باب سترهون : تاريخي ماديت جي جوڙجڪ
ساڳئي سال، بهار جي مند ۾، اينجلس به بريمن کان برسيلز هليو آيو ۽ مارڪس جي ويجهو ئي هڪ فليٽ ۾ رهڻ لڳو. جرمنيءَ ۾ اٺ مهينا رهڻ دوران اينجلس ”برطانيا ۾ مزور طبقي جون حالتون“ (ڪتاب) پورو ڪرڻ کان سواءِ رهائن صوبي جي مختلف شهرن جو دورو ڪيو هو ۽ اتان جي سوشلسٽن سان ملاقاتون به ڪيون هيون. هو جرمنيءَ ۾ ڪميونسٽ خيالن جي وڌندڙ مقبوليت کان ڏاڍو خوش هو ۽ مارڪس کي اميد ڀريا خط لکندو هو. اينجلس جي پيءُ کي پٽ جون اهي سرگرميون صفا نه وڻنديون هيون. پيءُ جي ان ورتاءَ سبب گهر جو ماحول سهڻ کان وڌي ويو ته اينجلس مارڪس وٽ برسيلز هليو آيو.
اينجلس جڏهن بريمن ۾ رهندڙ هو ته هن جرمنيءَ جي پڙهيل لکيل ماڻهن، خاص ڪري مزورن کي سوشلسٽ خيالن کان واقف ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن پمفليٽن جو هڪ منصوبو ٺاهيو هو ۽ مارڪس کي ان بابت لکيوهو. برسيلز ۾ جڏهن ٻئي دوست مليا، ته طي ٿيو ته پهرين پمفليٽ ۾ ته سوشلسٽ خيالن جي ارتقا جي مختصر تاريخ ٻڌائجي ۽ انهن خيالن جو تنقيدي جائزو وٺجي، ان کان پوءِ فرانس ۽ برطانيا جي خيالي سوشلسٽن جي تحريرن جا چونڊ ٽڪرا، حاشين سميت قسط وار ڇپيا وڃن، پر ڇپائيءَ جي ڏکيائين جي ڪري ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو.
مارڪس ۽ اينجلس ”مقدس خاندان“ جي پيش لفظ ۾ (سيپٽمبر 1844ع) اعلان ڪيو هو ته ”اسان پنهنجا مثبت خيال ۽ انهن سان گڏ موجوده دؤر جا فلسفياڻا ۽ معاشرتي نظريا ستت ئي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪنداسين.“ اينجلس جڏهن برسيلز پهتو ته مارڪس انهيءَ ئي ڪم ۾ رُڌل هو ۽ هن تاريخي ماديت جا اصول، جيڪي مارڪسزم جو اساس آهن، مڪمل ڪري ورتا هئا. تنهنڪري اينجلس لکي ٿو ته ”1845ع جي بهار جي مند ۾ جڏهن اسان ٻئي برسيلز ۾ ملياسين ته مارڪس پنهنجي تاريخ جي مادي نظريي جي خاص خاص رُخن کي مڪمل طور پورو ڪري چڪو هو. پر مارڪس اڃا اقتصاديات جي مطالعي کان مطمئن نه هو ۽ چاهي پيو ته ان موضوع تي جيترو وڌيڪ نوان ڪتاب ۽ رپورٽون ملي سگهن سي پڙهي وٺي. البت ڏکيائي هيءَ هئي ته ان قسم جا سڀئي دستاويز انگلينڊ ۾ ڇپبا هئا ۽ برسيلز ۾ ميسر نه هئا.
مارڪس ۽ اينجلس بيلجين اخبارن ۾ نه پيا لکي سگهن تنهنڪري هنن برسيلز ۾ رهندڙ انقلابي پناهه ورتلن ۽ مقامي جمهوريت پسندن ۾ پنهنجن خيالن جي تبليغ ذاتي ملاقاتن ذريعي شروع ڪئي. اهي جرمني ۽ فرانس جي سوشلسٽن کي خط به لکندا هئا، پر سوشلسٽ نموني جي جيڪڏهن ڪا منظم تحريڪ ڪٿي موجود هئي ته اهو انگلينڊ هو، جتي چارٽسٽن ۽ رابرٽ اووين جي پوئلڳن جون سرگرميون وڌنديون پئي ويون. ساڻن ذاتي تعلق پيدا ڪرڻ بيحد ضروري هو. اينجلس انهن گروهن کان چڱيءَ طرح واقف هو، تنهنڪري مارڪس جڏهن لنڊن وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو، ته اينجلس سندس رهنمائيءَ لاءِ هڪدم راضي ٿي ويو. ٻئي دوست جولاءِ 1845ع ۾ برطانيا روانا ٿي ويا.
مارڪس ۽ اينجلس اتي ڇهه هفتا ترسيا، ان دوران هنن لنڊن، مانچسٽر ۽ ٻين هنڌن تي کاٻيءَ ڌر جي اڳواڻن ۽ ٽريڊ يونين جي رهنمائن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. ٻئي ”انصاف ليگ“ جي ميمبرن سان مليا، جيڪا جرمني ڇڏيل ماڻهن جي نيم انقلابي جماعت هئي. اهي لنڊن ۾ چارٽسٽن ۽ يورپين پناهه ورتلن جي هڪ ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس ۾ اينجلس انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي ۽ ان تجويز جي گرمجوشيءَ سان تائيد ڪئي ته لنڊن ۾ انقلابين جي هڪ بين الاقوامي تنظيم ٺاهي وڃي. مزورن جي عالمي تنظيم ڏانهن مارڪس ۽ اينجلس جي اها پهرين وِک هئي. سندن برسيلز موٽڻ کان پوءِ جڏهن سيپٽمبر ۾ اهڙي هڪ تنظيم ”جمهوري برادري“ (Fraternal Democrats) نالي سان لنڊن ۾ ٺهي، ته اينجلس ان جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ هڪ مضمون ”لنڊن ۾ قومن جو ڏڻ“ نالي سان پڙهيو. ان مضمون ۾ پرولتاري بين الاقواميت جي اصولن جي تشريح ڪندي هو لکي ٿو ته:
”سڄي دنيا جي پورهيتن جا مفاد هڪ آهن. سندن دشمن به هڪ ئي آهي ۽ انهن کي ساڳئي قسم جي جدوجهد ڪرڻي آهي. پورهيتن جي اڪثريت فطرتن قومي ساڙن کان آجي آهي. سندن سڄي ترقي ۽ تحريڪ بنيادي طور انسان دوست آهي ۽ قوم پرستيءَ کان سواءِ صرف مزور ئي قوميت کي رد ڪري سگهن ٿا، فقط سجاڳ ٿيندڙ پورهيت ئي مختلف قومن ۾ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهن ٿا.“
مارڪس اڍائي ٽن سالن کان اقتصاديات بابت جيڪو مواد ڪٺي ڪري رهيو هو ته مقصد هيءُ هو ته سرمائيدار سوسائٽيءَ جي اقتصادي نظرين تي هڪ جامع تنقيد سهيڙجي، ڇو ته مارڪس جو خيال هو ته معاشري جي زندگيءَ جو اساس ان جو پيداواري طريقو آهي ۽ اهي سماجي رشتا آهن جيڪي پيداوار دوران ماڻهن منجهه ٺهندا آهن. اهوئي اُهو سرچشمو آهي جنهن مان معاشري جا سڀئي سياسي، تمدني، قانوني، اخلاقي، فڪري ۽ ادبي تندون نڪرنديون آهن. هن ان ڪتاب جا (جيڪو پوءِ ”سياسيات ۽ اقتصاديات جي تنقيد“ نالي سان ڇپيو) ڪجهه حصا پيرس ۾ ئي لکي ورتا هئا ۽ جرمنيءَ جي هڪ پبلشر سان معاهدو به ڪري ورتو هو، پر جرمنيءَ جي حڪومت کي خبر پئي ته ان پبلشر تي دٻاءُ وڌو ۽ هو واعدي کان ڦري ويو. مارڪس جو ڪتاب مڪمل نه ٿي سگهيو.
پر مارڪس ۽ اينجلس ويجهو سرمائيدار اقتصاديات جي تنقيد کان وڌيڪ اهم ڪائنات ۽ انساني معاشري جِي مادي ۽ تاريخي نڪتي نظر سان وضاحت هئي. سندن خيال هو ته ماڻهن جا ذهن جيستائين نئين عالمي تصور بابت چٽا نه ٿيندا، تيستائين اهي نون سياسي ۽ اقتصادي نظرين کي قبولي نه سگهندا. ان ڪري مارڪس اقتصاديات تي لکڻ جو ڪم ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ”جرمن آئيڊيالاجي“ لکڻ لڳي ويو.
مارڪس ۽ اينجلس جو منصوبو هو ته پهرين حصي ۾ لُدويگ فيوئر باخ، برونو بائر ۽ ميڪس اسٽرنر جي فلسفياڻين خيالن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي ۽ ٻئي حصي ۾ انهن دانشورن جي خبر وٺجي جيڪي ”حقيقي سوشلزم“ جا دعويداري بڻيل هئا. جرمن آئيڊيالاجيءَ جو پهريون حصو مئي مهيني ۽ ٻيو حصو جولاءِ 1846ع ۾ پورو ٿي ويو. شروعات ۾ ٻن جرمنن ڇپائيءَ جا خرچ سهڻ جو واعدو ڪيو هو پر مسودو پڙهي سندن همت ختم ٿي وئي. اهو ڪتاب مارڪس ۽ اينجلس جي زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيو. اهو دستاويز مارڪس جي وفات کان پوءِ اينجلس جي ڪاڳرن ۾ پيو رهيو ۽ اينجلس جي مرڻ کان پوءِ جرمن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي آفيس ۾ پهتو ۽ جرمن پارٽيءَ جي اجازت سان پهريون ڀيرو 1932ع ۾ ماسڪو مان جرمن ٻوليءَ ۾ ڇپيو.
”جرمن آئيڊيالاجي“ جي لکجڻ بابت ٻڌائيندي، مارڪس 1853ع ۾ لکيو هو ته:
”جڏهن 1845ع جي بهار جي مند ۾، هو (اينجلس) به برسيلز پهتو ته اسان ٻنهي هيءُ فيصلو ڪيو ته المانوي فلسفي جي نظرين سان اسان کي جيڪو اختلاف آهي، اهو لکجي. اصل ۾ اسان پنهنجي سابق فلسفياڻي ضمير جو حساب ڏيڻ پئي چاهيو. اهو فيصلو هيگل جي پوءِ واري فلسفي تي تنقيد جي صورت ۾ پڌرو ٿيو. ڪتاب جو مسودو، جيڪو ٻن وڏن جلدن تي مشتمل هو، ويسٽ فاليا (جرمنيءَ) پهچي چڪو هو، ته خبر پئي ته حالتون مٽجي ويون آهن تنهنڪري ڪتاب ڇپجي نه ٿو سگهي. اسان خوشيءَ سان مسودي کي ڪُوئن جي ٽڪيندڙ ڏندن جِي تنقيد حوالي ڪري ڇڏيو، اهو ان ڪري به، جو اسان جو اصل مقصد _ پنهنجن خيالن جي پاڪائي _ پورو ٿي چڪو هو.“
مارڪس ۽ اينجلس جي ان گڏيل ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آهن. پهرين ڀاڱي ”فيوئر باخ“ ۾ تاريخ جي مادِي ۽ تصوراتي نظرين جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي ۽ سائنسي ڪيمونزم جي وضاحت ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو سڀ کان اهم ڀاڱو اهوئي آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ ميڪس اسٽرنر جي لاقانونيتي خيالن جو رد پيش ڪيو ويو آهي، ٽيون ڀاڱو ”حقيقي سوشلزم“ تي تنقيد آهي. ”حقيقي سوشلسٽ وچين طبقي جا جرمن دانشور هئا جيڪي هيگل ۽ فيوئر باخ جي فلسفي ۽ فرانس جي خيالي سوشلزم کي ملائي انتهائي مٿاڇريون ڳالهيون ڪندا هئا. اهي طبقاتي جدوجهد ۽ سماجي انقلاب خلاف هئا سندن دعويٰ هئي ته ماڻهوءَ جي نجات ”محبت“ سان ئي ٿي سگهي ٿي.
”جرمن آئيڊيالاجي“ جي مصنفن جو چوڻ هو ته جرمن دانشور نانگ بدران نانگ جو ليڪو ڪُٽڻ ۾ لڳل آهن ۽ حقيقت بدران، حقيقت جي پاڇي سان الجهن پيا. اُن پاڻ کي سياڻو سمجهندڙ بيوقوف وانگر، جنهن اهو سوچيو هو ته ماڻهو پاڻيءَ ۾ ان ڪري ٻڏندا آهن جو سندن ذهنن تي ڪشش ثقل جو تصور حاوي هوندو آهي تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن نموني اهو خيال سندن دلين مان ڪڍي ڇڏجي ۽ کين يقين ڏيارجي ته ڪشش ثقل توهان جو وهم يا مذهبي عقيدو آهي ته اهي ٻڏڻ کان بچي پوندا. ويچارو سڄي عمر ان ڪشش ثقل جي وهم خلاف وڙهندو رهيو پر ٻڏڻ وارن انگن اکرن ۾ ڪوبه فرق نه آيو. مصنفن جي خيال ۾ جرمنيءَ جا نوان انقلابي انهيءَ نيڪ نيت ماڻهوءَ جي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا. ”اهي زنده ۽ موجود دنيا سان وڙهڻ بدران اصطلاحن سان وڙهن ٿا.“ ان جي ابتڙ مارڪس ۽ اينجلس بحث جي شروعات جيئرن، حقيقي ماڻهن، سندن عملن ۽ فعلن ۽ انهن مادي حالتن سان ڪن ٿا جن ۾ اهي ماڻهو رهن ٿا. انهن زندگيءَ جي حالتن ۾ اهي حالتون به شامل آهن جيڪي ورثي ۾ ملن ٿيون ۽ اهي حالتون به جيڪي ماڻهو پنهنجي عمل سان پاڻ پيدا ڪن ٿا. (ص-31)
مارڪس ۽ اينجلس جو چوڻ آهي ته انساني زندگيءَ تي ٻن متضاد رُخن سان غور ويچار ڪري سگهجي ٿو. هڪڙو انهن تصور پرست فلسفين جي رخ سان، جيڪي ”آسمان کان زمين ڏانهن اچن ٿا“ يعني ماڻهوءَ جي خيالن ۽ تصورن کي بنياد بڻائي ان جي وجود تائين پهچن ٿا. ٻيو ماديت جي رخ سان، جيڪو جيئرن جاڳندڙ فعال ماڻهن جِي ڏهاڙيءَ جي زندگيءَ کي بنياد بڻائي انهن جي خيالن ۽ تصورن تائين پهچي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ اخلاق، فلسفي، مذهب ۽ انهن جون شعوري شڪليون پنهنجي وجود سان قائم رهندڙ حقيقتون باقي ناهن رهنديون، پر رڳو ظاهر ٿيندو آهي ته ماڻهو پنهنجين مادي حالتن ۽ مادي رابطن کي ترقي ڏيڻ دوران ئي ۽ پنهنجي حقيقي وجود کي بدلائڻ سان گڏوگڏ سوچ ۽ سوچ جي پيداوار کي به بدلائيندا ويندا آهن.“ تصوراتين جو شروعاتي نقطو شعور آهي، جڏهن ته مارڪس جو شروعاتي نقطو حقيقي جيئرا ماڻهو آهن جن جي شعور کان الڳ ڪنهن ڇَڙي شعور جو وجود ناهي. (ص-38)
ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس تصور پرستن وانگر انساني عمل جي تشريح تصور سان نه ٿا ڪن پر تصورن جي جوڙجڪ جي تشريح عمل سان ڪن ٿا. سندن دعويٰ آهي ته شعور جي مختلف شڪلين، وهمن، گٿل پيٺل عقيدن ۽ رسمن ۽ رواجن وغيره جو ٽوڙ زباني تنقيدن سان نه ٿو ٿي سگهي، پر ان لاءِ انهن سماجي رشتن کي ٽوڙڻو پوندو جن انهن اجاين ۽ بيڪار ڳالهين کي جنم ڏنو آهي. تاريخ جي حرڪي، قوت جيڪا کيس اڳتي وڌائي ٿي، فلسفي جي ڍِيڪَ نه، پر سماجي انقلاب آهي.
مارڪس ۽ اينجلس جا پيشرو مادئين (مادي پسند) فطرت کي متحرڪ ۽ بدلجندڙ ته مڃيندا هئا پر ان بدل ۾ ماڻهوءَ جي ڪردار ۽ عمل جي تاريخي اهميت کي نظرانداز ڪري ويندا هئا. مارڪس ۽ اينجلس ٻڌايو ته ماڻهوءَ جون قدرتي حالتون ٻن قسمن جون هونديون آهن. هڪڙيون اهي قدرتي حالتون جيڪي ماڻهوءَ کان اڳ موجود هيون مثال طور درياءَ، جبل، زمين وغيره، ٻيون اهي، جيڪي ماڻهوءَ جي پنهنجي پورهيي جي تخليق آهن. ماڻهو پنهنجي پورهيي، هنرمنديءَ ۽ سماجي ضرورتن سان قدرتي حالتن ۾ ساندهه تبديليون آڻيندو ۽ واڌارو ڪندو رهيو آهي. موجوده دؤر جي مشيني ايجادن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هاڻ ته ”قدرتي“ شيون به ايئن ناهن رهيون جيئن ابتدا ۾ هيون. ماڻهوءَ جهنگلي گاهن مان ڪڻڪ، جَوَ، چانور ۽ ڪمند جا نوان نوان قسم ايجاد ڪيا ۽ اڻ ڳڻيا نوان نوان ٻوٽا، ميوا ۽ گل اپايا، جيڪي فطرت ۾ اڳ ۾ نه هئا. مطلب ته ماڻهوءَ جي پورهيي سان ٺهندڙ دنيا، ماڻهوءَ کان اڳ واري فطرت تي هاڻي بلڪل حاوي ٿي چڪي آهي، تنهنڪري مارڪس ۽ اينجلس فيوئر باخ تي طنز ڪندي لکن ٿا ته ”ماڻهوءَ جو اهو عمل، ان جو اهو لڳاتار حِسي پورهيو ۽ تخليق سڄي محسوساتي عالم جو ان حد تائين اساس بڻجي چڪو آهي جو جيڪڏهن اهو پيداواري عمل هڪ سال لاءِ به بيهجي وڃي ته فيوئر باخ کي نه صرف قدرتي دنيا بدليل نظر ايندي پر ماڻهوءَ جي سڄي دنيا ۽ فيوئر باخ جي ادراڪي لياقت (Perceptive Faculty) ۽ سندس پنهنجو وجود به نه بچندو.“ مختصر ته معاشرو جيئن جيئن ترقي ڪري ٿو، ”قدرتي حالتون“ انساني عمل جي تخليق ۾ گهڙجنديون وينديون آهن.
ماڻهوءَ جي تاريخي ارتقا جي حوالي سان بحث ڪندي مارڪس ۽ اينجلس لکن ٿا ته ماڻهوءَ جي وجود جو پهريون شرط سندس بقا آهي. جيڪڏهن هو جيئرو نه بچي ته تاريخ ڪيئن جوڙيندو. پر جيئرو رهڻ لاءِ سڀ کان پهرين کاڌ خوراڪ گهربي آهي. تصور پسندن جو وڻندڙ جملو آهي ته ”ماڻهو مانيءَ سان ئي زنده ناهي رهندو“ پر اهي هيءُ وساري ويهندا آهن ته ماڻهو فلسفي کان سواءِ جيئرو رهي سگهي ٿو، مذهب، ادب ۽ موسيقيءَ کان سواءِ جيئرو رهي سگهي ٿو، پر مانيءَ کان سواءِ هڪ هفتو به جيئرو رهي نه ٿو سگهي. ماڻهو جيئن ئي کاڌ خوراڪ پاڻ اپائڻ شروع ڪري ڏي ٿو ته هو ٻين جانورن کان مٿاهون ٿي وڃي ٿو. پر خوراڪ ۽ ضرورت جي اهڙين شين جي پيداوار جو دارومدار ڀرپاسي جي قدرتي ماحول تي هوندو آهي. ماڻهو ان ماحول کي استعمال ڪندو آهي. ان لاءِ کيس خاص قسم جا اوزار ٺاهڻا پوندا آهن. ان نموني پيداوار جو هر هڪ طريقو واڳيل هوندو آهي ماڻهن جي عمل جي مخصوص شڪل، زندگيءَ جي اظهار جي مخصوص انداز ۾ مخصوص زندگيءَ جي ڍنگ سان. ماڻهو جيئن پنهنجيءَ زندگيءَ جو اظهار ڪندا آهن ايئن ئي اهي هوندا آهن. سندن وجود هنن جي پيداوار موجب هوندو آهي، اهي جيڪو ڪجهه به پيدا ڪن ٿا ان مطابق به ۽ جنهن طريقي سان پيدا ڪن ٿا ان موجب به. ان ڪري ماڻهوءَ جي فطرت جو دارومدار انهن مادي حالتن تي هوندو آهي جيڪي ان جي پيداوار کي مقرر ڪنديون آهن. (ص-31) ماڻهو حياتيءَ جي بقا لاءِ هزارين سالن کان انهيءَ ڪم ۾ رُڌل آهي، تنهنڪري انساني تاريخ تي سوچيندي اسان کي ان بنيادي نڪتي کي وسارڻ نه گهرجي.
ٻيو نُڪتو هيءُ آهي ته انهن ابتدائي ضرورتن جي راحت سان (ان ۾ راحت جو عمل به شامل آهي ۽ اهي ذريعا به، جن سان ضرورتن جي راحت ٿئي ٿي) نين ضرورتن جون واٽون کُلن ٿيون. ٽيون نڪتو هيءُ آهي ته ماڻهو وجود جي بقا سان گڏ وجود جي تخليق به ڪندو رهندو آهي يعني عورت ۽ مرد جي جنسي لاڳاپن سان ٻار ڄمندا آهن، جنهن سان انساني نسل جو تسلسل هلندو رهندو آهي. اصل ۾ عورت ۽ مرد جو رشتو ئي ماڻهوءَ جو سڀ کان پهريون سماجي رشتو آهي. ان سان آبادي وڌي ٿي، ڪٽنب ٺهن ٿا ۽ نيون ضرورتون ٿين ٿيون. سماجي عمل جا ٽئي رخ هڪ ئي وقت ظاهر ٿين ٿا، پر اهي ٽي دؤر نه، پر ٽي ”پل“ آهن جيڪي تاريخ جي شروعات کان وٺي آهن ۽ اڄ به ايڏا ئي اهم آهن جيڏا ماڻهوءَ جي ظاهر ٿيڻ وقت هئا. (ص. 40-41)
چوٿون نڪتو هيءُ آهي ته حياتيءَ جي تخليق _ پورهيي ذريعي حياتيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري حياتيءَ جي بقا ۽ ٻار ڄڻي نئين حياتيءَ جي تخليق _ ٻِٽي رشتي جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هڪ پاسي قدرتي رشتي جي صورت ۾ ۽ ٻئي پاسي سماجي رشتي جي صورت ۾ _ سماجي رشتي مان مطلب گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ تعاون آهي. ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته پيداوار جو هر مخصوص طريقو سهڪار جي مخصوص طريقي سان ڳنڍيل هوندو آهي. سهڪار جو هر طريقو پاڻ هڪ تخليقي قوت هوندو آهي ۽ معاشري جي نوعيت هر دؤر جي تخليقي قوتن ئي سان مقرر هوندي آهي.
هن وقت تائين اسان تاريخي رشتن جي چئن بنيادي رخن يا چئن ”پَلن“ بابت ٻڌايو آهي، پر اسان اهو به ڏسون ٿا ته ماڻهوءَ ۾ ”شعور“ نالي سان هڪ شَي به موجود آهي، البت اهو شعور ڪڏهن به مادي جي گندگين کان صاف ”لطيف“ شعور ناهي هوندو پر آواز جي بيقرار لهرن سان ملي ٻوليءَ جي صورت ۾ پڌرو ٿيندو آهي. ٻولي ايڏي ئي آڳاٽي آهي جيڏو آڳاٽو شعور آهي. اصل ۾ ٻولي هڪڙو عملي شعور آهي جيڪو ٻين سان رابطي جي گهرجن کي پورو ڪري ٿو. ”ڀرپاسي سان منهنجو رشتو ئي منهنجو شعور آهي.“ جانور ڪنهن به شَي سان تخليقي رشتو قائم نه ٿا ڪن (سواءِ پنهنجيءَ جنس جي)، ان ڪري انساني شعور شروع ئي کان سماجي تخليق آهي ۽ جيستائين ماڻهو آهي، سماجي تخليق قائم رهندي. شعور ابتدا ۾ بيشڪ ڀرپاسي جو ئي (جنهن کي ماڻهوءَ جا حواس محسوس ڪندا آهن) ۽ ٻين ماڻهن ۽ شين سان محدود رابطي جو شعور هوندو آهي. اهي سڀ شيون ماڻهوءَ جي وجود کان ٻاهر موجود هونديون آهن. ان دوران ماڻهوءَ ۾ هوري هوري وجود جو شعور وڌندو آهي. فطرت ابتدا ۾ ماڻهوءَ کي صفا اوپري، ڇَڙي، قادر مطلق ۽ اڻ تسخيري طاقت نظر ايندي هئي. ساڻس ماڻهوءَ جا رشتا نج حيواني هئا. هو فطرت کان خونخوار جانورن وانگر ڊڄندو هو. اهو فطرت جو نج حيواني شعور هو، ڇو ته ان وقت تائين ماڻهوءَ فطرت کي پنهنجي ضرورت موجب بدلائڻ ۽ گَهڙڻ شروع نه ڪيو هو. ان جو ٻين ماڻهن سان سهڪار جو شعور به حيواني هو. رِڍن جهڙو شعور (Herd Consciousness) ماڻهن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ فقط ايترو فرق هو ته رڍن ۾ جبلت هوندي آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ شعور يا هيئن سمجهو ته ماڻهو جي جبلت شعور رکندڙ هئي.
رڍن جهڙي شعور ۾ وسعت ۽ گهرائي، آباديءَ، پيداوار ۽ حياتيءَ جي ضرورتن ۾ واڌاري سان ٿيندي آهي. ان جي ڪري ڪم ورڇيندڙ جون نيون شڪليون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن، جيتوڻيڪ ابتدا ۾ ڪم ورڇيندڙ جو عمل فقط جنسي عمل هو، پوءِ قبيلي جي ماڻهن جي جسماني سگهه جي تابع ٿيو. مثال طور قبيلي جا سگهارا ماڻهو شڪار ڪري ايندا هئا ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا کل صاف ڪندا، ڪاٺيون ميڙيندا ۽ اهڙا ٻيا ڪم ڪندا هئا، پر ڪم ورڇيندڙ جو عمل اصل ۾ انهيءَ وقت شروع ٿيندو آهي جڏهن جسماني ۽ ذهني پورهيو الڳ الڳ خانن ۾ ورهائجي ويندو آهي. معاشري جو هڪ حصو صرف ذهني ڪم ڪرڻ لڳندو آهي (مثال طور ڦوڪ هڻي جادو ۽ ٽوڻو ڦيڻو ڪرڻ يا ان جو اثر ختم ڪرڻ، علم نجوم، جڙي ٻوٽين سان علاج، مذهبي رسمن جي پورائي وغيره) ۽ ٻيو حصو جسماني پورهيي ۾ جنبي ويندو آهي. ان وقت شعور ان ڀورائيءَ ۾ ڦاسي سگهي ٿو ته مان عمل کان الڳ ٻي ڪا شي آهيان ۽ حياتيءَ جي سچائين جي نمائندگي ڪرڻ بدران سچ پچ به ڪا آزاد حقيقت آهيان. (ص-43)
تڏهن ڪو وقت اهڙو ايندو آهي جڏهن پيداواري قوتون، سماجي رشتا ۽ انساني شعور، ٽئي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳندا آهن يعني معاشري ۾ تضاد پيدا ٿي پوندو آهي. هڪ پاسي خوشي، ٻئي پاسي جفاڪشي. هڪ طرف پيداوار ۽ ٻئي طرف ان پيداوار جو استعمال. ان تضاد جو حل سماجي انقلاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. پراڻن سماجي رشتن بدران، جيڪي معاشري جون پير ڪڙيون بڻجي ويا هئا، نوان سماجي رشتا ٺهندا آهن جيڪي ترقي يافته پيداواري عنصرن سان وڌيڪ ويجها هوندا آهن يا انهن جون پيداواري گهرجون پوريون ڪندا آهن. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن پيداواري قوتون اڃا وڌيڪ ترقي ڪري وٺنديون آهن ته وري اهي ئي سماجي رشتا، جيڪي ڪالهه تائين نوان هيا، بيڪار ٿي پوندا آهن ۽ معاشرتي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي پوندا آهن ۽ معاشرو انهن رشتن کي ٽوڙڻ تي مجبور هوندو آهي. مطلب ته پيداواري قوتن جي واڌ سان گڏوگڏ پيداواري رشتا به سماجي انقلاب ذريعي بدلجندا رهندا آهن.
پيداواري قوتن ۽ پيداواري رشتن جي تضاد جي دريافت (کوجنا) مارڪس ۽ اينجلس جو عظيم ڪارنامو آهي. ان کان اڳ هنن هيءُ ثابت ڪيو هو ته معاشري جا سڀئي سياسي، قانوني ۽ اخلاقي رشتا معاشي رشتن سان مقرر ٿيندا آهن. هاڻي هو هن نتيجي تي پهتا ته معاشي رشتن جو تعين پيداواري قوتن سان ٿيندو آهي. انهن ئي پيداواري قوتن سان معاشري جي نوعيت مقرر ٿيندي آهي ۽ اهو هڪ کان پوءِ ٻي شڪل اختيار ڪندو آهي.
تاريخ جي ان مادي بنياد کي مؤرخ هاڻي تائين نظرانداز ڪندا رهيا آهن، جنهنڪري تاريخ رڳو نامور بادشاهن ۽ فاتحن جي ڪارنامن يا مذهبي ويڙهين جو داستان ٿي پئي آهي، جڏهن ته تاريخي تبديلين جا محرڪ معاشي ۽ سياسي يعني مادي هوندا آهن. مؤرخ سماجي رشتن جي سلسلي ۾ به سبب (علت) کي نتيجو ۽ نتيجي کي سبب بڻائي ڇڏن ٿا. مثال طور آڳاٽي وقت ۾ مصر ۽ هندستان ۾ ذات پات جي فرق تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي همت نه هئي ته پنهنجو اباڻو ڪم ڇڏي نئون ڌنڌو اختيار ڪري. مصر ۾ ته ڀڃڪڙيءَ جي سزا موت هئي. پڌرو آهي ته اهو ذات پات جو فرق ڪم ورڇيندڙ جو ڪريل طريقو هو پر مصر ۽ هندستان جي حڪمران طبقن جو مفاد ان ڪريل طريقي کي برقرار رکڻ ۾ ئي هو. تنهنڪري مصر جا فرعون ان جي جواز لاءِ پنهنجي رب رع جي حڪمن جو حوالو ڏيندا هئا ۽ هندو حڪمران ويد جي سلوڪن ۽ منو جي لکتن ۾ لڪندا هئا ته جيئن شودرن (گهٽ ذات وارن ماڻهن) کي پڪ ٿئي ته ذات پات جو فرق پرماتما اسان جي قسمت ۾ لکي ڇڏيو آهي، جنهن کي اسان بدلائي نه ٿا سگهون. طبقاتي رشتن جي مادي نوعيت کي نه سمجهڻ ڪري اڪثر مؤرخ اڃا تائين ان غلط فهميءَ ۾ ڦاٿل آهن ته ذات پات جو فرق مصر جي فرعونن يا ويد جي سلوڪن جي ڪري آيو آهي.
مارڪس خيالن جي نوعيت ٻڌائيندي لکي ٿو ته هر دؤر ۾ حڪمران طبقي جا خيال ئي حڪمران خيال هوندا آهن يعني مادي قوتن تي جنهن طبقي جي حاڪميت هوندي آهي، ساڳئي طبقي جي حاڪميت ذهني قوتن تي به هوندي آهي. جنهن طبقي جي استعمال ۾ مادي پيداوار جا ذريعا هوندا آهن _ زمين، ڪارخانا، کاڻيون، بينڪ وغيره، انهيءَ طبقي جي عملداري ذهني تخليق جي ذريعن تي به هوندي آهي. ان ڪري ئي انهن ماڻهن جا خيال به، جيڪي ذهني تخليق جي ذريعن کان محروم هوندا آهن، عام طور حاڪم طبقي جي ئي تابع هوندا آهن. اقتداري خيال، اقتدار ۾ آيل مادي رشتن جي ذهني اظهار کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهن. حڪمران طبقي جي ماڻهن وٽ ٻين شين کان سواءِ شعور به هوندو آهي، ان ڪري اهي سوچيندا به آهن. سندن اقتدار جو دائرو پنهنجي دؤر جي حياتيءَ جي هر رخ تي حاوي هوندو آهي. ان ڪري مفڪر ۽ دانشور جي حيثيت ۾ به سندن ئي حڪمراني هوندي آهي. اهي ئي پنهنجي دؤر جي خيالن جي تخليق ۽ تبليغ جو انتظام ڪندا آهن (تعليمي ادارن جي نصاب، ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪرو، پريسن ۽ اخبارن بابت قانون، ليکڪن جي همت افزائي ۽ مدد يا نندا وغيره). ان نموني سندن خيال پنهنجي دؤر جا زورآور خيال هوندا آهن.
سوال اهو آهي ته پوءِ انقلابي خيال ڪيئن پيدا ٿيندا آهن؟ ان جي جواب ۾ مارڪس چوي ٿو ته انقلابي خيالن جو بنيادي شرط انقلابي طبقي جو وجود آهي. جيڪڏهن انقلابي طبقو نه هجي ته انقلابي خيال وجود ۾ نه ٿا اچي سگهن ڇاڪاڻ ته خيال زندگيءَ جي حقيقتن جو ئي اظهار هوندا آهن.
هاڻي جيڪڏهن اسان حڪمران طبقي جي خيالن کي حڪمران طبقي کان ڌار ڪيون ۽ انهن کي آزاد وجود ڏيون، مثال طور اهو چئون ته فلاڻي زماني ۾ فلاڻا فلاڻا خيال زورآور هئا ۽ ان زماني جي پيداواري حالتن ۽ خيال پيدا ڪندڙن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيون، ۽ زماني جي حالتن کي، جيڪي خيالن کي خارج ڪندڙ هونديون آهن، وساري ڇڏيون ته پوءِ اسان هو چئي سگهون ٿا ته امير حڪمرانن جي اقتداري دؤر ۾ عزت ۽ وفاداريءَ ۽ بهادريءَ وغيره جا تصور غالب (زورآور) هئا يا سرمائيدارن جي اقتداري دؤر ۾ آزادي ۽ برابريءَ وغيره جو غلبو آهي، پر تاريخ جو اهو ڏاڍو عام تصور آهي. پنهنجي طبقاتي مفاد کي آفاقي سچائين جي روپ ۾ پيش ڪرڻ، ماڻهن جي اکين ۾ ڌُوڙ وجهڻ جي برابر آهي.
اصل ۾ هر اڀرندڙ طبقو اقتداري طبقي کي گاديءَ تان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي مفاد کي سڄي معاشري جي مفاد جو رنگ ڏئي پيش ڪندو آهي. اهو پنهنجن خيالن کي آفاقي سچائين جو نمائندو ڪري ظاهر ڪندو آهي ۽ دعويٰ ڪندو آهي ته اهي خيال معقوليت ۽ سچائيءَ جو روپ آهن. جيڪو طبقو به انقلاب آڻيندو آهي اهو اٿندي ئي هڪ طبقي جو نه، پر سڄي سماج جو نمائندو بڻجي آڏو ايندو آهي ۽ انهيءَ عنوان سان ئي اقتداري طبقي سان ٽڪربو آهي. ابتدا ۾ سندس مفاد ٻين سڀني غيرحڪمران طبقن جي مفاد سان هوندو به گهڻو ويجهو آهي. ان کان سواءِ ان طبقي جي فتح سان ٻين طبقن جي اڪثريتي ماڻهن کي پنهنجي حالت سٺي ڪرڻ جو موقعو ملي پوندو آهي. مثال طور جڏهن فرانسي انقلاب ۾ سرمائيدارن نوابن ۽ رئيسن جو تختو اونڌو ڪيو ته گهڻن ئي مزورن لاءِ به پرولتاري طبقي مان نڪري سرمائيدار طبقي ۾ شامل ٿيڻ ممڪن ٿي سگهيو. ان ڪري هر نئون طبقو پراڻي طبقي کان وڌيڪ وسيع بنيادن تي اقتدار حاصل ڪندو آهي. تڏهن نئين حڪمران طبقي خلاف انهن طبقن جي مخالفت، جن انقلابي جدوجهد ۾ شرڪت ڪئي هئي پر اقتدار کان پري رکيا ويا هئا، وڌيڪ شدت اختيار ڪري وٺندي آهي.
اها مشابهت ته ڪنهن خاص طبقي جي عملداري فقط ڪنهن خاص خيالن جي عملداري هوندي آهي، فطري طور تڏهن ختم ٿي ويندي آهي جڏهن معاشري ۾ طبقاتي عملداري باقي ناهي رهندي، ڇو ته غيرطبقاتي معاشري ۾ جُز جي مفاد کي ڪُل جو مفاد ڪري پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي.
مارڪس ۽ اينجلس پيداواري قوتن جي مختلف دؤرن ۽ انهن سان مقرر ٿيندڙ سماجي ۽ طبقاتي رشتن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ ٻڌائن ٿا ته ڪم ورڇيندڙ جي ڪري ذاتي ملڪيت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جو ڪيئن واڌارو ٿيو. ڪم ورڇيندڙ جي پهرين شڪل جسماني ۽ ذهني پورهيي جي ورڇ هئي. ان جي سڀ کان چٽي شڪل شهرن ۽ ڳوٺن جو فرق هئي. شهرن ۽ ڳوٺن جو ٽڪراءُ تڏهن شروع ٿيو جڏهن معاشرو تمدن جي منزل ۾ داخل ٿيو ۽ رياستون ٺهيون، تنهن وقت شهر اقتصادي ۽ سياسي زبردستيءَ جا مرڪز بڻجي پيا. حاڪم، رئيس، واپاري، فنڪار، دڪاندار، ڪاريگر، هنرمند سڀئي شهرن ۾ رهندا هئا، جتي دولت هئي، هلچل هئي، عيش جا موقعا هئا. ان جي ابتڙ ڳوٺ جمود، ذهني پستيءَ ۽ عليحدگيءَ جي نشاني هئا.
ڪم ورڇيندڙ ۾ تنهن وقت اڃا وسعت آئي جڏهن پيداوار ۽ واپار ٻه ڌار ڌنڌا بڻجي پيا. واپارين جو هڪ مخصوص طبقو وجود ۾ آيو. سوداگر پنهنجو مال ٻين شهرن ۽ ملڪن ڏانهن موڪلن پيا ۽ اتان مال گهرائي پنهنجي شهر ۾ کپائن پيا. وچين دؤر ۾ اهڙيون ڪيئي واپاري شاهراهون کلي پيون هيون جن تي واپارين جا هٿياربند قافلا ڏورانهن علائقن جو سفر ڪندا هئا. شاهراهه ريشم ڏوراهين چين کان مَرو، بخارا، اصفهان، بغداد (طيسفون) کان ٿيندي قسطنطنيه تي ختم ٿيندي هئي. ٻي شاهراهه ڍاڪا کان دهلي، لاهور، ڪابل کان ٿيندي اصفهان تائين ويندي هئي. ٽين شاهراهه چين کان سامونڊي جهازن ذريعي لنڪا، ڪالي ڪٽ، سورت، ٺٽي جي واپاري بندرگاهن کان گذرندي بصري ختم ٿيندي هئي. چوٿين شاهراهه هندي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ٽپي يمن ۽ وري يمن کان ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) رستي اسڪندريه تائين ويندي هئي يا يمن کان سُڪيءَ رستي مڪي، مديني کان لنگهي دمشق ختم ٿيندي هئي. اسڪندريه ۽ قسطنطنيه سڀ کان وڏيون بين الاقوامي مَنڊيون هيون جتان اوڀر جو مال اولهندن ملڪن ۾ ۽ اولهه جو مال اوڀرندن ملڪن ۾ ورهائبو هو.
واپار وڌڻ سان گڏ مختلف شهرن جي وچ ۾ واپاري رابطا وڌيا. اڃا به ڪجهه شهرن ۾ مخصوص صنعتون (طبعي حالتن يا جاگرافيائي هنڌن جي ڪري) وڌيڪ وڌيون ۽ پوءِ اهي شهر ان صنعت جو مرڪز بڻجي ويا. مثال طور ڍاڪا ۾ ململ ۽ وڏن گلن واري ڪپڙي جي صنعت، بنارس ۾ ريشمي ڪپڙن ۽ زريءَ جو ڪم، اصفهان ۾ ٿانوَ ٺاهڻ ۽ دمشق ۾ هٿيار ٺاهڻ وغيره.
اهو دؤر واپاري سرمائي جو دؤر هو. ان دؤر ۾ هنڌين ماڳين اهڙا ڪم جا هنڌ قائم ڪيا ويا جتي ڪيترائي هنرمند (هٿ جو هنر ڪندڙ) هڪ هنڌ گڏجي ڪم ڪندا هئا. انهن هنڌن جو مالڪ سوداگر طبقو هوندو هو. ڪجهه اهڙيون مشينون به ايجاد ٿيون جيڪي هٿ سان هلنديون هيون. مثال طور ڪپڙو اُڻڻ جون کُڏيون. ڪامِي (ڪم وارن) هنڌن تي ڪم ڪندڙ اهي هنرمند آزاد ۽ خودمختيار ماڻهو نه هئا، پر مالڪن سان سندن ناتو هاڻي مالڪ ۽ مزور وارو هو.
ٽيون دؤر صنعتي سرمائي جو دؤر هو. ان دؤر جون بنيادي خاصيتون هي آهن: ٻاڦ ۽ بجليءَ سان هلندڙ آٽوميٽڪ مشينون، سرمايو چند هٿن تائين مرڪوز ٿيل، مزور وڏن وڏن ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ مِڙيل، صنعتي پيداوار ۾ اچرج جوڳو واڌارو، سڄي دنيا جو هڪ عالمي بازار ۾ بدلجڻ ۽ هڪ عالمگير سرمائيدار طبقي جو ظهور.
”سرمائي پهريون ڀيرو عالمي تاريخ جي شڪل ٺاهي. ان مڙني مهذب قومن ۽ انهن جي هر فرد کي پنهنجين ضرورتن جي تسليءَ لاءِ سڄي دنيا جو محتاج بڻائي ڇڏيو. ان طرح قومن جي قدرتي انفراديت کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. سرمائي طبعي سائنس کي پنهنجو غلام بڻائي ورتو ۽ ڪم ورڇيندڙ کان ان جي فطري ڪردار جي آخري مشابهت به ڦري ورتي. ان هر شي جي فطري واڌ ويجهه ختم ڪري ڇڏي ۽ سڀني فطري رشتن کي پئسي (زر) جي رشتن ۾ بدلائي ڇڏيو.“ (جرمن آئيڊيالاجي-ص77)
سرمائيداريءَ جي جديد دؤر ۾ يعني وڏين صنعتن جي دؤر ۾ حياتيءَ جون حالتون سُسي ٻن بنيادي شڪلين ۾ اچي ويون آهن. هڪڙيِ ”گڏ ڪيل پورهيو“ جيڪا ذاتي ملڪيت جي آخري شڪل آهي. گڏ ڪيل پورهيي مان مارڪس جو مطلب مشينون ۽ اوزار آهن. مشينن کي گڏ ڪيل پورهيو چوڻ مارڪس جي سوچ جو وڌاءُ (ايجاد) ناهي، پر ايڊم سمٿ، ريڪارڊو، سِس موندِي مطلب ته معاشيات جي سڀني عالمن اها ئي راءِ ڏني آهي ته مشينون ”گڏ ڪيل پورهيو“ آهن، ڇو ته انهن ۾ قدر ۽ قيمت پورهيي جي استعمال سان پيدا ٿيندي آهي. ٻي شڪل ماڻهن جو زنده يا حقيقي پورهيو. اهو پورهيو ڪم ورڇيندڙ جي ڪري ورهائبو رهندو آهي. ڄڻ هڪ پاسي فيڪٽريون، ڪارخانا، بينڪون وغيره آهن ۽ ٻئي پاسي پورهيو ڪندڙ ماڻهو _ اهي ماڻهو هڪ ٻئي کان ڌار هوندا آهن. البت پيداواري قوتون انهن کي مِلن، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪَٺي ڪنديون آهن ۽ اهي پنهنجي اجتماعيت سان ئي حقيقي طاقت بڻجي ويندا آهن. پيداواري قوتن جي اها اجتماعي سگهه انهن ماڻهن جي ملڪيت ناهي هوندي جن اها سڄي دولت، اها سڄي طاقت پيدا ڪئي هئي پر ذاتي ملڪيت جي طاقت بڻجي آڏو ايندي آهي. اها هاڻي هڪ طرف ذاتي ملڪيت جي طاقت هوندي آهي ۽ ٻئي طرف انهن ماڻهن جي اڪثريت جن کان اها طاقت کسي وئي هئي، جن کان زندگيءَ جو روح نپوڙيو ويو هو.
انهن ماڻهن جو پيداواري قوتن سان، اڃا به پنهنجي وجود سان هاڻي صرف هڪ ئي ناتو بچي ٿو پورهيي جو ناتو _ پر ان رشتي ۾ وجود جي عمل يعني ذاتي سرگرميءَ (Self Activity) ۽ خودمختاريءَ جو شڪ به پوئتي نه ٿو رهي. ان پورهيي ۾ پورهيتن جي رضا ۽ خواهش کي ٿوري به پهچ ناهي هوندي، ۽ هاڻي ته حالت اها وڃي ٿي آهي جو جيڪڏهن پورهيتن پيداواري قوتن کي پنهنجي قبضي ۾ نه ڪيو ته ذاتي سرگرميءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي رهي پري، ان جي بقا خطري هيٺ اچي ويندي. اهو تاريخي فرض پرولتاريه جي رهنمائيءَ ۽ ذريعي سان ئي پورو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي اُهو طبقو آهي جنهن تي ذاتي سرگرميءَ جا سڀئي در بند ٿي چڪا آهن. اهو سماجي انقلاب ”پرولتاريه جي يونين“ جي جهنڊي هيٺ ايندو، تڏهن ماڻهوءَ جي ذاتي سرگرمي يا وجود جو عمل مادِي حالتن موجب هوندو. ماڻهو مڪمل فردن طور اڳتي وڌندا ۽ وجود جي تڪميل جي راهه ۾ ڪا رنڊڪ نه رهندي. اجوري وارو پورهيو خومختار پورهيي ۾ بدلجي ويندو ۽ پيداواري قوتن جي اجتماعي واهپي سان گڏ ذاتي ملڪيت جو خاتمو ٿي ويندو. دنيا ڪميونزم جي دؤر ۾ داخل ٿيندي. (ص- 85-86)
خيالي سوشلسٽن وٽ ڪميونزم ڇڙو منصوبو يا زميني جنت جو تصور هو، جيڪو جيڪڏهن عمل ۾ اچي وڃي ته ماڻهن تان سڀئي مصيبتون لهي وڃن. مارڪس ۽ اينجلس موجب ڪميونزم معاشري جي تاريخي ارتقا جو نتيجو آهي ۽ ان جا ڪجهه قاعدا، ڪجهه شرط آهن. ”ڪميونزم اسان لاءِ ڪا ڳالهه ٻول واري صورت ناهي ۽ نه ئي ڪو آئيڊيل آهي جو حقيقت کي ان سان ملائڻو پوي. اسان ته ڪميونزم کي حقيقي تحريڪ سمجهون ٿا جيڪا موجوده صورتحال جي تنسيخ (رد) ڪري ٿي.“
پر ڪميونسٽ سوسائٽي قائم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته پرولتاريه طبقو انقلاب ذريعي سياسي اقتدار حاصل ڪري. ”حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪندڙ هر طبقي تي اهو فرض آهي ته سڀ کان پهرين سياسي اقتدار تي قبضو ڪري.“ (ص- 38) پرولتاريه طبقي جي حاڪميت بابت مارڪس ۽ اينجلس جو پهريون اعلان هو. سالن کان پوءِ اينجلس هڪ خط ۾ ان مسئلي جو ذڪر ڪندي لکيو ته ”1845ع کان مان ۽ مارڪس ان راءِ جا هئاسين ته مستقبل جي پرولتاري انقلاب جو هڪڙو آخري نتيجو هيءُ هوندو ته اها سياسي تنظيم، جنهن کي رياست چون ٿا، آهستي آهستي ذرا ذرا ٿي، نيٺ بلڪل ختم ٿي ويندي. ان سان گڏوگڏ اسان جي اها راءِ به هئي ته مستقبل جي سماجي انقلاب جي ان مقصد جِي ۽ ان کان به گهڻو وڌيڪ اهم مقصدن جي حاصلات لاءِ پرولتاري طبقي کي پهريائين رياست جي سياسي قوت تي قبضو ڪرڻو پوندو ۽ ان جي مدد سان سرمائيدار طبقي جي مخالفت کي ختم ڪري معاشري کي نئين سر سنوارڻو پوندو.“
مارڪس ۽ اينجلس جو چوڻ هو ته انقلابي عمل سان ماحول سان گڏوگڏ انساني فطرت ۾ به تبديليون پيدا ٿينديون آهن، ان ڪري ”پرولتاري انقلاب رڳو ان لاءِ ضروري ناهي ته ان کان سواءِ حڪمران طبقي کي هٽائي نه ٿو سگهجي پر ان لاءِ به جو پرولتاريه طبقو انقلاب دوران ئي صدين جي گندگين کان آجپو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ نئون معاشرو قائم ڪرڻ لائق ٿي سگهي ٿو.“
[b]رياست
[/b] موجوده دؤر جي هر آئين ۾ رياست کي اهڙي مقدس ۽ احترام لائق سياسي تنظيم طور پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪا ملڪ جي هر رهاڪوءَ جي مفاد جي مذهب ۽ جماعت، رنگ ۽ نسل، طبقي، رتبي ۽ ٻوليءَ کان سواءِ حفاظت ڪري ٿي. اها مڙني رهاڪن سان، توڙي اهي امير هجن يا غريب، هڪ جهڙو سلوڪ ڪندي آهي. سڀني کي هڪ نظر سان ڏسندي آهي ۽ سڀني جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪندي آهي. ان کان سواءِ ملڪ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ ۽ ملڪ اندر امن امان قائم رکڻ به رياست جو منصبي فرض سمجهيو ويندو آهي. رياست جي ٽنهي ترڪيبي (جوڙجڪي) عنصرن _ قانون جوڙيندڙ (پارليامينٽ)، انتظاميا ۽ عدليا _ جي حوالي انهن ئي فرضن جو پُورائو آهي. اسان جي تعليمي ادارن ۾ به انهيءَ مثالي رياست جي تعليم ڏني ويندي آهي.
ان لحاظ کان رياست جو ملڪ ۾ اهڙو ئي رتبو هوندو آهي جهڙو ڪٽنب ۾ وڏي کي هوندو آهي. گهر جي وڏي وانگر رياست جي شخصيت به بلڪل غيرجانبدار هوندي آهي. اها شخصيت طبقن ۽ فرقن جي گڏيل جهيڙن جهڳڙن کان نه رڳو مٿڀري هوندي آهي، پر ان جو ڪم ئي اهو آهي ته شهرين جي پنهنجن جهيڙن کي منصفاڻي طريقي سان، بنا ڪنهن رعايت ڏيڻ جي، نبيريندي رهي ۽ ڪنهن کي به قانون جي خلاف ورزيءَ جي اجازت نه ڏي. هيگل ان ڪري ئي رياست کي وجود جي شعور جو مٿاهون نقطو چوندو هو.
مارڪس ۽ اينجلس جڏهن رياست جو جائزو تاريخ جي روشنيءَ ۾ ورتو ته خبر پئي ته حقيقي رياست ان مثالي رياست کان صفا ٻي شَي آهي. اها ذاتي ملڪيت جي بچاءَ لاءِ ٺهي آهي ۽ شروعات کان وٺي هاڻي تائين اهو ئي حفاظتي ڪردار نڀائيندي رهي آهي. اها هر دؤر ۾ حاڪم طبقي جو ڏاڍ وارو هٿيار رهي آهي. حاڪم طبقي جي مفاد کي ترقي ڏيڻ ۽ محڪوم طبقن کي اطاعت تي مجبور ڪرڻ رياست جي مزاج ۾ آهي، ان ڪري ذاتي ملڪيت جي مختلف ڏاڪن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ مارڪس ۽ اينجلس لکن ٿا ته ”موجوده دور جي رياست موجوده دؤر جي ذاتي ملڪيت سان هڪجهڙائي رکي ٿي. بظاهر ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته رياست معاشري کان ڌار ۽ مٿاهون ڪو الڳ ادارو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته سرمائيدار دؤر جي رياست اهڙو ادارو آهي جنهن جي تنظيم سرمائيدار طبقا پنهنجن داخلي ۽ خارجي مقصدن جي پورائيءَ لاءِ ڪندا آهن. پنهنجي طبقي جي ملڪيتن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ _... رياست جو وجود فقط ذاتي ملڪيت جي بچاءَ لاءِ آهي... حڪمران طبقو پنهنجن گڏيل مفادن جو اقرار رياست جي ئي صورت ۾ ڪندو آهي.“ (جرمن آئيديالاجي. ص- 79-80 انگريزي)
مارڪس ۽ اينجلس جو خيال هو ته سرمائيداري نظام ۽ ان جا سڀئي سماجي ادارا بنيادي طور تي ظلم ڪندڙ ۽ استحصالي هوندا آهن. سرمائيدار معاشري ۾ هر ماڻهو ٻين جي مرضيءَ جو پابند هوندو آهي. اهو شخصي آزاديءَ کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ کيس پنهنجي وجودي جوهر يا طبعي لاڙن کي وڌائڻ جو موقعو ناهي ملندو. ”فلسفياڻيون لکتون“ ۾ ڪيل سڄي بحث جو خلاصو (تت) اهوئي هو. ۽ مارڪس ان نتيجي تي پهتو هو ته اها ”وجود جي لاتعلقي“ ڪميونسٽ معاشري ۾ ئي ختم ٿي سگهي ٿي.
ان باوجود ميڪس اِسٽرنر ڪميونزم تي الزام هنيو هو ته ان نظام ۾ ماڻهوءَ جي شخصي آزادي وڃائجي ويندي. ”ڪميونزم ۾ فرد معاشري جو غلام ٿي پوندو.“ (جرمن آئيڊيالاجي. ص-228) اسٽرنر تي ئي اها ڳالهه پوري ناهي، سرمائيداري نظام جا حمايتي گذريل ڏيڍ سَو سالن کان انهيءَ الزام کي مسلسل ورجائي رهيا آهن. پر اهو الزام بلڪل غلط آهي. مارڪس ۽ اينجلس موجب شخصي آزاديءَ جو شرط ”وجود جي عمل“ جي آزادي آهي يعني ماڻهو پنهنجي عمل دوران آزاد هجي. پر تاريخ شاهد آهي ته هاڻي تائين، هر دؤر ۾ فرد جي وجود جو عمل پيداواري اوزارن ۽ محدود قسم جي سماجي رشتن جي تابع رهيو آهي. ”هاڻي تائين مڙني قدرتي ڪمن ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي اڪثريت خود پنهنجن ٺاهيل پيداواري اوزارن جي ماتحت رهي آهي“ ۽ انهيءَ حد تائين آزاد رهي آهي جنهن حد تائين اها قدرتي ڪمن تي قادر رهي آهي. البت ڪميونزم ۾ ”پيداواري اوزارن جي تمام گهڻي اڪثريت هر ماڻهوءَ جي تابع هوندي ۽ سڀني جي ملڪيت هوندي... فقط ان دؤر ۾ اچي، وجود جو عمل مادِي زندگيءَ سان هم آهنگ هوندو. ماڻهن جي ترقي ڪامل انسان جي روپ ۾ ظاهر ٿيندي ۽ سڀئي قدرتي مجبوريون ختم ٿي وينديون.“ (ص- 85)
پر شخصي آزادي معاشري ۾ رهي ئي ممڪن آهي ڇو ته ”معاشري ۾ رهي ئي هر ماڻهوءَ کي خوبين کي هر پاسي وڌڻ ويجهڻ جا ذريعا ملندا آهن پر هاڻي تائين معاشري جا متبادل مثال طور رياست ۾ شخصي آزادي صرف انهن ماڻهن کي مليل هئي جيڪي حاڪم طبقي جا ماڻهو يا انهن جا حمايتي هئا. حقيقي معاشري ۾ ماڻهو پنهنجي آزادي معاشري ۾ رهي ۽ گڏيل حصيداريءَ سان حاصل ڪري سگهندا.“ (ص- 93) موجوده معاشري ۾ ماڻهوءَ جي شخصيت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. هڪڙي سندس نجي شخصيت ۽ ٻي اها شخصيت جنهن کي سندس پورهيي جون حالتون مقرر ڪنديون آهن. سرمائيدار معاشري ۾ برتري ۽ مقابلو معاشري جا حرڪي عنصر بڻجي ويا آهن. سرمائيدار ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ مقابلو، دڪاندار ۽ دڪاندار جي وچ ۾ مقابلو، سرمائيدار ۽ پورهيت جي وچ ۾ مقابلو ۽ پورهيت۽ پورهيت جي وچ ۾ ملازمت ماڻڻ لاءِ مقابلو. مقابلي جي ان ”آزاديءَ“ کي ماڻهو شخصي آزادي سمجهي وٺندو آهي، جڏهن ته اهو سرمائيداري نظام ۾ گذريل معاشرن کان به گهٽ آزاد آهي، ڇاڪاڻ ته هو شين جي ڏاڍ ۽ تشدد جو گهڻو وڌيڪ تابع آهي. (ص- 95) کيس شخصي آزادي ڪميونسٽ معاشري ۾ ئي نصيب ٿيندي، ڇو ته ڪميونزم ۾ انساني عمل پوريءَ طرح آزاد هوندو ۽ ان کي تخليقي اظهار جو مڪمل موقعو ملندو. ماڻهو پنهنجين مڙني صلاحيتن کي آزاديءَ سان ترقي ڏئي سگهندو. (ص-246)
ميڪس اسٽرنر جي دعويٰ هئي ته دانشور ۽ فنڪار خاص مٽيءَ مان ٺهندا آهن ۽ منجهن اهڙيون غيرمعمولي صلاحيتون هونديون آهن جيڪي عام ماڻهن ۾ ناهن هونديون. ”ڪوبه ماڻهو رافيل (مشهور اِٽيلين مصور) جي جڳهه تي ڪم نه ٿو ڪري سگهي اهو ته غيرمعمولي ماڻهوءَ جو ڪم آهي جنهن جي لائق غيرمعمولي ماڻهو ئي آهي، پر ڪميونسٽ چاهن ٿا ته هر ماڻهو رافيل جو ڪم ڪرڻ لڳي.“ مارڪس ۽ اينجلس موٽ ڏني ته ڪميونسٽ اهو ته نه ٿا چاهن ته هر ماڻهو رافيل جو ڪم ڪرڻ لڳي. ”البت اهو ضرور چاهن ٿا ته جنهن ماڻهوءَ ۾ رافيل بڻجڻ جا امڪان آهن، ان جي انهن امڪانن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي ترقي ڏيڻ جو موقعو ضرور ملڻ گهرجي.“ (ص- 441)
مارڪس ۽ اينجلس جو چوڻ هو ته رافيل يا ٻيو ڪو فنڪار پنهنجي دؤر جي معاشرتي حالتن کان آزاد ٿي فن تخليق نه ٿو ڪري سگهي. ”رافيل جي ڀيٽ ليونارڊو ڊاونچي يا تِي شين سان ڪبي ته معلوم ٿيندو ته رافيل جا فني شهڪار ان وقت جي روم جي خوشحاليءَ تي ڪيتري قدر مدار رکندڙ هئا ۽ اها خوشحالي فلورنس جو فيض هئي. ٻئي طرف ليونارڊو جا فني شهڪار فلورنس جي صورتحال تي منحصر هئا ۽ تِي شين وينس تي مدار رکندو هو جنهن جون حالتون صفا مختلف هيون. رافيل هجي يا ڪو ٻيو فنڪار، پنهنجي گذريل عهد جي آرٽ جي ٽيڪنيڪل ترقين جي تابع هو ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي معاشرتي تنظيم ۽ ورهاست پورهيي سان متعين هوندي آهي.“ (ص- 442) مصيبت اها آهي ته موجوده معاشري ۾ هزارين لکين لائق ماڻهو موجود آهن جن کي پنهنجين فني ۽ سائنسي صلاحيتن کي نکارڻ جو موقعو ئي ناهي ملندو.
[b]تنظيمي سرگرميون
[/b] ”جرمن آئيڊيالاجي“ ته ڇپجي نه سگهيو البت مارڪس ۽ اينجلس تاريخي ماديت جي فلسفي مان پرولتاري انقلاب ۽ پرولتاري حاڪميت جا جيڪي اصول اخذ ڪيا هئا، اهي ڪمري ۾ سينگار لاءِ نه هئا پر عمل لاءِ هئا. پر انقلابي عمل جو لازمي شرط پرولتاريه طبقي جي انقلابي پارٽي هئي. اهڙي پارٽي جيڪا قومي ساڙ کان مٿاهين هجي ۽ جنهن جو ڪردار بين الاقوامي هجي. اڻويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ اهڙي پارٽي ٺاهڻ پٿرن تي ڇٻر پيدا ڪرڻ کان گهٽ ڏکيو (ڪم) نه هو ڇاڪاڻ ته برطانيا کان سواءِ يورپ جي سڀني ملڪن ۾ هڪ ته صنعتي مزور جو تعداد صفا ٿورو هو، ٻيو ته انهن تي خيالي سوشلسٽن جو گهاٽو اثر هو. اهڙن سوشلسٽن ۽ مزور ڪارڪنن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هو جن کي پرولتاريه طبقي جي تاريخي منصب جو مڪمل شعور هجي يا جيڪي طبقاتي جدوجهد ذريعي پرولتاري حاڪمي قائم ڪرڻ جي حق ۾ هجن.
ان ڪري مارڪس ۽ اينجلس آڏو سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته پرولتاريه جي بين الاقوامي پارٽيءَ جي جوڙجڪ جو ڏکيو ڪم ڪٿان شروع ڪجي. هنن هم خيال دوستن سان صلاح مصلحت ڪرڻ کان پوءِ هيءُ فيصلو ڪيو ته پارٽيءَ جي جوڙجڪ کان اڳ مختلف ڏيهن جي سوشلسٽ گروهن ۽ سوشلزم سان دلچسپي رکندڙن کي ملائجي، خطن پٽن ۽ گشتي چٺين ذريعي منجهن ڪميونسٽ خيالن جي تبليغ ڪجي، هڪ ڏيهه جي سوشلسٽن کي ٻين ڏيهن جي سوشلسٽ سرگرمين کان واقف ڪجي ۽ بحث مباحثي ذريعي انهن ۾ فڪر جي وحدت پيدا ڪجي ته جيئن انهن کي خيالي سوشلسٽن ۽ جڙتو جمهوريت پسندن جي انقلاب دشمن سياست جي خبر پئجي وڃي ۽ سندن ذهن سائنسي سوشلزم جي تعليم قبول ڪري سگهن. ان مقصد لاءِ مارڪس ۽ اينجلس 1846ع جي شروعات ۾ ”ڪميونسٽ خط پٽ واري ڪاميٽي“ جي نالي سان برسيلز ۾ نون ماڻهن تي ٻڌل هڪ ننڍي تنظيم ٺاهي، لنڊن جي ”انصاف ليگ“ سان ۽ جرمنيءَ جي ڪيئي شهرن جي سوشلسٽن سان رابطو قائم ڪيو. هنڌين ماڳين نمائنده مقرر ڪيا ۽ ڳجهيون گشتي چٺيون جاري ڪرڻ شروع ڪيون. انهن گشتي چٺين ۾ سوشلزم کان سواءِ موجوده سياست جي اهم مسئلن تي تبصرا به ڏنل هوندا هئا. جرمنيءَ ۾ جيئن ته ڪو به جمهوري آئين نه هو ۽ نه ئي ماڻهن کي شهري آبادي نصيب هئي، ان ڪري مارڪس ۽ اينجلس کاٻيءَ ڌر جي گروهن کي اها صلاح ڏني ته اهي بورجوا جمهوريت پسندن جي جمهوري مطالبن جي حمايت ڪن ۽ جرمن ظلم خلاف عوامي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺن، ڇو ته جيڪڏهن اهي مطالبا جيڪڏهن مڃيا ويا ته ”ڪميونزم جي تبليغ جو نئون دؤر شروع ٿي ويندو.“ سوشلسٽ تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز پيرس هو، ان ڪري ڪاميٽيءَ اينجلس کي اوڏانهن موڪليو ته جيئن هو پيرس جي مختلف سوشلسٽ گروهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري ۽ کين هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
فرانسي سوشلسٽن جو هڪ طبقو سينٽ سائمن ۽ فوريئر جو پوئلڳ هو، ٻيو مسيحي سوشلزم جو هو جيڪو سوشلزم جو جواز انجيل مان ثابت ڪندو هو، ٽيون ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن _ لوئي بلان ۽ فلوڪان _ جو هو، چوٿون ڪابي، جو جيڪو پرولتاري ڪميونزم جو حامي هو ۽ پنجون پروڌان جو، جنهن جو اثر مزورن کان وڌيڪ وچين طبقي جي پڙهيل لکيل ماڻهن تي هو. سوشلسٽ اديبن ۾ سڀ کان مٿاهين ۽ وڻندڙ شخصيت عورت ناول نويس جارج سان هئي.
[b]فلسفي جي غربت
[/b] ڪاميٽيءَ جون تنظيمي سرگرميون هلندڙ هيون ته مارڪس نئون ڪتاب ”فلسفي جي غربت“ پروڌان جي نئين ڪتاب ”غربت جو فلسفو“ جي جواب ۾ فرانسي ٻوليءَ ۾ لکيو. اهو ڪتاب جولاءِ 1847ع ۾ ڇپيو.
پُروڌان (ڄم: 1809ع- وفات 1865ع) اولهندي فرانس جي شهر بسانڪا ۾ ڄائو. سندس پيءُ جَون جو شراب ٺاهيندو هو پر هن جي سڄي عمر غريبيءَ ۾ گذري، ڇو ته هو نفعو کائڻ جي صفا خلاف هو ۽ پنهنجو مال ٿيل خرچ جي رقم ۾ ئي کپائيندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هو اولاد کي تعليم به ڏياري نه سگهيو ۽ پروڌان کي ننڍپڻ ۾ ئي ڪمائڻو پئجي ويو. هو هڪڙي پريس تي پروف ريڊر (اکرِي چُڪون ڪڍندڙ) ٿي ويو. ٿوري وقت ۾ هن ڇپائيءَ جو ڪم سکي ورتو ته هڪ ننڍي پريس مشين هڻي ورتي. کيس لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو جنهنڪري هو گهڻو وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. هوري هوري هن مطالعي ۽ مشاهدي مان ڪجهه نتيجا ڪڍي ورتا ۽ پنهنجن خيالن جي پرچار لاءِ پيرس پهچي ويو. سندس پهريون ڪتاب ”ملڪيت ڇا آهي؟“ 1840ع ۾ ڇپيو، ته پيرس جا علمي حلقا هن گمنام ليکڪ جي بيان ۾ چڀندڙ فقرن کي پڙهي اچرج ۾ اچي ويا. ”ملڪيت ڇا آهي؟“ يورپ جي هر ملڪ ۾ شوق سان پڙهيو ويو ۽ پروڌان کي فرانس جي انقلابي مفڪرن ۾ ليکيو وڃڻ لڳو. مارڪس پروڌان جو ڪتاب ڪولون ۾ پڙهيو هو، ان ڪري پيرس پهچندي ئي هن پروڌان سان واسطا وڌايا. اهي ڏينهن ساريندي مارڪس هڪ خط ۾ شوئٽزر کي لکيو ته:
”مان پروڌان سان 1844ع ۾ پيرس ۾ مليو هيس. ان سان کوڙ ڀيرا سڄي سڄي رات بحث ڪندا هئاسين، جن ۾ مون کيس هيگليت جا جيوڙا ڏئي ڇڏيا. اها شَي پروڌان لاءِ ڏاڍي نقصانڪار ثابت ٿي. جرمن ٻوليءَ سان اڻ واقفيت جي ڪري هو هيگل جي فلسفي جو چڱيءَ طرح مطالعو نه ڪري سگهيو. منهنجي پيرس مان نڪرڻ کان پوءِ ان ڪم کي ڪارل گرون برقرار رکيو. جرمن فلسفي جي استاد هئڻ ناتي ڪارل گُرون کي مون تي اها فوقيت حاصل هئي ته هو جرمن فلسفي کان بلڪل ئي اڻڄاڻ هو.“
پيرس مان نيڪاليءَ کان پوءِ مارڪس ۽ پروڌان جي وچ ۾ خط پٽ جو سلسلو برقرار رهيو، پر ٻنهي جون واٽون هوري هوري ڌار ٿينديون پئي ويون. مارڪس طبقاتي جدوجهد جي پرچار ڪري رهيو هو ۽ پروڌان طبقاتي مفاهمت جِي. مارڪس سوشلسٽ انقلاب ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ پروڌان سرمائيداري نظام ۾ اصلاح جا منصوبا ٺاهي رهيو هو. 5- مئي 1846ع تي مارڪس جيڪو خط برسيلز مان پروڌان کي لکيو ۽ پروڌان ان خط جي جواب ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو، ان مان ٻنهي ڄڻن جي اختلاف جي نوعيت چٽي ظاهر ٿئي ٿي. مارڪس لکيو هو ته:
”مان هتي ٻن دوستن جي تعاون سان جرمن ڪيمونسٽن ۽ سوشلسٽن سان خطن پٽن جو هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. انهن خطن ۾ اشتراڪي (سوشلسٽ) مسئلن سان بحث ٿيندو. اسان اشتراڪي لٽريچر جي ڇپائيءَ جو انتظام به ڪنداسين. خطن پٽن جو بنيادي مقصد جرمن سوشلسٽن جو رابطو فرانسي ۽ برطانوي سوشلسٽن سان قائم ڪرڻ آهي ۽ ٻاهرين کي جرمنيءَ جي سوشلسٽ تحريڪن کان آگاهه رکڻو آهي. اشتراڪي تحريڪ کي وطني حدن جي تنگين کان آزاد ڪرڻ لاءِ اهو قدم ضروري آهي... اسان لنڊن سان به رابطو قائم ڪري ورتو آهي البت جيستائين فرانس جو تعلق آهي، اسان سڀني جي گڏيل راءِ آهي ته توهان کان وڌيڪ مناسب ٻيو خط لکندڙ ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.“
پر پروڌان کي مارڪس جي ان تجويز سان اصولي اختلاف هو، تنهنڪري 17_ مئي 1846ع تي هن جواب ۾ لکيو ته:
”شايد تون اڃا تائين ان غلط فهميءَ ۾ آهين ته جدوجهد يا انقلاب کان سواءِ ڪابه اصلاح ممڪن ناهي (جڏهن ته انقلاب سان معاشري کي هڪ قسم جو لوڏو ايندو آهي). ڪيتري ئي وقت تائين منهنجي به اها ئي راءِ هئي. مان سدائين انقلاب جي تشريح ۽ حمايت لاءِ تيار هوندو هيس، پر هاڻي مون پنهنجي راءِ صفا بدلائي آهي. منهنجو خيال آهي ته انقلاب جي ڪا ضرورت ناهي، ان ڪري اسان کي سماجي اصلاح لاءِ انقلاب کي ذريعو نه بڻائڻ گهرجي. انقلاب جو مطلب طاقت کان مدد وٺڻ آهي ۽ اها شَي هر اصلاحي منصوبي جي نفي (انڪار) آهي. مان سوال کي ٻيءَ طرح پيش ڪيان ٿو. اهو هيءُ آهي ته سماج جي اقتصادي سرگرمين کي ڪيئن ترتيب ڏجي، ته جنهن دولت کان معاشرو اڃا تائين محروم آهي، اها دولت معاشري جي واهپي ۾ اچي سگهي.“
ان دوران (1846ع) پروڌان جو ٻيو ڪتاب ”غربت جو فلسفو“ ڇپيو. مارڪس مٿي ذڪر ڪيل خط ۾ شوئٽزر کي لکي ٿو ته ”ان جي ڇپائيءَ کان ٿورا ڏينهن اڳ پروڌان مون کي هڪ تفصيلي خط ۾ ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو هو ۽ لکيو هو ته ”مان تنهنجي تنقيد جي ڪوڙن (چهبڪن) جو منتظر رهندس.“ اهو چهبڪ منهنجو ڪتاب ”فلسفي جي غربت“ هو. ان کان پوءِ اسان جي دوستي سدائين لاءِ ختم ٿي وئي.“
”فلسفي جي غربت“ مارڪس جي پهرين ڇپيل تصنيف آهي، جنهن جي اڀياس سان خبر پوي ٿي ته مارڪس کي هاڻي اقتصادي علم تي مڪمل عبور حاصل ٿي چڪو هو ۽ هو سرمائيداري نظام تي اقتصادي نُڪتي نظر سان تنقيد ڪرڻ تي قادر هو. تنهنڪري ان ڪتاب جو ذڪر ڪندي، هو 1880ع ۾ ۾ لکيل پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ”ان ۾ اهو ڳَڀُ (Embryos) موجود آهي جنهن ويهن سالن جي محنت کان پوءِ ”سرمائي“ (ناڻي) ۾ تشريح ڪيل نظريي جي شڪل ورتي.“ •
مارڪس پروڌان کي وچين طبقي جي فلسفي ۽ اقتصاديات جو ترجمان چيو هو. هن جو چوڻ هو ته پروڌان هيگل جي جدلياتي طريقي کي اقتصاديات تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر نه ته هو جدليت جي روح کي سمجهي سگهيو آهي ۽ نه ئي انهن حقيقي تضادن کي، جيڪي سرمائيداري نظام اندر هلندڙ آهن. کيس اها ته اصليت جِي تبديل ڏيکارجي ٿي جيڪا هيگل جي ٻن مخالف شين جي هڪ هنڌ گڏجڻ (اجتماع ضدين) جي حرڪي خاصيت آهي، البت هن اهو طي ڪري ڇڏيو آهي ته هر خارجيت جو هڪ ”سٺو رخ“ هوندو آهي ۽ هڪ ”برو رخ“، جيڪو سٺي رخ سان ٽڪرائبو رهندو آهي. جيڪڏهن ان ”بري رخ“ کي خارجيت مان ڪڍي ڇڏجي، ته ان جو تضاد هٽي ويندو. جدليت جي ان غلط تعبير مان هن اهو نتيجو ڪڍيو ته جيڪڏهن سرمائيداري نظام مان ان بري رخ کي ڪڍي ڇڏجي ته سرمائيداري نظام جو تضاد ختم ٿي ويندو.
هيگلي جدليت جي وضاحت ڪندي مارڪس لکيو ته ”جدلي حرڪت (چرپر) ٻن متضاد رخن جي هم وجوديت، انهن جي ٽڪراءَ ۽ انهن جي ضم ٿِي هڪ نئين حقيقت (Category) ٺهڻ سان لاڳاپيل آهي.“ مثال طور ايٽم هڪ وحدت آهي. ان جو هڪ رخ مثبت آهي (پروٽان) ۽ ٻيو منفي (اليڪٽران)، پر هڪ کان سواءِ ٻئي جو وجود ئي ممڪن ناهي. پر ”جناب پروڌان وٽ هر اقتصادي قانون (Category) جا ٻه رخ آهن، هڪڙو سٺو ۽ ٻيو بُرو. هو انهن ٻنهي کي انهيءَ انداز سان ڏسي ٿو جنهن طرح وچون بورجوا طبقو تاريخ جي عظيم شخصيتن کي ڏسندو آهي. مثال طور نپولن وڏو ماڻهو هو، هن ڪيئي سٺا ڪم ڪيا پر هن نقصان به رسايو. موسيو پروڌان جي خيال ۾ اهو ئي سٺو رخ ۽ بُرو رخ، اهي ئي خوبيون ۽ خاميون ملي، هر اقتصادي قانون (Category) جو تضاد ٿين ٿيون. ان ڪري مسئلي جو حل هيءُ ٿيو ته سٺاين کي بچائجي ۽ براين کي ڪڍي ڇڏجي.“
مارڪس چوي ٿو ته جاگيرداري نظام جو به هڪ ”سٺو“ رخ هو ۽ ٻيو ”بُرو“ هڪ پاسي ”فيوڊل پرولتاريه“ يعني نوڪر هاري هئا ۽ ٻئي پاسي جاگيردار، ان جو شان ۽ شوڪت ۽ تهذيبي سرگرميون ۽ اهي ٻئي پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ هئا. جاگيرداري نظام جي ”سٺي“ رخ جي نمائندگي جاگيردار ڪندڙ هئا ۽ ”بري“ رخ جي نوڪر هاري. مزو اهو آهي ته ”برو“ رخ ئي تاريخ ساز حرڪت پيدا ڪندو هو. هاڻ جيڪڏهن جاگيرداري نظام جي عروج جي دؤر ۾ ڪنهن جي مٿي تي اهو جن چڙهي ها ته ان نظام جي تهذيبي خوبين سان جن تي برائين جي ڪري آڱر کڄي ٿي، يعني خدمت چاڪريءَ، اميرن جي رعايتن ۽ بي لغاميءَ (مطلق العنانيءَ) کي ڪڍي ڇڏجي ته ان نظام جو ڪهڙو حشر ٿئي ها ۽ جڏهن سرمائيداري نظام ڪامياب ٿي ويو ته جاگيرداري نظام جي سٺن ۽ برن رخن جو سوال ئي نه رهيو. معاشري جي سڄي جوڙجڪ بدلجي وئي. (ص-136)
اهوئي حال سرمائيداري نظام جو آهي، ان ۾ سرمائيدار ۽ نئين پرولتاريه جو ٽڪراءُ ٿيندو رهندو آهي. تاريخي ترقيءَ دوران بورجوا طبقو پنهنجي حريفاڻي ڪردار کي به ترقي ڏيندو آهي. بورجوا جي ترقيءَ جي ڀيٽ ۾ پرولتاريه به ترقي ڪندو آهي ۽ انهن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ وڌندو ويندو آهي. سرمائيداري نظام ۾ پيداواري رشتن جو ٻٽو ڪردار هوندو آهي. هڪڙو دولت پيدا ڪرڻ جو ۽ ٻيو غربت پيدا ڪرڻ جو. پيداواري رشتن جي ڪري سرمائيدار طبقي جي دولت پيدا ٿيندي آهي پر پرولتاريه جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪري. (ص- 188)
اهو حريفاڻو ڪردار ڏينهون ڏينهن وڌيڪ چٽو ٿيندو ويندو آهي. خود سرمائيدار طبقي جي وڪيلن جا نوان نوان مڪتبئه فڪر پيدا ٿيندا آهن. انهن ۾ هڪ مڪتبئه فڪر ”انسان دوستن“ جو آهي جيڪو موجوده دؤر جي پيداواري رشتن جي ”برن رخن“ سان همدرديءَ جو اظهار ڪندو آهي. اهي انسان دوست پنهنجي ضمير جو بار گهٽائڻ لاءِ پرولتاريه جي اهنجن تي ڳوڙها ڳاڙيندا آهن ۽ سرمائيدارن جي مقابلي جي مذمت ڪندا آهن. اهي مزورن کي صلاح ڏيندا آهن ته گهڻي محنت ڪيو، ٻار ٿورا ڄڻيو ۽ اخلاقي براين کان بچو. اهي سرمائيدارن کي صلاح ڏيندا آهن ته پنهنجي پيداواري طريقي کي، معقول راهن تي ۽ انساني جذبي سان سرشار ٿي، منظم ڪيو. کين سٺي ۽ بُري رخ جو فرق ڏاڍو پريشان ڪندو رهندو آهي. وري ڪجهه اهڙا مخير به هوندا آهن جن جو خيال آهي ته ان تضاد جي ضرورت ئي نه آهي پر اسان چاهيون ته هر ماڻهو سرمائيدار ٿي سگهي ٿو. ان طرح موجوده نظام ته برقرار رهندو البت ان جو تضاد ختم ٿي ويندو.
اهي ته ٿيا سرمائيداري نظام جا ترجمان، پر پرولتاريه طبقي جي ترجمان سوشلسٽن ۽ ڪميونسٽن _ ۾ به قسمين قسمين مفڪر ملندا. جيستائين پرولتاريه طبقي پوريءَ ريت ترقي نه ڪئي هئي ۽ پرولتاريه ۽ سرمائيدار جي جدوجهد سياسي روپ نه ورتو هو ۽ پيداواري عنصرن کي ايڏي واڌ نه ملي هئي جو ماڻهن کي انهن مادي حالتن جي جهلڪي نظر اچي ها جيڪا پرولتاريه جي آزاديءَ ۽ نئين معاشري جي جوڙجڪ جو لازمي شرط آهي تيستائين مزورن کي انهن دوستن جي خيالي سوشلزم جو سبب سمجهه ۾ اچي سگهي ها پر اڄ جيڪڏهن اهي اکيون کولي پنهنجي چؤطرف نظر ڪن ته کين اصل حقيقت نظر اچي ويندي. کين ڪنهن ”خيالي سوشلزم“ جي جوڙجڪ جي ضرورت نه پوندي، پر انهن ماڻهن جي ڏکيائي اها ئي آهي ته اهي غربت ئي ڏسن ٿا، کين غربت جو انقلابي رخ، ان جو تخريبي رخ نظر نه ٿو اچي جيڪو پراڻي سماج کي هٽائي ڇڏيندو. موسيو پروڌان جو مرض به اهوئي هو. (ص- 136-140)
پروڌان جي ٻي خرابي هيءَ هئي ته سرمائيدار طبقي جي اقتصادي عالمن وانگر هو به اهوئي سمجهندو هو ته اقتصاديات جا قانون ابدي آهن. ان ڪري معاشري جي بُرن رخن کي ڪڍي ڇڏجي ۽ انهن جي جڳهه تي نوان منصفاڻا رخ رائج ڪجن ته سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. مارڪس حوالا ڏئي ٻڌايو ته پروڌان کان گهڻو اڳ برطانوي سوشلسٽن _ جان بري، ۽ وليم ٽامسن _ اهڙا ئي منصوبا رٿيا هئا. فرق اهو هو ته برطانوي سوشلسٽن جو خيال هو ته اهي منصوبا عبوري دؤر لاءِ هوندا ۽ جڏهن معاشرو سوشلسٽ راهن ۾ بدلجي ويندو ته پوءِ انهن جي گهرج نه رهندي. ان جي ابتڙ پروڌان انهن منصوبن کي معاشري جي خرابين جو مستقل حل سمجهي ٿو. (ص- 77)
مارڪس ان ڪتاب ۾ تاريخ جي مادي نظريي جي اصولن کي هڪ ڀيرو ٻيهر وضاحت سان پيش ڪيو ۽ معاشرتي ارتقا جي مختلف دؤرن جي تشريح ڪئي. هن ٻڌايو ته پيداواري عنصر ۽ پيداواري رشتا ملي هڪ وحدت بڻجن ٿا. اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پيداواري قوتون هڪ نوعيت جون هجن ۽ پيداواري رشتا ٻيءَ نوعيت جا پيداواري عنصرن جي تبديليءَ سان گڏوگڏ پيداواري طريقي ۾ تبديلي لازمي آهي.
”سماجي رشتا پيداواري عنصرن سان ڳنڍيل هوندا آهن. نون پيداواري عنصرن سان گڏ ماڻهو پنهنجو پيداواري طريقو به بدلائي ڇڏي ٿو. ماڻهن جي روزگار حاصل ڪرڻ جو طريقو بدلجي ٿو ته اهي پنهنجن سڀني سماجي رشتن کي به بدلائي ڇڏن ٿا. هٿ واري مِل توهان کي جاگيرداري اميرن جو معاشرو ڏي ٿي ۽ ٻاڦ سان هلندڙ مِل سرمائيدار جو معاشرو. جيڪي ماڻهو پنهنجن سماجي رشتن کي پنهنجي مادي پيداواريت سان مقرر ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو پنهنجا اصول، خيال ۽ قانون به پنهنجن سماجي رشتن مطابق جوڙن ٿا. تنهنڪري اهي خيال، اهي قانون ايڏا ئي گهٽ ابدي آهن جيڏا اهي رشتا، جن جو اهي خيال اظهار ڪن ٿا. اهي تاريخي ۽ عبوري تخليقون هونديون آهن. پيداواري عنصرن ۾ ساندهه ترقي ٿيندي رهندي آهي، سماجي رشتن ۾ برباديءَ جو عمل مسلسل جاري رهندو آهي ۽ نون خيالن جي جوڙجڪ ٿيندي رهندي آهي. لڪرِي شش چواڻي، فقط هڪ شي تبديل کان سواءِ آهي ۽ اها آهي حرڪت (چرپر).“ (ص-122-123)
مارڪس اهو ڪتاب پروڌان کي باطل ڪرڻ تائين محدود نه رکيو پر سرمائيداري اقتصاديات جي سڀني نظرين جي تنقيدي وضاحت به ڪئي _ قدر، ڪم ورڇيندڙ، ڏي وٺ، ڌَنُ، مقابلو ۽ دعويداري زمين جي ڍل، هڙتالون ۽ ٽريڊ يونين، سڀني بابت پنهنجو متبادل نظريو پيش ڪيو.
مارڪس تنهن وقت تائين پنهنجو اضافي قدر (Surplus Value) جو نظريو جوڙيو نه هو جيتوڻيڪ هن ”فلسفي جي غربت“ ڪتاب ۾ برطانوي ڪميونسٽ بري، جي ڪتاب جو وڏو حوالو ڏنو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته مارڪس اضافي قدر جي راز کان واقف ٿي چڪو هو. بري سرمائيدار نظام جي ”غيرمنصفاڻي تبادلي جي نظام“ تي تنقيد ڪندي لکيو هو ته:
”پورهيتن سرمائيدار کي پنهنجو سڄي سال جو پورهيو ڏنو آهي، جنهن جي موٽ ۾ کين اڌ سال جو قدر مليو آهي. اسان جي چؤطرف موجود دولت ۽ طاقت جي اڻ برابريءَ جو اصل سبب اهو ئي آهي. اهو نه ته فردن جي تصور ڪيل جسماني ۽ ذهني اڻ برابري.... ان سڄي وهنوار مان چٽو نظر اچي ٿو ته سرمائيدار ۽ مالڪ پنهنجن پورهيتن کي سڄي هفتي جي پورهيي عيوض ان دولت جو فقط هڪ جُز (حصو) ڏيندا آهن جيڪا هنن گذريل هفتي انهن پورهيتن کان حاصل ڪئي هئي.“ (ص- 80)
مارڪس پروڌان جي حوالي سان قدر جي بحث جِي شروعات ڪندي لکي ٿو ته اسان ڄاڻون ٿا ته هر شي جا ٻه قدر هوندا آهن. هڪ قدر استعمالُ ۽ ٻيو قدر بدل. مثال طور ڪرسيءَ جو قدر استعمال هيءُ آهي ته اسان ان تي ويهندا آهيون، ڪاڳر جو قدر استعمال هيءُ آهي ته ان تي لکندا آهيون، وغيره. هاڻي جيڪڏهن اسان ڪرسي يا ڪاڳر بازار مان وٺڻ وڃون ته پوءِ اسان کي انهن شين جي قدر بدل سان واسطو پوندو آهي. اسان کي انهن شين جي برابر قدر جي ڪا شَي دڪاندار کي موٽ ۾ ڏيڻي پوندي آهي پوءِ اهي پئسا هجن يا اَن يا ڪا ٻي شَي.
مارڪس چوي ٿو ته بدل جو اهو نظام سدائين هڪجهڙو نه رهيو آهي پر ان جي به هڪ تاريخ آهي. مثال طور ڪنهن دؤر ۾ رڳو واڌارين شين جي ڏي وٺ ٿيندي هئي يعني ذاتي استعمال کان واڌو شين جي. وري اهو دؤر آيو جڏهن اضافي پيداوار ئي نه، پر سڄي جو سڄي مادي پيداوار، مڙني ٺاهيل شين جي ڏي وٺ ٿيڻ لڳي ۽ هاڻ اهو دؤر اچي ويو آهي جڏهن انهن شين جي کپت به ٿيڻ لڳي آهي جن کي ماڻهو ڏيڻ لائق بنهه نه سمجهندو هو. هاڻي اهي به منتقل ٿيڻ ۽ ماڻهوءَ جي وجود کان الڳ ٿيڻ لڳيون آهن. پراڻي دور ۾ انهن شين جو ٻين تائين فقط ابلاغ ٿيندو هو، تبادلو نه ٿيندو هو، اهو ڏنيون وينديون هيون پر ڪڏهن به کپايون نه وينديون هيون، حاصل ڪيون وينديون هيون، خريد ڪيون نه وينديون هيون. مثال طور نيڪي، پاڪائي، محبت، ايمان، علم ۽ ضمير وغيره. هاڻي هر شَي جو واپار ٿئي ٿو. هر شَي جو، پوءِ اها مادي هجي يا اخلاقي، هڪ بازاري قدر آهي جيڪو بازار ۾ مقرر هوندو آهي. (ص-36)
پر ڪنهن شَي ۾ قدر ڪيئن پيدا ٿيندو آهي ۽ ان قدر کي ماپڻ جو ماپو ڪهڙو آهي؟ برطانيا جو مشهور اقتصاديات جو عالم ريڪارڊو چوي ٿو ته ”شين جو قدر شين جي پيداوار ۾ ڪتب ايندڙ پورهيي جي مقدار سان مقرر ٿيندو آهي.“ ڪنهن شَي جي تبادلي جي قدر جو ماپو ان جي افاديت نه آهي جيتوڻيڪ بازار ۾ کپندڙ هر شَي ۾ افاديت جو هجڻ ضروري آهي، نه ته اها ڪوبه نه وٺي.
پروڌان چوندو هو ته قدر جا ٻه رخ آهن. هڪڙو سٺو، ٻيو برو. ان ڪري بُري رخ کي، قدر بدل کي _ منسوخ ڪرڻ گهرجي ۽ فقط سٺي رخ کي _ قدر استعمال کي _ ترقي ڏيڻ گهرجي. سندس تجويز هئي ته ان ”تضاد“ کي ختم ڪرڻ لاءِ بازاري شين جو تبادلو پئسن جي استعمال کان سواءِ ٿئي. مارڪس ثابت ڪيو ته تضاد جو ڪارڻ پئسو ناهي پر اصل ۾ سرمائيداري نظام جو مزاج تضاد وارو آهي. تضاد پئسي کي رد ڪرڻ سان ختم ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته اهو تضاد پيداواري طريقي جو آندل ۽ پاليل آهي ۽ پئسي بدران ذاتي ملڪيت جي سرمائيداراڻي نموني جي پيداوار آهي.
پروڌان مزورن جي ٽريڊ يونين ۽ هڙتالن جي به خلاف هو. ان جي ابتڙ مارڪس ٽريڊ يونين تحريڪ کي وڏي اهميت ڏيندو هو. سندس چوڻ هو ته مزورن جي تنظيم طبقاتي جدوجهد جو پهريون تعليمي ادارو آهي جيڪو انهن کي سرمائيداراڻي نظام خلاف انقلابي ڪاررواين لاءِ تيار ڪندو آهي. مزور تحريڪ وڌندي آهي ته مزورن ۾ طبقاتي شعور تيز ٿيندو آهي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي ڦرلٽ واري نوعيت کلي انهن اڳيان اچي ويندي آهي. اها اقتصادي جدوجهد لازمي طور هڪ نه هڪ ڏينهن سياسي جدوجهد جو جزو بڻجندي، ڇو ته هڪ طبقي جي ٻئي طبقي خلاف جدوجهد سياسي جدوجهد هوندي آهي. ڄڻ مزورن جي معاشي ۽ سياسي جدوجهد هڪ وحدت آهي ۽ سياسي جدوجهد کان سواءِ مزورن جي آزادي ناممڪن آهي.
______
Gustav Meyer: Fredrick Engels. P-34
Karl Marx: Biography. P-90. Moscow. 1973
Selected Works. Vol-I.P-505
German Ideology. P-24. Moscow. 1968
Selected Correspondence. P-361
Poverty of Philosophy.
C. Gide: History of Economic Doctrines. P-327. 1964
• Karl Marx: Biography. P-118. Moscow. 1973
Marx: Poverty of Philosophy. P-124-26, London. 1956
پيداواري عنصرن مان مارڪس جو مطلب پيداواري اوزار ۽ پورهيت ٻئي آهن.