تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب ٻارهون : عملي زندگيءَ جي شروعات

مارڪس جي عملي زندگيءَ جي شروعات اخبارنويسيءَ سان ٿي، جيتوڻيڪ سندس دلي خواهش هئي ته هو بون يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو پڙهائي. برونو بائر اڳ ۾ ئي اتي موجود هو ۽ مارڪس کي تاڪيد ڪري رهيو هو ته پنهنجو مقالو تڪڙو پورو ڪر ۽ هتي اچ ته جيئن گڏجي فلسفي جو هڪ رسالو ڪڍون. پر انهيءَ دوران جرمن حڪومت جون احتسابي سختيون وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويون ۽ بائر کي غيرمذهبي خيالن جي پکيڙڻ جي سزا ۾ يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو. مارڪس جو سڄو منصوبو ختم ٿي ويو. هو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي وطن هليو ويو ۽ ٻه مهينا ٽرائر ۾ گذاري، جولاءِ 1841ع ۾ بون پهچي ويو.
بون ۾ ئي رهڻ دوران، مارڪس پهريون سياسي مضمون ”سينسرشپ جي نئين هدايت“ تي لکيو. اصل ۾ اهو مضمون دنيا کي فلسفي لاءِ مناسب بڻائڻ جي ان انقلابي جدوجهد جي شروعات هو، جيڪا نيٺ مارڪس جي تقدير بڻجي وئي. شخصي آزادين تي پابندين خلاف مارڪس جو اهو پهريون احتجاج جو آواز ۽ وجود جي اظهار جي حق جو پهريون اعلان هو. اهو مضمون مارڪس جنوري 1842ع ۾ آرنلڊ روج جي رسالي لاءِ لکيو هو، جيڪو ڊريسڊن مان ڇپبو هو.
مارڪس پنهنجي مضمون ۾ سينسرشپ جي نون قانونن جي مذمت ڪئي هئي ۽ لکيو هو ته راءِ جي اظهار خلاف فوجداري ضابطا اهائي حڪومت ٺاهيندي آهي جيڪا عوام بدران آفيسر شاهيءَ تي مدار رکندي آهي. هن موجب جرمن رياست جي موتمار خامي اهائي هئي ته حڪومت جا سڀئي اختيار پاڻ پڏائيندڙ ۽ مغرور آفيسرن جي هٿ ۾ هئا ۽ هيءُ اهو نااهل طبقو هو جيڪو پنهنجي هر هڪ لفظ ۽ پنهنجي هر هڪ حرڪت کي الهامي ڪتابن وانگر مقدس سمجهندو هو. جيتوڻيڪ سچائيءَ تي سڀني جو حق آهي، اها ڪنهن هڪ فرد جي ملڪيت ناهي.
”مان سچائيءَ جي ملڪيت آهيان. سچائي منهنجي ملڪيت ناهي. منهنجي ملڪيت ته فقط منهنجو بياني انداز آهي جيڪو منهنجي روحاني انفراديت آهي. بيشڪ قانون مون کي لکڻ جي اجازت ڏي ٿو البت ان انداز ۾ جيڪو منهنجو پنهنجو ناهي. مان پنهنجو روحاني مُکڙو خوشيءَ سان ڏيکاريان پر پهريائين اهو سرڪاري قالب ۾ آڻيان. ڪير اهڙو بيغيرت هوندو جنهن کي ان مفروضي تي شرم نه اچي... سچائي منزل به آهي ۽ منزل تائين پهچڻ جو رستو به، تنهنڪري سچائيءَ جي ڳولا به سچي هجڻ گهرجي، ڇو ته سچي ڳولا خود ترقي ڪيل سچائي آهي.“
انهيءَ دوران ڪولون شهر مان ”رهائنشن زاءِ تونگ“ نالي هڪ اخبار پڌري ٿي (پهرين جنوري 1842ع). ان اخبار جي ٽيڪ رهائن علائقي جي سرمائيدارن ۽ واپارين جو هڪ ٽولو هو. اتفاق سان اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڪيئي ”نوجوان هيگلين“ به شامل هئا. اهي مارڪس کي سڃاڻيندا هئا تنهنڪري مارڪس انهن جي فرمائش تي ان اخبار ۾ مضمون لکڻ لڳو ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ آڪٽوبر 1842ع ۾ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيڻ تي بون مان ڪولون هليو آيو.
اخبار پڙهندڙن مارڪس جي تحريرن کي گهڻو پسند ڪيو جنهن سان اخبار جي ڇپائي ٿورن ئي هفتن اندر 885 مان وڌي ٻه هزار ٿي وئي.
تِن ڏينهن ۾، ڪولون ۾، رهائن جي صوبائي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿي رهيو هو. ماڻهن جي گهر هئي ته اسيمبليءَ جي ڪارگذاري اخبار ۾ ڇپي وڃي ته جيئن کين معلوم ٿي سگهي ته سندن جڙتو نمائندا اسيمبليءَ ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، پر اسيمبليءَ ۾ اڪثريت نوابن ۽ جاگيردارن جي هئي. اهي ان ڳالهه جي خلاف هئا ۽ چاهن پيا ته ڪاررواين جون فقط ڪٽيل سٽيل خبرون اخبارن ۾ ڇپجن.
ڪارل مارڪس ”وجود جي حاصلات“ ۽ ”وجود جي اظهار“ لاءِ پريس جي آزاديءَ کي انتهائي ضروري سمجهندو هو. هن جي خيال ۾ صحافت جي آزادي ”ماڻهوءَ جي آزاديءَ جي حاصلات“ هئي. هو آزاد پريس کي ”هلندڙ وقت جو آزاد ترين مظهر، آزاديءَ جو مجسمو ۽ مثبت خير“ سمجهندو هو. صوبائي اسيمبليءَ جي بحثن مارڪس کي پنهنجي پسند واري موضوع تي لکڻ جو موقعو ڏنو ۽ هن هڪ ٻئي پٺيان ڇهه مضمون ”پريس جي آزادي“ تي لکيا. هن دليلن سان ثابت ڪيو ته تحرير جي آزادي انسان جو پيدائشي حق ئي نه، پر سندس شخصيت جي آزاد واڌ ويجهه جو بنيادي شرط به آهي.
پر مارڪس کي ان ڳالهه جو احساس هو ته نوابن ۽ جاگيردارن جي نمائندن مان پريس جي آزاديءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. ”اهي آزاديءَ کي پنهنجو موروثي حق ته سمجهن ٿا پر ٻين لاءِ اهو حق مڃن نه ٿا. اهي آزاديءَ کي پنهنجي لاءِ ته انتهائي قيمتي سمجهن ٿا ۽ ان کي پنهنجي لاءِ ڪتب آڻڻ چاهن ٿا، پر هو آزاديءَ کي انساني فطرت جو جوهر نه ٿا مڃن.“
مارڪس سينسرشپ کي انساني مزاج جي، آزاديءَ جي جذبي جي ۽ خودقانون جي نفي سمجهندو هو. هن موجب ”عوامي تنقيد ئي سچي سينسرشپ آهي. عوامي تنقيد اهڙي عدالت آهي جيڪا آزاد پريس سان ئي وجود ۾ اچي ٿي. ان جي ابتر سينسرشپِ ۾ تنقيد جو حق حڪومت جي دعويداري ٿي پوندو آهي. سينسرشپ پريس کي اهو ٻڌائڻ چاهيندي آهي ته اها بيمار آهي ۽ حڪومت ان جو ويڄ آهي. پر سينسرشپِ ڄاڻو ۽ تجربيڪار ويڄ ناهي پر ڳوٺاڻو جراح (سرجن) هوندي آهي جنهن وٽ هڪ ئي دوا آهي ۽ اها قينچي آهي. اهو عطائي جراح ماڻهوءَ جي بدن جو هر اهو حصو ڪپي اڇلائيندو آهي جيڪو ان کي خراب لڳندو آهي.“
مارڪس پنهنجن مضمونن ۾ مخالف جماعت جي انهن روشن خيال لبرلن کي به ظاهر ڪيو جن پريس جي آزاديءَ جي وڪالت واپاري انداز ۾ مٿينءَ دل سان ڪئي هئي، ڇو ته پريس جي آزادي سان کين ڪوبه جذباتي لڳاءُ نه هو. ”هنن پريس جي آزاديءَ کي ڪڏهن به پنهنجي حياتياتي، ضرورت ناهي سمجهيو. هنن وٽ ته اهو فقط دماغ جو مسئلو آهي جنهن ۾ دل جو ڪو ڪم ناهي... گوئٽي چيو هو ته مصور فقط ان ئي انداز جي عورتاڻي حسن جي تصوير ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي جنهن سان هن هڪ ڀيرو ئي ڀلي، محبت ڪئي هجي. پريس جي آزاديءَ جو به پنهنجو حسن آهي- ڀلي ته اهو عورتاڻو نه هئي هجي- جنهن سان محبت ڪرڻ کان سواءِ ان جو بچاءُ نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن مون کي ڪنهن شي سان سچي محبت هجي ته پوءِ مان ان جي وجود کي نهايت اهم سمجهندس. ان کي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهندس، ڇو ته ان کان سواءِ منهنجي فطرت پنهنجي مڪمل ۽ مطمئن وجود کان محروم رهندي. پريس جي آزاديءَ جا اهي جڙتو محافظ پريس جي آزاديءَ جي مڪمل اڻاٺ باوجود پنهنجي مڪمل وجود تي خوش ۽ مطمئن آهن.“
جرمنيءَ ۾ پريس تي جيڪي پابنديون لڳل هيون، مارڪس جي راءِ ۾ انهن جي ذميداري گهڻيءَ حد تائين اخبار جي مالڪن ۽ صحافين تي اچي پئي، ڇاڪاڻ ته انهن صحافت کي مقدس مقصد يا قومي فرض بدران واپار بڻائي ڇڏيو هو. تنهنڪري هڪ مقالي ۾ پئسي جي پوڄاري صحافين جي مذمت ڪندي هو لکي ٿو ته:
”ڇا ڪا پريس، جيڪا واپار جي حد تائين ڪِري پوي، پنهنجو پاڻ کي آزاد چئي سگهي ٿي؟ هر لکندڙ کي زنده رهڻ ۽ لکڻ لاءِ پئسو ضرور ڪمائڻ گهرجي، البت کيس پئسا ڪمائڻ لاءِ زنده رهڻ ۽ لکڻ نه گهرجي. جڏهن شاعر پنهنجي سرپرست کي چوي ٿو ته:
مان ته فقط گيت لکڻ لاءِ جيئان ٿو
جيڪڏهن توهان مون کي ڪڍي ڇڏيو ته
مان جيئڻ لاءِ گيت لکندس.
ته هو ان حقيقت جو ٽوڪ ۾ اعتراف ڪري ٿو ته جيڪڏهن شاعر لاءِ شاعري روزگار جو ذريعو ٿي پوي ته هو پنهنجي مرتبي کان هٽڻ لڳندو آهي. اديب پنهنجي تخليق کي ذريعو ناهي سمجهندو پر اهو ته پاڻ هڪ مقصد آهي. ذريعي طور سندس ادبي تخليق جي اهميت هن جي ۽ ٻين جي نظر ۾ ايڏي گهٽ هوندي آهي جو جيڪڏهن ضرورت پوي ته پنهنجي تخليق جي بقا لاءِ پنهنجو وجود به قربان ڪري ڇڏيندو آهي. تنهنڪري پريس جي آزاديءَ جو بنيادي شرط هي آهي ته پريس واپار نه بڻجي. اهو ليکڪ، جيڪو پريس کي منافعو ماڻڻ لاءِ خوار ڪري ٿو، پنهنجي ان داخلي غلاميءَ جي عيوض، ان خارجي غلاميءَ جو مستحق هوندو آهي جيڪا سينسرشپ جي صورت ۾ لڳائي ويندي آهي، پر شايد ان ليکڪ جو وجود ئي سندس حق ۾ وڏي ۾ وڏي سزا آهي.“
مارڪس مضمونن جو اهو سلسلو يونان ۽ ايران جي آڳاٽي جنگ جي هڪ قصي تي پورو ڪيو جنهن ۾ هڪڙو يوناني صوبيدار ايرانين سان ملي وڃي ٿو ۽ پنهنجن ٻن هم وطنن کي به غداري ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. ان تي اهي چون ٿا ته:
”هدارنيس! توکي رڳو غلاميءَ جو تجربو آهي. تو آزاديءَ جو مزو ڪڏهن به ناهي چکيو، ته اها مٺي هوندي آهي يا ڪوڙي. جيڪڏهن تو تجربو ڪيو هجي ها ته اسان کي تنهنجو مشورو اهوئي هجي ها ته وڃو، دشمن سان نيزن سان ئي نه، پر ڪهاڙين سان به وڙهو.“ 
ان کان پوءِ مارڪس پنج مضمون ”جهنگ جي قانونن“ تي لکيا. انهن جو لاڳاپو ڳوٺاڻن جي ڪجهه مروج حقن سان هو. مثلاً رهائن لئنڊ ۾ اهو پراڻو دستور هو ته ڳوٺاڻن کي جڏهن ضرورت ٿيندي هئي ته جهنگ مان ڪاٺيون وڍي ايندا هئا. ساڳيءَ ريت اهي جهنگلي پکين کي ڄار ۾ پڪڙي بازار ۾ وڪڻندا هئا پر سرمائيداري نظام ان صدين پراڻي رواج جي اجازت نه پيو ڏئي سگهي. مالڪن مزاحمت شروع ڪئي، معاملو ٿاڻي ۽ عدالت تائين پهتو ۽ صرف هڪڙي سال ۾ پروشيا جي مختلف علائقن ۾ ڳوٺاڻن تي ڏيڍ لک مقدما لڳي ويا. مسئلو رهائن لئنڊ جي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ته اسيمبليءَ به زميندارن جو ئي ساٿ ڏنو. تڏهن مارڪس ”رهائنشن زاءِ تونگ“ ۾ انهن ماڻهن (ڳوٺاڻن) جي حق ۾ لکيو جن کي ”ڪي به سياسي ۽ سماجي حق حاصل نه هئا ۽ نه ئي جن کي ڪا ملڪيت هئي.“
مارڪس جا مضمون ٻه رُخي تلوار هئا جنهن جا ڌڪ (وڍ) جرمنيءَ جي جاگيرداري نظام ۽ ظالم حڪومت، ٻنهي کي لڳن پيا. انهيءَ سان جمهوريت پسندن ۾ اخبار جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي ۽ جرمنيءَ جي ڪجهه ٻين اخبارن کي به حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو حوصلو ٿيڻ لڳو. ان صورتحال کان ڊڄي حڪومت سينسرشپ جون پابنديون اڃا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون، پر مارڪس جو قلم پوءِ به نه بيٺو. آخرڪار جنوري 1843ع ۾، بادشاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ”رهائنشن زاءِ تونگ“ جا مالڪ ڪارل مارڪس کي ڪڍڻ تي راضي نه هجن ته اخبار بند ڪئي وڃي. مارڪس کي اها خبر پئي ته هن ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تنهنڪري 25 جنوري 1843ع تي هو آرنلڊ روج ڏانهن هڪ خط ۾ لکي ٿو:
”مون کي بنهه حيرت نه ٿي، تون ڄاڻين ٿو ته سينسرشپ جي ضابطن کي مان ڪيئن ڏسان ٿو ۽ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو انهيءَ جو منطقي نتيجو آهي. ”رهائنشن زاءِ تونگ“ جي ضبطگيءَ کي مان ماڻهن جي وڌندڙ سياسي شعور جي علامت سمجهان ٿو. بهرحال، ڇا به هجي، ان ماحول ۾ منهنجو ساهه ٻوساٽجي ٿو. اطاعت ۽ پابنديءَ جي فضا ۾ ڪم ڪرڻ ۽ آزاديءَ لاٰءِ تلوار بدران سُئيءَ جي چهنب استعمال ڪرڻ اجائي ڳالهه آهي. مان حاڪمن جي منافقت، حماقت ۽ سفاڪيءَ کان ۽ پنهنجن جي فرمانبرداريءَ، فرار ۽ ڇنڊڇاڻ کان بيزار ٿيو آهيان. حڪومت منهنجي آزادي مون کي موٽائي ڏني آهي... هاڻي جرمنيءَ ۾ منهنجو ڪو ڪم ناهي رهيو. هتي رهي ذليل ٿيڻ مون کي قبول ناهي.“
مارڪس 17 مارچ 1843ع تي، ڇهن مهينن تائين ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان پوءِ ”رهائنشن زاءِ تونگ“ تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
تعليم کان پوءِ جا اهي ٻه سال مارڪس جي ذهني ارتقا لاءِ ڏاڍا اهم ثابت ٿيا. صحافت جي ڪري مارڪس کي عملي سياست جو تجربو ٿيو، جنهن سان هو ان نتيجي تي پهتو ته جرمنيءَ جي معاشرتي مسئلن جو حل آئيني ملوڪيت نه، پر حقيقي جمهوريت آهي. البت سياسي ۽ اقتصادي معاملن جي تهه تائين پهچڻ لاءِ جنهن نظرياتي علم ۽ آگهيءَ جي ضرورت هئي، مارڪس ان کان بنهه اڻڄاڻ هو. ان خاميءَ جو اعتراف پاڻ مارڪس پنهنجي هڪ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”مان جن ڏينهن 43-1842ع ۾ رهائنشن زاءِ تونگ جو ايڊيٽر هئس ته ايئن ڄاڻو ته مون کي پهريون ڀيرو مادي مسئلن تي بحثن ۾ شرڪت جو موقعو مليو ۽ ڪنهن حد تائين شرمندگي به ٿي. رهائن جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ جهنگ جي ڪاٺ جي چوريءَ ۽ زمينن جي ورڇ ۽ موزيل جي هارين جي مسئلن تي سرڪاري نمائندن رهائنشن زاءِ تونگ جي موقف خلاف جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي ڪري ۽ وري آزاد واپار ۽ تحفظاتي ٽئڪس تي جيڪي بحث ٿيا تن جي ڪري مون کي اقتصادي مسئلن تي غور ڪرڻ جو موقعو مليو. انهيءَ دوران رهائنشن زاءِ تونگ ۾ فرانسي سوشلزم ۽ ڪميونزم جو فلسفياڻي اعتبار کان ڪمزور پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو. انهن مضمونن ۾ مضمون جي نفسن جي آگهيءَ کان وڌيڪ مضمون نگارن جي نيڪ نيتي شامل هئي. مون ان ٻاراڻيءَ جي مخالفت ڪئي بلڪ کليو اعتراف ڪيو ته منهنجو مطالعو ان ڳالهه جي بنهه اجازت نه ٿو ڏي ته مان فرانسي لاڙن تي فيصلو ڏيڻ جي همت ڪري سگهان.“
مارڪس ان کوٽ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جرمن فلسفِي لُدويگ فيوئر باخ جي ڪتابن جو مطالعو به شروع ڪيو.
لُدويگ فيوئر باخ (1804- 1872) پهريان هيگل جو معتقد هو، پر پوءِ ماديت جو حامي ٿي ويو هو. 1841ع ۾ سندس مشهور ڪتاب ”عيسائيت جو روح“ ڇپيو ته جرمنيءَ ۾ غوغاءُ مچي ويو. وري مارچ 1843ع ۾ سندس هڪ مضمون ”فلسفي جي اصلاح“ آرنلڊ روج جي رسالي ۾ زيورڪ ۾ ڇپيو. فيوئر باخ جي تحريرن مارڪس، اينجلس ۽ هيگل جي ٻين عقيدتمندن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، تنهنڪري ان دؤر جو ذڪر ڪندي اينگلز لکي ٿو ته ”عيسائيت جو روح“ جو اسان تي ڏاڍو آزاد ڪندڙ اثر ٿيو، ڇو ته فيوئر باخ ماديت کي ٻيهر تخت تي ويهاريو هو. فيوئر باخ جي دعويٰ هئي ته ”نيچر (فطرت) هر قسم جي فلسفي کان آجو پنهنجو الڳ وجود رکي ٿي. فطرت اهو بنياد آهي جنهن تي اسان ماڻهن، جيڪي پڻ فطرت جي پيداوار آهيون، پرورش ڪئي آهي. فطرت ۽ ماڻهوءَ کان ٻاهر ڪنهن شي جو وجود ناهي. اهي اتم هستيون، جن کي اسان جي مذهبي وهمن جنم ڏنو آهي، اصل ۾ اسان جي پنهنجي جوهر جو ذهني عڪس آهن. جادو ٽٽي چڪو هو. هيگل جي فلسفي جي نظام جي جوڙجڪ وکري چڪي هئي، فيوئر باخ ان کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو تضاد، جيڪو فقط اسان جي ذهنن ۾ هو، حل ٿي ويو هو. ان ڪتاب جي آجو ڪندڙ اثر جو اندازو اهوئي شخص ڪري سگهي ٿو جيڪو ان تجربي مان گذريو هجي. ڪتاب جي مڃتا عام هئي. اسان سڀئي هڪدم فيوئر باخ جا معتقد ٿي وياسين. ڪارل مارڪس ان نئين تصور جي آجيان ڪهڙي جوش سان ڪئي ۽ تنقيدي تحفظات باوجود هو ان تصور کان ڪيڏو متاثر ٿيو، ان جو ثبوت ”مقدس خاندان“ ۾ موجود آهي.“
ڪارل مارڪس انهن ماڻهن کي، جيڪي شين جي اصل حقيقت يعني سچائيءَ جا ڳولائو آهن، مشورو ڏنو هو ته ”توهان لاءِ آزاديءَ ۽ سچائيءَ جو هڪڙو ئي رستو آهي. اهو رستو ”باهه جي درياءَ“ مان گذري ٿو. (جرمن ٻوليءَ ۾ فيوئر باخ جي معنيٰ) فيوئر باخ اسان جي دؤر جو اعراف (جنت ۽ دوزخ جي وچ واري جڳهه) آهي.“
ڪارل مارڪس کي ”عيسائيت جو روح“ کان وڌيڪ فيوئر باخ جي ان مضمون متاثر ڪيو هو جيڪو آرنلڊ روج جي مجموعي ۾ ڇپيو هو. مارڪس فيوئر باخ جي ماديت واري فلسفي سان ته متفق هو پر کيس فيوئر باخ کان شڪايت هئي ته هو فلسفي ۽ سياست جي اتحاد کي اهميت نه ٿو ڏي. فيوئر باخ جو مضمون پڙهندي ئي هن آرنلڊ روج کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”هڪڙو نڪتو اهڙو آهي جيڪو فيوئر باخ جي پاڪائين ۾ مون کي ناهي وڻيو. فيوئر باخ کي فطرت سان ته ڏاڍي دلچسپي آهي پر سياست سان سندس دلچسپي نالي ماتر آهي، جيتوڻيڪ فلسفو سياست جي اتحاد سان ئي سچائي بڻجي سگهي ٿو.“
فيوئر باخ هيگل جي فلسفي کي بيشڪ رد ڪري ڇڏيو هو پر هيگل جهڙي عظيم مفڪر کي، جنهن سڄي قوم جي ذهني اوسر جو رخ بدلائي ڇڏيو هو، اهو چئي نظرانداز نه پيو ڪري سگهجي ته سندس نظريا گٺل پيٺل ۽ غلط آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته هيگل جي خوبين ۽ خامين جو تنقيدي جائزو وٺجي. انهيءَ سان گڏ فيوئر باخ جي ماديت ۾ جيڪي خاميون هيون، تن جي پڌرائي به لازمي هئي. رهائنشن زاءِ تونگ کان ڌار ٿي، مارڪس انهن ڏينهن ۾ فلسفياڻن فرضن پورو ڪرڻ جو رٿيو.
رهائنشن زاءِ تونگ جي ايڊيٽريءَ دوران مارڪس کي سينسرشپ جو ڪڙو تجربو ٿيو هو ۽ هو ان نتيجي تي پهچي ويو هو ته جرمنيءَ ۾ رهي، نه ته لکڻ پڙهڻ جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهجي ٿو. پر تن ڏينهن ۾ سندس مالي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ هو پنهنجيءَ محبوبا جيني ويسٽ فالين کان سواءِ وطن ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار نه هو. مارڪس جون مالي پريشانيون اصل ۾ سندس شفيق پيءُ جي وفات (10 مئي 1838ع) کان پوءِ ئي شروع ٿي ويون هيون ڇو ته آمدنيءَ جو اڪيلو ذريعو ختم ٿي ويو هو. سندس ماءُ ته مارڪس جي تعليم وارو وقت ان اميد تي گذاريو هو ته پٽ لکي پڙهي ڪٽنب جي ذميداري کڻندو پر مارڪس کي جڏهن بون يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري نه ملي ۽ هن سرڪاري ملازمت ڪرڻ بدران اخباري زندگي اختيار ڪئي ته ماءُ پٽ جي لاڳاپن ۾ وِٿي پئجي وئي ۽ جڏهن سندس ايڊيٽري به نه رهي ته اها ناراضگي اڃا وڌي وئي. جيئن تيئن ڪري مارڪس ٻه ٽي مهينا بون ۾ ئي گذاريا، پوءِ هو پنهنجي ساهرن ڏانهن ويو جتي 19 جون 1843ع تي سندس شادي ٿي. هو ڇهه مهينا ساهرن وٽ رهيو.
واندڪائيءَ جي انهن ڇهن مهينن ۾، مارڪس برطانيا، آمريڪا، اٽلي ۽ فرانس خاص ڪري فرانسي انقلاب جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو. تنهن سان گڏ سياسي نظرين سان واقفيت لاءِ ميڪاولي، مانٽسڪيو، روسو ۽ ٻين سياسي مفڪرن جا ڪتاب به غور سان پڙهيا، ان دوران مارڪس ٻه مضمون به لکيا. هڪڙو ”هيگل جي قانون واري فلسفي تي تنقيد“ ۽ ٻيو ”يهودين جو مسئلو“. هيگل واري مضمون لکڻ بابت، مارڪس هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”جيڪي شڪ مون کي پريشان ڪري رهيا هئا، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مان سڀ کان اڳ ۾ هيگل جي ”حق واري فلسفي“  تي هڪ تنقيدي جائزو لکيو. ان جو تمهيدي حصو 1844ع ۾ پيرس جي هڪ رسالي ۾ ڇپيو. ان مضمون ۾، پنهنجيءَ تحقيق سان، مان ان نتيجي تي پهتس ته قانوني رشتن ۽ رياست جي جوڙجڪن جي سمجهه، نه ته انهن رشتن ۽ جوڙجڪن جي فهم سان ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي انساني ذهنن جي هٿ ٺوڪي ترقيءَ سان. انهن رشتن جون پاڙون زندگيءَ جي مادي حالتن ۾ لڳل آهن. انهن جي مجموعي کي هيگل ارڙهين صديءَ جي انگريزن ۽ فرانسين جي تقليد ۾ سول سوسائٽيءَ جو نالو ڏي ٿو. پر سول سوسائٽيءَ جي ترڪيبي عضون کي اقتصاديات ۾ ڳولڻ گهرجي.“
ان تنقيد جو مرڪزي خيال سول سوسائٽي ۽ رياست جي رشتي جي وضاحت ڪرڻ هو. هيگل جي دعويٰ هئي ته رياست جي ترقيءَ جي سطح سول سوسائٽيءَ کان مٿي هوندي آهي ۽ اها ئي سول سوسائٽيءَ جي نوعيت مقرر ڪندي آهي. مارڪس ان موقف سان متفق نه هو، پر چوندو هو ته رياست جو بنيادي شرط سول سوسائٽي آهي ۽ اهو به ته ذاتي ملڪيت ئي سياسي نظام جي نوعيت مقرر ڪندي آهي. ”پنهنجي اعليٰ ترين سطح تي سياسي نظام، ذاتي ملڪيت جو ئي نظام هوندو آهي.“ هيگل پنهنجي ڪتاب ۾ جرمن ملوڪيت ۽ آفيسر شاهيءَ جي وڪالت ڪئي هئي. مارڪس، هيگل تي اعتراض واريندي جمهوريت کي ماڻهوءَ جي حق خود اراديت جو مظهر چيو ۽ هيگل جو فلسفياڻو اصطلاح استعمال ڪندي لکيو ته جمهوريت ئي هر ڪنهن رياست جي اصل سچائي آهي. مارڪس هيگل جي قانون واري فلسفي تي تنقيد ڪندي اهو مؤقف اختيار ڪيو ته انسان ڪا اڪيلي يا خيالي هستي ناهي جيڪا هن دنيا کان ٻاهر موجود هجي. انسان بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن سماج يا رياست ۾ رهي ٿو. انسان جي وجوديت ان جو ماڻهپو آهي، تنهنڪري ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي ماڻهپي کي وڌائي ۽ تخيل جي قوت جو وڻندڙ خوابن کان پاسو ڪرائي ڇو ته خيالن ۾ ڦاسڻ سبب هو وجود جي حاصلات بدران وجود جي حاصلات جا خواب ئي ڏسندو رهجي ويندو. اهوئي سبب اهي ته اڄوڪو ماڻهو، ماڻهو ٿيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن ماڻهوءَ کان مٿڀرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي (هيگل) ۽ خدا ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجو ماڻهپو وڃائي ويٺو. ان ڪري وجود جي حاصلات جي گهرج آهي ته انهن سڀني رشتن کي ٽوڙي ڇڏجي جن جي ڪري ماڻهو ڪمتر، لاچار، غلام ۽ نفرت لائق مخلوق بڻجي ويو آهي.
شروعات ۾ مارڪس هيگل جي فلسفي مان اهو نتيجو ڪڍيو ته ماڻهوءَ ۽ ان جي ماحول کي فلسفي جي حاصلات موجب بدلڻ گهرجي. فلسفي جي حاصلات مان مراد، ان ڌاريائپ کي ختم ڪرڻ هو جيڪا ماڻهوءَ ۽ سندس ٺاهيل شين منجهه موجود آهي. هيگل جي وجود جي ڌاريائپ جي تصور کي فيوئر باخ به مڃيندو هو، پر سندس خيال هو ته ماڻهو جيڪڏهن مذهبي وهمن کان آجو ٿي پوي ته سندس سوچ پاڻ بابت ۽ پوءِ سندس رويو ٻين ماڻهن بابت پنهنجو پاڻ بدلجي ويندو. مارڪس جو چوڻ هو ته فيوئر باخ ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ فقط محبت ۽ دوستيءَ جي رشتن کان واقف آهي ۽ انهن ئي رشتن کي مثالي سمجهي، وڌائي ڇڏيندو آهي. هو حقيقت کي مڃي ته اٿو پر حقيقت کي بدلڻ نه ٿو گهري. هو فقط اهو چاهي ٿو ته ماڻهن کي حقيقت جو بس صحيح صحيح شعور ٿي پوي. ان ڪري وجود جي ڌاريائپ جي حل لاءِ فيوئر باخ (دل) اندر ڏسڻ ڏانهن مائل آهي جيتوڻيڪ اسان جو رخ ٻاهر ڏانهن ۽ ماحول جي خلاف هجڻ گهرجي.
فيوئر باخ جي دعويٰ هئي ته مذهب انساني ذهن جو خواب آهي پر انهن خوابن ۾ به اسان حقيقي شين جو ئي مشاهدو ڪندا آهيون. البت انهن شين تي اسان جي تخيل ۽ خواهشن جو رنگ ڏنل هوندو آهي. تنهنڪري مطلق وجود، ماڻهوءَ جي مثبت صفتن جي خيالي تصوير آهي. اها خيالي تصوير ماڻهوءَ جي حقيقي تصوير کان ٻيءَ طرح آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته ماڻهوءَ جي شخصيت ٻه رخي ٿي پئي آهي. هڪڙي اها شخصيت آهي جيڪا سندس وجود کان نڪتل خدا جي شخصيت اختيار ڪري وئي آهي. ماڻهو ان شخصيت کي مڙني مثالي صفتن سان سينگاريندو آهي. ٻِي سندس ڪم ظرف شخصيت آهي، جنهن کي هو خدا جي اکين سان ڏسندو آهي ته اها ڪم ظرف شخصيت کيس انتهائي نقص ڀري، اڻ پوري ۽ مفلس ڏيکاربي آهي. فيوئر باخ چوندو هو ته:
”مذهب انسان کي پنهنجي وجود (ذات) کان جدا ڪري ڇڏي ٿو. اهو خدا کي ماڻهوءَ جو ضد ٺاهي پيش ڪري ٿو! خدا اهو ناهي جيڪو ماڻهو آهي ۽ ماڻهو اهو ناهي جيڪو خدا آهي. خدا لامحدود آهي، انسان محدود آهي. خدا جو وجود ڪامل آهي، انسان جو وجود ناقص آهي. خدا ابدي آهي، انسان فاني آهي. خدا قادر مطلق آهي، انسان مجبور ۽ لاچار آهي. خدا مقدس آهي، انسان ڏوهي آهي. خدا مطلق اثبات آهي، سڀني حقيقتن جو جوهر. انسان مطلق نفي آهي، سڀني نفين جو سَت. خدا ۽ انسان ٻه انتهائون آهن.“
ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ماڻهو پنهنجي وجود جي خدائي رخ جا ته انتهائي سهڻا خواب اُڻندو رهندو آهي پر حقيقي زندگيءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي. مذهبي خوابن کان ٻاهر، سندس زندگي جيڏي سڌي ۽ ويران هوندي آهي، سندس مذهبي خوابن جي زندگي ايڏي ئي وڻندڙ ۽ حسين هوندي آهي. حقيقي زندگي جيڏي کوکلي ۽ پونجي بنا هوندي آهي، خدا جي شخصيت ايڏي ئي نهري ۽ ڀرپور هوندي آهي.
مارڪس چوندو هو ته جيڪڏهن وجود جي ڌاريائپ جو سبب اهو آهي ته ماڻهو حقيقتن جا وڻندڙ خواب ڏسي ٿو ته جيستائين اهي حقيقتون نه بدليون وڃن، جيستائين انهن حقيقتن کي رد نه ڪيو وڃي، تيستائين ماڻهن جي خوابن مان جند ڪيئن ڇٽندي. ان ڪري اصل مسئلو خوابن کي رد ڪرڻ جو نه، پر انهن سماجي حقيقتن کي رد ڪرڻ جو آهي جن جي ڪري ماڻهو اهي خواب ڏسي ٿو. سندس وجود جي ڌاريائپ ان ئي طرح ختم ٿي سگهي ٿي. ”وجود جي ڌاريائپ کي ختم ڪرڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو طريقو ناهي ته ان دنيا ۾ انقلاب آندو وڃي جنهن ۾ ماڻهو انتهائي غيرانساني حالتن ۾ زندگي گذاريندو رهيو آهي.“ (مارڪس جو چوٿون مقدمو فيوئر باخ)
فيوئر باخ وجود جي ڌاريائپ جي مسئلي جو جائزو مذهب جي حوالي سان ورتو هو، پر مارڪس انساني زندگيءَ جي مڙني رخن کي جاچيو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته مذهب، رياست، قانون، ڪٽنب، اخلاق، معاشي زندگي، مطلب ته انساني زندگيءَ جو ڪوبه رخ اهڙو ناهي جنهن تي وجود جي ڌاريائپ جو زور نه هجي.
مارڪس هيگل جي ”حق واري فلسفي“ جي جائزي ۾ فيوئر باخ جي ان ئي محدود ۽ اڻپوري فڪري دائري ڏانهن اشارو ڪندي لکيو هو:
”ماڻهوءَ جي وجود جي ڌاريائپ جو مقدس روپ ته وضاحت سان آڏو اچي چڪو آهي تنهنڪري ان فلسفي جو، جيڪو انساني تاريخ جي خدمت گهرندڙ آهي، اهو فرض آهي ته وجود جي ڌاريائپ جي غيرمقدس شڪلين کي به پڌرو ڪري. ان ريت عرش جي تنقيد زمين جي تنقيد ۾ بدلجي ويندي، مذهب جي تنقيد قانون جي تنقيد ٿي پوندي ۽ دينيات جي تنقيد جي جڳهه تي سياست جي تنقيد ٿيندي.“
مارڪس هيگل جي رياست واري فلسفي تي تنقيد ڪندي سرمائيداراڻي رياست ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت جي اصلي حقيقت تي به روشني وڌي ۽ انهن اندر موجود تضاد جي به نشاندهي ڪئي. مارڪس سرمائيداراڻي رياست ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت کي انساني ارتقا جو مٿاهون ڏاڪو مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان نئين دؤر ڏانهن هلڪو اشارو به ڪيو جنهن کي انقلابي پورهيت طبقو (پرولتاريه) ظاهر ڪندو. ان مضمون ۾، مارڪس پهريون ڀيرو انقلابي پورهيت طبقي جو انقلابي ۽ تاريخي رتبي سان بحث ڪيو آهي. مارڪس کي ان وقت (1843ع) تائين انقلابي پورهيت طبقي جو ذاتي تجربو نه هو. هو نه ئي صنعتي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي نظام کان واقف هو ۽ نه ئي هن مزورن جي تحريڪ ۽ تنظيم ۾ حصو ورتو هو، پر المانوي دانشور اڻويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ فرانس جي اشتراڪي (اجتماعي) ادب کان آگاهه ٿيڻ لڳا هئا. مارڪس فرانس جي مشهور مفڪر پروڌان جو ڪتاب ”جائداد سرقه“ ڏاڍي چاهه سان پڙهيو هو (1840ع). هو جرمن سوشلسٽ موزيز هيس ۽ سندس لکتن کان به واقف هو. انقلابي پورهيت طبقي جو ذڪر انهن سڀني ڪتابن ۾ ڏنل هو.
مارڪس وجود جي ڌاريائپ جي سلسلي ۾، فيوئر باخ تي اعتراض ڪندي هر هر سماجي انقلاب جي ضرورت تي زور ڏ نو هو. پر اهو سماجي انقلاب آڻي ڪير؟ مارڪس فرانس جي خيالي سوشلسٽن جي هوائي منصوبن کي ته سخت ناپسند ڪندو هو البت فرانسي انقلابي پورهيت طبقي فرانس جي انقلاب ۾ ۽ پوءِ 1832ع جي انقلاب ۾ جيڪي انقلابي ڪارناما سرانجام ڏنا هئا، تن کان بيحد متاثر هو. انقلابي پورهيت طبقي جي مطالعي مان هن ٻه نتيجا ڪڍيا. پهريون ته، انسانذات جي وجود جي ڌاريائپ جو سڀني کان وڌيڪ مڪمل نمونو انقلابي پورهيت طبقو آهي جنهن وٽ پنهنجي محنت جي سگهه کان سواءِ ٻي ڪا ملڪيت ناهي ۽ اها محنت جي سگهه به سندس پنهنجي ملڪيت ناهي پر سرمائيدار جي ملڪيت بڻجي وڃي ٿي. ٻيو ته، انقلابي پورهيت طبقو وجود جي ڌاريائپ جِي مظلوميت جو ئي مظهر ناهي پر ان جي بغاوت جو به مظهر آهي. مارڪس جو چوڻ آهي ته ”هر انقلاب هڪڙي مادِي بنياد جو گهرجائو هوندو آهي. اهو مادي هٿيار انقلابي پورهيت طبقو آهي. اهو گهڻو نه آهي ته خيال انقلاب جي حاصلات جي ڪوشش ڪري پر پاڻ حقيقت (حقيقي حالتن) کي خيال ڏانهن وڌڻ گهرجي. موجوده دؤر ۾ حقيقت جو اهو عنصر، جيڪو خيال ڏانهن وڌي رهيو آهي، انقلابي پورهيت طبقو آهي. هيءُ اهو طبقو آهي جنهن جا مقصد انقلابي آهن. اهو فقط هڪڙو طبقو ناهي پر سڀني طبقن جي خاتمي جي خوشخبري آهي. پر اهو پاڻ کي ان وقت تائين آزاد نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو سماج جي سڀني حلقن ( گروهن، ٽولن) کي گڏوگڏ آزاد نه ٿو ڪرائي، هيءُ اهو طبقو آهي جيڪو ماڻهوءَ جي مڪمل زيان (نقصان) جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جي پنهنجي ملي پوڻ (بازيابيءَ) جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اهو سڄي انسانيت کي مڪمل طور ٻيهر زنده ڪري.“
انقلابي پورهيت طبقي جي اصل فطرت کان واقفيت (سمجهه) سبب ئي مارڪس تي اها ڳالهه به چٽي ٿي ته وجود جي ڌاريائپ فقط هيگل جي تخيل جي تخليق ناهي پر زندگيءَ جي هڪڙي تلخ حقيقت آهي ۽ انقلابي پورهيت طبقي جي ناراضگي ۽ بغاوت اصل ۾ انهيءَ ئي ماڻهپو ماريندڙ وجود جي ڌاريائپ جو ردعمل آهي. ان ڪري هو پنهنجي مضمون جي پڄاڻي هنن لفظن تي ڪري ٿو:
”فلسفو انقلابي پورهيت طبقي کي ختم ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي وجود جي حاصلات نه ٿو ڪري سگهي. انقلابي پورهيت طبقو فلسفي جي حاصلات کان سواءِ پاڻ کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.“
ٻئي مضمون ”يهودين جو مسئلو“ ۾، مارڪس ”انساني آزاديءَ“ ۽ سياسي آزاديءَ جي فرق کي چٽو ڪيو آهي. اهو مضمون اصل ۾ برونو بائر جي ٻن مضمونن جو جواب هو جيڪي 1843ع ۾ ڇپيا هئا. بائر جي دعويٰ هئي ته مذهب جي اثر کان آجو ٿيڻ کان سواءِ يهودي سياسي آزادي حاصل نه ٿا ڪري سگهن.
جرمنيءَ ۾ ان وقت تائين يهودين کي عام شهري حق نه مليا هئا، البت انهن يهودين کي، جيڪي واپاري يا امير هئا، حڪومت پاران ڪجهه رعايتون ضرور مليل هيون. اڻويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ جڏهن اسٽرائوس، برونو بائر، لدويگ، فيوئر باخ ۽ ٻين روشن خيال دانشورن عيسيائي مذهب تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ته يهودين جا مذهبي اڳواڻ ۽ واپاري ڏاڍا خوش ٿيا، ڇو ته عيسائي مذهب تي ڦِٺ لعنت سندن ايمان جو جزو بڻجي وئي هئي، پر جڏهن انهن دانشورن يهودي مذهب تي به تنقيد شروع ڪئي ته يهودي چڙي پيا. اهي هونئن ته ڏاڍا آزاد خيال بڻبا هئا پر جيئن ته اها آزاد خيالي سندن مخصوص يهودي مفاد سان ٽڪرائجڻ لڳي، ته هنن آزاد خياليءَ کي ڇڏي ڏنو.
هيگل جا نوجوان عقيدتمند يهودي مذهب کي مسيحي دين جو پهريون ڏاڪو سمجهندا هئا، ان ڪري مسيحي دين تي تنقيد سان گڏوگڏ يهودي مذهب تي تنقيد هڪڙي قدرتي ڳالهه هئي. تنهنڪري فيوئر باخ يهودي مذهب کي خودغرضيءَ جي مذهب برابر سمجهندو هو. ”يهودين پنهنجون انوکيون خاصيتون اڄ تائين برقرار رکيون آهن، سندن اصول، سندن خدا، دنيا جو ڪاروباري اصول آهي. خودغرضي مذهب جي روپ ۾... اهي هر ان شَي کان بيپرواهه آهن جنهن مان کين سڌو فائدو نه رسندو هجي.“ برونو بائر کي يهودين تي اهو اعتراض هو ته اهي سرمائيداريءَ جي ڪنڊن ۾ لڪي سرمائيدار معاشري جي غيريقيني عنصرن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. هنن تاريخي ارتقا جي سدائين مخالفت ڪئي آهي ۽ ٻين قومن کان نفرت سبب اهي دنيا کان ڪٽجي ويا آهن ۽ هڪ گهيري اندر زندگي گذارن پيا.
فيوئر باخ يهودي مذهب جي ڪردار جِي تشريح يهودين جي ڪردار جي روشني ۾ ڪئي هئي، پر برونو بائر يهودي مذهب کي نج دينيات جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته يهودي قوم مذهبي ساڙ کي ڇڏڻ کان پوءِ ئي ڇوٽڪارو ماڻي سگهي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته يهودي پهريائين عيسائي مذهب جي تاريخ ۽ هيگل جي فلسفي کان چڱيءَ طرح واقف ٿين.
مارڪس پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته سوال فقط اهو ناهي ته ڪير ڪنهن کي آجو ڪرائيندو، پر اصل سوال هيءُ آهي ته ان آجائپ يا آزاديءَ جي نوعيت ڪهڙي هوندي. ڇا مقصد فقط سياسي آزادي آهي يا انساني آزادي؟ جيڪڏهن مراد فقط سياسي آزادي آهي ته اهڙيون جديد رياستون موجود آهن جن ۾ عيسائين ۽ يهودين، ٻنهي کي مڪمل سياسي آزادي مليل آهي، پوءِ به اهي انسان طور آزاد ناهن.
مارڪس جديد رياست جي ڪردار ۽ رياست ۽ معاشري جي رشتي جو جائزو وٺندي لکيو ته جديد رياست پاڻ کي مذهبي پابندين کان آجو ڪري ورتو آهي. اها سيڪيولر بڻجي وئي آهي يعني رياست جي حيثيت ۾ سندس ڪو مذهب ناهي، پر ان جي معنيٰ اها ته ناهي ته جديد رياست جي رهاڪن جو ڪوبه مذهب ناهي رهيو. اڄ به انهن رهاڪن ۾ ڪو عيسائي آهي، ڪو يهودي آهي ۽ ڪوئي ٻيو ڪجهه. اڄ به انهن رهاڪن ۾ ڪو عيسائي آهي، ڪو يهودي آهي ۽ ڪوئي ٻيو ڪجهه. ان طرح جديد رياست، ذاتي ملڪيت جي نفي ڪئي آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته راءِ جي حق لاءِ جائداد، ملڪيت، رنگ ۽ نسل، تعليم، سماجي حيثيت ۽ طبقي جا سڀئي شرط رد ڪيا ويا آهن. تنهنڪري رياست جي چونڊن ۾ هاڻي هر ماڻهو، پوءِ ڀلي ته اهو مفلس ۽ فقير ئي ڇو نه هجي، حصو وٺي سگهي ٿو. سڀني جا حق برابر آهن ۽ قانون سڀني سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪرڻ جو دعويدار آهي. تنهن جي هوندي به، جديد رياست ذاتي ملڪيت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. معاشري ۾ امير ۽ غريب جو فرق موجود آهي. تعليم، نوڪرين ۽ ذاتي ملڪيت حاصل ڪرڻ ۾ فرق ڪيو وڃي ٿو. ان فرق کي ختم ڪرڻ ته ٺهيو، رهندو جديد رياست جي وجود جو بنيادي شرط ئي اهي فرق آهن. رياست جي اها تقاضا اصل ۾ قومي مفاد ۽ ذاتي مفاد ۾ ٽڪراءُ جي نشاني آهي. جديد رياست جا رهاڪو سياسي اعتبار کان ته برابر حقن جا مالڪ آهن ۽ آزاد آهن، پر مادي ۽ ذهني اعتبار کان آزاد ناهن.
جديد رياست جي سڄي جڳهه سرمائيدار معاشري جي بنيادن تي اڏيل آهي، جنهن ريت يونان ۽ روم جي قديم رياستن جو بنياد غلاميءَ تي بيٺل هو. سرمائيدار معاشرو فرد جي عام حقن جو اعلان ڪندو آهي، پر اهي حق ماڻهوءَ کي ملڪيت کان آجو ناهن ڪندا پر ملڪيت جي آزادي (حق) عطا ڪندا آهن. اهي حق ماڻهوءَ کي واپاري ڪاروبار جي ذلتن کان آزاد ناهن ڪندا پر واپار جي آزادي عطا ڪندا آهن. ”سياسي آزادي ماڻهو کي سرمائيدار سماج جو رڪن بڻائي ڇڏيندي آهي، هڪڙو آزاد پر خود غرض فرد، جيڪو رياست جو شهري به آهي، اهو تضاد تڏهن حل ٿيندو ۽ انسانيت جي آزاديءَ جي تڪميل تڏهن ٿيندي جڏهن رياست جي ڇَڙي شهريءَ جي حيثيت ۽ فرد جي ذاتي حيثيت هڪ ٿي ويندي ۽ فرد پنهنجي ذاتي ڪمن ڪارين ۽ ذاتي حالتن ۾ به هڪ سماجي وجود بڻجي ويندو. جڏهن ماڻهو پنهنجين ذاتي قوتن کي سماجي قوتن طور منظم ڪندو ۽ سماجي قوت کي پنهنجي وجود کان الڳ ڪرڻ ڇڏي ڏيندو.“
مارڪس جو چوڻ هو ته ان سماجي نظام جو عملي مذهب زر پرستي (پئسي جي پوڄا) ئي آهي جنهن جو بنياد خودغرضيءَ تي آهي. هن زر پرستيءَ کي ”يهوديت“ جو نالو ڏنو. (جرمن ٻوليءَ ۾ يهوديت ۽ واپار، ٻنهي لاءِ Judentum جو اصطلاح مروج آهي) ۽ چيو ته يهوديت يعني واپار اهڙو مذهب آهي جنهن ۾ زر (پئسي) جي حيثيت خدا واري آهي. ”يهوديءَ جو دنياوي دستور ڪهڙو آهي؟ -ڪاروبار. ان جو دنياوي خدا ڪير آهي؟- پئسو. اهو پئسو اسرائيل جو اهو حاسد خدا آهي جيڪو ٻئي ڪنهن خدا کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پئسو انسان جي سڀني خدائن کي تخت تان لاهي ڇڏيندو آهي ۽ کين بازاري وکرن ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. پئسو سڀني شين جو آفاقي قدر آهي، تنهنڪري ان سڄي دنيا کي-انسانيت جي دنيا ۽ فطرت جي دنيا، ٻنهي کي پنهنجن قدرن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. پئسو ماڻهوءَ جي محنت ۽ ان جي وجود جو پرايو جوهر آهي. اهو جوهر سندس آقا بڻجي ويو آهي ۽ انسان سندس پوڄا ڪري ٿو. ان ڪري يهودين ۽ غيريهودين، ٻنهي جي آزاديءَ ۽ آجپي جو دارومدار انسان ذات جي يهوديت يعني واپاري ڪاروبار کان نجات حاصل ڪرڻ تي آهي.“
انهن ئي ڏينهن ۾، ڪارل مارڪس ۽ آرنلڊ روج وچ ۾ هڪڙو نظرياتي رسالو جاري ڪرڻ بابت لکپڙهه ٿي رهي هئي. نيٺ طي ٿيو ته اهو رسالو پيرس مان ڇپجي ۽ مارڪس ۽ آرنلڊ روج ٻئي ان جا ايڊيٽر هجن ۽ مارڪس کي پنج سَو مارڪ ماهوار پگهار ڏني وڃي.
مارڪس پنهنجي نئين شادي ڪيل زال کي ساڻ ڪري نومبر 1843ع ۾ پيرس پهچي ويو.

______
 Completed Works. Vol-I. P-112
Completed Works. Vol-I. P-163
 Completed Works. Vol-I. P-175
 اقتصاديات جي تنقيد جو پيش لفظ (انگريزي) ص 181. ماسڪو 1968ع
 انتخاب از ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس (انگريزي) ص 603. ماسڪو. 1968ع.
 Robert Tucker: Philosophy and Myth in Marx. P-81. Cambridge.
 ان ڪتاب جو پورونالو ”قدرت جو قانون ۽ سياست جو خاڪو: حق جي فلسفي جا عنصر“ آهي.
 اقتصاديات جي تنقيد جو پيش لفظ. ص 181
 ڪارل مارڪس جي حياتي (انگريزي) ص 46. ماسڪو. 1973ع
 ڪارل مارڪس جي حياتي (انگريزي).ص-46.ماسڪو.1973ع