تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب چوڏهون : مارڪس جو لاتعلقيءَ وارو فلسفو

اجنبيت يا لاتعلقي (Alienation) نفسيات جو پراڻو اصطلاح آهي. ان مان مراد وجود جي سڃاڻپ وڃائڻ آهي يعني اها ذهني ڪيفيت، جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجي سماج، پنهنجي تهذيب، ايستائين جو پنهنجي وجود کان به ڌار ٿي ويندو آهي. اهو هزارن، لکن ۾ به پاڻ کي اڪيلو ۽ ساٿ سنگت کان سواءِ محسوس ڪندو آهي. کيس پنهنجي ڀرپاسي جي هر هڪ شَي اجنبي ۽ ڌاري نظر ايندي آهي ۽ هو سماج جي سڀني قدرن ۽ مڙني سرگرمين کي اجايو سمجهڻ لڳندو آهي. ان ذهني بيماريءَ جي ٻي نشاني لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جو شديد احساس آهي. ماڻهوءَ کي پڪ ٿي ويندي آهي ته کيس پنهنجيءَ زندگيءَ تي بنهه اختيار ناهي، هو نه ته پنهنجين حالتن جي درستگي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سندس عمل سان دنيا ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي. بي مقصديت جو احساس کيس سماجي قدرن ۽ بيوسيءَ جو احساس کيس پنهنجي ڪردار ۽ عمل کي پَرايو بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ هو پنهنجي شخصيت وڃائي ويهندو آهي.
ٻِي مهاڀاري جنگ کان پوءِ سرمائيدار دنيا، خاص ڪري آمريڪا ۽ اولهندي يورپ ۾، ان ذهني بيماريءَ وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي. زندگيءَ جي بي وقعتي، ماڻهوءَ جي وجود ۽ صفتن جي بي حرمتي، اخلاقي قدرن جي لتاڙ، ماڻهن کان بيزاري ۽ فرار، قتل ۽ خودڪشيءَ جا وڌندڙ واقعا، جارحيت ۽ تشدد لاءِ تشدد جي پرچار، جنسي حيوانيت جا مظاهرا، دوستيءَ، پاڙيسرائپ ۽ ڪـٽنبي رشتن جي ٽوڙ ڦوڙ، مطلب ته وجود جي لاتعلقيءَ جا انيڪ روپ آهن، جيڪي اولهندي دنيا جو معمول بڻجندا پيا وڃن. وجود جي سڃاڻپ جي ان زيان ۽ بي مقصديت جا اثر هلندڙ دؤر جي اولهندي ادب، ڊرامي، فلم، مصوريءَ، زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ نمايان آهن. اولهه جي فلسفين، نفسيات جي ماهرن ۽ سياسي مفڪرن ۾ ڪارل مارڪس جي لاتعلقي واري فلسفي جي مقبوليت جو سبب اهو ئي آهي ته سرمائيداري نظام جي انهن چوڪيدارن کي به هاڻي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته جهيڙي جِي پاڙ انسان جو ذهني نقص ناهي پر اصل ڏوهه ان لالچي ۽ خودغرض سماجي نظام جو آهي جنهن ماڻهوءَ کان سندس ماڻهپو ڦري ورتو آهي ۽ سندس شخصيت کي ذَرا ذَرا ڪري ڇڏيو آهي.
شخصيت جو اهو ٽٽڻ، اصل ۾ تڏهن شروع ٿيو جڏهن معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ان جي وحدت تي پهريون ڌڪ لڳو. جڏهن معاشرو طبقن ۾ ورهايل نه هو ۽ نه ئي بادشاهتون قائم ٿيون هيون پر هر هڪ قبيلي جي نوعيت هڪ وڏي گهراڻي جهڙي هئي ۽ ماڻهو زرعي زندگيءَ يا ڌڻ پالڻ يا ميربحريءَ جي اشتراڪي دؤر کان اڳتي نه وڌيا هئا تڏهن معاشرو هڪ سالم وحدت هو. معاشري ۽ ماڻهوءَ جي مفاد ۾ ڪوبه ٽڪراءُ نه هو. تنهن وقت تائين ديوي ديوتا نه ٺهيا هئا ۽ نه ئي مذهب ظاهر ٿيا هئا پر انسان زماني جو قياس پنهنجن ڏهاڙي وارن تجربن سان ڪندو هو. هو بيجان شين، حيوانن ۽ ٻوٽن جي فرق کي نه سمجهندو هو. پر سندس خيال هو ته ڪائنات جون سڀئي شيون (وجود) هن وانگر فعال ۽ ارادو رکندڙ آهن. هو غيرشعوري طور وحدت الوجود (وجود جي هيڪڙائيءَ) جو قائل هو.
البت جڏهن معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ بادشاهتون ٺهي پيون، بادشاهه ۽ عوام، حاڪم ۽ محڪوم، آقا ۽ غلام، خاص ۽ عام جي وچ ۾ حدون ٺهي پيون، ته معاشري جي پراڻي وحدت نه بچي. ان ثانيَت (ٻيءَ شَي) جو عڪس عقيدن ۾ به ظاهر ٿيو. خدا ۽ ڪائنات، خالق ۽ مخلوق ٻه الڳ الڳ هستيون قرار ڏنيون ويون. خدا ڪائنات جي وجودن کان مٿاهين، هڪ خودمختيار ۽ قادر مطلق وجود ڪوٺيو ويو ۽ طبقاتي معاشري جي ثانيت ڪائنات جي ايڪائيءَ جي تصور جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا، وجود جي وحدت ختم ٿي وئي. هاڻي ماڻهوءَ لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه هئي ته هو خداوندي حڪمن جي پابندي ڪري، خدا جي خوشنوديءَ لاءِ نيڪ ڪم ڪري، ته جيئن مرڻ کان پوءِ کيس خدا جي قربت حاصل ٿئي. پر اها قربت وصل ۾ ڪڏهن به بدلجي نه پئي سگهي. مخلوق پنهنجي خالق جو جز ڪڏهن به نه پئي بڻجي سگهي. هو ڪڏهن به خدا نه پيو ٿي سگهي، جيتوڻيڪ سندس دل جي خواهش اهائي هئي ته:
بشنو اين ني چون حڪايت مِي ڪُند،
از جدائيها شڪايت مي ڪُند.
(مولانا روم)
پر صوفين ان ثانيت کي نه مڃيو ۽ وحدت الوجود جي عقيدي تي قائم رهيا. سندن دليل هو ته جڏهن ”خدا آسمان ۽ ڌرتيءَ جو نور آهي “ ۽ اسان کي شاهه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ته اسان کيس پاڻ کان يا هن ڪائنات کان الڳ ڇو سمجهون. ان ڪري ئي اهي چوندا هئا ته هر هڪ شَي ۾ خدا جو نظارو آهي. غالب موجب:

دہر جُز جلوۀ یکتائی معشوق نہیں،
ہم کہاں ہوتے اگر حسن نہ ہوتا خودبیں۔
خدا ڪائنات جي ذري پرزي ۾ آهي ۽ هن کان سواءِ ڪا شَي موجود ناهي (لا موجود الا الله)، پر هر هڪ شَي خدا آهي. منصور جو اناالحق انهيءَ وحدت جو اقرار هو. هيڪلي وجود کان جيڪڏهن جدائي ٿي آهي ته اها به ٿورَ وقتي آهي. انسان نفس جي پاڪائيءَ سان هوري هوري فنا في الله جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو. وصل ۽ فنا جي فلسفي جو اساس (بنياد) اهوئي آهي. ان جي لحاظ کان عدم ۽ وجود، فنا ۽ بقا، ظاهر ۽ لڪل، شاهه ۽ گدا، امير ۽ غريب، بدمعاش ۽ شريف، مومن ۽ ڪافر جي فرق جي خيال جي حدتائين- ڪا گنجائش ناهي، اڃا به تنهنجي منهنجي جو فرق به شرڪ ٿي پوندو آهي.
ان انقلابي فلسفي جي سياسي ۽ معاشرتي ڳُجهن کان اقتدار جا صاحب چڱيءَ پر آگاهه هئا تنهنڪري وحدت الوجود جو عقيدو شاهي درٻارن ۽ شاهي تخت سان لاڳاپيل ديني عالمن ۾ ڪڏهن به نتيجي وارو نه ٿي سگهيو، بلڪ حاڪم طبقن ان جي سدائين ڏاڍي مخالفت ڪئي. البت اُردو، هندي، فارسي، پنجابي، پشتو ۽ سنڌي شاعريءَ جو سڀني کان وڌيڪ محبوب فلسفياڻو موضوع وحدت الوجود جو ئي عقيدو آهي. تنهنڪري ڀڳتي تحريڪ کي ڇڏي ڪري، اسان جو شايد ئي ڪو شاعر هجي جنهن جي شاعري وحدت الوجود جي ساراهه بنا هجي، اڃا به ڪجهه شاعر ته سڄي زندگي ان ئي وحدت (هيڪڙائيءَ) جا گيت ڳائيندا رهيا.
ارڙهين صديءَ ۾، جڏهن يورپ ۾ سائنس وڌي ۽ ڪائنات ۾ موجود شين تان پردا کڄڻ لڳا ته خدا، ڪائنات ۽ ماڻهوءَ جا گڏيل رشتا به غور هيٺ آيا. ماديت پسندن ته اهو بحث هي چئي ختم ڪري ڇڏيو ته ڪائنات ۽ ماڻهو ٻئي مادي جون مختلف شڪليون آهن ۽ مادي جي چرپر وارن قاعدن قانون جي تابع آهي، مادي جي عمل ۾ ڪنهن فطرت کان مٿاهين طاقت کي دخل ناهي ۽ ئي اهڙي ڪا طاقت موجود آهي، پر تصور پسند (Idealist) انهن دعوائن سان مطمئن ٿيندڙ نه هئا. البت مسئلو هيءُ هو ته ماڻهو وجود جي حاصلات جا مختلف درجا طي ڪري، خدا ٿي سگهي ٿو يا نه.
اهو سوال جرمنيءَ ۾ سڀ کان پهرين گوئٽي پڇيو. سندس مشهور ڊرامي ”فائوسٽ“ جو موضوع اهوئي آهي. فائوسٽ وڏو عالم ۽ فاضل ماڻهو آهي. اهو خدا وانگر لامحدود ۽ ڪل ڏاهپ بڻجڻ گهري ٿو پر ناڪام ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ۽ خدا جي وچ ۾ جيڪو پار نه ٿي سگهندڙ سمنڊ حائل آهي، اهو ڪا به طاقت ٽپي نه ٿي سگهي.
ڪانٽِ گوئٽي جو هم خيال آهي، البت هو وچون رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن موجب ماڻهوءَ ۾ اڌ وصفون الاهي آهن ۽ اڌ انساني. اڌ ڌڙ آسماني آهي ۽ اڌ ڪم ظرف (سِفلي)، يعني سندس شخصيت ٻن حصن ۾ ونڊيل آهي. سندس اندر ڪامل ۽ ظاهر ناقص آهي، تنهنڪري ڪامل کي ناقص اجنبي ۽ لاتعلق نظر اچي ٿو. ڪانٽ جو انسان هر وقت پنهنجو پاڻ سان وڙهندو رهي ٿو، پر اهو اها ويڙهه ڪڏهن به کَٽي نه ٿو سگهي. ان اندروني (داخلي) تضاد جو هڪڙو ئي حل آهي ته ماڻهو پنهنجي اخلاقي قوت (سگهه) وڌائي ۽ وجود جي تڪميل جي مسلسل جدوجهد ڪندو رهي. ”ڪنهن محدود هستيءَ لاءِ سواءِ ان جي ڪا راهه ناهي ته اخلاقي تڪميل جي هيٺيَن ڏاڪن کان مٿيَن ڏاڪن تائين پهچڻ جي اڻٿڪ ڪوشش ڪندو رهي.“
هيگل ڪانٽ ۽ ان داخلي ثانيت کي نه مڃيو ته خدا انسان جي وجود کان ٻاهر ڪا معروضي هستي آهي، پر هو چوندو هو ته خدا ماڻهوءَ جي اندر ئي موجود آهي. مِير موجب:
تھا وہ تو رشک حُور بہشتی ہمیں میں میر،
سمجھے نہ ہم تہ فہم کا اپنی قصور تھا۔

هيگل موجب، تاريخ ۾ انساني ذهن جي ارتقا خدا جو سفر آهي جيڪو وجود جي شعور ڏانهن وڌندڙ آهي. فطرت ۽ انسان روح جون ٻه داخلائون آهن. فطرت اهو روح آهي جنهن کي پنهنجي روح هجڻ جو شعور ناهي. ان جي مقابلي ۾ انسان اهو روح آهي جيڪو وجود جي شعور جي عمل ۾ رُڌل آهي. فطرت ۽ انسان هر وقت ويڙهه ۾ رهن ٿا. ان صورتحال کي وجود جي لاتعلقي چئجي ٿو. شعور ئي وسيلي ان وجود جي لاتعلقيءَ کي کَٽي سگهجي ٿو. ڪانٽ موجب لاتعلقيءَ جو ڪارڻ هيءُ هو ته ماڻهو الاهي ۽ سفلي، ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر وقت پنهنجو پاڻ سان وڙهندو رهندوآهي. هيگل موجب روح غيرشعوري فطرت ۽ شعور ڏانهن وڌندڙ انسان يعني ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي ٻئي هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ رهن ٿا.
فيوئر باخ هيگل جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته انسان وجود جي لاتعلقيءَ جي ڪيفيت ۾ خدا آهي، ان جي ابتڙ، فيوئر باخ جو چوڻ هو ته خدا وجود جي لاتعلقيءَ جي ڪيفيت ۾ انسان آهي. انسان جي وجود جي لاتعلقيءَ جو سبب هي آهي ته هن پنهنجون انساني خاصيتون، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان انفرادي انساني گڻ-خلاقيت - کي به خدا ڏانهن منقتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڻ کوکلو ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪيل تخليقي عمل ڏاڍو وڻندڙ ۽ اطمينان وارو هوندو آهي.
”عمل جو، ٺاهڻ جو، تخليق ڪرڻ جو تصور الاهي تصور آهي، تنهنڪري اهو بنا اٽڪ جي خدا سان منسوب ڪيو ويندو آهي. عمل ۾ ماڻهو (پاڻ کي) آزاد، غيرمحدود ۽ مگن محسوس ڪندو آهي، ان جي ابتڙ بي عمليءَ ۾ هُو محدود، قيدي ۽ مغموم ٿي پوندو آهي. عمل ماڻهوءَ جي شخصيت جو مثبت احساس آهي. پڙهڻ دلچسپ ڪم آهي، پر انفعالي (غيرفعلي) البت پڙهڻ جهڙي ڪا تحرير تخليق ڪرڻ گهڻو وڌيڪ خوشگوار عمل آهي..... انسانَ ان ذاتي جوهر (تخليق) کي به خدا حوالي ڪري ڇڏيو آهي.“
فيوئر باخ جي خيال ۾ وجود جي لاتعلقيءَ جو اصلي سبب اهوئي آهي، تنهنڪري وجود جي لاتعلقيءَ جو علاج اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي ذاتي (وجودي) جوهر کي خدا حوالي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ هيگل وانگر خدا بڻجڻ جي ڪوشش ڇڏي، ماڻهو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري.
ڪارل مارڪس ڊاڪٽريٽ جي مقالي دوران ئي ان نتيجي تي پهچي چڪو هو ته هيءَ دنيا وجود جي حاصلات لاءِ موزون ناهي، تنهنڪري ان کي هر صورت ۾ بدلجڻ گهرجي، پر وجود جي حاصلات جي راهه ۾ جيڪي دنياوي رڪاوٽون آهن، انهن جي نوعيت ڪهڙي آهي ۽ انهن کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ اهو راز مارڪس کي ان وقت تائين معلوم نه ٿيو هو. البت هن هيگل جي حق واري فلسفي ۽ يهويدين جي مسئلي تي جيڪي مضمونَ ساهرن ۾ لکيا، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته مارڪس کي پيرس وڃڻ کان اڳ ئي وجود جي لاتعلقيءَ (جيڪا وجود جي حاصلات جي نفي آهي) جي سببن جو نشان ملي ويو هو.
جيئن پهريائين عرض ڪيو ويو آهي ته ”اقتصادي ۽ فلسفياڻين لکتن“ جو مرڪزي خيال وجود جي لاتعلقيءَ جو ئي مسئلو آهي، البت مارڪس وجود جي لاتعلقيءَ جي مسئلي تي سرمائيدار معاشري جي حوالي سان بحث ڪيو آهي.
وحدت الوجود کي مڃيندڙن وانگر، مارڪس جي به اها دعويٰ آهي ته ڪائنات اڻٽُٽ ايڪائي آهي ۽ ماڻهو ان ايڪائيءَ جو حصو آهي. ماڻهوءَ ۽ ڪائنات جي ان اڻ ورهائجي سگهندڙ رشتي تي بحث ڪندي، هو لکتن ۾ لکي ٿو ته نيچر (فطرت) ماڻهوءَ جو غير نامياتي (Inorganic) جسم آهي.
”ماڻهو غيرنامياتي فطرت جي سهاري سان جيئي ٿو. ٻوٽا، جانور، معدنيات، هوا، روشني وغيره نظرياتي لحاظ کان فطرتي سائنس ۽ آرٽ (فن) جي ڏنل شين (معروضات) جي انساني شعور جو جز هونديون آهن. اهي شيون انسان جي روحاني غيرنامياتي فطرت ۽ ان جي زندگيءَ جي ذهني ذريعي سان ٿينديون آهن. عملي طور ماڻهو انهن ئي قدرتي شين جي ڪري _ خوراڪ جي صورت ۾ يا گرميءَ، لباس ۽ گهر جي شڪل ۾ _ زندهه رهندو آهي. عمل ۾ انسان جي آفاقيت، اُن آفاقيت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي آهي جيڪا سڄيءَ ڪائنات کي ان جو غير نامياتي جسم بڻائي ڇڏيندي آهي. ان قول مان ته، ماڻهو فطرت جي سهاري سان جيئرو رهي ٿو، مطلب آهي ته فطرت سندس جسم آهي ۽ جيڪڏهن هو مرڻ نه ٿو گهري ته کيس لازم آهي ته ان جسم سان مسلسل رشتو قائم رکي. (ص- 100-10)
جيڪا خصوصيت ان ”فطرتي هستيءَ“ کي ٻين جانورن کان مٿاهون ڪري ٿي، اهو سندس ارادي وارو شعوري عمل ۽ تخليقي محنت آهي يعني جانورن وانگر سندس زندگي وجود جي بچاءَ (کائڻ پيئڻ، آرام ڪرڻ ۽ نسل وڌائڻ) تائين محدود ناهي، پر اها وجود جي پکيڙ (توسيع) جون منزلون به طَي ڪندي رهندي آهي. ڄڻ ته اها دنيا اڏيندڙ قوت آهي ۽ ان جي تاريخ هن نئين جهان جي تخليق جو عمل آهي. تخليقي عمل دوران اها انيڪ مادي ۽ غيرمادِي شيون ٺاهي ٿي. مذهب، ڪٽنب، رياست، قانون ۽ آرٽ ۽ سائنس جيڪڏهن غيرمادِي تخليقون آهن، ته مشينون ۽ فيڪٽريون وغيره وجود جي اظهار جون مادي شڪليون آهن، يعني ماڻهوءَ جي هٿن، ڪنن، اکين ۽ دماغ جون طبعي وسعتون آهن. ان ڪري پيداوار جي تاريخ ماڻهوءَ جي وجود جي وسعت (پکيڙ) جي تاريخ آهي. ماڻهو جيڪي شيون ٺاهي ٿو اهي نهريون ۽ خارجي جسم واريون آهن ان قوت (محنت) جون، جيڪا انهن شين جي تخليق تي لڳي آهي. ”محنت مان مليل شَي (معروض) انساني زندگيءَ جي معروضيت آهي.“ وقت گذرندي اهي ئي شيون ماڻهوءَ جو خودبخود ٺهيل ماحول بڻجي ويون آهن. ان ماحول کان قدرتي ماحول ڏاڍو متاثر ٿيو آهي، اڃا به ان هوري هوري قدرتي ماحول تي به قبضو ڪري ورتو آهي.
پر سرمائيداري نظام ۾ جڏهن ماڻهو پنهنجي ڀرپاسي جو جائزو وٺندو آهي ته کيس اهي سڀئي شيون ڌاريون هستيون نظر اينديون آهن جن جو هو خالق آهي، بلڪ کيس ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس ٺاهيل دنيا هن جي دشمن ٿي بيٺي آهي.
مارڪس جي دعويٰ آهي ته سرمائيداري معاشري ۾ لاتعلقيءَ جو نظام ذاتي ملڪيت، ڪمائڻ، محنت، ناڻي ۽ زمين جي هڪ ٻئي کان جدائي، تبادلي ۽ مقابلي، ماڻهوءَ جو قدر ۽ بي قدري، دعويداري ۽ برتريءَ ۽ ناڻي جي نظام تي مشتمل هوندو آهي. هونئن ته شعوري عمل ۽ تخليقي محنت هر دؤر ۾ انسان جي مزاج ۾ رهي آهي پر سرمائيدار معاشري جي انفرادي خاصيت اها آهي ته معاشري ۾ ڪم ڪارخانن، فيڪٽرين، واپاري ادارن ۽ آفيسن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ سڄي پيداواري نظام جو محور پورهيت جو وجود هوندو آهي. ان ڪري ئي مارڪس چوندو هو ته اسان پنهنجي جائزي جي شروعات ڪنهن فرضي يا افسانوي ماڻهوءَ کان نه ڪنداسين پر ”هلندڙ دؤر جي معاشي حقيقت“ کان ڪنداسين.
مارڪس وٽ هلندڙ دؤر جي سڀ کان اهم ”معاشي حقيقت“ هيءَ آهي ته پورهيت پنهنجي ڪم يعني تخليقي عمل سان جيڪي شيون پيدا ڪري (اُپائي) ٿو، تن سان تمام گهڻي لاتعلقي محسوس ڪري ٿو، پر ڳالهه اتي ئي توڙ تي نه ٿي پهچي پر لاتعلقيءَ جو اهو گهيرو (دائرو) آخرڪار ايڏو وڌي وڃي ٿو جو ماڻهو ٻين ماڻهن کان، ايستائين جو پنهنجي وجودي جوهر (Species) کان به اوپرو ٿي پوي ٿو.
مارڪس پنهنجي لاتعلقيءَ واري فلسفي جي تشريح جي شروعات پيداواري عمل سان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته لاتعلقيءَ جو احساس پيداواري عمل دوران ئي شروع ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيداري نظام ۾ خود پيداواري عمل ”عمل جي لاتعلقي ۽ لاتعلقيءَ جو عمل آهي.“ پورهيت جو رشتو ئي پنهنجي محنت، پنهنجي عمل سان لاتعلقيءَ جو رشتو آهي.
”محنت پورهيت جي وجود کان نڪتل ڌاري شَي ٿي ويندي آهي يعني اها سندس بنيادي وجود جي ملڪيت ناهي هوندي (پر سرمائيدار جي ملڪيت هوندي آهي) تنهنڪري پورهيت ڪم دوران پنهنجي وجود جو اقرار ناهي ڪندو پر نفي ڪندو آهي. هو اطمينان نه، پر اداسي محسوس ڪندو آهي. هو پنهنجي جسماني ۽ ذهني توانائيءَ کي آزاداڻي واڌ نه ٿو ڏي پر پنهنجي تن جي گهٽتائي ۽ دماغ جو زيان ڪري ٿو. پورهيت ڪم کان واندڪائي ملڻ کان پوءِ ئي پنهنجي ضابطي ۾ هوندو آهي، نه ته نه. هو جيترو وقت ڪم ناهي ڪندو سڪون سان رهندو آهي ۽ جڏهن ڪم ڪندو آهي ته بي آرامي محسوس ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس محنت پنهنجيءَ رضا سان ناهي هوندي پر جبري هوندي آهي، ٻَڌل هوندي آهي. ان محنت سان سندس ڪنهن ضرورت جي تسلي ناهي ٿيندي پر اها فقط خارجي ضرورتن جي تسليءَ جو ذريعو هوندي آهي. محنت جو اوپرو ڪردار ان ڳالهه سان بلڪل چٽو ٿي پوي ٿو ته جيڪڏهن مجبوري نه هجي، ته پوءِ پورهيت محنت سان طاعون بيماريءَ وانگر پري ڀڄندو آهي.“ (لکتون. ص 98)
محنت کان لاتعلقيءَ کي مارڪس ”وجود جي لاتعلقي“ مڃي ٿو. ان وجود جي لاتعلقيءَ جا نتيجا ڏاڍا ڀوائتا هوندا آهن. ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان محروم ٿي ويندو آهي. هو رڳو پاڻ کي حيواني منصب دوران ئي آزاد ۽ خودمختيار محسوس ڪندو آهي. مثال طور کائڻ پيئڻ يا نسل جي واڌ وارن يا ڪنهن حد تائين پنهنجي گهر ۾، پر انساني منصب يعني پيداواري عمل دوران سندس شخصيت سُسي ويندي آهي، هو جانور ٿي ويندو آهي. ”جانور انسان ٿي پوندو آهي ۽ انسان جانور.“
اهو صحيح آهي ته سرمائيداريءَ کان اڳ به هاري يا هٿ جو هنر ڪندڙ پنهنجي پيداواري عمل ۾ مڪمل طور خودمختار نه هو. پر موجوده دؤر ۾ اها مجبوري چوٽ چڙهي وئي آهي.
”هٿ جي هنرمنديءَ يا ڪارخانيداريءَ ۾ پورهيت ڪنهن اوزار کي استعمال ڪندو آهي. فيڪٽريءَ ۾ مشين پورهيت کي استعمال ڪندي اهي. هٿ جي هنرمنديءَ ۾ محنت وارن اوزارن کي پورهيت حرڪت ۾ آڻيندو آهي. فيڪٽريءَ ۾ پورهيت کي مشين جي چرپر جو پابند ٿيڻو پوندو آهي. ڪارخانيداريءَ ۾ پورهيت هڪ زنده مڪينزم هوندو آهي. پورهيتن کان آزاد ۽ الڳ ۽ پورهيت ان مڪينزم ۾ فقط مطلب لاءِ هوندو آهي.“
سرمائيداري نظام ۾ مشين جي ڪارڪردگي ۽ اپت وڌائڻ جي اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ نيون نيون آٽوميٽڪ (خودڪار) مشينون ۽ جديد اوزار ايجاد ڪيا ويندا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته پورهيت جي انفراديت ختم ٿي ويندي آهي ۽ هو به مشين جو هڪ پرزو ٿي پوندو آهي.
”محنت جي سماجي اپت ۾ واڌ جا سڀئي طريقا پورهيتن جي استعمال تي اختيار ڪيا ويندا آهن. پيداوار وڌائڻ جا سڀ ذريعا پيدا ڪندڙن تي قابو پائڻ ۽ انهن جو استحصال ڪرڻ جي ذريعن ۾ بدلجي ويندا آهن، اهي ذريعا پورهيتن جي شخصيت کي ختم ڪري کيس ”لا انسان“ بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪم جي خوبصورتيءَ کي ختم ڪري، ڪم کي نفرت لائق بيگر ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن.“
آمريڪا ۽ اولهندي يورپ جي وڏين وڏين فيڪٽرين ۽ ملن ۾ ڪم جي بيزار ڪندڙ هڪجهڙائيءَ هنن ڏينهن ۾ ڳڻتيءَ واري صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ان هڪجهڙائي جو اثر مزورن جي مشڪن تي به پوي ٿو. اهي ڪم کان بچڻ ۽ ماحول ۾ تبديليءَ لاءِ ڪڏهن مشين جا پرزا ڀڃي ڇڏن ٿا، ڪڏهن پاڻ کي ڦٽي وجهن ٿا ۽ ڪڏهن وڙهڻ لڳن ٿا يا ڪم تان گُسائن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته غيرحاضريءَ جو سيڪڙو 25، 30 به ٿي پوندو آهي، تنهنڪري منتظمَ فيڪٽريءَ جو ماحول وڻندڙ ڪرڻ لاءِ هٿرادو طريقا استعمال ڪندا آهن. مثال طور لائوڊ اسپيڪرن ذريعي مزورن جا وڻندڙ گانا وڄايا ويندا آهن يا وقت جي پابنديءَ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ واڌاري تي انعام ۽ بونس ڏنا ويندا آهن، پر مزورن جي بيزاري ۽ بوريت پوءِ به گهٽ ناهي ٿيندي.
هاڻي جيڪڏهن پورهيت ۽ سندس پيداوار جي رشتي جو جائزو وٺون ته معلوم ٿيندو ته لاتعلقيءَ جي بلا هتي به اسان تي ٿاڦيل آهي. اها قدرتي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن پيداواري عمل لاتعلقيءَ کان بچيل ناهي ته پيداوار ڪيئن بچي سگهي ٿي!
مارڪس چوي ٿو ته جنهن تيزيءَ سان پيداوار جي مقدار، حاڪميت ۽ اثر واري ٽولي ۾ واڌارو ٿيندو آهي، انهيءَ تيزيءَ سان پورهيت جي غربت وڌندي آهي. جيڏيون گهڻيون شيون هو ٺاهيندو آهي، ايڏو ئي هو بازاري وکر جي حيثيت ۾ سستو ٿيندو ويندو آهي. ”انساني دنيا جي بيقدري سڌيءَ طرح انهيءَ نسبت سان وڌندي آهي جنهن نسبت سان شين (وکرن) جي دنيا جي قدر ۾ واڌارو ٿيندو آهي.“ زندگي سستي ۽ شيون مهانگيون ٿينديون وينديون آهن. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته محنت جي پيداوار پورهيت جي مخالف بڻجي سندس آڏو اچي بيهندي آهي. هو پنهنجين پيداڪيل شين جو غلام ٿي پوندو آهي.
”پورهيت جيڏي محنت ڪندو آهي، سندس تخليق ڪيل معروضي دنيا جيڏي سگهاري ٿيندي ويندي آهي، سندس وجود _ سندس باطني دنيا _ ايڏي ئي غريب ۽ سُڃي ٿيندي ويندي آهي. پورهيت پيداوار ۾ پنهنجو جيءُ وڃائي ڇڏيندو آهي. پر سندس اهو جيءُ هن جي ملڪيت ئي ناهي رهندو پر پيداوار جي ملڪيت ٿي پوندو آهي. جيڏي پيداوار وڌندي آهي، ايڏي ئي پورهيت جي معروضي محرومي به وڌندي آهي. جيڪو ڪجهه سندس محنت جي پيداوار هوندو آهي، اهو هو ناهي هوندو، تنهنڪري جيڏي گهڻي پيداوار ٿيندي آهي ايڏو ئي هو گهٽ ٿيندو آهي.“ (لکتون. ص 700)
صنعتي پيداوار ۾ واڌاري سان پورهيت جي انفرادي شخصيت جيڏي گهٽبي آهي، ناڻي جو قبضو ۽ اقتدار ايڏو ئي وڌندو آهي. پورهيت کي نه ته پيداوار جي نوعيت مقرر ڪرڻ جو حق هوندو آهي ۽ نه ئي ڪم جي حالتن، ڪم ڪرڻ واري جاءِ، پيداوار جي ورهاست ۾ اختيار هوندو آهي. کيس پنهنجي حياتي پيداوار جي گهرجن جي سانچي ۾ گهڙڻي پوندي آهي. سندس حياتيءَ جو فيصلو پيداوار ڪندي آهي، هو پيداوار جو فيصلو ناهي ڪندو. پيداوار حاڪم هوندي آهي ۽ هو محڪوم. پيداوار آقا هوندي آهي ۽ هو ان جو غلام يعني مئلَ جيئرن تي راڄ ڪندا آهن. خالق ۽ مخلوق جي ان ابتي ڪردار تي تبصرو ڪندي مارڪس ”سرمائي “ (Capital) ۾ لکي ٿو ته:
”پورهيت پيداواري ذريعن کي ڪم ۾ ناهي آڻيندو پر پيداواري ذريعا کيس ڪم ۾ آڻيندا آهن. ان جي بدران جو پيداواري ذريعا پورهيت جي تخليقي عمل جو مادي عنصر بڻجن، اهي پورهيت کي پنهنجي زندگيءَ جو ٻارڻ بڻائيندا آهن. بَٺا ۽ فيڪٽريون، جيڪي رات جو بيڪار هونديون آهن ۽ زنده محنت کي پاڻ ۾ جذب ناهن ڪنديون، سرمائيدار جي خيال ۾ نقصان ۾ هونديون آهن، تنهنڪري بٺن ۽ فيڪٽرين کي اهو قانوني حق ٿئي ٿو ته اهي پورهيت کان رات جو به ڪم وٺن.“ 
ڪارل مارڪس صنعتي پيداوار جي ان حاڪميت جي نشاندهي اڄ کان سوا سَو سال اڳ ڪئي هئي. ان دوران پيداوار ۽ پيداوار جي طريقي ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي. ماڻهو پنهنجين ٺاهيل شين جو ڪڏهن به ايڏو غلام نه ٿيو هو جيڏو هاڻ آهي. هاڻي بازاري وکرن جو وڪرو باقاعدي فن بڻجي ويو آهي. ”وَٺو ۽ گهڻو وٺو، خرچ ڪيو ۽ گهڻو خرچ ڪيو “ معاشري جي مقصد جي صورت وٺي ڇڏي آهي، ڇو ته مال جيڏو گهڻو کپندو، سرمائيدار کي ايڏو ئي گهڻو منافعو ٿيندو. ان ڪري ريڊيي، سينيما، ٽي وي، اخبارن ۽ تشهير جي ٻين ذريعن سان هٿرادو ضرورتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون. ماڻهن جي مزاج ۽ مذاق کي ڪنٽرل ڪرڻ لاءِ نت نيون ترڪيبون ڳوليون وڃن ٿيون. هر سال نوان فيشن رائج ٿيندا آهن ۽ ماڻهن کي مجبور ٿي به انهن جي پوئواري ڪرڻي پوندي آهي. لباس، آرائشي سامان، موٽر وغيره هر سال بدلايا ويندا آهن. پهريان پٿر جا بت مندرن ۾ پوڄيا ويندا هئا، هاڻي بازار جو هر هڪ دڪان بُتڪندو بڻجي ويو آهي ۽ شوقين مزاجن جا ميڙ ڏينهن رات ڪڏهن هن بُت کي سجدو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن هُن کي بُت اڳيان جهڪي پون ٿا. اسان جي سڄي زندگي _ گهٽ ۾ گهٽ شهرن ۾ _ پنهنجين پيدا ڪيل شين جي اطاعت ۾ گذري ٿي.
”هرهڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ ۾ نئين ضرورت پيدا ڪرڻ جي ڳڻتي ۾ آهي ته جيئن هن کي قرباني ڏيڻ تي مجبور ڪري، نئين محتاجيءَ ۾ ڦاسائي، نئين قسم جي لذت جا سرسبز باغ ڏيکاري ۽ کيس مالي طور برباد ڪري. هر ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي آهي ته پنهنجي خودغرضيءَ واري ضرورت جي تسڪين لاءِ ٻين تي هڪ اوپري قوت لاڳو ڪري. شين جي جيتري گهڻي ڪثرت ٿيندي آهي، انسان تي مسلط ٿيندڙ اوپرين قوتن جي حڪومت جو گهيرو ايترو ئي پکڙبو آهي. هر نئين پيداوار گڏيل ڌوڪي ۽ ڌاڙي جي نئين قوت جي نمائندگي ڪندي آهي. ڪو کدڙو به ٿورڙي رعايت ماڻڻ لاءِ پنهنجي آقا جي خوشامد ايڏي بيحيائيءَ سان ناهي ڪندو ۽ نه سندس ٿڪل حَوس کي اڀارڻ لاءِ اهڙا شرمناڪ طريقا استعمال ڪندو آهي جهڙا صنعتي کدڙو يعني صنعتڪار چانديءَ جي ٿورن سِڪن لاءِ پنهنجي عزيز ۽ محبوب پاڙيسريءَ جي کيسي مان رقم ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي... پيداوار جي گهرج وڌائيندڙ صنعتڪار پنهنجي پاڙيسريءَ جي انتهائي ڪِريل خواهشن کي به خوشيءَ سان پورو ڪندو آهي. هن ۽ هن جي ضرورتن جي وچ ۾ دلال جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هن ۾ غيرصحتمند خواهشن کي وڌائيندو آهي ۽ سندس هرڪمزوريءَ تي گهري نظر رکندو آهي، ته جيئن پوءِ، ”محبت“ جي ان محنت جو معاوضو وٺي سگهي.“ (لکتون. ص 141)
سرمائيداري نظام ۾ ماڻهو پنهنجي وجود ۽ تخليق کان ئي لاتعلقي محسوس ناهي ڪندو پر ٻيا ماڻهو به هن لاءِ اوپرا بڻجي پوندا آهن. هو لکن جي ميڙ ۾ به تنهائيءَ جو شڪار هوندو آهي. ان نفسانفسيءَ جي تشريح ڪندي مارڪس لکي ٿو ته:
”پورهيي جي پيداوار سان لاتعلقيءَ جو حياتي عمل ۽ نسلي زندگيءَ سان لاتعلقيءَ جو سڌو سنئون نتيجو اهو هوندو آهي ته ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ کان به اوپرو ٿي ويندو آهي. ماڻهو جڏهن پنهنجو حريف هوندو آهي ته اهو پڪ سان ٻين ماڻهن جو به حريف هوندو آهي.“
موجوده معاشري جو بنياد گڏيل سهڪار بدران مقابلي تي آهي، تنهنڪري هر طبقي ۽ هر ڌنڌي وارو ماڻهو مقابلي جي مرض ۾ ورتل آهي ۽ ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجو مخالف سمجهي ٿو. اسان جي ذهني حالت ان بُکئي جهڙي آهي جنهن کي گهڻن ڏينهن کان پوءِ ماني ملندي آهي ته اهو هر راهه ويندڙ کان ڊڄندو آهي ته مٿان اهو کانئس ماني ڦري وٺي. زندگيءَ جو ڇڙو مقصد روزي ۽ روزگار حاصل ڪرڻ ٿي پيو آهي. ان ڊوڙ ۾ ٻين کي ٺوٺ هڻي يا ڌڪو ڏئي، اڳتي وڌندڙ کي ڪامياب ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻين جي حقن ۽ مفادن کي چيڀاٽي، ترقيءَ جي چوٽين تي پهچندڙن جي عزت ٿئي ٿي. اهڙي مطلبي ماحول ۾ ماڻهو جيڪڏهن تنهائي محسوس نه ڪري ۽ ٻيا ماڻهو کيس پنهنجا مخالف نظر نه اچن، ته اسان کي حيرت ٿيندي.
”جيڪڏهن پورهييت جي پيداوار جي ملڪيت ناهي هوندي، جيڪڏهن اها پيداوار هڪ مخالف طاقت بڻجي آڏو ايندي آهي ته ان جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته اها پورهيت بدران ٻئي ڪنهن جي ملڪيت هوندي آهي. ماڻهوءَ جو رشتو پنهنجي وجود سان فقط ٻين ماڻهن سان رشتي ذريعي ئي معروضي ۽ حقيقي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سندس محنت جو معروضي روپ (وجود) هن لاءِ اوپرو، دشمن، سگهارو ۽ سندس وجود کان الڳ آهي ته ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته ان پيداوار جو مالڪ ڪو ٻيو ماڻهو هوندو جيڪو ڌاريو، طاقتور ۽ کانئس جدا آزاد وجود رکندڙ آهي.“
پر منهنجو پورهيو ۽ پورهيي جي پيداوار جيڪڏهن مون لاءِ اوپري آهي يعني منهنجي ملڪيت ناهي، ته پوءِ اها ڪنهن جي ملڪيت آهي؟ مارڪس جواب ڏي ٿو ته:
”ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي، جيڪو مان ناهيان، ۽ اها ٻي هستي ڪير آهي؟ ديوتا؟ ترقي يافته پيداوار جي بلڪل ابتدائي دؤر ۾ ته بظاهر ايئن ئي نظر ايندو هو ته پيداوار ديوتائن جي ئي ملڪيت هوندي آهي. مثال طور مصر، هندستان ۽ ميڪسيڪو ۾ عبادتگاهن جي، پر انهن ڏينهن ۾ به فقط ديوتا ئي پورهيي جا مالڪ نه هئا ۽ نه فطرت هئي. جيڪڏهن پورهيي جي پيداوار پورهيت جي ملڪيت ناهي پر هڪ مخالف طاقت جي شڪل ۾ سندس مقابلي تي اچي ٿي ته ان جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته اها پيداوار ڪنهن غير پورهيت جي ملڪيت هوندي آهي. جيڪڏهن سندس عمل هن لاءِ جيءَ جو عذاب آهي ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي لاءِ عيش جو سبب هوندو. اها مخالف طاقت، جيڪا ٻين تي غالب آهي، نه ديوتائن جي آهي ۽ نه فطرت جي، پر خود انسان جي آهي. (ص- 104) لاتعلق پورهيي ذريعي پورهيت هڪ اوپري ماڻهوءَ جو رشتو پنهنجي پورهيي سان پيدا ڪري ٿو. اهو ماڻهو پاڻ ڪم ناهي ڪندو پر ڪم جي عمل کان ٻاهر هوندو آهي يعني پورهيت ۽ پورهيي جو رشتو سرمائيدار (پورهيي جي مالڪ جو نالو جيڪو به هجي) ۽ پورهيي جي رشتي کي به جنم ڏي ٿو، ان ڪري ذاتي ملڪيت لاتعلق پورهيي جو لازمي نتيجو هوندي آهي، ان خارجي رشتي جو نتيجو، جيڪو پورهيت فطرت ۽ پنهنجي وجود سان جوڙيندو آهي.“ (لکتون. ص -106)
سرمائيدار جي طاقت ۽ انسان دشمنيءَ جو تجربو فيڪٽرين، مِلن، واپاري ادارن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ کي آهي. سرمائيدار ۽ پورهيت جي رشتي جي لاتعلقي هاڻي ته ايڏي وڌي وئي آهي جو سرمائيدار اکين کان اوجهل هوندو آهي ۽ پورهيت هزارين ميل پري، سندس تيل جي ڪارخانن ۾ ٽامي، ڪوئلي ۽ لوهه جي کاڻين ۾ ۽ رٻڙ جي باغن ۾ ڪم ڪندا رهندا آهن. نه پورهيتن کي خبر هوندي آهي ته سندن مالڪ ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي. نه سرمائيدار کي ڄاڻ هوندي آهي ته سندس ناڻو ڪٿي ڪٿي سيڙايل آهي ۽ پورهيت ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. سرمائيدار ۽ پورهيت جي وچ ۾ ته هاڻي اهو انساني رشتو به ناهي رهيو جيڪو آقا ۽ غلام يا زميندار ۽ هاريءَ جي وچ ۾ هوندو هو.
موجوده نظام ۾ وجود جي لاتعلقيءَ جو چوٿون شڪار ماڻهوءَ جي نسلي زندگي آهي. وجود جي سڃاڻپ جا مٿيان ٽئي مظهر پورهيي جي لاتعلقي، پورهيي جي پيداوار جي لاتعلقي ۽ ٻين ماڻهن کان لاتعلقي. اهڙيون ٺوس حقيقتون آهن جيڪي سڀني کي ڏيکاربيون آهن توڙي اهي اخبار ۽ ريڊيي جا ملازم هجن يا فيڪٽرين ۽ مِلن ۾ ڪم ڪندڙ مزور. البت نسلي زندگيءَ کان لاتعلقي ايڏو آسانيءَ سان ناهي ڏيکاربي. مارڪس نسلي زندگيءَ لاءِ نسلن، بُڻن (Species) جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو. ان مان مراد نسلن جا سڀئي رجحان (لاڙا) ۽ داخلي صلاحيتون آهن. مارڪس چوي ٿو ته هر جانور جي نسلي حيثيت ۾ تخليقي زندگي ٻين جانورن کان ڌار هوندي آهي. اهائي تخليقي زندگي سندس نسلي زندگي هوندي آهي ۽ هر نسل جو ڪردار ان جي حياتي عمل (Life Activity) تي منحصر هوندو آهي. انسان جو نسلي ڪردار ان جو بااختيار، آزاد ۽ شعوري عمل آهي ۽ اهائي خاصيت کيس ٻين جانورن جي نسلي زندگيءَ کان مٿاهون ڪري ٿي. انسان ۽ ٻين جانورن جي حياتي عمل جي ڀيٽ ڪندي مارڪس لکي ٿو ته:
”حيوان ۽ ان جو حياتي عمل هڪ ئي هوندا آهن. حيوان پنهنجي عمل ۽ پنهنجي وجود ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي، پر انسان پنهنجي حياتي عمل کي پنهنجي ارادي ۽ شعور جو نچوڙ بڻائيندو آهي. سندس حياتي عمل شعوري هوندو آهي. اهو شعوري حياتياتي عمل انسان کي جانورن جي حياتياتي عمل کان مٿاهون ڪري ڇڏي ٿو.“
مارڪس چيو ٿو ته بيشڪ ٻيا جانور به ”پيدا ڪن“ ٿا. ماکيءَ جي مک ماکي ۽ ميڻ ٺاهي ٿي، پکي آکيرا ٺاهن ٿا، بندر وڻن جي ٽارين کان اوزار جو ڪم وٺي ٿو.
”پر حيوان فقط اهي شيون پيدا ڪن ٿا جيڪي هنن لاءِ يا سندن ٻچن لاءِ بلڪل ضروري آهن. ان کان سواءِ اهي صرف هڪ ئي رُخ ۾ پيدا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته انسان جي تخليق سڀ رُخي هوندي آهي. جانور سڌيءَ ريت طبعي ضرورتن کان مجبور ٿي پيدا ڪندا آهن، جڏهن ته انسان انهن ضرورتن کان آجو رهي به پيدا ڪندو آهي يا انهن ضرورتن کان آجو ٿيڻ لاءِ پيدا ڪندو آهي... جانور پنهنجي جنس جي معيار ۽ ضرورتن مطابق شيون ٺاهن ٿا، جڏهن ته انسان ڄاڻي ٿو ته ٻين سڀني جنسن جي معيار موجب ڪيئن ٺاهيو ويندو آهي ۽ خارجيت لاءِ ڪهڙو معيار هوندو. انسان حُسن جي قانونن موجب ٺاهيندو آهي.“ (ص -102)
معروضي دنيا جي تعمير يعني نامياتي فطرت جو استعمال انسان جي شعوري جنسي (نسلي) وجود جو اقرار آهي پر پورهيي جي لاتعلقي انسان جي حياتي عمل يعني جنسي زندگيءَ جو سڄو نظام هيٺ مٿي ڪري ڇڏي ٿي. سندس حياتياتي عمل يعني سندس هستي هن جي وجود جو ذريعو ٿي پوندي آهي ۽ سندس نسلي زندگي ٻين جانورن جي نسلي زندگيءَ جي سطح تي اچي وڃي ٿي. هو فقط جيئڻ لاءِ پيدا ڪندو آهي جيڪا جانورن جي نسلي خاصيت آهي. جڏهن ته انسان جي نسلي زندگيءَ جي تقاضا آهي ته هو پنهنجين تخليقي صلاحيتن کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري. اهو صلاحيتون آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي ماحول ۾ ئي مڪمل طور عمل ۾ اينديون آهن، پر سرمائيداري نظام ۾ انسان ايڏو پابند ۽ مجبور هوندو آهي جو سندس نسلي زندگي ٿڌي ٿي پوندي آهي.
مارڪس جي پيشرو سڀني خيالي سوشلسٽن ذاتي ملڪيت جي گهڻي مذمت ڪئي آهي. سندن خيال هو ته مڙني سماجي ۽ انفرادي خرابين جو سبب ذاتي ملڪيت آهي. مارڪس ان ڳالهه سان متفق ناهي، پر چوي ٿو ته ذاتي ملڪيت انهن خرابين جو ڪارڻ ناهي پر اها ته پاڻ وجود جي لاتعلقيءَ جو نتيجو آهي. ”ذاتي ملڪيت پورهيي جي لاتعلقيءَ جو عمل (Function) آهي، سبب ناهي. ذاتي ملڪيت پورهيي جي لاتعلقيءَ جو نقص آهي، ان جي پيداوار آهي. پورهيي جي لاتعلقي پهريت حقيقت آهي. اها حياتيءَ جو انداز آهي جيڪا ذاتي ملڪيت کي جنم ڏئي ٿي. اسان کي نظر ايندڙ مادي ذاتي ملڪيت اوپري انساني حياتيءَ جو مادِي ۽ حسي اظهار آهي. ان جي چرپر- پيداوار ۽ واهپو مڙني اڳوڻين تخليقن يعني انسان جي وجود جي حاصلات يا وجود جي حقيقت جو حسي ڏيک آهي. مذهب، ڪٽنب، رياست، قانون، اخلاق، سائنس، آرٽ وغيره تخليق جون مختلف شڪليون (صورتون) آهن ۽ تخليق جي عام قانون تحت اچن ٿيون.“ (ص-128)
مارڪس چوي ٿو ته موجوده نظام ۾ ذاتي ملڪيت وجود جي مقصد جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، جيتوڻيڪ ذاتي ملڪيت وجود جي بچاءَ جو فقط ذريعو آهي.
”ذاتي ملڪيت اسان کي اهڙو ته چريو ۽ جانبدار بڻائي ڇڏيو آهي جو خارجيت کي اسان تڏهن ئي پنهنجو سمجهون ٿا جڏهن اها اسان جي قبضي (واهپي) ۾ هجي، جڏهن اها اسان لاءِ ناڻي طور موجود هجي يا اسان ان کي کائيندا، پيئندا يا پائيندا هجون يا ان ۾ رهندڙ هجون. ٿوري ۾ ته، ان کي ڪنهن نه ڪنهن ريت استعمال ڪندا هجون، جيتوڻيڪ پاڻ ذاتي ملڪيت ملڪيتن جي انهن مختلف طريقن کي فقط زندگيءَ جو ذريعو تصور ڪندي آهي. اها زندگي، جنهن لاءِ اهي شڪليون زندگيءَ جو ذريعو آهن. ذاتي ملڪيت جي زندگي آهي يعني محنت ۽ ناڻي جي تخليق.“ (لکتون. ص -132)
يعني ذاتي ملڪيت ان ملڪيت کي چون ٿا جيڪا محنت ۽ ناڻي جي تخليق ڪري ٿي. ان ذاتي ملڪيت جي سڀ کان چٽي شڪل پئسو آهي. جيتوڻيڪ سرمائيداري نظام کان اڳ ۾ به واپار ٿيندو هو، منڊيون ۽ بازارون هيون ۽ سِڪا هلندڙ هئا، پر تن ڏينهن ۾ بازار جو اثر وارو گهيرو ڏاڍو محدود هو ۽ سِڪي جو رواج به گهڻو گهٽ هو، ڇو ته ماڻهو پنهنجيءَ ضرورت جون گهڻيون ئي شيون پاڻ ٺاهيندا هئا يا انهن جي مٽاسٽا ڪندا هئا ۽ پيداوار جو صرف اضافي حصو ئي بازار ۾ ايندو هو. سرمائيداري معيشت ۾ سموري پيداوار بازار ۾ وڪري لاءِ هوندي آهي، ذاتي استعمال لاءِ ناهي هوندي. ان ڪري سڄي دنيا منڊي (مارڪيٽ) بڻجي وئي آهي، جتي شين کان سواءِ انسان جو قلم، سندس محبت ۽ محنت، ايستائين جو سندس ضمير به وِڪيو ۽ ورتو ويندو آهي. ان ڏيتي ليتيءَ جو اڪيلو ذريعو پئسو آهي. جيڪو مڙني بازاري وکرن کي هڪ رشتي ۾ جوڙي ٿو. ان ڪري پئسي جي ضرورت اها حقيقي ضرورت بلڪ اڪيلي ضرورت آهي جنهن کي سرمائيدار معيشت پيدا ڪري ٿي.“ (لکتون. ص -141)
فارسي شاعر پئسي جي خاصيت ٻڌائيندي چوي ٿو ته:
اي زر تو خدانهء و ليڪن بخدا،
ستارِ عيوب و قبلهء حاجاتي.
مارڪس پئسي جي اصل حقيقت جي نشاندهي ڪندي لکي ٿو ته ”پئسو ماڻهوءَ جي پورهيي ۽ سندس وجود جو اوپرو جوهر آهي.“ (ص-141) پر پئسو ماڻهوءَ تي ڪيئن اثرانداز ٿئي ٿو؟ اهو ماڻهوءَ جي باطني (ڳُجهي) شخصيت کي وڃائي ڇڏي ٿو. ”توهان جيترو گهٽ کائو پيئو، جيترا گهٽ ڪتاب وٺو، جيترو گهٽ ٿيٽر ۾ وڃو يا ناچ گهر ۾ وڃو، جيترو گهٽ سوچيو، جيتري گهٽ محبت ڪيو، جيترو گهٽ نظريا جوڙيو (چِٽا ڪريو)، جيترو گهٽ ڳايو يا تصويرون ٺاهيو اوترو ئي گهڻو پئسو بچائي سگهندؤ، اوترو ئي توهان جو خزانو (ناڻو) وڌندو، جنهن کي نه ته جيت جڻيا کائي سگهن ٿا، نه ئي ڪَٽ لڳي سگهي ٿي. توهان جي شخصيت جيترو گهٽجندي، توهان جيترو گهٽ وجود جو اظهار ڪندؤ، توهان جي ملڪيت اوتري ئي وڌندي، توهان جي وجود جي لاتعلقيءَ ۾ ايترو ئي واڌارو ٿيندو ۽ وجود جي لاتعلقيءَ مان حاصل ڪيل موڙي به وڌندي. معيشت توهان کان زندگيءَ ۽ ماڻهپي جو جيترو حصو ڦري ٿي اوترو پئسي ۽ دولت جي شڪل ۾ توهان کي موٽائي ٿي. توهان جيڪو ڪجهه پاڻ نه ٿا ڪري سگهو، اهو توهان جو پئسو توهان لاءِ ڪري سگهي ٿو.... اهو آرٽ، علم، تاريخي نادر شيون، سياسي سگهه، سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو.“ (ص- 144)
پئسي ۾ هر شَي کي خريدڻ جي سگهه هوندي آهي. ان جي اها آفاقي سگهه کيس قادر مطلق جو درجو (حيثيت) ڏئي ڇڏيندي آهي. ان سلسلي ۾ مارڪس گوئٽي جي ڊرامي فائوسٽ مان ٽڪرو اتاري ٿو ۽ ان تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، ”منهنجيءَ طاقت جي تارازي منهنجي دولت آهي. پئسي جو تاثير (اثر) منهنجو پنهنجو تاثير ۽ صلاحيت آهي، تنهنڪري جيڪو ڪجهه مان آهيان ۽ جيڪو ڪجهه مان ڪري سگهان ٿو، ان جو تعين منهنجيءَ انفراديت سان بلڪل به نه ٿو ٿئي. مان بدصورت آهيان پر سڀ کان سهڻي عورت خريدي سگهان ٿو. تنهنڪري ثابت ٿيو ته مان بدصورت ناهيان، ڇو ته بدصورتيءَ جي اثر کي، ان جي مڪروهيت کي پئسو زائل ڪري ڇڏي ٿو. فرد جي حيثيت ۾ مان منڊو آهيان پر پئسو مون کي چوويهه پير ڏي ٿو، تنهنڪري مان منڊو ناهيان. مان انتهائي نفرت لائق، نيچ، بيعزت، بي اصولو ۽ بيوقوف ماڻهو آهيان پر پئسي جي ۽ پئسي واري جي عزت ٿيندي آهي. پئسو اعليٰ ترين خوبي آهي، تنهنڪري پئسي وارو به سٺو ماڻهو هوندو آهي. ان کان سواءِ پئسو مون کي بي ايمانيءَ جي زحمت کان بچائي ٿو، ان ڪري مان ايماندار سمجهيو ويندو آهيان. مان چريو ئي سهي، پر پئسو جيئن ته سڀني شين جو حقيقي ذهن آهي تنهنڪري ان جو مالڪ چريو ڪيئن ٿيو! ان کان سواءِ اهو لائق ماڻهن کي خريد ڪري سگهي ٿو. ته پوءِ ڇا اهو ماڻهو، جيڪو لائق ماڻهن کي خريد ڪري سگهي ٿو، انهن کان وڌيڪ لائق نه ٿيو! مان، جيڪو پئسي جي طاقت سان هر اها شي وٺي سگهان ٿو، جنهن جي خواهش انسان جي دل ڪري ٿي، ته ڇا سڀني انساني صلاحيتن جو مالڪ نه ٿيس! ڇا منهنجي دولت منهنجين مڙني نااهلين کي انهن جي ضد ۾ نه ٿي بدلائي ڇڏي! (ص- 165 ۽ 166)
مارڪس شيڪسپيئر جي ڊرامي ”ٽائمون آف ايٿنز“ جو هيءُ مشهور ٽڪرو به اتاري ٿو:
سونَ! تون خدا جو جلوو آهين، پِيلو، چمڪندڙ، قيمتي سونُ.
تنهنجي گهڻائي ڪاري کي اڇو، ناجائز کي جائز، غلط کي صحيح،
ذليل کي شريف، ٻُڍي کي جوان، بزدل کي بهادر بڻائي ٿي،
مذهبن کي مِلائي ۽ ڇني ٿي،
مردود کي محبوب بڻائي ٿي،
ڪوڙهيل جي پوڄا ڪرائي ٿي،
چورن کي عزت، خطاب ۽ رتبو ڏي ٿي.
اچ، اي لعنتي مٽي! انسانذات جي گڏيل بازاري عورت،
تون، جا قومن جي رستي ۾ رنڊڪون وجهين ٿي،
مان توکي، تنهنجي حقيقي فطرت تي هلائيندس.
مارڪس چوي ٿو ته ضرورتون ۽ گهرجون ته بنا پئسي وارن جون به هونديون آهن، پر اهي سندن ”ذهن جي تخليق“ هونديون آهن يعني اهي پئسي کان سواءِ پوريون ٿي نه ٿيون سگهن ۽ نه ئي ٻين لاءِ انهن جو وجود ڪا معنيٰ رکي ٿو. ان ڪري اهي غيرحقيقي هونديون آهن ۽ انهن جي ڪابه خارجيت ناهي هوندي. بااثر گهرج ۾، جيڪا پئسي جي مدد سان پوري ٿي سگهي ٿي، ۽ بي اثر گهرج ۾، جيڪا منهنجي ضرورت، منهنجي خواهش ۽ منهنجي جذبي تي آڌاريل هجي، فرق آهي. اهو وجود ۽ خيال جو فرق آهي... جيڪڏهن مون وٽ سفر ڪرڻ لاءِ پئسو ناهي ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته مون کي سفر جي ڪابه ضرورت، ڪا حقيقي ضرورت جيڪا پوري ٿي سگهي. ناهي. جيڪڏهن منهنجو طبعي لاڙو پڙهڻ ڏانهن آهي پر مان وٽ تعليم لاءِ پئسو ناهي، ته ان جو مطلب (موجوده معاشري ۾) اهو هوندو ته مون ۾طبعي لاڙو، حقيقي ۽ اثرائتو طبعي لاڙو ناهي.“ پئسو اها خارجي ۽ آفاقي قوت آهي جيڪا خواهش کي حقيقت ۾ ۽ حقيقت کي کوکلي خواهش ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. اها قوت انسان کان بحيثيت انسان جي ورتل ناهي ۽ نه ئي انساني معاشري مان بحيثيت معاشري جي اخذ ڪئي ويندي آهي. ان جي ابتڙ پئسو ماڻهوءَ جي غيرآسوده خواهش کي، جيڪا پڻ بي اثر قابليت آهي ۽ فقط فرد جي تخيل ۾ موجود هوندي آهي، حقيقي قوت ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. ان لحاظ کان پئسو انسان جي انفراديت جو ضد آهي، اهو فرد جي وجود ۽ سندس سماجي رشتن ۾ انتشار پيدا ڪري ٿو. اهو انسان جي فطري صفتن جي ابتي سبتي ترتيب آهي. اهو وفاداريءَ کي بيوفائيءَ ۾، محبت کي نفرت ۾، نفرت کي محبت ۾، نيڪيءَ کي بديءَ ۾، بديءَ کي نيڪيءَ ۾، نوڪر کي آقا ۾، آقا کي نوڪر ۾، چريائپ کي ذهانت ۾ ۽ ذهانت کي چريائپ ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.“ پئسو انسان جو معروضي دنيا ۽ فطرت سان بحيثيت انسان جي جيڪو رشتو هجڻ گهرجي، ان کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏي ٿو.
هاڻي جيڪڏهن اسان ٿوري وقت لاءِ فرض ڪيون ته پئسو رستي ۾ حائل ناهي، بلڪ ماڻهوءَ کي صرف ماڻهو تصور ڪيون ۽ فطرت سان سندس رشتي کي فقط انساني رشتي جي شڪل ۾ ڏسون، ته ڇا ٿيندو؟
”تڏهن محبت جي ڀيٽ محبت سان ٿي سگهندي ۽ اعتماد جي اعتماد سان. جيڪڏهن توهان آرٽ مان مزو وٺڻ چاهيو ٿا ته توهان کي آرٽ جو تربيت ورتل انسان بڻجڻو پوندو. جيڪڏهن توهان ٻين کي پنهنجيءَ شخصيت سان متاثر ڪرڻ ٿا چاهيو ته توهان کي اهڙو ماڻهو ٿيڻو پوندو جيڪو سچ پچ ٻين جو حوصلو وڌائي سگهي ۽ منجهن جوش پيدا ڪري سگهي. انسان ۽ فطرت سان توهان جو هر رشتو توهان جي حقيقي انفرادي زندگيءَ جو چٽو اظهار هجڻ گهرجي، جيڪو توهان جي ارادي (Will) جي خارجيت سان هڪجهڙائيءَ ۾ هجي. جيڪڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪريو ٿا پر پنهنجي محبوب ۾ محبت جو جذبو اُڀاري نه ٿا سگهو يعني جيڪڏهن توهان ۾ محبوبيت جو شانُ پيدا نه ٿو ٿئي ته پوءِ توهان جي محبت بزدلي ۽ بدقسمتي آهي.“
وجود جي لاتعلقيءَ جي ان بحث مان هيءُ نتيجو ڪڍڻ ڏکيو نه هوندو ته سرمائيداري نظام تي مارڪس جو بنيادي اعتراض اهوئي آهي ته منافعي (وياج) ۽ نقصان واري هن معاشري ۾ پئسي جي هوس (حرص) ۽ پئسو حاصل ڪرڻ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو مقصد ٿي پيو آهي. ان نظام هٿان ماڻهوءَ جو وجودي جوهر بيحد مجروح ٿيو آهي. ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان محروم ٿيندو پيو وڃي. سندس آزادي ۽ خودمختاري کسجي وئي آهي. سندس تخليقي صلاحيتون ڌارين جي مطلبي مفاد جي تابع ٿي ويون آهن ۽ سندس تخليقون ٻين جي استعمال ۾ آهن. کيس ٻيا ماڻهو ايستائين جو پنهنجو وجود به ڌاريو بلڪه دشمن لڳي ٿو، هو وجود جي حاصلات جي عمل کان اوپرو ٿي ويو آهي.
مارڪس موجب اصل مسئلو اهو ناهي ته پورهيتن کي محنت جو اجورو ٿورو ملي ٿو يا گهڻو، ڇو ته جيڪڏهن ٻه سو رپيا ماهوار بدران ٻه هزار رپيا به ملڻ لڳن، ته به سرمائيداري نظام ته بدستور قائم رهندو، سرمائيدار ۽ مزور جي رشتي ۾ ڪو فرق نه ايندو. غلام کي اوهان اهوئي کارايو جيڪو پاڻ کائو ٿا ۽ اهوئي پارايو جيڪو پاڻ پايو ٿا، ته به هو غلام ئي رهندو، اوهان جو آقا نه بڻجي ويندو، بلڪل ان نموني جيئن رڍون ڪڏهن به مالڪ بڻجي نه ٿيون سگهن توڙي سندن ڪيڏي به سنڀال ڪئي وڃي، تنهنڪري مارڪس لکي ٿو ته:
”اجوري ۾ واڌارو غلام جي معاوضي ۾ واڌاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ان سان نه ته پورهيت جي انساني معنويت ۽ قدر بحال ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڪم جي نوعيت بدلجي ٿي.“
سوال هيءُ آهي ته ان ”انساني معنويت ۽ قدر“ کي ڪيئن بحال ڪيو وڃي؟ ماڻهو وجود جي لاتعلقيءَ کان ۽ شين جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڪيئن ماڻي؟ کيس وجود جي حاصلات جا موقعا ڪيئن ملن؟ مارڪس جواب ڏي ٿو ته ان مسئلي جو اڪيلو حل ڪميونزم آهي. پر ڪميونزم قائم ڪرڻ لاءِ ذاتي ملڪيت جي نظام کي رد ڪرڻو پوندو (ذاتي ملڪيت مان مطلب عام استعمال جون شيون ناهن پر اها ملڪيت آهي جنهن مان نفعو، وياج يا ڪِرايو حاصل ڪيو وڃي. مثال طور زمين (ٻني ٻارو)، ڪارخانا، فيڪٽريون، وياج تي پئسو ڏيڻ، کاڻيون، جهنگ (ٻيلا) وغيره)، ڇاڪاڻ ته ”ڪميونزم ذاتي ملڪيت ۽ وجود جي لاتعلقيءَ جو مثبت ردُ آهي، پر ذاتي ملڪيت سماجي انقلاب ذريعي ئي رد ٿي سگهي ٿي، خيالي منصوبن سان رد نه ٿي ٿي سگهي. ذاتي ملڪيت جي تصور کان مٿاهون ٿيڻ لاءِ ته ڪميونزم جو تصور ڪافي آهي. البت ذاتي ملڪيت جي حقيقت کان مٿڀرو ٿيڻ لاءِ حقيقي ڪميونسٽ تحريڪ ضروري آهي. اها خدمت تاريخ ڪندي. اها تحريڪ، جنهن جو شعور، اسان پنهنجن ذهنن ۾ هڪ انتهائي مٿاهين تصور طَور طي ڪري ڇڏيو آهي، پاڻ حقيقت بڻجندي، پر اهو عمل ڏاڍو ڏکيو ۽ ڊگهو هوندو.“ (ساڳيو. ص -149)
ڪجهه گروهن جو خيال آهي ته ڪميونزم انساني حياتيءَ جي آخري منزل يا حياتيءَ جو آخري مقصد آهي. پر مارڪس کي ان قسم جي ڪا غلط فهمي نه هئي. هن موجب، ڪميونزم ”تاريخي ارتقا جو اڳيون قدم (وِک) آهي، هڪڙو حقيقي ۽ لازمي شرط ماڻهوءَ جي آزاديءَ ۽ نئين تعمير جو، پر ڪميونزم انساني ارتقا بدران، پاڻ منزل ناهي.“ (ص -140) پر اهو مستقبل قريب جي لازمي شڪل ۽ ان جي حرڪي (چرپر وارو) اصول آهي. ”هاڻي تائين ماڻهوءَ جو گهڻو وقت زندگي گذارڻ بدران زندگيءَ جا ذريعا ميسر ڪرڻ ۾ گذريو آهي. ان اعتبار کان ماڻهوءَ ۽ حيوان جي حياتياتي عمل ۾ نوعيت جو نه، پر درجي جو فرق رهيو آهي. البت ڪميونزم جي دؤر ۾ انسان سچ پچ پهريون ڀيرو انسان بڻبو، آزاد ۽ خودمختار جنس (نسل). تنهنڪري ڪميونزم جملو آهي وجود جي بازيابيءَ ۽ ماڻهوءَ جي پاڻ ڏانهن واپسيءَ جو. هڪ مڪمل ۽ شعوري واپسي، جيڪا گذريل ترقين جي سموري دولت پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندي. ڪميونزم مڪمل طورتي ترقي ڪيل فطرتيت (Naturalism) جي حيثيت سان ماڻهوءَ جي حُب آهي ۽ مڪمل طور تي ترقي ڪيل ماڻهوءَ جي حب جي حيثيت سان فطرتيت آهي. اهو ماڻهوءَ ۽ فطرت ۽ ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ دشمنيءَ جو چٽو حل آهي. وجود ۽ جوهر، معروضيت ۽ وجود جي اقرار، آزاديءَ ۽ گهرج، ڏاڍ ۽ اختيار ۽ فرد ۽ نسل جي گڏيل تضاد جو سچو حل آهي.“ (ص- 127)
مارڪس پهريائين سرمائيداري معيشت ۾ وجود جي لاتعلقيءَ جي مختلف عملن ۽ ڏيکن جي نشاندهي ڪئي، پوءِ انهن جو رشتو ذاتي ملڪيت ۽ پئسي جي نظام سان ڳنڍيو ۽ ٻڌايو ته ماڻهوءَ جي شخصيت ۽ تخليقي صلاحيت، ان جي فڪر ۽ عمل، ان جي اخلاق ۽ احساسن تي ان جو ڪيڏو نقصانڪار اثر پوي ٿو ۽ تڏهن انهن مان اهو منطقي نتيجو ڪڍيو ته سماجي انقلاب آڻڻ کان سواءِ ۽ ڪميونسٽ معاشرو قائم ڪرڻ کان سواءِ انسان جو مادي ۽ روحاني آجپو ٿي نه ٿو سگهي. مارڪسي منطق جي لحاظ کان انسان جي نسلي زندگيءَ جي ارتقا جو لازمي شرط وجود جي حاصلات آهي. وجود جي حاصلات جو لازمي شرط شخصيت جي مڪمل آزادي آهي يعني انسان جو پنهنجي ارادي ۽ عمل تي مڪمل اختيار (تحرير، تقرير، ضمير ۽ اجتماع جي آزادي، شخصيت جي آزاديءَ جا مختلف مظهر آهن). شخصيت جي تخليقي امڪانن کي موجودات ۾ بدلڻ جو اهو اختيار ذاتي ملڪيت جي موجوده دؤر ۾ ماڻهوءَ کي مليل ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو نظام وجود جي لاتعلقيءَ تي بيٺل آهي جيڪا شخصيت جي آزاديءَ جي نفي آهي. شخصيت جي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري ڪميونزم جي ئي دؤر ۾ ممڪن آهي تنهنڪري وجود جي حاصلات حقيقي معنيٰ ۾ ڪميونزم جي ئي دؤر ۾ ٿي سگهي ٿي.

_______
 Economic and Philosophical Manuscripts. P-94
 Karl Marx: Capital.Vol-I. P-680
 ساڳيو .ص - 708