باب پندرهون : فريڊرڪ اينجلس
فريڊرڪ اينجلس 28 نومبر 1820ع تي، رهائن صوبي جي ضلعي ”ووپرتل“ جي شهر ”بارمين“ ۾ پيدا ٿيو. اهو علائقو صنعتي لحاظ کان جيڪڏهن جرمنيءَ جو لنڪاشائر هو، ته مذهبي ڪٽرپڻي ۾ روم جي ڪليسا سان برابري ڪندو هو. ان مذهبي جنون کي مِلين جا مالڪ، سرڪاري آفيسر ۽ پادري بيحد وڌائيندا هئا. جيڪي ماڻهو مذهبي تقريبن ۾ شريڪ نه ٿيندا هئا يا جن بابت سُڌ پوندي هين ته ناول پڙهندا آهن يا ناچ گانن جي محفلن ۾ ويندا آهن، ته انهن کي بدعتي ۽ بي دين چئي طعنا هنيا ويندا هئا. اينجلس جو پيءُ هڪ امير صنعتڪار هو، پر ڪارل مارڪس جي پيءُ جي ابتڙ ڏاڍو ساڙيلو، پراڻ پسند ۽ جابر _ البت اينجلس جي ماءُ دانشورن جي گهراڻي مان هئي ۽ ڏاڍي کِل مُک عورت هئي. کيس مطالعي ۽ فائن آرٽس جو گهڻو شوق هو. اينجلس اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو ۽ ماءُ جو پيارو هو. زنده دلي، خوش مزاجي ۽ علمن ۽ فنن سان گهري دلچسپي اينجلس کي ماءُ کان ورثي ۾ ملي هئي.
اينجلس چوڏهن سالن جي ڄمار تائين هڪ مڪاني اسڪول ۾ پڙهندو رهيو، پر اتي به سندس گهر ۽ شهر کان مختلف ماحول نه هو، تنهنڪري اينجلس ٻڌائيندو هو ته هڪ ڏينهن ڪنهن ڇوڪري استاد کان پڇيو ته گوئٽي ڪير هو، ته هن وراڻيو ته دهريو ۽ بي دين. پر اينجلس تي انهن سختين جو ابتو اثر ٿيو. هو ناول، افسانا، ڊراما ۽ نظمن جا ڪتاب لڪي لڪي پڙهندو هو، ڪارٽون ٺاهيندو، گانا لکندو ۽ ٻُڌندو، گهوڙي سواري ڪندو، تلوار هلائڻ سکندو ۽ ترندو رهيو ۽ پيءُ جي دڙڪن کان ڪَن لاٽار ڪندو رهيو.
آڪٽوبر 1834ع ۾، اينجلس کي ڀر واري شهر ايلبر فِلڊ جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اهو اسڪول جرمنيءَ جي بهترين ادارن ۾ ليکبو هو، پر اتان جي دنيا به ڪا گهٽ رجعت پرست نه هئي. اڃا مزو اهو ٿيو جو پيءُ سندس ڏنگائپ کي لغام ڏيڻ لاءِ اينجلس کي هڪ پادريءَ حوالي ڪري ڇڏيو، پر انجيل جي مطالعي هن کي مذهب کان ويتر پري ڪري ڇڏيو. تنهنڪري هن هڪ خط ۾ لکيو ته:
”مان ڄاڻان ٿو ته گهر ۾ مون کي ڏاڍين پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو پر مان پنهنجي ايمان ۽ يقين کي ان خوف کان قربان ڪري نه ٿو سگهان. جڏهن سوال خيال جي آزاديءَ جي بچاءَ جو هجي، ته مان هر شَي خلاف احتجاج ڪندس.“
اينجلس اسڪول ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، تاريخ ۽ يوناني، لاطيني ۽ المانوي ادب جو مطالعو ڏاڍي شوق سان ڪيو. هن يوناني ٻوليءَ ۾ هڪ نظم به لکيو جيڪو اسڪول جي تقريب ۾ پڙهيو ۽ گهڻو پسند ڪيو ويو. هو اقتصاديات ۽ قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي پيو پر پڻس اسڪول جي تعليم به پوري ڪرڻ نه ڏنس ۽ کيس زبردستي پنهنجي فيڪٽريءَ جي ڪاروبار ۾ آندو. تڏهن اينجلس جي عمر صرف سترهن سال هئي. اينجلس جي طبيعت فيڪٽريءَ جي ڪمن ۾ صفا نه لڳندي هئي. پر هو پنهنجو گهڻو وقت تاريخ، فلسفي، ادب ۽ لسانيات جي ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريندو هو يا وري شعر لکندو رهندو هو. البت کيس فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو اهو فائدو ضرور ٿيو ته هن کي مزورن جي حالتن کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ سال کان پوءِ کيس بريمن شهر جي هڪ وڏي واپاري ڪمپنيءَ ۾ ڪم سکڻ لاءِ موڪليو ويو.
اينجلس کي ٻوليون سکڻ جو گهڻو شوق هو، ان ڪري بريمن ۾ رهڻ دوران هن انگريزي، اسپيني، پُرتگالي، فرانسي، ولنديزي، اِٽيلين (اطالوي)، ايستائين جو فارسي ٻولي به سکي ورتي. هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي خط ۾، مزي خاطر ڪيتريون ئي ٻوليون لکندو هو. مثال طور، پنهنجي ڀيڻ ماريا کي هو هڪ خط ۾ لکي ٿو ته:
”مان توکي هي خط گهڻين ٻولين ۾ لکي رهيو آهيان. ان ڪري هاڻي مان انگريزي ۾ لکندم يا وري اٽيلين ۾، جيڪا ڏاڍي حسين، نرم ۽ نفيس ٻولي آهي، جنهن جا لفظ ڪنهن سهڻي باغ جي تازن گلن وانگر مهڪندا آهن يا اسپينيءَ ۾، جيڪا ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هوا وڻن مان گذري رهي آهي يا پُرتگاليءَ ۾، جنهن تي ساوڪ سان ڍڪيل ڪناري تي، سمنڊ جي ڇولين جي آواز جو گمان ٿيندو آهي يا فرانس ۾، جنهن مان چشمي جي سُريلي وهڪري جا آواز نڪرن ٿا.“
بريمن واپاري بندر هو، جتي مختلف ملڪن جا جهاز ۽ جهازي (ٻيڙيائتا) ايندا رهندا هئا. اينجلس کي انهن جهازين کان فرانس ۽ سوئٽزلئنڊ جا اهي ڪتاب به ملي ويندا هئا جيڪي جرمنيءَ ۾ منع ڪيل هئا. ان غيرملڪي انقلابي ادب سان اينجلس جي احتجاج ۽ سرڪش جذبي کي اڃا مضبوطي ملي. اپريل 1839ع ۾ لکيل هڪ خط ۾، هو پنهنجي دوست کي لکي ٿو ته ”جڏهن مان پوسٽ آفيس وڃان ٿو ۽ منهنجي نظر جرمنيءَ جي شاهي نشان تي پوي ٿي، ته آزاديءَ جو روح مون کي ڦٿڪائي وجهي ٿو. هر روز جڏهن مان اخبار پڙهان ٿو ته منهنجون نظرون آزاديءَ جي واڌ جا اطلاع ڳولڻ لڳن ٿيون. اهي خيال منهنجن نظمن ۾ اچن ۽ دقيانوسي پادرين جي ٽوپين ۽ جُبن تي ٺٺول ڪرڻ لڳن ٿا.“
اينجلس جرمنيءَ جي سياسي حالتن تي تبصرو ڪرڻ کان به نه پيو مُڙي، مثال طور هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”اها ئي بادشاهت، جنهن 1815ع ۾ ڊڄي پنهنجي عوام سان واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان مون کي هن مصيبت مان ڪڍيو، ته مان توهان کي آئين ڏيندس. ان بدسليقي، سڙيل، الاهي درٻار مان ڌڪاريل بادشاهه هاڻي اعلان ڪيو آهي ته مون کان هاڻي ڪوبه ماڻهو آئين جي توقع نه رکي. مان هُن کان ڏاڍي نفرت ڪيان ٿو. ان بدمعاش تي خدا جي ڦٺڪار هجي. 1816ع کان 1830ع تائين، شاهي جرم ايڏا وڌي ويا آهن جيڏا پهريان ڪڏهن به نه هئا. هتي رياست جو هر هڪ والي (حاڪم) ڦاهيءَ جو مستحق آهي.“
انهن ڏينهن ۾ شاهي ظلمن خلاف اديبن جي هڪ تحريڪ ”نوجوان جرمني“ نالي سان هلندڙ هئي. ان تحريڪ جو اڳواڻ مشهور شاعر هائني هو. اينجلس 1839ع ۾ ان تحريڪ سان سلهاڙيو ۽ هيمبرگ جي اخبار ”ٽيلي گراف“ ۾ فريڊرڪ آس دالڊ جي قلمي نالي سان نظم ۽ مضمون لکڻ لڳو. هونئن ته سندس سرجيل سڀني نظمن ۾ (جيڪي شيلِي کان متاثر ٿي لکيا هئائين). انقلاب ۽ آزاديءَ جي تڙپ آهي ۽ مضمونن ۾ هو ادب ۽ زندگيءَ جي گهري رابطي تي زور ڏي ٿو، پر سندس ٻه مضمون اهڙا هئا جن سان رهائن صوبي جي صنعتي حلقن ۾ ڏهڪاءُ پکيڙجي ويو. انهن مضمونن ۾ اينجلس پنهنجي اباڻي وطن جي پراڻ پسند ذهنيت، تعصب ۽ ڪٽرپڻي تي گهڻي تنقيد ڪئي هئي پر ان کان به گهڻي تنقيد ”بريمن“ جي سماجي حالتن تي هئي. گهر جي ان رازدان پنهنجن مضمونن ۾ مزورن جي تڪليفن جي ڀيٽ فيڪٽريءَ جي مالڪن ۽ واپارين جي خوشحاليءَ سان ڪئي هئي. ”وُوپل جي هيٺين طبقن خاص ڪري فيڪٽريءَ جي مزورن ۾ گهڻي غربت آهي. ڪوڙهه ۽ ڦڦڙن جون بيماريون منجهن يقين نه ڪرڻ جهڙي حد تائين عام آهن. صرف ايلبر فلڊ ۾ پنجويهه سَو ٻارن مان ٻارهن سو ٻار تعليم کان محروم آهن ۽ فيڪٽرين اندر پلجن ٿا.“ صنعتڪارن جي مذهبي منافقيءَ کي اگهاڙو ڪندي اينجلس لکيو هو ته ”انهن خدا ترس صنعتڪارن جي ضمير ۾ ڏاڍي لچڪ آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن ته اهي هر آچر تي ٻه ڀيرا گرجا گهر ويندا هجن، ٿورن يا گهڻن ٻارن جي موت سان سندن روح کي جهنم جو ڪوبه ڀَو محسوس نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته اهو واقعي آهي ته فيڪٽريءَ جي مذهبي مالڪن جو ورتاءُ ٻين مزورن جي ڀيٽ ۾ پنهنجن مزورن سان وڌيڪ خراب هوندو آهي.“
انهن ئي ڏينهن ۾ اينجلس کي ڊيوڊ اسٽرائوس جو ڪتاب ”مسيح جي حياتي“ پڙهڻ جو موقعو مليو، ته مذهبي ٺيڪيدارن بابت سندس خيال اڃا پختا ٿي ويا. تڏهن هن هيگل جو مطالعو شروع ڪيو ۽ مارڪس وانگر هو به هيگل جي تاريخي ارتقا جي تصور کان ڏاڍو متاثر ٿيو. سيپٽمبر 1841ع ۾ کيس فوجي تربيت جو لازمي مدو پورو ڪرڻ لاءِ برلن وڃڻو پيو. اتي اينجلس جنگ جي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرن ۾ به شريڪ ٿيندو هو، خاص ڪري فلسفي جي ليڪچرن ۾ هو ”نوجوان هيگل“ ٽولي ۾ شامل ٿي ويو ۽ فلسفي ۾ ايڏي سمجهه حاصل ڪري ورتائين جو هن هيگل جي گادِي سنڀاليندڙ پروفيسر شيلنگ خلاف ڪيترائي رسالا لکيا جيڪو سخت درٻار پرست ٿي ويو هو ۽ هيگل جي تعليمن جي نفي ڪندو هو. انهن رسالن ۾ اينجلس هيگل جي ڏاڍي حمايت ڪئي هئي، پر سندس سياسي خيالن ۽ رياست جي نظريي تي به اعتراض ڪيا هئا ۽ لکيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن هيگل جيڪي نتيجا اخذ ڪري ٿو، اهي درست ناهن هوندا. شيلنگ خلاف اينجلس جيڪي مضمون لکيا، انهن ۾ هيگل کان وڌيڪ فيوئر باخ جو اثر نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هيگل جي ٻين عقيدتمندن وانگر اينجلس به فيوئرباخ جي مادِي فلسفي جي ڏاڍي پرجوش آجيان ڪئي هئي.
اينجلس به مارڪس وانگر فلسفي کي معاشري جي تنقيد ۽ اصلاح لاءِ ڪارائتو وکر سمجهندو هو، نه ڪي ذهني عياشيءَ جو وسيلو. هو فلسفي کان جمهوريت جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم وٺڻ چاهي پيو تنهنڪري ”شيلنگ ۽ الهام“ نالي مضمون کي پورو ڪندي هن لکيو هو ته ”اسان کي وڙهندي وڙهندي رتورت ٿي وڃڻ گهرجي. اسان کي بنا ڊپ ڊاءَ جي دشمن جي ڊيڄاريندڙ اکين سان اکيون ملائڻ گهرجن ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين مقابلو ڪرڻ گهرجي. عظيم فيصلي جو ڏينهن ويجهو آهي. قومن جي ويڙهه شروع ٿيڻ واري آهي ۽ فتح اسان جي ٿيندي.“
اينجلس شيلنگ خلاف جيڪي مضمون لکيا، انهن دشمنن ۽ دوستن سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو. پراڻ پسند اخبارن ان نامعلوم مضمون نگار تي وڏا حملا ڪيا، البت روشن خيال گروهن ۾ انهن مضمونن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو. آرنلڊ روج کي جڏهن خبر پئي ته اهي تحريرون اينجلس جون آهن ته هو اينجلس کي تعريف ۽ تحسين جي خط ۾ کيس ”ڊاڪٽر اينجلس“ چئي مخاطب ٿيو. اينجلس مهرباني مڃيندي جواب ۾ لکيو ته ”مان فلسفي جو ڊاڪٽر ناهيان ۽ نه ئي ڪڏهن ٿي سگهان ٿو. مان ته صرف واپاري آهيان ۽ اڄڪلهه شاهي توبخاني ۾ سکيا وٺي رهيو آهيان، تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي ان لقب کان معاف ڪيو.“ اينجلس برلن ۾ ئي ڪميونسٽ ٿي ويو هو، البت اها خيالي ڪميونزم هئي جيڪا تن ڏينهن ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي نوجوانن ۾، خاص ڪري هيگل جي پوئلڳن ۾ ڏاڍي مشهور ٿي رهي هئي.
انهيءَ دوران اينجلس رهائنشن زاءِ تونگ ۾ به لکڻ شروع ڪيو ۽ هڪ طويل نظم ”مسيحي رزميه“ جي نالي سان شايع ڪيو. ان نظم ۾ احتساب ۽ مذهبي اڻ لحاظيءَ خلاف جيڪا احتجاجي صدا هئي تنهن ۾ اينجلس ڪارل مارڪس کي بيحد ساراهيو هو جيتوڻيڪ تنهن وقت تائين هو ساڻس مليو به نه هو:
ڪارين ڀِروئن وارو ٽرائر جو هي ڏِنگو گهوڙو
سرڪشيءَ ۾ آهي،
اهو نه هوري هلي ٿو، نه تکو
پر تمام تيز ڊڪي ٿو.
ڄڻ سندس پيرن ۾ نعل لڳل آهي
اهو هٿن کي هوا ۾ لوڏي ٿو
۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪاوڙ مان
آسمان جي مضبوط خيمي کي رسين سميت پٽي اڇلائيندو.
فوجي سکيا سيپٽمبر 1842ع ۾ ختم ٿي ته اينجلس کي گهر موٽڻو پيو. سندس انقلابي نظريا ڪنهن کان به ڳجها نه هئا، تنهنڪري سندس پيءَ ان خيال کان ته اينجلس جرمنيءَ جي سياسي سرگرمين ۾ متان ملوث ٿي پوي، کيس مانچسٽر موڪلي ڇڏيو جتي سندس هڪ سوٽي مِل هئي. اينجلس به پيءُ جي نظرن کان پري رهڻ ۾ چڱائي سمجهي ۽ نومبر 1842ع ۾ برطانيا روانو ٿي ويو.
اينجلس جڏهن لنڊن پهتو ته معاشي بحران جي ڪري برطانيا جي مزورن ۾ ڏاڍي اُڻ تڻ پکيڙيل هئي. جاڏي ڪاڏي هڙتالون پئي ٿيون، اڃا به مانچسٽر ۾ ته ڪيئي طبقاتي جهيڙا جهٽا به ٿي چڪا هئا ۽ چارٽسٽ تحريڪ جا اڳواڻَ مزورن کي ان ڳالهه تي راضي ڪري رهيا هئا ته اهي پنهنجا سياسي مطالبا مڃرائڻ لاءِ باقاعدي جدوجهد شروع ڪن. اينجلس مانچسٽر پهچندي ئي چارٽسٽ اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ مزدور تحريڪ جي مطالعي ۾ لڳي ويو. هو مزدور وسندين ۾ ڦرندو، سندن گهرن ۾ وڃي ساڻن ڳالهائيندو هو، سندن ڪلبن ۾ ويهندو ۽ انهن جي جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان دوران هن لنڊن، بريڊ فورڊ، ليڊز ۽ ٻين صنعتي شهرن جا دورا به ڪيا ۽ اتي رهندڙ مزورن جي زندگين جي حالتن کان سڌيءَ ريت واقفيت حاصل ڪئي ۽ تڏهن هن ڊسمبر ۾ ڪارل مارڪس جي اخبار رهائنشن زاءِ تونگ ۾ مسلسل پنج مضمون برطانيا جي مزدور تحريڪ بابت لکيا. اينجلس رابرٽ اووين جي سوشلسٽ عقيدتمندن سان به دعا سلام رکي ۽ سندن اخبار ”نيو مورال ورلڊ“ (New Moral World) ۾ فرانس، جرمنيءَ ۽ سئٽزرلئنڊ جي سوشلسٽ تحريڪن ۽ فلسفياڻين نظرن تي مضمون لکڻ لڳو.
برطانيا جي مزدور تحريڪ تي تبصرو ڪندي اينجلس لکيو هو ته مزورن کي پنهنجي اجتماعي قوت جو احساس ٿيڻ لڳو آهي پر اڃا تائين سندن تنظيم ڏاڍي ناقص آهي، چارٽسٽن رهنمائيءَ ۾ دير ڪئي آهي ۽ اهي ان غلط فهميءَ ۾ آهن ته ”انقلاب قانوني ذريعن سان اچي سگهي ٿو جيتوڻيڪ اها شَي عملي طور ناممڪن آهي... 1842ع جي تحريڪ مان اهوئي سبق ملي ٿو ته انقلاب پرامن طريقن سان ڪڏهن به نه ٿو اچي سگهي ۽ انقلابي پورهيت طبقي (پرولتاريه) جي مادي حالت موجوده غيرفطري صورتحال کي زبردستي رد ڪرڻ ۽ اميرن ۽ صنعتي شريفن جو تختو اونڌو ڪرڻ سان ئي سڌري سگهي ٿي.“
انهن ئي ڏينهن ۾ اينجلس جي ملاقات ميري برنز نالي هڪ آئرش ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا اينجلس جي پيءُ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪلارڪ هئي. اينجلس ميري برنز سان گڏ مزدور وسندين ۾، خاص ڪري آئرش وسندين ۾ ويندو رهندو هو. اها ملاقات هوري هوري دوستيءَ ۽ پوءِ گهري محبت ۾ بدلجي وئي. اينجلس ميري برنز سان شادي ڪئي.
مزورن جي زندگين جي حالتن جي مشاهدن، مزدور تحريڪ سان لاڳاپي ۽ چارٽسٽ ۽ سوشلسٽ اڳواڻن سان ملاقات جي ڪري اينجلس جا خيال هوري هوري پختا ٿيڻ لڳا. هن اقتصاديات جي نظرياتي رُخن کان آگاهيءَ لاءِ ايڊم اسمٿ، ريڪارڊو، مالٿس ۽ بنٿم جا ڪتاب پڙهيا، سرڪاري رپورٽن کي جاچيو ۽ برطانيا جي خيالي سوشلسٽنل _ رابرٽ اووين، ٽامسن، هاجڪن، بري، جان گري ۽ باربني وغيره سرمائيداري نظام تي جيڪي اعتراض ڪيا هئا، انهن مان به فائدو ورتو. ان مطالعي ۽ ذاتي تجربن جو ست اهي مضمون آهن جيڪي اينجلس برطانيا ۾ رهڻ دوران جرمنيءَ ۾ سئٽزرلئنڊ جي اخبارن ۾ لکيا. انهن مضمونن ۾ هن سرمائيداراڻي مقابلي ۾ انسانيت کي گهٽائيندڙ نتيجن، مالٿس جي آباديءَ جي نظريي، برطانيا جي معاشي بحران، اجورن جي قانون ۽ سائنس جي ترقيءَ بابت سوشلسٽ نُڪتي نظر کان تنقيد ڪئي هئي.
برطانيا جا مزور تنهن وقت تائين فرانس ۽ جرمنيءَ جي سوشلسٽ تحريڪن کان بلڪل اڻڄاڻ هئا، تنهنڪري اينجلس اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ رابرٽ اووين جي سوشلسٽ اخبار ”نئين اخلاقي دنيا“ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ان نتيجي تي پهتو ته ڪميونزم ڪنهن خاص ملڪ جي قومي تحريڪ ناهي پر بين الاقوامي انقلابي تحريڪ آهي ۽ سڀني انقلاب پسندن کي ان ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو. هن جرمنيءَ ۽ فرانس جي ڪميونسٽ تحريڪن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ خيال ظاهر ڪيو ته:
”يورپ جا ٽي وڏا ۽ مهذب ملڪ برطانيا، فرانس ۽ جرمني ان نتيجي تي پهتا آهن ته سماجي تنظيمن جو جامع انقلاب، جيڪو گڏيل ملڪيتن تي جڙيل هجي، تڪڙي ۽ اڻٽر ضرورت بڻجي چڪو آهي. اهو نتيجو غور لائق آهي ته ٽئي ملڪ ان تائين ڌار ڌار رستن تان پهتا آهن. اها حقيقت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪميونزم انگريز يا ڪنهن ٻِي قوم جي مخصوص حالت جو نتيجو ناهي پر جديد تهذيب جي عام سچائين مان ورتل آهي... ان ڪري ٽنهي قومن کي گهرجي ته هڪ ٻئي کي سمجهن ۽ ڄاڻن ته اهي ڪيتريءَ حد تائين هڪ ٻئي سان اتفاق ڪن ٿيون ۽ ڪيتريءَ حد تائين اتفاق نه ٿيون ڪن.“ (ص-39)
مئي 1843ع ۾ اينجلس لنڊن وڃي انهن جرمن ڪميونسٽن سان مليو جن ڀڄي اچي برطانيا ۾ پناهه ورتي هئي. اهي هڪ ڳجهي تنظيم _ انصاف پسند ليگ _ جا رڪن هئا. انهن مان هڪڙو پريس مزور هو، ٻيو موچي ۽ ٽيون واچون ٺاهيندڙ. اينجلس لکي ٿو ته ”اهي پهريان انقلابي پورهيت هئا جن سان مان مليس، اسان جن خيالن ۾ گهڻو ئي فرق هو. مثال طور اهي تنگ نظر مساواتي ڪميونزم جو شڪار هئا ته مان تنگ نظر فلسفياڻي غرور ۾ هيس. پر انهن ٽنهي سچن ماڻهن جي شخصيتن مون تي گهرو اثر ڇڏيو، مان جيڪو اڃا تائين ماڻهو بڻجڻ جي خواهش کان اڳڀرو نه ٿيو هيس.“ هنن اينجلس کي انصاف پسند ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر اينجلس انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو مساواتي ڪميونزم ۽ سازشي طريقيڪار، ٻنهي جي خلاف هو.
برطانيا ۾ رهڻ دوران ئي اينجلس آرنلڊ روج ۽ ڪارل مارڪس جي رسالي لاءِ ”اقتصاديات جو تنقيدي جائزو“ مضمون لکيو، جنهن ۾ اينجلس پهريون ڀيرو سرمائيداري نظام ۽ اقتصاديات تي تاريخي ماديت جي روشنيءَ ۾ تبصرو ڪيو هو. ان لحاظ کان اينجلس پهريون سوشلسٽ آهي جنهن سرمائيداراڻي معاشري جي معاشي رشتن کي تاريخي ماديت جي انهن اصولن تي پرکيو جيڪي پوءِ مارڪسزم جو بنياد مقرر ٿيا. هو سرمائيداراڻي اقتصاديات کي ”دولتمنديءَ جو هنر“ چوي ٿو ”جنهن جي ڀروئن تي بيحد بُڇڙي خودغرضيءَ جي عنبر لڳل آهي... اقتصاديات جا عالم اسان جي دؤر جي جيڏو ويجهو ايندا وڃن ٿا، ايمانداريءَ سان ايڏو ئي پري ٿيندا وڃن ٿا.“
اينجلس ان مضمون ۾ مرڪنٽائل سسٽم ۽ آزاد واپار جي نظرين کي به جاچيو ۽ ٻڌايو ته فيڪٽريءَ جي نظام ڪيئن ڪٽنب جي وحدت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيئن ذاتي مفاد سماجي قدرن تي قاض ٿي پيا آهن، پر سندس خيال ۾ نئون نظام تڏهن به جاگيرداري نظام کان ڀلو آهي، ڇو ته اهو معاشري کي اڳتي وٺي وڃي ٿو ۽ هڪ منصفاڻي نظام لاءِ راهه ٺاهي ٿو. سرمائيدار طبقو ۽ سندس پڙهو ڏيندڙ اهو نه ٿا ڄاڻن ته اهي پنهنجين مڙني خودغرضين باوجود انسانذات جي آفاقي ترقيءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڪَڙِي آهن. اهي ان عظيم تبديلي لاءِ زمين سنواري رهيا آهن جنهن ڏانهن هيءَ صدي وڌي رهي آهي... انسانذات جي مفاهمت فطرت سان ۽ پنهنجو پاڻ سان. (ص-183)
قدر (Value) جي بحث ۾ اينجلس قدر جي واهپي ۽ تبادلي جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته قدر اصل ۾ پيداوار جي خرچ ۽ فائدي جي گڏيل رشتي جو نالو آهي. افاديت هر شَي جي بنيادي خاصيت آهي جڏهن ته تبادلو ان جي ثانوي حقيقت آهي.
اينجلس ان نظريي سان متفق ٿئي ٿو ته ”ناڻو گڏيل ڪيل (ميڙيل) پورهيي“ آهي، البت اها انساني محنت هوا ۾ ڪم نه ٿي ڪري، پر قدرتي شين جي ترتيب، ٺهڻ ۽ نئين سر تخليق ٿيڻ ۾ استعمال ٿئي ٿي. ”ان ڪري پيداوار ۾ فقط ٻه عنصر ڪم ڪن ٿا، پهريون فطرت ۽ ٻيو ماڻهو. ماڻهو، جيڪو جسماني ۽ روحاني، ٻنهي قسمن جي محنت ڪري سگهي ٿو“. اينجلس وٽ پيداوار جو سڀ کان اهم عنصر پورهيو آهي... ”دولت جي نڪرڻ وارو هنڌ، جڳهه، پر سرمائيداري نظام ۾ پهريائين ته ناڻي ۽ پورهيي جو فرق ٺاهيو ويو جيتوڻيڪ ناڻو پاڻ گڏ ڪيل پورهيو آهي. ان کان پوءِ پورهيو ۽ پورهيي جي پيداوار کي هڪ ٻئي جو مخالف بڻايو ويو، هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ مزور جي اجوري کي بازاري مقابلي تحت ڪيو ويو، البت جيڪڏهن اسان ذاتي ملڪيت کان آجپو ماڻي وٺون ته اها غيرفطري جدائي ختم ٿي ويندي، پورهيو پاڻ پنهنجو اجر ٿي پوندو ۽ پورهيي جي اجوري جي اصلي نوعيت چٽي نظر اچڻ لڳندي، جيڪا هيءَ آهي ته پيداوار جي لاڳت جو انحصار پورهيي تي آهي.“ (ص-193)
مقابلي ۽ دعويداريءَ جي وچ ۾ جيڪو جدلي رشتو آهي، اينجلس ان جي وضاحت ڪندي لکيو ته مقابلو ۽ برتري سرمائيدار معاشري جو مزاج آهي. سگهارو ڪمزور تي قبضو ڪري ٿو، وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي ٿي، وڏو صنعتڪار ننڍي صنعتڪار کي، وڏو بينڪر ننڍي بينڪر کي ڳهي وڃي ٿو، پر دعويداريءَ سان مقابلي جي لعنت ختم نه ٿيندي، اها مسلسل وڌندي ويندي. اينجلس موجب سرمائيداري نظام جي ناپائداري ۽ سُڃي ٿيڻ جو چٽو ثبوت معاشي بحران آهي، جيڪو هر ڏهين پندرهين سال سڄي معاشري کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو. گهرج پهچ جو ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي، ڇو ته هڪڙي صنعتڪار کي ٻئي صنعتڪار جي پيداواري سگهه جي خبر ناهي هوندي. بازارون سامان سان ڀرجي وينديون آهن، مقابلي جي رفتار اڃا تکي ٿي ويندي آهي، پر خريدارن ۽ سندن خريدي قوت ان لحاظ کان ناهي وڌندي، تنهنڪري مقابلي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ ذاتي ملڪيت جي لعنت کي ختم ڪرڻو پوندو.
اينجلس لڳ ڀڳ ٻه سال جرمنيءَ ۾ گذاريا. انقلابي تربيت جو اهو مدو سندس لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ثابت ٿيو. هو مزورن جي زندگيءَ، سندن مسئلن ۽ سندن تحريڪن کان ئي واقف نه ٿيو پر پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان هن ماڻهوءَ جي سماجي ارتقا جو قانون به ڄاڻي ورتو ۽ پورهيتن جي آجپي جا اصول ۽ ضابطا به چٽا ڪيا. مطلب ته برطانيا ۾ رهائش اينجلس جي فڪر ۽ نظر کي اها ئي روشني ڏني جيڪا مارڪس کي پيرس ۾ رهڻ سان ملي هئي. اينجلس جرمنيءَ موٽندي، سيپٽمبر 1844ع ۾ ڏهن ڏينهن لاءِ پيرس ۾ ترسيو، جنهن جو مقصد مارڪس سان ملڻ ۽ سوچن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو، تنهنڪري اهي ڏهه ڏينهن اينجلس مارڪس جي ساٿ ۾ گذاريا ۽ ٻئي ڄڻا ان نتيجي تي پهتا ته سندن انقلابي نظريا به هڪجهڙا آهن، ته اصلي مقصد ۽ طريقيڪار ۾ به هڪ ٻئي سان مڪمل متفق آهن. سندن گڏيل سرگرميون انهن ئي تاريخي ملاقاتن سان شروع ٿيون ۽ تڏهن ختم ٿيون جڏهن اينجلس 17 مارچ 1883ع تي مارڪس جي ميت کي قبر ۾ لاٿو.
____
Fredrick Engels- Biography. P-36. Moscow.1974