمال ۾ آڻڻ جي قابليت.
اها ته چٽي حقيقت آهي ته مزدور کي پنهنجي پورهيي جو پورو ثمر ملڻ گهرجي پر ان اصول تي عمل ڪيئن ٿئي، ڇو ته مشيني دؤر ۾ مال ڪيترن ئي مزدورن جي گڏيل پورهيي سان پيدا ٿئي ٿو. ڪو به مزدور ڪنهن به مال کي هٿ لائي اهو چئي نه ٿو سگهي ته ان کي هن اڪيلي تيار ڪيو آهي. پر اهو مسئلو سوچ سمجهه سان به حل ڪري سگهجي ٿو. پر جيستائين سرمائيدار طبقي جي رنڊڪ کي رستي تان هٽايو نه ويندو، سماج ترقي ڪري نه سگهندو ۽ نه ئي مزدور کي ان جي پورهيي جو پورو اجورو ملي سگهي ٿو.
”مون کي يقين آهي ته جيستائين پورهيي جي مڪمل سوڀ نه ٿي ٿئي، جيستائين پيداوار جا خالق خوشحال نه ٿا ٿين، جيستائين اهو اصول پوريءَ طرح رائج نه ٿو ٿئي، ته جيڪو پوکي سو لڻي، جيستائين انسان جي عزت ان زمين کان وڌيڪ نه ٿي ٿئي، جنهن کي هو لتاڙي ٿو يا ان مشين کان وڌ جنهن کي هو هلائي ٿو، تيستائين دنيا ۾ نه ته امن قائم ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي انسانن جي وچ ۾ ڀائپي پيدا ٿي سگهي ٿي.“

[b]جان گري
[/b]جان گري (1799ع-1850ع) اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو ۽ چوڏهن سالن جي عمر ۾ لنڊن جي هڪ ٻَڌي واپاريءَ جي دڪان تي نوڪري ڪيائين. هن کي اخبار پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ ۾ ئي هو، ان ڪري 1819ع ۽ 1820ع جي وچ ۾ معاشي بحران جا جيڪي اثر لنڊن جي بازارن تي پيا، جان گري انهن جو غور سان اڀياس ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته ”هيءُ واپاري نظام قدرتي نظام جو ضد آهي. خدا جي ڪڏهن به اها منشا نه هوندي ته سندس بندا هڪ ٻئي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن. آءٌ پنهنجي تجربي جي ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سڀ شيون ٻين جي آرڊر تي تيار ڪيون وڃن ٿيون يا انهن جي لاءِ بازار ۾ وڪري جو امڪان هوندو آهي، پر ان طريقي کي بدلائڻو پوندو. پيداوار طلب جو نتيجو نه، پر طلب جو سبب هئڻ گهرجي.“
ان وچ ۾ هن رابرٽ اووين جون لکڻيون به پڙهيون ۽ 1825ع ۾ ”انساني خوشيءَ تي ليڪچر“ شايع ڪيا. ان ڪتاب موجب:
”سماج هڪ قدرتي حقيقت آهي ڇو ته قدرت هر ماڻهوءَ کي ٻين سان ٻڌيءَ ۽ ٻين جي مدد جو جذبو عنايت ڪيو آهي ۽ خوشيءَ جي خواهش به. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سماج ايترين براين، بدين، ڏکيائين ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي. سبب اهو آهي ته انسان ان اصول جو غلط استعمال ڪيو آهي جنهن تي ٻڌيءَ ۽ مدد جو بنياد رکيو ويو هو. اهو اصول پاڻ ۾ ڏي وٺ جو اصول آهي. ڏي وٺ ۽ رڳو ڏي وٺ ئي سماج جو بنياد آهي. ٻيا سمورا ادارا ان بنياد تي قائم آهن.“
ان اصول تي عمل ڪرڻ جو صحيح طريقو اهو آهي ته پورهيي جي هڪ جيترن ملهن جي ڏي وٺ ٿئي. جيڪڏهن ان جي پابندي ڪئي وڃي ها ته سڀ ماڻهو خوش رهن ها. پر ٿئي ائين ٿو ته مزدور جي پيداوار جو 5/4 حصو غير پيداوري عنصر ــــــ سرمائيدار، زميندار وغيره ــــــ ڦري وڃن ٿا. گري وٽ حقيقي مزدور اهي پورهيت آهن جيڪي ٻنين، کاڻين ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا.
ڏي وٺ جي اصول جي غلط استعمال سان جيڪي خرابيون پيدا ٿين ٿيون انهن ۾ چٽاڀيٽيءَ جي رواج ڪري اڃا تيزي اچي وڃي ٿي. چٽاڀيٽيءَ جي ڪري پيداوار تي طرحين طرحين پابنديون هنيون وڃن ٿيون. پيداوار تي حدبندي رڳو ٻن صورتن ۾ سمجهه ۾ اچي ٿي: پهرين، مال پيدا ڪرڻ وارين مشينن جي صلاحيت، مثال طور هڪ فيڪٽريءَ جي سڄي ڏينهن جي پيداواري قوت وڌ ۾ وڌ هڪ سَو تاڪيا آهي ته اسان کي مشينن کان ڏيڍ سَو تاڪين جي اميد نه رکڻ گهرجي. ٻيو، هر ماڻهوءَ وٽ ايترو لٽو ڪپڙو ٿي وڃي جو هن کي وڌيڪ ڪپڙي جي ضرورت ئي نه رهي. پيداوار جون اهي ٻئي قدرتي حدبنديون ٿيون پر سرمائيداري نظام ۾ پيداوار تي حدون نه ته مشينن جي پيداواري قوت وسيلي مقرر ڪيون وڃن ٿيون ۽ نه ماڻهن جي ضرورت وسيلي، پر چٽاڀيٽيءَ جي ڪري.
مطلب ته سرمائيدار سماج ۾ ڪا به شَي ان وقت تائين پيدا ڪري نه ٿي سگهجي جيستائين ان مان نفعي جي اميد نه هجي. بس ماڻهن جون ضرورتون کڻي ڪهڙيون به هجن ۽ پيداوار جو سهولتون کڻي ڪيتريون به وڌي وڃن پر سماجي خرابيون ان وقت تائين ختم ڪري نه ٿيون سگهجن جيستائين پورهيي ۽ پورهيي جي وچ ۾ ۽ سرمائي ۽ سرمائي جي وچ ۾ مقابلو جاري آهي.
ان وچ ۾ گري ايڊنبرا ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي مدد سان هڪ اخبار ڪڍڻ لڳو. 1831ع ۾ هن پنهنجو نئون ڪتاب ”سماجي نظام“ شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ جان گري رابرٽ اووين جي تقليد ۾ سماج جي سڌاري جو هڪ جامع منصوبو پيش ڪيو ۽ ان جو بنياد شين جي ڏي وٺ تي رکيو.
گري جي خيال ۾ انساني ضرورت جون سڀ شيون پورهيي وسيلي پيدا ٿين ٿيون پر هر ماڻهو پنهنجي ضرورت جون سڀ شيون پاڻ پيدا نه ٿو ڪري سگهي پر هو ٻين جي پورهيي مان پيدا ڪيل شين جي مٽاسٽا پنهنجي پورهيي جي پيداوار سان ڪري ٿو. شين جي ڏي وٺ کان سواءِ انسان ڪڏهن به جهنگلي دؤر کان اڳتي وڌي نه سگهي ها پر ڏي وٺ جو هاڻوڪو طريقو ڏاڍو ناقص آهي ۽ جيستائين ان طريقي ۾ مناسب تبديلي نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين بالغن جو راءِ ڏيڻ جو حق، پارلياماني سڌارا، آزاد واپار ۽ محصولن ۾ گهٽتائيءَ سان سماجي مسئلا حل ٿي نه ٿا سگهن.
مٽاسٽا جو ذريعو سِڪو آهي. ان جي حيثيت تارازي ۽ وَٽن کان وڌيڪ ناهي، ان ڪري ان کي به ان سولائيءَ سان حل ڪرڻ گهرجي جنهن سولائيءَ سان تارازي ۽ وٽ حاصل ٿين ٿا. جيڪڏهن اهو مفروضو صحيح آهي ته پوءِ سِڪي جو معيار سونَ يا چاندي نه هئڻ گهرجي. پر ڇا هئڻ گهرجي؟ پيسي کي رڳو هڪ رسيد هئڻ گهرجي، جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت هجي ته رسيد رکندڙ قومي دولت ۾ هڪ مخصوص ملهه جو واڌارو ڪيو آهي. ان رسيد جي مدد سان ماڻهو جڏهن چاهي ۽ جيڪا شَي چاهي، خريد ڪري سگهي ٿو. ان جي لاءِ هڪ نيشنل بئنڪ قائم ڪئي وڃي ۽ رڳو ان بئنڪ کي ڪاغذي سِڪو (رسيد) جاري ڪرڻ جو اختيار هجي. مِلن ۽ فيڪٽرين جي سموري پيداوار قومي گودامن ۾ ذخيرو ڪئي وڃي، اتي انهن تي خرچ پکي جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ۽ پوءِ نفعي جي معمولي شرح جو واڌارو ڪري شين جون قيمتون مقرر ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح سِڪي جي تعداد ۽ پيداوار جي مقدار ۾ آهنگ قائم ٿي ويندو ۽ جيڪو ماڻهو جيترو وڌيڪ پيدا ڪندو ان جي آمدني اوتري وڌيڪ ٿيندي.

[b]جان فرانسس بري
[/b]جان فرانسس بري 26 جون 1809ع تي آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ برطانيا جو رهاڪو هو ۽ گذر جي ڳولا لاءِ آمريڪا ۾ رهيل هو. فرانسس بري 13 سالن جي عمر ۾ پيءُ سان گڏ انگلستان موٽي آيو ۽ ليڊز ۾ رهائش اختيار ڪئي. اسڪولي تعليم کان واندو ٿي، هُو برطانوي اديب سيموئل ڪاٽـلز جي اخبار ليڊز ٽائيمس ۾ ڪمپوزيٽر ٿي ويو. ان وچ ۾ هن رابرٽ اووين جي لکڻين جو اڀياس ڪيو. اووين جي سرگرمين ۽ لکڻين بري کي ايترو متاثر ڪيو جو هو پاڻ به اووين جي خيالن جو زبردست مبلغ ٿي ويو.
بري جي خيالن تي روسو جي عقيدن جي گهري ڇاپ آهي. روسو جيان بري جو به عقيدو هو ته ”انسان اڄ تائين جيتريون به خرابيون پيدا ڪيون آهن ۽ جيتريون مصيبتون سٺيون آهن، انهن جو سبب زمين تي ذاتي ملڪيت جو حق آهي. جيتوڻيڪ قدرت جي منشا اها هئي ته سڀ ماڻهو پاڻ ۾ رلي ملي رهن. انسان ان کان انحراف ڪيو ۽ نتيجو اهو ٿيو ته سماج آقائن ۽ مزدورن ۾، نڪمن ۽ پورهيتن ۾ ورهائجي ويو.“
بري پنهنجي نظرين جو بنياد چئن اصولن تي رکيو: پهريون هِي ته سڀني ماڻهن جون گهرجون ۽ ضرورتون هڪجهڙيون آهن، اڃ لڳي ٿي ته پاڻي پيئن ٿا، بک لڳي ٿي ته کاڌو کائن ٿا، خوشي ٿئي ٿي ته کلن ٿا ۽ ڏک ٿئي ٿو ته روئن ٿا. ٻيو اصول هي ته هر ماڻهوءَ کي پورهيو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته پورهيو قدرتي قانون آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو جانور ڪونهي جيڪو پورهيو نه ڪندو هجي ۽ هٿ پير هلائڻ کان سواءِ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو هجي. ٽيون اصول هي هو ته سڀني ماڻهن جا اصول برابر هئڻ گهرجن ۽ زمين سڀني جي گڏيل ملڪيت هجي. چوٿون اصول هي هو ته پورهيي جو اجورو به برابر هئڻ گهرجي. اهي خيال بري پنهنجي تصنيف ”پورهيي جون غلطيون ۽ پورهيي جو علاج“ (Labour's Wrongs and Labour's Remedy) ۾ لکيون، جيڪو 1838ع ۾ شايع ٿيو. سرمائي ۽ پورهيي جي رشتي تي هو بحث ڪندي لکي ٿو، ته مزدور سرمائيدار کي سڄي سال جي محنت ڏئي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ هن کي رڳو اڌ سال جي پورهيي جو اجورو ملي ٿو. هو مالڪ کي هفتي ۾ ڇهن ڏينهن جو پورهيو ڏئي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ هن کي ٽن چئن ڏينهن جي پورهيي جو اجورو ڏنو وڃي ٿو. حقيقت ۾ سرمائيدار مزدور کي پنهنجي کيسي مان هڪ ٽڪو به ڪو نه ٿو ڏئي پر مزدور جي پورهيي مان هن اڳئين هفتي جيڪا دولت ڪمائي هئي ان جو هڪ حصو مزدور جي حوالي ڪري ٿو ۽ دنيا اهو سمجهي ٿي سرمائيدار مزدور کي اجورو پنهنجي کيسي مان ڏنو. بري ان ڌنڌي کي ڌاڙو سمجهي ٿو.
بري ٽريڊ يونين تحريڪ کان مطمئن نه هو. هو چوندو هو ته ٽريڊ يونين وسيلي مزدورن جي اجوري ۾ ٿورو ٿڪو واڌارو ٿيو به، ته ڇا ٿيو، ان وسيلي طبقاتي اڻ برابري ته ختم نه ٿيندي ۽ نه ئي سرمائيدارن پاران ڦرلٽ ۾ فرق ايندو. اهڙيءَ طرح مزدور جيڪڏهن وطن ڇڏي آسٽريليا، آمريڪا يا ڪئناڊا هليا وڃن، ته ان سان به مسئلو حل نه ٿيندو، ڇو ته سماج جون خرابيون اتي به موجود آهن.
ان ڪري ان مرض جو هڪ ئي علاج آهي. اهو هي ته رابرٽ اووين جي منصوبن مطابق گڏيل ملڪيت جو نظام رائج ڪيو وڃي. انهن ڏينهن ۾ سرمائيدارن جون جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيون قائم ٿي رهيون هيون. بري جو خيال هو ته جيڪڏهن سرمائيدار پاڻ ۾ ملي جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيون ٺاهي سگهن ٿا ته پوءِ مزدور ڇو نه ٿا ٺاهي سگهن. ان ڪري هن ”سماج سڌارڪ جوائنٽ اسٽاڪ“ جي رٿ ڏني. هر ڌنڌي ۽ هر هنر جي پنهنجي ڌار اسٽاڪ ڪمپني هجي ۽ پوءِ انهن سڀني جي هڪ ملڪ گير جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني هجي. اهي سڀ ڪمپنيون پورهيتن جون هجن، جيڪي دولت پيدا ڪن ٿا. هو پنهنجي پيداوار جي مٽاسٽا برابريءَ جي بنياد تي پاڻ ۾ ڪن. اهڙيءَ طرح سرمائيدارن جي ضرورت ئي نه رهندي ۽ نه ڪوئي واپاري (اجورو ڏيندڙ) رهندو.
بري وٽ انساني سماج جو مثال طوفان ۾ ڦاٿل جهاز جي انهن مسافرن جهڙو آهي جيڪي هڪ ٻيٽ تي آهن. ”ان ٻيٽ جي زمين کوڙ آهي، پاڻيءَ جا چشما آهن، ميون وارا وڻ آهن ۽ کير ڏيندڙ جانور، پر پورهيي کان سواءِ ته وڻ مان ميوو پٽي به نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي مڇيون پڪڙي سگهجن ٿيون. ان ڪري معقول طريقو اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته سڀئي ملي ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ڪم ڪن، ضرورت جون شيون پاڻ ۾ ورهائن ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪن. پر انسان سهڪار جو اهو طريقو ڇڏي ڏنو آهي ۽ هر ماڻهو ذاتي مفاد کي اڳتي رکي ٿو، جيتوڻيڪ سڀني جو مقصد خوشي حاصل ڪرڻ ئي آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي جو هو پنهنجي مقصد ۾ بلڪل ناڪام ٿيو آهي. انسان قدرتي قانون کان ڪنڌ موڙيو آهي ۽ هڪ غير فطري قانون ٺاهي ڇڏيو آهي. هيءَ سڄي بي چيني، بي اطميناني ۽ شورش انهيءَ ڪري ئي آهي. ذاتي مفاد چاه بابل آهي جنهن ۾ اسين سڀ بند آهيون ۽ هڪ ٻئي جو ڪنڌ ڪپڻ جي تيارين ۾ آهيون. هر طبقي جو مفاد ٻي سان ٽڪرائجي رهيو آهي.

[b]باربني
[/b]جان گاڊوِن باربني رابرٽ اووين جو شاگرد هو. هو 1820ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ وڪيل هو پر پٽ کي پادري بنائڻ جو خواهشمند هو. باربني اڃا چوڏهنِ سالن جو هو جو سندس پيءُ فوت ٿي ويو، ان ڪري سندس تعليم اڻ پوري رهجي وئي. باربني کي ڪتاب پڙهڻ ۽ سير سفر ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. 1837ع ۾ هن کي لنڊن وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي سندس ملاقات رابرٽ اووين ۽ ٻين سوشلسٽن سان ٿي ۽ پنهنجي وطن سفوڪ واپس موٽي باربني چارٽسٽ تحريڪ جو سرگرم رڪن بڻجي ويو. 1840ع ۾ باربني پيرس ويو ۽ اتي جي سوشلسٽن سان مليو. ان ڪري هن جي دعوى آهي ته:
”هڪ مشهور فرانسي هستيءَ سان ملاقات دوران آءٌ اهو پهريون شخص هوس جنهن سڀني کان اول ڪميونـزم جو اصطلاح استعمال ڪيو.“
باربني جي هيءَ دعوى صحيح ناهي، پر مارٽن جو خيال آهي ته باربني گهٽ ۾ گهٽ برطانيا ۾ ضرور پهريون شخص هو جنهن اول اول ڪنهن تنظيم لاءِ ڪميونـزم جو اصطلاح استعمال ڪيو. 1841ع ۾ هن لنڊن ۾ هڪ ”ڪميونسٽ پروپيگنڊا سوسائٽي“ قائم ڪئي، پر فوريئر جيان باربني به ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا هو ته قدرت کيس انسانذات جو نجات ڏياريندڙ ڪري موڪليو آهي. هن 1841ع کي ”ڪميونسٽ ڪئلينڊر“ جو پهريون سال قرار ڏنو ۽ جيڪي خط لکيا، انهن جو انداز به پيغمبراڻو هو. ان ڪري هڪ شخص گلائيڊ کي هو ”عوامي“ چئي مخاطب ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي ”صدر اعظم“ لکي ٿو. ان وقت باربني جي عمر رڳو 21 سال هئي.
قياس آهي ته پيرس ۾ باربني جي ملاقات فرانسي مفڪر ڪابا سان ٿي هئي. هو ڪابا سان 1838ع ۾ لنڊن ملي چڪو هو، ان ڪري پيرس ۾ ڪابا سان ملڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيس. ڪابا انهن ڏينهن ۾ پنهنجو ڪتاب ”اڪاريا جو سفر“ شايع ڪيو. ان ڪتاب جو ڏاڍو چَوٻول هو ۽ انهيءَ جي ڪري ڪابا فرانس جي مزدور تحريڪ ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.
ڪابا (1788ع-1856ع) جو تعلق فرانس جي کاٻي ڌر سان هو. هُو 1831ع ۾ فرانسي اسيمبلي جو رڪن چونڊجي ويو هو ۽ هن 1832ع جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. پنهنجين انهن سرگرمين جي ڪري 1834ع ۾ هن کي ملڪ نيڪالي ملي ۽ جلاوطنيءَ جا پنج سال هن لنڊن ۾ گذاريا هئا. اتي ڪابا کي رابرٽ اووين سان ملڻ جو به اتفاق ٿيو هو. 1840ع ۾ هن پيرس موٽي ”اڪاريا جو سفر“ شايع ڪيو.
ڪابا ”اڪاريا“ ۾ فرانسي انقلاب جي نعرن جي بنياد تي هڪ مثالي سماج جو خاڪو ڪڍيو آهي. اڪاريا ۾ رڳو سياسي مساوات نه پر معاشي مساوات به آهي، پر نهايت احمقاڻي قسم جي. مثال طور، اڪاريا جا سڀ گهر هڪ جهڙا آهن، هر ماڻهو هڪ ئي قسم جي وردي (لباس) پائي ٿو، پنچايتي لنگرخانن ۾ هڪ ئي قسم جو کاڌو پچي ٿو ۽ هر ماڻهو جي ڪم جو وقت برابر آهي.
”اتي هر شَي جي مالڪ ري پبلڪ آهي. اها ئي مزدورن کي منظم ڪري ٿي، فيڪٽريون ۽ گودام ٺهرائي ٿي، زمين تي هارپ جو بندوبست ڪري ٿي، گهر ٺهرائي ٿي ۽ هر خاندان ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ کاڌو، لباس ۽ رهائش مهيا ڪري ٿي.“
ڪابا به اووين جيان ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا هو ته اڪاريا جي نموني تي آمريڪا ۾ ڪميونسٽ ڳوٺ آباد ڪرڻ سولو ٿيندو. ان ڪري 1847ع ۾ هو آمريڪا روانو ٿي ويو ۽ ٽيڪساس رياست ۾ هڪ ڪميونسٽ ڳوٺ آباد ڪيائين. ٻئي سال هو اِلي نوائي رياست ويو ۽ اتي به هڪ ڪميونسٽ مرڪز جو بنياد رکيائين، پر اهو مرڪز 1806ع ۾ بند ٿي ويو. البت ٽيڪساس رياست جو مرڪز جيئن جو تيئن پنجاهه سالن تائين هلندو رهيو.
باربني به ڪابا جيان ڪميونسٽ ڳوٺ آباد ڪرڻ پئي چاهيا. هو چارٽسٽ تحريڪ سان ڳنڍيل ته رهيو پر چارٽزم ۾ سندس خوابن جي تسڪين ڪو نه پئي ٿي. هُو ته انسان ذات جي زندگيءَ ۾ عظيم انقلاب آڻڻ جو آرزومند هو.
”جهموريت ۽ اشرافيت (اميراڻي حڪومت) ٻنهي جو ڪميونـزم سان ڪو به تعلق ڪونهي. اهي ٻئي في الحال سياسي پارٽين جا اصطلاح آهن. آئيندي سرڪار سياست جي جاءِ صنعتي تنظيم وٺندي.“
باربني مختلف ڪميونسٽ ڳوٺن ۾ شريڪ ٿيو پر ناڪام رهيو. جنوري 1842ع ۾ هن هڪ رسالو پروميٿين (Promethean) جي نالي سان ڪڍيو. پروميٿيوس يوناني ديومالا جو هڪ عظيم هيرو آهي. هن اولمپس جبل تان باهه چورائي ۽ باهه جي استعمال جو راز انسانن کي ٻڌائي ڇڏيو. ان ڏوهه جي سزا طور هن کي هڪ جبل سان ٻڌو ويو، جتي بُکيون ڳجهون سڄو ڏينهن کيس پٽينديون کائينديون هيون پر شام جو ديوتا سندس زخم ڀري ڇڏيندا هئا. ادب ۾ پروميٿيوس بغاوت ۽ عزم جي نشاني آهي.
”پروميٿين“ جا رڳو چار پرچا شايع ٿيا پر ڪميونسٽ سوسائٽي ڪجهه عرصي تائين زنده رهي. باربني ان جو نالو بدلائي ڪميونسٽ چرچ (ڪليسا) رکيو. ان زماني ۾ باربني جي ملاقات هڪ ماڻهو ٿامس فرانٽ سان ٿي ۽ ٻنهي ملي ”ڪميونسٽ ڪرانيڪل“ جي نالي سان هڪ هفتيوار رسالو جاري ڪيو. ان رسالي ۾ باربني پنهنجو ڪتاب ”افلاطون آباد“ قسطوار شايع ڪيو، ڪميونسٽ ڪرانيڪل جو فائيل ناياب آهي ان ڪري ”افلاطون آباد“ جي تفصيلن جي باري ۾ يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. پر فراسٽ پنهنجي ”چاليهه ساله يادگيريون“ ۾، جيڪو 1880ع ۾ شايع ٿيو، ان ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو، ته افلاطون آباد:
”آئيندي جو هڪ خيالي خاڪو ۽ زمين ۽ انسانذات جي نئين سر آبادڪاريءَ جو هڪ خواب هو. ان ڳوٺ جون جايون سنگ مرمر جون هيون جن ۾ ڪميونسٽ سونَ ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کاڌو کائيندا هئا. دعوت-گهرن (اوطاقن) کي ڏاڍن قيمتي مجسمن ۽ تصويرن سان سينگاريو ويو هو ۽ کاڌي جي وقتن تي موسيقيءَ جون ڌنون وڄنديون هيون. سواريءَ لاءِ ٻاڦ تي هلڻ واريون گاڏيون استعمال ٿينديون هيون. ڏوراهين سفر لاءِ غبارا (ڦوڪڻا، اڏام کٽولا) ۽ هوائي جهاز هئا. مختصر هي ته ان شهر ۾ اهي سڀ سهولتون موجود هيون جن جو ذڪر افلاطون ۽ مور وغيره ڪيو هو ۽ جديد سائنس انساني ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۽ خوشين ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ مهيا ڪيون هيون.“
ڪميونسٽ ڪرانيڪل 1845ع تائين نڪرندو رهيو، پر باربني ۽ فراسٽ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. باربني چاهيو پئي ته ڪرانيڪل سندس ڪميونسٽ ڪليسا جي وڪالت ڪري، پر فراسٽ جي خواهش هئي ته اهو رسالو سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ حلقن جي ترجماني ڪري. ان ڪري ڪميونسٽ ڪرانيڪل بند ٿي ويو. 1848ع ۾ باربني ٻيهر پيرس ويو ۽ هن ڀيري ڪميونسٽ بدران پادري ٿي موٽيو.
باربني آخري خيالي سوشلسٽ نه هو پر اڻويهين صديءَ جي ٽين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾ به برطانيا سان گڏ جرمنيءَ ۽ فرانس ۾ به خيالي سوشلزم جا ڪيترائي مبلغ پيدا ٿيا ۽ خيالي جنت جا منصوبا ٺهندا رهيا، پر حقيقت اها آهي ته خيالي سوشلزم جو دؤر 1847ع ۾ ختم ٿي ويو. هي اهو سَن آهي جڏهن ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس جي جڳ مشهور تصنيف ”ڪميونسٽ پڌرنامو“ شايع ٿيو ۽ مزدورن جي انقلابي تحريڪ سائنسي سوشلزم جي دؤر ۾ داخل ٿي.
خيالي سوشلسٽن جو داستان ختم ٿيو. اهي ڏاڍا مخلص ۽ نيڪ نيت ماڻهو هئا جن پنهنجي سمجهه مطابق سماج جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ وڏا وڏا دل خوش ڪندڙ ڪاغذي منصوبا ٺاهيا ۽ انسان کي سٺي آئيندي جي ڏاڍي وڻندڙ تصوير ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن مان ڪن پنهنجي منصوبي تي عمل به ڪيو پر ناڪام رهيا، ڇو ته انهن حال جي سماجي حقيقتن کي نظرانداز ڪري آئيندي جون راهون مقرر ڪرڻ پئي گهريون ۽ سماجي انقلاب کي چوريندڙ قوتن کان بي نياز ٿي سماجي انقلاب آڻڻ جا آرزومند هئا، پر ڪير ٿو چئي سگهي ته انهن جون اهي ڪوششون اجايون ويون ۽ دنيا انهن جي فڪر ۽ عمل مان فيض نه ورتو. سائنسي سوشلزم جو هر شاگرد ڄاڻي ٿو، ته ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ لينن جي انقلابي نظرين جي اڏاوت ۾ خيالي سوشلسٽن جي سوچن ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو سچ آهي ته انسان ضمير جي آزاديءَ، راءِ جي آزاديءَ، گڏ ٿيڻ جي آزاديءَ ۽ تنظيم جي آزاديءَ جا بنيادي حق پنهنجي قوت جي زور تي ۽ قربانيون ڏئي ورتا آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته چونڊن ۾ شرڪت ۽ نمائندگيءَ جو حق، روزگار ۽ رزق جو حق، پورهيي جي وقت ۾ کوٽ، فيڪٽرين ڪارخانن ۽ دفترن جي ماحول ۾ سڌارو، نوڪري ۽ اجورن جو قانوني تحفظ، رهائشي ۽ طبي سهولتون، ٻارن کان مشقت ڪرائڻ تي پابنديون، ٻارن جي لازمي ۽ مفت تعليم، تعزيراتي قانونن ۾ نرمي ۽ ان قسم جون ٻيون سڀ سهولتون حاڪم طبقي جي خدمت ۾ درخواست ڏيڻ سان ڪو نه مليون آهن، پر عوام جي لاڳيتي جدوجهد جو ئي نتيجو آهن. هن جدوجهد ۾ ارڙهين صديءَ جي خيالي سوشلسٽن جو به وڏو حصو آهي. انهن مان گهڻن پنهنجي دؤر جي عوامي تحريڪن جو رخ مقرر ڪرڻ ۾ ۽ ماڻهن جي سماجي سمجهه سوچ کي جاڳائڻ ۾ وڏو اهم تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن جي لکڻين وچين طبقي جي بي شمار دانشورن، اديبن، صحافين، فنڪارن ۽ سياسي ڪارڪنن جي خيالن تي به گهرو اثر ڇڏيو آهي.
خيالي سوشلسٽن جي جائزي دوران اهڙيون اهڙيون رٿون به توهان جي نظر مان گذريون هونديون جن تي اڄوڪن ترقي پسند ملڪن ۾ عمل ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ پنهنجي دؤر ۾ اهي انقلابي (بغاوتون) رٿون سمجهيون وينديون هيون. سرمائيدار طبقي جو انهن رٿن کي قبول ڪرڻ پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته اهي رٿون انقلابي نه هيون پر سڌارڪ هيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان سرمائيداري نظام تباهه برباد نه ٿو ٿئي، پر اڃا به سگهارو ٿئي ٿو. مثال طور ڪارڪردگي ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ مزدورن کي ڪمپنيءَ ۾ حصيدار بڻائڻ يا انهن ۾ بونس ورهائڻ يا فيڪٽريءَ اندر ماحول خوشگوار رکڻ. اهڙيءَ طرح سهڪاري انجمنن ۽ ڪنڊر گارٽن اسڪولن جو رواج، اهي رٿون به سڀ کان اول خيالي سوشلسٽن ئي پيش ڪيون هيون.
جيستائين ذاتي ملڪيت جو سوال آهي، ته شايد ئي ڪو خيالي سوشلسٽ اهڙو هوندو جنهن پيداواري ذريعن ــــــ زمين، فيڪٽرين، کاڻن، بئنڪن، ويمي ڪمپنين، ريلوي وغيره ـــــ جي ذاتي ملڪيت کي دل کولي خراب نه چيو هجي. پر هُو ان سوال جو صحيح جواب نه پئي ڏئي سگهيا، ته ذاتي ملڪيت جي نظام کي ڪير ختم ڪري ۽ ڪيئن؟ سبب اهو هو ته اهي ذاتي ملڪيت جي خاتمي ۽ طبقاتي جدوجهد جي تنظيم جي وچ ۾ جيڪو بنيادي رشتو آهي، ان کي سمجهي نه پئي سگهيا. اهي سرمائيداري نظام جي معاشي تضادن جو حل معيشت جي قانونن بدران عقل ۽ اخلاقيات جي اصولن ۾ ڳوليندا هئا. انهن جي سوشلزم جو محرڪ زندگيءَ جون حقيقتون نه هيون، پر انهن جون نيڪ خواهشون هيون. سوشلزم انهن وٽ علي بابا جو ”کُل جا سم سم“ هو. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس ان کي انقلابي سائنس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

______
 Labour Defended. P-104
 مارٽن. ص 132