باب ڇهون : مزدڪ جي تحريڪ
بیامد یکے مردِ مزدک بہ نام
سخن گوئے و بادانش ورائے کام
بہ نزدِ شہنشاہ دستور گشت
نگہبانِ آں گنج و گنجور گَشت
پوءِ ايئن ٿيو جو سوڪَ جي ڪري ملڪ ۾ اناج اڻلڀ ٿي ويو. آسمان مان ڪڪر گم ٿي ويو ۽ ماڻهو مينهن لاءِ سڪڻ لڳا. خود شهنشاهه جي درٻارين جي وات مان به مانيءَ ۽ پاڻيءَ کان سواءِ ڪو لفظ نه نڪرندو هو، تان جو مزدڪ کين چيو ته بادشاهه جلد ئي توهان لاءِ اميد جي راهه کوليندو.
تڏهن هو پاڻ ڊوڙندو اچي بادشاه وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين ته اي شهريار! مان توهان کي هڪ درخواست ڪرڻ ٿو چاهيان، پر شرط اهو آهي ته اوهان ان جو جواب ڏيو. بادشاهه اجازت ڏني. مزدڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگي ۽ اهو مري رهيو هجي ۽ ٻئي ماڻهوءَ وٽ زهر جو ترياق هجي ۽ هو ترياق ڏيڻ کان نابري واري، ته اهڙي شخص کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي؟ قباد (بادشاهه) جواب ڏنو ته ترياق جو مالڪ قاتل آهي ۽ ان کي شهر پناهه جي ڦاٽڪ تي ڦاهي ڏيڻ گهرجي.
اهو جواب ٻڌي مزدڪ اٿيو. هو فريادين وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته مون شهنشاهه کي گذارش ڪئي آهي، توهان صبح تائين انتظار ڪيو، ان وقت آءٌ توهان کي اهو رستو ڏيکاريندس جنهن تي هلي توهان پنهنجو حق حاصل ڪري سگهندَو. ماڻهو ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ موٽي ويا ۽ هو پري کان سندن مڇريل انداز ڏسندو رهيو. ٻئي ڏينهن هو بادشاه وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو ته ڪلهه مون اوهان آڏو هڪ مقدمو پيش ڪيو هو ۽ توهان جيڪو جواب ڏنو هو، ان سان مون تي بند دروازو کلي ويو هو. جيڪڏهن توهان موڪل ڏيو ته توهان آڏو هڪ ٻيو مقدمو پيش ڪيان. قباد چيو: موڪل آهي، پيش ڪر، تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ فائديمند هونديون آهن. مزدڪ عرض ڪيو ته جهان پناهه، جيڪڏهن ڪنهن جا هٿ پير ٻڌا وڃن ۽ هن کي خوراڪ نه ملي، هو مري وڃي، جڏهن ته ٻئي وٽ خوراڪ موجود هجي، پر اهو زنجير ٻڌل ماڻهوءَ کي کاڌو نه ڏئي، ته پوءِ حضور جن پاڻ چون، ته اهڙو خوراڪ جو مالڪ خدا ترس آهي يا نه؟ بادشاهه جواب ڏنو، ته اهڙي نابڪار جو خون به معاف آهي. اهو ٻڌي مزدڪ ڌرتيءَ کي چمي ڏني ۽ ڏڪاريل ماڻهن وٽ آيو ۽ انهن کي چيو، ته توهان کي جتي به ڪڻڪ جو ڳجهو ذخيرو ملي، ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻيو، پر ذخيري ڪندڙ ان جي قيمت گهري ته ادا ڪيو. بس پوءِ ڏڪاريل بکين اناج ڦري ورتا، تان جو قباد جا ذخيرا به نه بچيا.
شاهي محافظن بادشاهه کي ماجرا کان واقف ڪيو ۽ چيو ته هن تباهيءَ جو ذميوار مزدڪ آهي. قباد مزدڪ کي سڏايو ۽ چيو ته تو هيءَ ڪهڙي حرڪت ڪئي ۽ ماڻهن کي لٽ مار تي ڇو آماده ڪيو؟ مزدڪ عرض ڪيو ته مون جيڪو ڪجهه اوهان کان ٻڌو، اهو وڃي شهرين کي ٻڌايو. قباد لاجواب ٿي ويو، ڇو ته مزدڪ جو عذر معقول هو.
ان واقعي کان پوءِ ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي مزدڪ جي ”انجمن“ ۾ شامل ٿيندا ويا. مزدڪ کين چيو ته تونگر ۽ تنگدست هڪجهڙا آهن ۽ ڪنهن کي به ٻئي تي فضيلت جو حق ڪونهي. دنياوي ملڪيت ۾ سڀني کي برابر حصو ملڻ گهرجي، تونگر وٽ دولت جي گهڻائي ناجائز آهي تنهنڪري عورت، گهر ۽ مادي شيون سڀني ۾ برابر ڪري ورهائڻ گهرجن. آءٌ اهو ڪم پنهنجي پاڪ دين وسيلي پورو ڪندس:
ہمی گفت ہر کُو توانگر بود
تہی دست با اُو برابر بود
نہ باید کہ باشد کسی برفزود
توانگر بود تار و درویش پُود
جہان راست باید کہ باشد بہ چیز
فزونی تونگر حرام است نیز
زن و خانہ و چیز بخشید نیست
تہی دست کس با تونگر یکسیت
من ایں راکنم راست تا دینِ پاک
شود ویژ پیدا بلند از مغاک
مزدڪ جي تعليم عوام ۾ ڏاڍي مقبول ٿي، ايتري قدر جو پاڻ قباد سندس پوئلڳ ٿي ويو، ڇو ته بادشاهه کي يقين ٿي ويو ته مزدڪ جي تعليم ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. هن مزدڪ کي پنهنجي تخت جي ساڄي پاسي ويهاريو ۽ مزدڪ جو مذهب سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو. دولتمندن خوف ۾ اچي پنهنجي ملڪيت محتاجن جي حوالي ڪئي.
پر قباد جي ولي عهد خسرو اَنُو نوشيروان (ڪَـسرى) مزدڪي دين کان ناڪار ڪئي ۽ پارسي ڪلسيا جي ٻاون (مَوبدن) کي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو جيڪي پڻ مزدڪ جا جاني دشمن هئا ۽ بادشاهه کي چيو ته مزدڪ جيڪڏهن ٻاون جي ٻائي (مَوبدانِ مَوبد) کان مناظري ۾ کٽي وڃي، ته هو ان جو پوئلڳ ٿي ويندو. بادشاهه نوشيروان جي صلاح قبول ڪئي. نوشيروان، رازمهر، خراد، فرائين، بندوي ۽ بهزاد جي آتش ڪدن (باهه جي عبادت گهرن) جي وڏي ٻائي کي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني.
مطلب ته شاهي درٻار ۾ مناظري جي ڪچهري لڳي. هڪ طرف زرتشتي عالمن جو ٽولو هو ۽ ٻئي طرف مزدڪ. وڏي ٻائي مزدڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اي داناءَ! تو دنيا ۾ هڪ نئون مذهب رائج ڪيو آهي، جنهن وسيلي عورت ۽ ملڪيت سڀني ۾ گڏيل ڪري ڇڏي آهي. ٻڌاءِ ته پُٽ پنهنجي پيءُ کي ڪيئن سڃاڻيندو ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کي ڪيئن سڃاڻيندو؟ جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ ماڻهو برابر ٿي ويا ۽ حاڪم ۽ رعيت جو فرق نه رهيو، ته ڪير ماڻهو محڪوم ٿيڻ پسند ڪندو ۽ حاڪم ڪير مقرر ڪندو؟ اسان جو، توهان جو نوڪر ڪير ٿيندو ۽ بد ڪردارن کي دولت کان محروم ڪيئن ڪري سگهبو؟ جڏهن ڪو مرندو، ته ان جي ملڪيت ورثي ۾ ڪنهن کي ملندي، جڏهن ته بادشاهه ۽ مزدور هم رتبي هوندا؟ ان مذهب سان دنيا برباد ٿي ويندي. سڀ آقا بڻجي ويندا ۽ ڪو به غلام نه رهندو. جڏهن خزانو سڀني جي گڏيل ملڪيت هوندو، ته خزانچي ڪير ٿيندو؟
وڏي ٻائي جي هيءَ تقرير قباد کي ڏاڍي وڻي، تڏهن سڄي مجلس هڪ آواز ٿي چيو ته مزدڪ کي شاهي درٻار مان ڪڍيو وڃي، ڇو ته هو الاهي دين کي برباد ڪري رهيو آهي، تنهنڪري قباد مزدڪ کي نوشيروان جي حوالي ڪيو ۽ نوشيروان مزدڪ ۽ سندس ساٿين کي زمين ۾ زنده دفن ڪري ڇڏيو.
اقبال ان پراڻي داستان (جنهن جي تاريخي پهلوئن تي اسان ايندڙ صفحن ۾ بحث ڪنداسون) مان استفادو ڪندي، جديد سوشلزم جي باني ڪارل مارڪس (1818ع-1883ع) کي ”مزدڪ جي روح“ جو ”بروز“ قرار ڏنو آهي. هو ارمغانِ حجاز جي هڪ نظم ۾ ”ابليس جي مجلس شورى“ منعقد ڪري ٿو. ان مجلس ۾ ابليس پنهنجي مشيرن آڏو وڏي فخر سان چوي ٿو ته مون انسان کي اهڙن طلسمن ۾ ڦاسائي رکيو آهي جنهن مان هو ڪڏهن به ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه ٿو سگهي.
میں نے ناداروں کو سکھلایا سبق تقدیر کا
میں نے منعم کو دیا سرمایہ داری کا جنوں
کون کرسکتا ہے اُس کے آتشِ سوزاں کو سرد
جس کے ہنگاموں میں ہو ابلیس کا سوزِ درو؟
جس کی شاخیں ہوں ہماری آبیاری سے بلند
کون کرسکتا ہے اُس نخلِ کہن کو سرنگوں؟
ان تي هڪ مشير چوي ٿو ته اڄ ڪلهه جمهوري بادشاهيءَ جو ڏاڍو غوغاءُ آهي پر تو کي شايد ان نئين فتني جي خبر ڪانهي. ٻيو مشير جواب ٿو ڏئي ته مون کي مغرب جي جمهوري نظام جي اصل حقيقت جي خبر آهي. منهن روشن، اندران چنگيز کان وڌيڪ اونداهي. تڏهن ٽيون مشير چوي ٿو ته جمهوري نظام مان ته ڪو به ڀَو ڀولو ڪونهي، پر ڪارل مارڪس جي تعليم ابليسي نظام لاءِ ڏاڍو وڏو خطرو آهي:
وہ کلیم بے تجلی، وہ مسیح بے صلیب
نیست پیغمبر و لیکن در بغل دارد کتاب
کیا بتاؤں کیا ہے کافر کی نگاہِ پردہ سوز
مشرق و مغرب کی قوموں کے لیے روزِ حساب
چوٿون چوي ٿو ته ان جو ٽوڙ اٽيلين فاشزم ۾ آهي (انهن ڏينهن ۾ هٽلر کان وڌيڪ مسوليني جي مشهوري هئي)، پر ٽيون مشير چوي ٿو ته مان مسوليني جي عاقبت بيني (دُور انديشيءَ) جو وڏو قائل ناهيان. تڏهن پنجون مشير ابليس کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته مون کي تنهنجي دانائيءَ تي پورو اعتماد آهي، پر ڪارل مارڪس جي فتني جو حل ڏاڍو لازمي آهي:
وہ یہودی فتنہ گر، وہ روحِ مزدک کا برُوز
ہر قبا ہونے کو ہے اس کے جنوں سے تار تار
زاغِ دَشتی ہو رہا ہے ہمسرِ شاہین و چرخ
کتنی سرعت سے بدلتا ہے مزاجِ روزگار
فتنئہ فردا کی ہیبت کا یہ عالم ہے کہ آج
کانپتے ہیں کوہسار و مرغزار و جوئبار
میرے آقا وہ جہاں زیر و زبر ہونے کو ہے
جس جہاں کا ہے فقط تیری سیادت پر مدار
تڏهن ابليس پنهنجن مشيرن کي خطاب ڪندي چوي ٿو ته:
دستِ فطرت نے کیا ہے جن گریبانوں کو چاک
مزدکی منطق کے سوزن سے نہیں ہوتی رفو
کب ڈرا سکتے ہیں مجھ کو اشتراکی کوچہ گرد
یہ پریشان روزگار، آشفتہ مغز، آشفتہ ہُو
ہے اگر مجھ کو خطر کوئی تو اس اُمت سے ہے
جس کے خاکستر میں ہے اب تک شرارِ آرزو
جانتا ہے جس پہ روشن باطنِ ایام ہے
مزدکیت فتنئہ فردا نہیں، اسلام ہے
اقبال هن نظم ۾ چئن سماجن جو ذڪر ڪيو آهي. اول جمهوري سماج يعني سرمائيداري نظام، ٻيو اشتراڪي (سوشلسٽ) نظام، ٽيون فاشي نظام ۽ چوٿون اسلامي نظام. هو سرمائيداري فاشزم کي ابليسي نظام تصور ڪري ٿو ۽ سوشلزم ۽ اسلام کي ابليسي نظام جو ضد. پر هن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ ابليسي نظام جو جيڪڏهن خاتمو ٿيندو، ته اسلام جي هٿان، نه ڪي سوشلزم جي ڪري. هي نظم 40 سال اڳ لکيو ويو هو. ان وچ ۾ دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا ۽ سوشلسٽ نظام اڌ دنيا ۾ رائج ٿي ويو، تان جو ڪيترن ئي اسلامي ملڪن، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي، سوشلسٽ معيشيت (اقتصادي طريقي) کي نصب العين طور قبول ڪيو.
سوال هي آهي ته جنهن مزدڪ جو مٿي ذڪر ٿيو آهي، اهو ڪير هو؟ مزدڪيت ڪهڙي شَي آهي ۽ ان جو جديد سوشلزم سان ڪهڙو تعلق آهي؟ مزدڪ اهو بدنصيب انقلابي آهي جنهن جون حالتون ۽ جنهن جو ذڪر ان جي مخالفن وسيلي ئي اسان تائين پهتو آهي. جنهن مؤرخ به، پوءِ اهو زرتشتي هجي يا يهودي، عيسائي هجي يا مسلمان، مزدڪ جو ذڪر ڪيو آهي، مٿس ملامت جا تير وسايا آهن ۽ ان جي تعليمن کي بگاڙي پيش ڪيو آهي. اهو سلسلو ارڙهين صديءَ تائين هلندو رهيو. پر اڻوهين صديءَ ۾، جڏهن مغرب جي دانائن قديم ايران جي غير جانبدار تاريخ مرتب ڪرڻ شروع ڪئي، ته هنن تعصب جي ان ڍير ڪچري کي به صاف ڪيو جنهن ۾ مزدڪ جون صحيح حالتون دفن هيون. مزدڪ جي پنهنجي تصنيف ۽ ان جي پوئلڳن جون لکڻيون ته زرتشتي تعصب جي نذر ٿي چڪيون هيون، ان ڪري هنن مزدڪ جي دشمنن جي لکڻين مان ئي سراغ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. مغرب جي انهن مشرقي عالمن ۾ پروفيسر نوليدڪي ۽ پروفيسر آرٿر ڪرسٽن سين جا نالا مٿاهان آهن. انهن مزدڪ جون حالتون لکڻ وقت هيٺين ماخذن جو جائزو ورتو آهي:
مزدڪ جا هم عصر
1. سرياني (شام جو/شامِي) مورخ جوشُو اسٽائي لائيٽ جي تاريخ، جنهن ۾ 494ع کان 506ع تائين جا واقعا لکيل آهن.
2. يوناني مصنفن پروڪوپيئس، ٿيوفانيس ۽ ملا لاس.
3. پهلوي (ايراني/فارسي) ٻولي جو زرتشتي ادب ــــــ اَوستا، نديداد، وهمن يشت، دين ڪرد، بُـندهشن ۽ خوذائي نامگ.
4. فارسي ۾ فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ نظام الملڪ جو سياست نامو.
5. عربي ۾ خوذائي نامگ جا ماخذ ــــــ طبري، مسعودي، البيروني، ابنِ نديم، شهرستاني، يعقوبي وغيره جون لکڻيون.
طبري جي چوڻ موجب مزدڪ مادرايا شهر ۾ پيدا ٿيو. هي شهر دجله نديءَ جي ڪناري، ان جاءِ تي هو جتي اڄ ڪلهه قوت العماره آباد آهي. هن جي پيءُ جو نالو بامداذ هو. سندس ڄم-تاريخ جي خبر ڪانهي ۽ نه ئي اها خبر آهي ته هن جو يا سندس پيءُ جو تعلق ايران جي ڪهڙي طبقي سان هو. ان واقعي مان، ته مزدڪَ قباد (488-531ع) کي تخت نشينيءَ جي شروعاتي زماني ۾ ئي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو هو، اسان قياس ڪري سگهون ٿا ته مزدڪ شايد 460ع جي لڳ ڀڳ پيدا ٿيو هو. ان زماني ۾ ساساني سلطنت شديد اندروني گهوٽالي ۾ ڦاٿل هئي. بازنطيني سلطنت ۽ هسپتالين سان جنگ جي ڪري ملڪ جي مالي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ ايران کي هر سال هڪ وڏي رقم هسپتالين کي ڏنَ طور ڏيڻي پوندي هئي. ملڪ جي انتظام تي درٻاري اميرن ۽ زرتشتي ڪليسا جي ٻاون جو غلبو هو. ويتر وري قباد جي پيءُ پيروز جي دؤر (459-488ع) ۾ لاڳيتو ڏڪر ۽ سوڪ جي ڪري رعيت ڏاڍي بدحال ۽ بيچين هئي، پر ان درد جو علاج حاڪمن وٽ نه هو. مزدڪ جي مقبوليت جو فوري سبب ممڪن آهي اهو ئي هجي، جنهن طرف فردوسيءَ اشارو ڪيو آهي، پر مزدڪ جي سوشلسٽ تحريڪ جي عوام ۾ پکڙجڻ جو بنيادي سبب ساساني سماج جون اندروني خرابيون هيون.
ايران ۾ سوين سالن کان هڪ مستحڪم جاگيرداري نظام قائم هو. شديد مرڪزيت ۽ زرتشتي مذهب جو غلبو ان جون ٻه خصوصيتون هيون. زرتشتين جي مذهبي ڪتابن ـــــ اَوَستا ۽ يِشنا ــــــ مطابق ته سماج جا پنج طبقا هئا، پر ساسانين جي دؤر ۾ ٻن طبقن جو اڃا واڌارو ڪيو ويو ۽ ايئن ڪل ست طبقا ٿي پيا:
1. شهرداران: بادشاهه ۽ شاهي خاندان،
2. واسپهران، وزرگان ۽ آزاذان: رئيس، منصبدار ۽ بخباءَ،
3. آذروان: زرتشتي مذهبي عالم،
4. آرتيشتاران: فوج،
5. دبيران: حڪومت جا عمال (نوڪرشاهي، ڪاموراشاهي)،
6. واستريوشان: زراعت پيشا ماڻهو (هاري، آبادگار)، ۽
7. هُتُخشان: هنرمند ۽ واپاري.
شهنشاهه جو شاهي خاندان مان هئڻ لازمي هو. صوبن جا گورنر شاهي خاندان جي ماڻهن مان مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ شاهه سڏائيندا هئا. واسپهرن جو رتبو انهن کان گهٽ هو، پر انهن ۾ ست خاندان ڏاڍا قوي ۽ هلنديءَ وارا هئا ۽ شاهي خاندان جو ڪو به ماڻهو انهن جي مرضيءَ کان سواءِ بادشاهه نه ٿي سگهندو هو. واسپهرن جي رئيسن کي سپهربُد چوندا هئا. واسپهرن ۽ وزرگن جي استعمال ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون هونديون هيون، پر اهي عام طرح گاديءَ جي شهر طيسفون (بغداد کان 15 ميلن جي مفاصلي تي دجله نديءَ جي ڪناري) ۾ ئي رهندا هئا. سلطنت جي وڏن عهديدارن تي انهن جو ئي قبضو هو ۽ فوج جا سپهه سالار ۽ وڏا آفيسر اهي ئي ماڻهو هوندا هئا. انهن جو فرض هو ته جنگ جي موقعي تي شاهي لشڪر لاءِ پنهنجن علائقن مان سپاهي مهيا ڪن. ملڪ ۾ انهن سان ڪلهو هڻندڙ جيڪڏهن ڪا قوت هئي ته اها زرتشتي ڪليسا جي هئي، پر پنهنجي ملڪگير تنظيم جي ڪري زرتشتي ڪليسا جو اثر ۽ هلندي منصبدارن کان به وڌيڪ هئي. زرتشتي ڪليسا جو سربراهه موبدان موِّبد سڏائيندو هو، جنهن جي اثر هيٺ هزارين مَوبد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مذهبي رسمن لاءِ مقرر هئا. انهن جي چونڊ هميشه مجوس (مگان) قبيلي مان ٿيندي هئي. ان طبقي کي مڪمل سياسي آزادي نصيب هئي ۽ حڪومت جو حاڪم، ويندي شهنشاهه به، انهن جي سرگرمين ۾ مداخلت نه ڪري سگهندو هو. رومي ڪليسا جيان زرتشتي ڪليسا به گهڻي دولتمند هئي. ان وٽ ڪيتريون ئي زمينون ۽ جاگيرون هيون جيڪي آتشڪدن جي نالي وقف هونديون هيون. ان کان سواءِ نذر نياز ۽ زڪوات ۽ ڪفاري مان به گهڻو ئي ڌَن هر سال گڏ ٿيندو هو. ان ڪري پروفيسر ڪرسٽن سين جي چوڻ موجب ”هنن حڪومت اندر پنهنجي حڪومت قائم ڪري رکي هئي.“. انهن مان ڪيترائي ٻاوا (مَوبد) اهڙا هئا، جن وٽ عاليشان محل ۽ پرفضا باغ هئا ۽ هي ماڻهو پنهنجين زمينن تي پنهنجا خاص قانون نافذ ڪندا هئا. ڳوٺاڻن هارين جو فرض هو ته ڳوٺ جي ٻائي جون سڀ ضرورتون پوريون ڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو مناسب بندوبست ڪن.
موبدانِ موبد (وڏي ٻائي) کي شاهي درٻار ۾ وڏو اثر هو. سڀني مذهبي معاملن ۾ هو بادشاهه جو مشير هو ۽ سلطنت جي معاملن ۾ سندس وڏو هٿ هو. ٻاون جي اقتدار جو هڪ سبب اهو به هو، ته تعليم جو سڄو انتظام ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جا سڀ فرض سندن هٿ ۾ هئا. مروج علمن جا استاد ۽ تشريح ڪندڙ به اهي ئي ٻاوا هئا. مطلب ته ايرانين جي سڄي روحاني، اخلاقي ۽ ذهني زندگيءَ تي ڄم کان موت تائين زرتشتي ڪليسا جو مڪمل اختيار هو. انهن مذهبي پيشواهن رسمن، عبادتن ۽ وهمن جو اهڙو ڄار اُڻي رکيو هو، جو ايراني قوم جو ان مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. بادشاهه جي چونڊ جو آخري فيصلو وڏي ٻائي جي راءِ تي هوندو هو. انهن جو طبقاتي مفاد جيئن ته جاگيرداري نظام سان ڳنڍيل هو ان ڪري هو ڪنهن اهڙي تحريڪ کي اسرڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا، جنهن سان طبقاتي رشستا ڪمزور ٿين يا جاگيرداري نظام جي ڦرلٽ ۾ کوٽ اچي. انهيءَ ڪري هو سماج يا چالو مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي سڌاري کي پسند نه ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو حالتن جي سڌاري جي ڪوشش ڪندو هو ته ان کي بدعتي يا باغي سڏي ماريو ويندو هو.
شاپور (ٻئي) کان پوءِ درٻاري اميرن ۽ ڪليسا جي ٻاون جو زور گهڻو وڌي ويو. مٿئين درجي جي اميرن ٻاون سان ٻڌي ڪئي ۽ بادشاهه جي طاقت لاءِ خطرو بڻجي ويا.
ٻين ملڪن وانگر وچئين دؤر جي ايران ۾ طبقاتي فرق جون محڪم حدون مقرر هيون ۽ عام ۽ خاص جي فرق کي ڪو به مٽائي نه سگهندو هو. عام ماڻهوءَ کي اميرن جي لباس، پوشاڪ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ شوقيه مشغلن جي نقل ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪو به ماڻهو پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هاريءَ جي گهر پيدا ٿيو ته اهو سڄي عمر ٻني ٻارو ڪرڻ تي مجبور هو ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو امير گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ته ڪا به طاقت ان کي ان خانداني نجابت کان محروم ڪري نه ٿي سگهي.
نخبا جي اميرن جي پاڪائيءَ، نسب ۽ غير منقوله ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو. وڏن خاندانن جا نالا سرڪاري رجسٽر ۾ درج رهندا هئا ۽ عوام کي امير طبقي جي جائداد خريدڻ جي منع هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زرتشتي مذهب کان منحرف ٿي ويندو هو، ته ان جي سڄي ملڪيت ضبط ڪري سندس ويجهن مائٽن ۾ ورهائي ويندي هئي.
هارين جي حالت عام شهرين کان به وڌيڪ خراب هئي. انهن کان هر طرح جي بيگر ۽ ڇيڙ ورتي ويندي هئي، پر زمينن تي انهن جو ڪو حق نه هو. جنگ جي موقعي تي کين زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو، پر انهن کي پگهار يا اجورو نه ملندو هو. هڪ مَورخ لکي ٿو ته ”انهن ويچارن هارين جا وڏا وڏا ٽولا فوج پٺيان پنڌ هلندا هئا، ڄڻ ته ابدي غلامي انهن جي تقدير ۾ لکيل هئي ۽ ڪنهن به قسم جي پگهار يا اجوري وسيلي انهن جي همت افزائي نه ڪئي ويندي هئي.“
مرد کي ڪيتريون ئي زالون رکڻ جي موڪل هئي، پر عام طرح زالن جي تعداد جو دارومدار مڙس جي آمدنيءَ تي هوندو هو. مرد پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ ۽ حرمن (گهر جي ٻين عورتن) سان به شادي ڪري سگهندو هو. زرتشتي عقيدي موجب ان قسم جي شادي ”خويذوگرس“ سڏبي هئي. اها رسم ايران ۽ مصر ۾ زرتشت کان گهڻو اڳ رائج هئي ۽ ان قسم جي شاديءَ کي گهڻو ساراهيو ويندو هو، تنهنڪري زرتشتي ڪتابن ۾ ان جا ڏاڍا فضل بيان ڪيل آهن.
هڪ دلچسپ رواج اهو به هو ته مڙس کي حق هو ته پنهنجين زالن مان هڪ، پوءِ اها شادي ٿيل هجيس يا ڪنيز (نوڪرياڻي، غلام)، ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي، جيڪو روزگار کان محروم ٿي ويو هجي، ان غرض لاءِ ڏئي ڇڏيندو هو ته اهو هن جي گذاري لاءِ ڪم ۾ مدد وٺي. ان لاءِ عورت جي رضامندي حاصل ڪرڻ لازمي نه هو. ان عارضي ازدواج (شادي) مان جيڪو اولاد پيدا ٿيندو هو، اهو اڳئين مڙس مان سمجهيو ويندو هو. ”زال ۽ غلام جو درجو برابر هو.“
مختصر اهو ته ايراني سماج ۾ قانون ان غرض جا ٺاهيا ويا هئا ته خاندان جي پاڪائيءَ ۽ جائداد کي محفوظ رکيو وڃي، سماج جي مختلف طبقن جي فرق ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه اچي سگهي ۽ ڪو به شخص پنهنجي ڌنڌي يا فرض کان منهن موڙي نه سگهي.
اهو هو اهو سماجي ماحول جنهن ۾ مزدڪ جي پرورش ٿي. مَورخن جو چوڻ آهي، ته مزدڪ تي حڪيم ماني جي تعليمن جو ڏاڍو اثر هو. ماني جو پيءُ فاتڪ همدان جو رهاڪو هو پر وطن ڇڏي بابل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويو. ماني هڪ ڳوٺ ۾ 215ع ۾ انهيءَ جاءِ تي، جيڪا ساساني حڪومت جي گادي واري شهر طيسفون کان 60 ميل پري هئي، پيدا ٿيو. وڏو ٿي هن زرتشت، عيسائيت، عرفانيت ۽ ٻين مذهبن جو مطالعو ڪيو ۽ حق جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن جو سير ڪيو. هو هندستان ۾ به آيو ۽ هندو مَت ۽ ٻڌ مَت جي پيشوائن (مذهبي اڳواڻن) سان مليو. آخرڪار هن پنهنجي مذهب جي تبليغ شروع ڪئي ۽ فاقليط هئڻ جي دعوى ڪئي، جنهن جي خبر حضرت عيسى ڏني هئي. هڪ حمديه تراني ۾، جيڪو پهلوي ٻوليءَ ۾ آهي، ماني چوي ٿو: ”مان بابل کان آيو آهيان ته جيئن حق جو آواز سڄيءَ دنيا کي ٻڌايان.“
ماني جو مذهب عيسائيت، زرتشتيت ۽ ٻڌ مت جو معجون مرڪب هو. ان جو بنياد نُور ۽ ظلمت جي جنگ (زرتشت)، تثليث (عيسائيت) ۽ تناسخ (ٻڌ مت) جي ميلاپ تي هو. ماني جي مذهبي سماج جي زندگيءَ ۾ ٻن طبقن کي وڏي اهميت هئي. اول وزيدگان (برگزيده، بزرگ ماڻهو) ۽ ٻيو نيوشگان (ٻڌڻ وارا، سامعين، عام پوئلڳ). وزيدگان حقيقت ۾ ٻڌ مت جي ڀڪشن جيان هئا. گوشت يا سبزي کائڻ ۽ شراب پيئڻ مٿن حرام هو، هُو نه ڪو ڌنڌو اختيار ڪري سگهيا ٿي ۽ نه شادي. کين تاڪيد ڪيل هو ته هڪ ڏينهن جي خوراڪ ۽ هڪ سال جي پوشاڪ کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکن ۽ پنهنجو سمورو وقت واعظ ۽ نصيحت ۾ گذارن. نيوشگان تي اهڙي پابندي ڪا نه هئي.
ماني جي تعليم بابل ۽ ايران ۾ ڏاڍي قبول ٿي، تنهنڪري شاپور جا ٻه ڀائر مهرشاهه (بابل جي والي) ۽ پيروز (خراسان جو والي) ماني جا عقيدتمند ٿي پيا ۽ پوءِ شهنشاهه به سندس نئين دين کي قبول ڪري ورتو. شاپور جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ۽ جانشين هرمزت (اول) به ماني جي پيروي ڪندو رهيو، پر هڪ سال کان پوءِ سندس ڀاءُ بهرام اول جڏهن تخت تي ويٺو ته مَوبدن جي وري قسمت ورِي پئي. بهرام ڏاڍو عياش ۽ نا اهل حاڪم هو، تنهنڪري هن زرتشتي ڪليسا جي خوشامد ۾ پناهه ورتي. يعقوبي روايت ڪري ٿو ته هن ماني کي جهلائي سڏايو ۽ حڪم ڏنو ته هو مَوبدانِ مَوبد سان بحث ڪري. جيئن ته نتيجي جو فيصلو وڏي ٻائي جي راءِ تي هو، تنهنڪري ظاهر آهي ته ماني کي شڪست ٿي ۽ الحاد جي ڏوهه ۾ هن جي کل ڇڪي لاٿي وئي ۽ سِسي وڍي گنديشاپور شهر جي ڦاٽڪ تي ٽنگي وئي. اهو واقعو 276ع جو آهي.
ماني جي قتل کان پوءِ سندس پوئلڳن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو ۽ سخت سزائون ڏنيون ويون، پوءِ به سندن مذهب مٽجي نه سگهيو ۽ ڳجهي نموني جيئرو رهيو. مَورخن جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ ماني جي پوئلڳ هڪ زرتشتي نسيرخورگان، جيڪو پسا شهر جو رهاڪو هو، وڃي روم ۾ پناهه ورتي ۽ نئين عقيدي جي تبليغ ڪرڻ لڳو، جيڪو ماني جي مروج عقيدن کان مختلف نه هو. ان جو نالو بندوس به چيو ويندو آهي. بندوس ڪجهه عرصي کان پوءِ ايران موٽي آيو ۽ پنهنجي مذهب جي تعليم ڏيڻ لڳو. ايران جا ماڻهو ان مذهب کي ”دريست دينان“ يعني خير جي خدا جو مذهب چوندا هئا، ڇو ته بندوس چوندو هو ته خير جو خدا شر جي خدا تي غالب اچي ويو آهي، تنهنڪري اسان کي خير جي خدا جي عبادت ڪرڻ گهرجي. لڳ ڀڳ 200 سال پوءِ مزدڪ انهيءَ خير جي مذهب جي آجيان ڪئي. هن ماني ۽ بندوس جي تعليمن کي هڪ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو. بندوس جي ابتڙ هُو عمل جو مرد هو، ان ڪري سندس تعليم انقلاب جي شڪل اختيار ڪئي.
مزدڪ جو عقيدو هو ته ڪائنات ٽن عنصرن ـــــــ باهه، پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ــــــ جي ٺهيل آهي. انهن ٽنهي شين جي ملڻ سان خير ۽ شر جا مدبر پيدا ٿيندا آهن. (الملل والخل- از شهرستاني ص 197). خير ۽ شر جي جنگ ۾ خير غالب ٿي ويو آهي پر اهو غلبو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي، اڃا سوڌو جاري آهي ۽ دنيا جي ارتقا جو مقصد نور کي ظلمت کان مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي. خير جي مدبر مان مراد نور جو خدا آهي جيڪو عالمِ بالا (مٿين عالم، عرش) ۾ تخت تي ويٺو آهي، جيئن عالم سِفلي ۾ ايران جو بادشاهه. ان جي حضور ۾ چار قوتون حاضر رهنديون آهن ــــــ تميز، حافظو، عقل ۽ سرور. جيئن خسرو ايراني بادشاهيءَ جو دارومدار چئن شخصن تي آهي ـــــــ مَوبدانِ مَوبد، هيربذان هيربذ، سپاهه بد ۽ رامشگر (موسيقار). اهي چار قوتون ڪائنات جو نظم ۽ نسق ستن وزيرن وسيلي هلائن پيون.
خداوندي درٻار جو اهو نقشو هوبهو ساساني درٻار جو چرٻو آهي ۽ اهو ڪو عجيب تصور ناهي، ڇو ته ملوڪيت جي پراڻي دؤر ۾ انسان، جيڪو قدرت جي قانونن کان اڻواقف هو، ڪائنات جي انتظام کي هڪ وسيع شاهي نظام جي انداز ۾ ئي سوچيندو هو. سندس خيال هو ته جيئن ڌرتيءَ تي بادشاهه جي حڪومت آهي ۽ هو پنهنجن وزيرن ۽ درٻارين وسيلي حڪومت ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح خدا به پنهنجن وزيرن ۽ درٻارين وسيلي ڪائنات تي حڪومت ڪندو آهي ۽ جيئن بادشاهه کي پنهنجن دشمنن خلاف وڙهڻو پوندو آهي، ساڳيءَ طرح خدا کي به شيطاني قوتن خلاف جنگ ڪرڻي پوندي آهي.
مزدڪ جنگ ۽ خونريزيءَ جي خلاف هو ۽ ماني وانگر پنهنجن مريدن کي گوشت کائڻ ۽ جانورن جي جان وٺڻ کان منع ڪندو هو. سندس خيال هو ته لڙائيءَ ۽ جهيڙن جو بنيادي سبب عورت ۽ دولت هوندي آهي، تنهنڪري هن ”زنان را حلال گردانيد و اموال مباح داشت و تمام مردم را در اموال و نسوان شريڪ گردانيد چنانڪه در آب و آتش و علف (چراگاهه) شريڪ مي باشند“ (شهرستاني)
مزدڪ چوي ٿو ته ”خدا سڄيءَ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جا وسيلا پيدا ڪيا ته جيئن سڀ ماڻهو هڪ جيترو، گهرج آهر، کائن ۽ ڪنهن به ٻئي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن کي وڌيڪ حصو نه ملي، پر جبر ۽ قوت جي زور تي ماڻهن ۾ نابرابري پيدا ڪئي وئي ۽ ماڻهوءَ اها ڪوشش ڪئي ته ٻئي جو حصو ڇني پنهنجيون خواهشون پوريون ڪري، پر حقيقت ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻئي جي ڀيٽ ۾ مال ملڪيت ۽ عورتن جو وڌيڪ حصو کائڻ جو حق ڪونهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اميرن کان دولت ڦري مفلسن کي ڏني وڃي ۽ ان مساوات کي ٻيهر قائم ڪيو وڃي جيڪا شروع کان انسانذات ۾ هئي.“ (ابنِ بطريق، طبري، ثعلبي، فردوسيءَ جي حوالي سان ڪرسٽن سين چيو).
ابنِ نديم ”الفهرست“ ۾ لکيو آهي ته ”مزدڪين جو ڪردار ڏاڍو پاڪائيءَ ڀريو ۽ نيڪ هوندو هو. انهيءَ مذهب ۾ ڪنهن کي ايذاءُ ڏيڻ يا آزار پهچائڻ سخت منع هو. زهد ۽ پارسائي هن جو شعار هو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ڪو به ماڻهو ساڻس ڪلهو هڻي نه سگهندو هو.“
مزدڪ هڪ اهڙي سماجي انقلاب جي دعوت ڏئي رهيو هو جنهن وسيلي ساساني سماج جا صديون پراڻا طبقاتي رشتا تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو امڪان هو. نه اميرن ۽ نه ئي زرتشتي ڪلسيا جون زمينون باقي بچن ها، نه انهن جي حرم سرائن ۽ غلام گردشن جي رونق سلامت رهي ها، نه ڪوئي آقا رهي ها ۽ نه ڪو غلام.
مزدڪ جي تحريڪ هوري هوري عوام ۾ ايتري قبول پئجي وئي جو ”گهڻائيءَ ان کي قبول ڪري ورتو.“ (ايران. از پروفيسر گرشمان). پوءِ اهو وقت به آيو جو پاڻ شهنشاهه مزدڪ کي پنهنجو پيشوا مڃي ورتو ۽ ڪجهه اهڙا قانون نافذ ڪيا جن جي ڪري رعيت جو ڪجهه بار هلڪو ٿيو ۽ عورتن کي شاديءَ جي حد تائين آزادي ملي. سوال اهو آهي ته قباد پنهنجو اباڻو مذهب زرتشت ڇڏي مزدڪيت کي ڇو قبول ڪيو؟ زرتشتي مَوبدن جي ويجهو قباد به مزدڪ جيان مجسم شيطان هو ۽ عياشي ۽ فتني فساد جو شوقين، پر غير جانبدار مَورخن جي راءِ موجب قباد نهايت دلير، سمجهدار، ڏاهو ۽ دورانديش ماڻهو هو. هن درٻاري اميرن ۽ ڪلسيا جي ٻاون جي چنبي مان آزاد ٿيڻ پئي چاهيو، ڇو ته انهن ٻنهي طبقن جي طاقت ايتري وڌي وئي هئي جو بادشاهه انهن جي هٿن جو رانديڪو ٿي پيو هو. اهي جنهن کي چاهيندا هئا، تخت تي ويهاريندا هئا ۽ جنهن کي چاهيندا هئا، تخت تان لاهي ڇڏيندا هئا. بس، قباد لاءِ مزدڪي تحريڪ اهڙي ٻه منهي تلوار هئي جنهن سان هو ٻنهي قوتن کي ڌڪ هڻي پئي سگهيو، ڇو ته عوام مزدڪ جي تحريڪ جي حق ۾ هو.
پر پوءِ جا واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته مزدڪ پنهنجين تجويزن کي عملي جامو نه پارائي سگهيو. گهڻو امڪان آهي ته ڏڪر جي زماني ۾ ڪجهه جاين تان عوام اناج جا ذخيرا ڦري پاڻ ۾ ورهايا هجن پر قباد سڄي ملڪي سطح تي نه ته زمينن کي هارين ۾ هڪ ڪرو ورهايو ۽ نه ئي اميرن ۽ مَوبدن جا خزانا ماڻهن جي استعمال ۾ آيا. پر بادشاهه جو مزدڪي ٿي وڃڻ، خود اعلى طبقن جي حق ۾ ڏاڍو خطرناڪ هو. ان ڪري قباد خلاف سازشون شروع ٿيون ۽ آخرڪار کيس لاهي قيد ڪيو ويو ۽ درٻارين قباد جي ڀاءُ جاماسپ کي تخت تيّ ويهاريو (499ع) پر قباد گهڻو عرصو قيد نه رهيو. قباد جي قيدخاني مان ڀڄي وڃڻ متعلق ڪيترائي قصا مشهور آهن. ڪجهه چون ٿا ته سندس ملڪه ڪوٽوال سان معاملا طي ڪيا. ڪجهه چون ٿا ته هن خاص مصاحب سياوس هن جي مدد ڪئي. بهرحال قباد ڀڄي وڃي هسپتالين جي درٻار ۾ پناهه ورتي. خاقان هن جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي ڌيءُ جي هن سان شادي ڪئي. تڏهن قباد هسپتالي فوج ساڻ ڪري ايران جو رخ رکيو ۽ بنا جنگ ٻيهر تخت تي قبضو ڪيو.
پر هاڻي هو مزدڪي قباد نه هو. هن درٻاري اميرن ۽ ڪلسيا جي ٻاون سان ٺاهه ڪرڻ ۾ چڱائي سمجهي ۽ هوري هوري مزدڪي عقيدن کان پري ٿيندو ويو. هن پنهجي خاص مشير ۽ نجات ڏياريندڙ سياوش کي، جيڪو مزدڪي هو، ڌار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٻاون سياوش تي دين جو انحراف ڪرڻ جو الزام هنيو ته قباد هن کي موت جي سزا ڏني ۽ ماهه يُذ کي، جيڪو زرتشتي ٽولي جو اڳواڻ هو، پنهنجو خاص مشير ڪري ڇڏيو.
قباد ان تي بس نه ڪئي پر 519ع ۾ پنهنجي وڏي پٽ ڪائوس بدران، جيڪو اعلانيه مزدڪي هو، پنهنجي ننڍي پٽ خسرو کي، جيڪو درٻارين جو منظورِ نظر هو، پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيو.
بادشاهه جي انهن فيصلن ڪري اميرن ۽ ٻاون جا حوصلا وڌي ويا. هنن مزدڪين تي سختيون شروع ڪري ڏنيون ۽ هارين کي جيڪي رعايتون مليون هيون، اهي به کسي ورتيون. نتيجو اهو نڪتو ته هارين جون بغاوتون ٿيڻ لڳيون ۽ ڦرلٽ جي بازار مچي وئي. باغين جا ٽولا اميرن جي محلن ۾ گهڙي ويندا هئا ۽ مال ملڪيت ڦري وٺندا هئا. هاڻي سلطنت جي اميرن کي ان انديشي اچي ورايو ته جيڪڏهن هن فتني کي جلدي جهليو نه ويو، ته سندن جان، عزت، آبرو، سڀ خطري ۾ پئجي وينديون.
تنهنڪري خسرو انوشيروان قباد کي فرياد ڪئي ته هن بدامنيءَ جي سڄي ذميواري مزدڪ ۽ سندس ساٿين تي آهي، ان ڪري کين پنهنجي ڪَئي جي سزا ملڻ گهرجي، نه ته ملڪ برباد ٿي ويندو. ڪاروائيءَ جي لاءِ مذهبي مناظري جو اهو ئي آزمايل نسخو استعمال ڪيو ويو جنهن جي مدد سان ماني کي قتل ڪيو ويو.
مطلب ته قباد جي درٻار ۾ مناظرو برپا ٿيو. هڪ طرف زرتشتي مَوبدانِ مَوبد ۽ اٺن آتشڪدن جا بزرگ ٻاوا ۽ عيسائين جو لاٽ پادري بازانيس هئا ۽ ٻئي طرف مزدڪ ۽ سندس ساٿي. ان بحث ۾ مزدڪ کي شڪست ملڻي هئي، سا ملي ۽ انهيءَ ئي وقت خسروءَ جي سپاهين، جيڪي مزدڪين کي گهيري ۾ وٺيو بيٺا هئا، مٿن وارا واري لائي ڏني ۽ مزدڪين کي قتل ڪيو. اهو واقعو 528 يا 529ع ۾ ٿيو.
ٻن سالن کان پوءِ جڏهن خسرو انوشيروان تخت تي ويٺو ته هن باقي بچيل مزدڪين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ، انهن کي قانون جي تحفظ کان محروم ڪري ڇڏيو. مزدڪي ڳولي ڳولي ماريا ويا، انهن جا گهر ٻار ۽ زمينون ضبط ڪيون ويون ۽ سندن ڪتاب ساڙيا ويا. انهن ۾ مزدڪ جي تصنيف ”مزدڪ نامگ“ به شامل هئي. پروفيسر برائون لکي ٿو ته ابنِ مقنع ان ڪتاب جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، پر اهو ڪتاب هاڻي اڻلڀ آهي. چون ٿا ته ان قتل عام ۾ نوَ لک ايراني ڪُٺا ويا.
زرتشتي مورخن جي پوئلڳيءَ ۾ ٻين ليکڪن به مزدڪ تي اهو الزام هنيو آهي ته هو عورتن جي گڏيل استعمال جي تبليغ ڪندو هو، پر اها تهمت ننهن کان چوٽيءَ تائين بي بنياد آهي. جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته انسان بلڪل شروعاتي دؤر ۾، جڏهن قبيلو هڪ هيڪڙائي هو، زال ۽ مڙس جو رشتو موجود نه هو. اسان اهو به ڏسي چڪا آهيون ته اسپارٽا ۾ اڄ کان ٻه هزار سال اڳ تائين عورتون گڏيل هيون ۽ پاڻ افلاطون پنهنجي ڪتاب ”ريپبلڪ“ ۾ عورتن جي گڏيل استعمال جي راءِ پيش ڪئي آهي. انهن تاريخي واقعن باوجود اها حقيقت آهي ته زرتشتي پيشوائن مزدڪ جي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ لعنتاڻو وجهڻ لاءِ مٿس عورتن جي گڏيل استعمال جو الزام مڙهيو هو. پري ڇو وڃجي، روس جي سوشلسٽ انقلاب جي تاريخ پڙهو. اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ تائين آمريڪا ۽ برطانيا ۾ اهڙا ڪتاب پئي شايع ٿيندا رهندا هئا جن ۾ ڏاڍي يقين سان اها دعوى ڪئي ويندي هئي ته روس ۾ هاڻي گهريلو زندگي ختم ٿي وئي آهي، ماڻهو جنهن عورت سان وڻيس مباشرت ڪري ٿو ۽ ڪا به عورت جنهن به مرد سان وڻي، رات گذاري ٿي. نه ڀاءُ ڀيڻ جي تميز بچي آهي ۽ نه ئي پيءُ ۽ ڌيءُ جي، نه ڪو شادي ڪندو آهي ۽ نه ئي ٻارن جي خبر هوندي آهي، ته انهن جا ماءُ ۽ پيءُ ڪير آهن. اهي ڪتاب اڄڪلهه ڪو به نه ٿو پڙهي، پر لائبريرين ۾ موجود آهن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ويهين صديءَ ۾، جڏهن ته معلومات جا ذريعا ججها آهن، تڏهن به جيڪڏهن سوشلسٽن جي باري ۾ ان قسم جون بي بنياد ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، ته پوءِ اڄ کان 15 سَو سال اڳ انقلابين تي جيڪو به الزام لڳايو ويو هجي، اهو گهٽ چئجي! زرتشتي ڪليسا جي بي رحم تشدد جي ڪري مزدڪ ۽ سندس ساٿين جي ڪا به لکڻي بچي نه سگهي. مزدڪيت جي باري ۾ اسان جا سمورا اطلاع مخالفن جي لکڻين مان اخذ ڪيل آهن. پوءِ به ڪنهن به زرتشتي يا عيسائي مورخ اها دعوى ڪا نه ڪئي آهي ته قباد مزدڪي دين قبول ڪرڻ کان پوءِ عورتن جي گڏيل استعمال جو قانون نافذ ڪيو هجي. ساساني سماج ۾ عورت جي حيثيت غلامن کان به وڌيڪ خراب هئي، اميرن ۽ مَوبدن جي محفلن ۾ شادي شده عورتن، نوڪرياڻين ۽ داشتائن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، تنهنڪري ممڪن آهي ته قباد انهن عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪو قانوني قدم کنيو هجي، رهيو اهو الزام ته مزدڪ محرمن ـــــــ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ ــــــ سان جنسي تعلق کي چالو ڪيو هجي، ته ان قسم جو رواج ته اول ئي زرتشتين ۾ موجود هو، پر زرتشتي مذهب جي لحاظ کان ان قسم جي شاديءَ کي ڏاڍو سٺو سمجهيو ويندو هو. محرمن سان شاديءَ جو رواج رڳو ايران تائين موجود نه هو پر گهڻيون پراڻيون قومون نسلي پاڪائيءَ لاءِ ان تي عمل ڪنديون هيون. مزدڪ کي ان جو مؤجد سمجهڻ تاريخ سان مذاق ڪرڻ آهي.
مزدڪي تاريخ جيتوڻيڪ چاليهن سالن کان وڌيڪ نه رهي پر ان جا اثر ڏاڍا ڏور رس ثابت ٿيا، جيتوڻيڪ انهن جي سوشلسٽ نوعيت ختم ٿي وئي ۽ اهي ايراني وطني پرستيءَ جي قالب ۾ گهڙجي ويا، تنهنڪري مسلمان مورخن بني اميد ۽ بني عباس جي ايراني مخالفت کي مزدڪي چئي ئي لعنتاڻو وڌو. بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن آمريڪا ۾ ڪجهه سال اڳ تائين هر مخالف کي ڪميونسٽ سڏي سزا ڏني ويندي هئي.
شهرستاني جهڙو محتاط مَورخ به چوي ٿو ته سنبادي، محمري (سُرخ پوشاڪ وارا)، مبيضي (اڇي سوشاڪ وارا) ۽ خرمي فرقا مزدڪي فرقي جا ئي مختلف نالا آهن. البيروني المقنع جي باري ۾ لکي ٿو ته هن مزدڪ جي حڪمن ۽ تعليمن کي پنهنجن پوئلڳن تي فرض قرار ڏنو هو. نظام الملڪ (قتل 1092ع) انهن سڀني کان اڳتي نڪري ويو. هو سياست نامي ۽ خرمي فرقي جي نالي بابت لکندي چوي ٿو ته مزدڪ جي قتل کان پوءِ سندس زال، جنهن جو نالو خرم هو، مزدڪ جي ٻن وفادار مريدن سان گڏجي طيسفون کان ڀڄي اچي ”رِي“ شهر ۾ پناهه ورتي. هن جي پوئلڳن خرمي يا مزدڪي سڏايو. ان فرقي جو اثر آذربائيجان، آرمينيا، ويلم، همدان، اصفهان ۽ اهواز يعني اتر ۽ اولهه ايران ۾ تمام گهڻو هو ۽ اهي ئي ماڻهو هئا جن بنو اميه خلاف بغاوت ۾ ابو مسلم جي سڀ کان وڌيڪ مدد ڪئي.
طبري رواندين (اصفهان ويجهو رواند) کي به مزدڪي لکيو آهي، پر هو ته اها به دعوى ٿو ڪري ته اهي ماڻهو مزدڪ وانگر عورتن جي گڏيل استعمال جا قائل هئا. هنن عباسي خليفي المنصور جي خلاف 758ع ۾ بغاوت ڪئي هئي.
پر خليفي المهدي جي دؤر ۾ رواندين کان ڪيترو ئي وڌيڪ وڏي بغاوت المقنع ڪئي، جيڪو اردو ادب ۾ ماهه تحشب جي حوالي سان مشهور آهي. تحشب خراسان جو مشهور شهر هو. چون ٿا ته المقنع اتي هڪ کوهه ٺهرايو هو جنهن مان سندس مصنوعي چنڊ نڪرندو هو. آثارالبلاد جو ليکڪ القزويني لکي ٿو ته کوهه جي تهه ۾ پارو هو. پر اهي سڀ ڳالهيون ڪوڙيون آهن. البيروني جي چوڻ موجب المقنع جو نالو هاشم ابن حڪيم هو. هو مَرو جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. هُو ڪاڻو هو ۽ پنهنجي منهن تي هميشه سائي رنگ جو ريشمي نقاب رکندو هو. هن جيحون ندي پار ڪري تحشب جي ضلعي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ چين جي خاقان کان مدد جو طالب ٿيو. مبيضه فرقي جي ماڻهن ۽ ترڪن ان جو ساٿ ڏنو. هو دشمن جي ملڪيت ۽ عورتن کي مريدن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هن پنهنجن مريدن تي مزدڪ جي حڪمن ۽ تعليمن جي پيروي فرض ڪئي هئي. هن چوڏهن سالن تائين حڪومت ڪئي. آخرڪار المهدي جي فوج هن کي شڪست ڏني، پر هن قيد ٿيڻ بدران باهه ۾ سڙي خاڪ ٿيڻ کي وڌيڪ اهم سمجهيو. (785ع).
نائين صدي عيسوي ۾ بابڪ خرمي جيڪا بغاوت ڪئي هئي، ابن نديم ان جو احوال ڏاڍي تفصيل سان لکيو آهي. هو الفهرست (987ع) ۾ واقد ابن عمر التميمي جي حوالي سان لکي ٿو، ته بابڪ جو پيءُ المدائن (طسيفون) ۾ تيل وڪڻندو هو، پوءِ هن وطن ڇڏي آذربائيجان جي هڪ ڳوٺ بلال آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ڳوٺ ڳوٺ گهمي تيل وڪڻڻ لڳو. هن هڪ ڪاڻي عورت سان شادي ڪئي جنهن جي پيٽ مان بابڪ پيدا ٿيو. هڪ ڀيري هو تيل وڪڻڻ ويل هو ته اردبيل ويجهو ڪنهن کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ بابڪ جي ماءُ کي مجبورن دائپو ڪرڻو پيو. بابڪ ڏهن سان جو ٿيو ته ماءُ هن کي جانور چارڻ جي ڌنڌي لاءِ ڇڏيو. هڪ ڏينهن خرمي فرقي جي هڪ ماڻهوءَ، نالي جاودان، جو لنگهه بابڪ جي ڳوٺ کان ٿيو. بابڪ جي ماءُ هن جي مهمانداري ڪئي ته جاودان خوش ٿي چيو ته تون پنهنجي پٽ کي منهنجي سرپرستيءَ ۾ ڏئي ڇڏ. ماءُ راضي ٿي ۽ بابڪ جاودان سان رهڻ لڳو. جاودان کي ڪو به اولاد نه هو تنهڪري جڏهن جاودان مري ويو تڏهن سندس بيوه زال بابڪ سان شادي ڪئي. اهڙيءَ طرح بابڪ خرمي قبيلي جو اڳواڻ بڻجي ويو. ابن نديم هن جي عقيدي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته بابڪ خرمي جو مقصد مزدڪي تعليمن کي نئين سر پکيڙڻ هو.
بابڪ خرمي اتر ۽ اتر-اولهه ايران جي ماڻهن کي عباسي خليفن خلاف ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، ۽ جيئن ان زماني جو دستور هو، عوام کي پنهنجو گرويده بڻائڻ لاءِ سياسي مقصدن کي مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لڳو. هن جا مريد پنهنجي پيشوا جا روحاني فضل ۽ مافوق الفطرت وصفون ماڻهن آڏو بيان ڪندا هئا، ته بابڪُ خرمي، خدا پاران توهان کي عربن کان نجات ڏيارڻ آيو آهي، ان ڪري اوهان جو فرض آهي ته سندس حمايت ڪيو. گهڻو ممڪن آهي ته هو به عرب اميرن جون زمينون ايراني هارين ۾ ورهائي ها ۽ ان ڪري عرب مَورخن هن تي مزدڪيت جو الزام لڳايو هجي.
هوري هوري بابڪ خرمي ايترو طاقتور ٿي ويو جو خليفي کي سندس مقابلي لاءِ فوجون موڪلڻيون پيون. پهريائين يحى بن معاذ ويو، پوءِ عيسى بن محمد، پوءِ محمد بن حميد، پر انهن کي شڪست ٿي ۽ آخرڪار افشين ان ڪم لاءِ مقرر ٿيو. افشين وڏي عياريءَ ۽ مڪاريءَ سان بابڪ خرمي کي گرفتار ڪيو ۽ خليفي المعتصم جي درٻار ۾ آندو ۽ خليفي بابڪ کي پنهنجي سامهون قتل ڪرايو.
جيئن عباسي خلافت جا باغي پنهنجي تعليم کي خداوندي حڪم ڪري ٻڌائيندا هئا، ائين ان جا مخالف انهن کي مزدڪي، زنديق، دهريو ۽ مرتد چئي، ساڻس اهي سموريون برايون منصوب ڪندا هئا جيڪي عام ماڻهن کي پسند نه هيون. انهن جي شڪل صورت ۽ خانداني حالتن کي به ڏاڍي گندي انداز ۾ بيان ڪندا هئا.
_________
ايران به عهدِ ساسانيان. ترجمو: ڊاڪٽر محمد اقبال. ص 151، انجمن ترقي اردو. 1941.
الفهرست. ص 610.
Literary History of Persia. Vol- I. P- 169