تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب پنجون : مسيحي سوشلزم

”قدرت پنهنجون سڀ شيون سڀني انسانن جي گڏيل استعمال لاءِ ٺاهيون آهن. خدا سڀني شين کي تخليق جو حڪم ڏنو ته جيئن سڀني کي گڏيل رزق ملي ۽ زمين سڀني جي گڏيل ملڪيت هجي، تنهنڪري سڀني کي قدرت پاران گڏيل حق عطا ٿيو آهي، پر لالچ اهو حق ڪجهه ماڻهن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
حضرت عيسى اڄ کان لڳ ڀڳ 1975 سال اڳ فلسطين جي شهر بيتُ لحم ۾ پيدا ٿيو. سندس والده حضرت مريم گليل صوبي جي ناصره شهر جي رهندڙ هئي. سندس مڱڻو يوسف نالي هڪ واڍي سان ٿيو، جيڪو يهوديه صوبي جي بيت لحم شهر مان اچي ناصره ۾ رهيو هو. فلسطين تي انهن ڏينهن ۾ روم سلطنت جي شهشاهه قيصرآگستس (63 ق.م- 14ع) جو قبضو هو. هن فلسطين کي ٽن صوبن گليل، يهوديه ۽ اتوريه ۾ ورهائي ڇڏيو هو. گليل جو صوبيدار هيروديس انيطپاس هو، يهوديه جو پانيطاس پيلاطوس ۽ اتوريه جو فلپس، جيڪو هيروديس جو ڀاءُ هو.
انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيو ته قيصر آگستس پاران يهودين جي آدمشماريءَ جو حڪم جاري ٿيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو پنهنجن پنهنجن اباڻن شهرن ۾ وڃن ۽ نالو لکرائن. بس يوسف به حضرت مريم کي (جيڪا حامله هئي) وٺي، پنهنجي اباڻي شهر بيت لحم ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ کين رات گذارڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملي، تنهنڪري هن هڪ سراءِ ٻاهران ديرو ڪيو. حضرت عيسى اتي پيدا ٿيو ۽ حضرت مريم کيس ڪپڙي ۾ ويڙهي جهوليءَ ۾ رکيو.
اٺن ڏينهن کان پوءِ حضرت عيسى جا والدين ٻارڙي کي کڻي يروشلم هليا ۽ موسوي شريعت موجب ولادت جون رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ ناصره موٽي آيا ۽ ”اهو ٻار وڌندو ۽ سگهارو ٿيندو ويو ۽ حڪمت سان ڀرپور ٿيندو ويو.“
فلسطين ۾ رومين جي حڪومت هئي، پر اهي يهودين جي سماجي ۽ مذهبي معاملن سان ڪا به هٿ چراند نه ڪندا هئا، ايتري قدر جو يهودين جا مقدما به يهودي ڪاهن سردارن جي عدالت ۾ ئي پيش ٿيندا هئا. هنن يهودين رئيسن ۽ مذهبي پيشوائن کي پنهنجو هم خيال بڻائي ڇڏيو هو. اهي ماڻهو صدوقي سڏائيندا هئا. تعليم يافته هئڻ ڪري انهن تي رومي تهذيب جو ڏاڍو گهرو اثر هو. هو عام يهودين جي آزاديءَ جي تحريڪن جي مخالفت ڪندا هئا ۽ رومي غلبي جا ڏاڍا حامي هئا. ٻيو طبقو فريسين جو هو. اهي وچولي طبقي جا ماڻهو هئا جيڪي موسوي شريعت جي ريتن رسمن جي پابندي ڏاڍي جوش خروش سان ڪندا هئا، پر موسوي شريعت جي اصل روح جي قطعي پرواهه نه ڪندا هئا. ٽيون ٽولو، جيڪو ننڍو هو، بنائين جو هو، جن پنهنجون سوشلسٽ وسنديون وسايون هيون ۽ يهودي سماج سان ڪو به واسطو نه رکندا هئا. چوٿون طبقو عام ماڻهن جو هو جيڪو هاري، هنرمند يا پورهيت هو. هي طبقو ٻِٽي ظلم جو شڪار هو. ان کي هڪ طرف رومي حڪمران تنگ ڪندا هئا ته ٻئي طرف صدوقي ۽ فريسي ڦريندا هئا. انهن ڪڏهن به کل خوشيءَ سان رومين جي اطاعت قبول ڪا نه ڪئي پر جڏهن به کين موقعو ملندو هو تڏهن بغاوت برپا ڪري ڇڏيندا هئا. ان کان سواءِ هو پنهنجي نجات ڏياريندڙ جا به منتظر هئا جنهن جي اڳَ ڪٿي انهن جا نبي ڪري چڪا هئا. انهن جو عقيدو هو ته سندن نجات ڏياريندڙ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ايندو ۽ کين ظالمن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائي، ملڪ ۾ خدا جي بادشاهت قائم ڪندو. ان بادشاهي ۾ ننڍي وڏي ۽ امير غريب جو فرق نه هوندو پر عدل ۽ برابريءَ جو ڪنڌ مٿي هوندو.
خيالن جي هڪ ٻي لهر هئي جنهن کان شام ۽ فلسطين جو دانشور طبقو ڏاڍو متاثر هو. اهو رواقي فلسفو هو، جنهن جو باني زينو انهيءَ ئي علائقي سان تعلق رکندو هو. زينو چوندو هو، ته ڪائنات جون سڀ شيون هڪ اڪيلي نظام جو جزو آهن. ان نظام کي نيچر (فطرت) يا قدرت چوندا آهن. انسان جي زندگي تڏهن خير جي زندگي ٿي سگهي ٿي جڏهن اها قدرت سان هڪ ڪَري هجي ۽ قدرت جي قانونن پٽاندر هجي.
رواقين کي دنيا وارن کان اها شڪايت هئي ته هنن فطري دين کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجن گهڙيل اصولن هيٺ شهري سماج قائم ڪري ورتو آهي، ذاتي ملڪيتون ٺاهيون آهن ۽ حرص ۽ لالچ ۾ ڦاسي ويا آهن. انهن جي تعليم حقيقت ۾ ان صورتحال خلاف هڪ احتجاج هئي. هُو پراڻي قبائلي زندگيءَ جي ثنا ڪندا هئا، ڇو ته اها زندگي قدرت جي گهڻو ويجهو هئي. ان قدرت پرستيءَ جي تهه ۾ تهذيب ۽ تمدن تي ملامت جو پهلو نڪتو ٿي ۽ اها خواهش لڪل هئي ته انسانذات پوئتي موٽي يا پنهنجن سماجي ادارن جي سندن پراڻن قدرن مطابق نئين سر تنظيم ڪري. شهر وسائڻ، واپار ڪرڻ، صنعت ۽ هنر کي وڌائڻ سندن ويجهو انسان کي ان جي دل پسند تصور (آئيڊيل) کان پري ڪري ڇڏي ٿو.
فلسطين جو ذهني ماحول انهن ٻن وهڪرن جي ميلاپ مان ٺهيو هو. رواقي فلسفو شام کان يونان پهتو ۽ يونان کان روم، تنهنڪري پهرين صديءَ ۾ روم جي وڏن شاعرن ۽ فلسفين ۾ رواقي فلسفي جو ڏاڍو اثر هو ۽ اهي دانشور پنهنجين لکڻين ۾ ان قدرتي دين جو ذڪر ڏاڍي حسرت سان ڪندا هئا جنهن ۾ مال ۽ دولت جي پاسي کان بي فڪري هئي، نه ڪا شَي منهنجي هئي، نه تنهنجي. مثال طور، لاطيني زبان جو عظيم شاعر ورجل (70- 19 ق.م) پنهنجي نظم ۾ ان سونهري دؤر جي باري ۾ لکي ٿو:
”ٻنين جي وچ ۾ ٻنا ڏنل ڪو نه هوندا هئا ۽ نه ئي ورهاست جو نشان يا سَنـڌو ٺاهيو ويندو هو پر سڀ شيون گڏيل هيون.“
۽ ورجل جي زماني جو شاعر هوريس (65-8 ق.م) وچ ايشيا جي چراگاهن ۾ رهندڙ سيٿين قوم جي ماڻهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
”ميدانن جا رهاڪو سيٿين، جيڪي لاڏائو خيمن ۾ رهن ٿا ۽ اسان کان وڌيڪ خوش ۽ سکيا آهن، انهن جي ٻنين جي وچ ۾ ملڪيت جا نشان نه هوندا آهن. اهي سال به سال هڪ جاءِ رهي ٻني ڪندا آهن ۽ ميويدار وڻن جو ميوو کائيندا آهن ۽ فصل اڻندا آهن. تڏهن هو پنهنجي محنت کي آرام پهچائيندا آهن ۽ اتان لڏي ويندا آهن، انهن جي جاءِ تي ڪو ٻيو ٽولو اچي رهندو آهي.“
انهن مان سڀ کان وڏي شخصيت سينيڪا (Seneca) جي هئي. هو اسپين جو رهاڪو هو، پر ننڍپڻ ۾ ئي روم اچي رهيو. جوانيءَ ۾ تقرير جي زور ڪري مشهور ٿيو. 41ع ۾ شهنشاهه ڪلاڊيس جي حڪم سان جلاوطن ڪيو ويو. اٺن سالن کان پوءِ واپس سڏايو ويو ۽ شهزادي نيرو جو استاد مقرر ٿيو. نيرو جڏهن تخت تي ويٺو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ سينيڪا سندس خاص صلاحڪار ٿي رهيو ۽ آخرڪار نيرو جو عذاب مٿس نازل ٿيو ۽ بادشاهه کيس خودڪشي ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. سينيڪا پنهنجين ڪراين جون رڳون ڪَٽي ڇڏيون ۽ (هو رت وهي وڃڻ ڪري) مري ويو.
سينيڪا اڻ ڳڻين ڪتابن جو ليکڪ آهي. وچين زماني تائين يورپ جي دانشورن ۾ هن جون لکڻيون ڏاڍيون پسند ڪيون وينديون هيون. پراڻي زماني جي گڻن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته:
”جيستائين لالچ سماج جو ذهن گندو نه ڪيو هو ۽ غربت پيدا نه ٿي هئي تيستائين سماجي خوبين ۾ ملاوٽ نه آئي هئي، ڇو ته جيئن ئي انسان شين کي پنهنجي ذاتي ملڪيت مقرر ڪرڻ لڳو، ته گڏجي گذارڻ جو خاتمو ٿي ويو. ابتدائي انسان ۽ ان جو اولاد فطرت جي پوئواري ڪندا هئا _ نج ۽ نبار قدرت جي. پر جڏهن براين ڳاٽ کنيو، ته بادشاهه پنهنجو اختيار ڪرڻ لڳا ۽ قانوني فقرا نافذ ڪرڻ لڳا. ڪيترو نه سٺو هو اهو ابتدائي زمانو، جڏهن قدرت جون نعمتون گڏيل هيون ۽ سڀ ماڻهو انهن مان فائدو وٺندا هئا. انهن ڏينهنِ ۾ عيش ڪرڻ ۽ عشرت پسنديءَ انسان ۾ وٿيون ڪو نه وڌيون هيون ۽ نه ئي اهي هڪ ٻئي جو شڪار ڪندا هئا. اهي قدرت مان هڪ جيترو فيض حاصل ڪندا هئا. مان انهن کي سڀ کان وڌيڪ دولتمند انسان ڇو نه سمجهان جڏهن ته انهن ۾ هڪ به مفلس نه هو.“
هي هو اهو ماحول، جنهن ۾ حضرت عيسى جي پرورش ٿي ـــــ پاڻ هڪ مزدور جي گهر ۾ پليا هئا تنهنڪري کين ان ظلم ۽ بک جو ذاتي تجربو هو ۽ پاڻ سماجي خرابين جي سببن کان چڱيءَ طرح واقف هئا. سندس والدين سال ۾ هڪ ڀيرو فسح جي عيد جي موقعي تي يروشلم ضرور ويندا هئا. اتي حضرت عيسى کي يهودي پيشوائن جو واعظ ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو. پاڻ زبور ۽ توريت جو ذڪر غور سان ٻڌندا هئا پر سندن محبوب نبي يسعياه هو، تنهنڪري لوقا سندس جوانيءَ جو هڪ واقعو لکيو آهي ته:
”هو دستور موجب ڇنڇر (سبت) ڏينهن عبادتگاهه ۾ ويو ۽ پڙهڻ بيٺو ۽ يسعياه نبيءَ جو ڪتاب کيس پڙهڻ لاءِ ڏنو ويو ۽ پاڻ ڪتاب کولي اهو صفحو ڏٺائون جتي لکيل هو ته
”خداوند جو روح مون ۾ آهي
”ان ڪري جو هن مون کي غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مسيح بڻايو ۽ مون کي موڪليو آهي ته قيدين کي ڇوٽڪاري ۽ انڌن کي ديد جي خوشخبري ٻڌايان ۽ پيڙجندڙن کي آزاد ڪريان ۽ خداوند جي سال مقبولي جو اعلان ڪريان.“ 
۽ لوقا جي لکڻيءَ موجب ”ماڻهو سندس ڳالهين تي حيران ٿي، چوڻ لڳا ته ڇا هي يوسف واڍي جو پٽ نه آهي!“
مسيح ٽيهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ شروع ڪئي. پاڻ ڳوٺَون ڳوٺ ڦرندو ۽ عام ماڻهن کي سڌي رستي تي هلڻ ۽ نيڪي ڪرڻ جي تلقين ڪندو ۽ بيمارن جو علاج ڪندو ۽ ڏکين کي تسلي ڏيندو ۽ مظلومن کي خدا جي بادشاهيءَ جي خوشخبري ٻڌائيندو هو.
”مبارڪ آهيو اوهان، جيڪي غريب آهيو، ڇو ته خدا جي بادشاهي اوهان جي آهي. مبارڪ آهيو توهان، جيڪي بکيا آهيو، ڇو ته توهان آسودا ٿيندَو.“
عقيدتمند يهودين کي يقين ٿي ويو ته غريبن جو نجات ڏياريندڙ اچي ويو آهي ۽ اهي هزارن جي تعداد ۾ سندس چوڌاري اچي مڙيا ۽ ڪيترائي اهڙا هئا جن گهرٻار ڇڏي اچي مسيح جي شاگردي قبول ڪئي ۽ ان سان گڏ ماڻهن ۾ نئين مذهب جي تبليغ ڪرڻ لڳا. مسيح جا خاص شاگرد ٻارهن هئا. انهن ۾ ڪي ملاح هئا (پترس ۽ اينڊريون)، ڪو رنگساز (نيرولي) هو (لوقا) ۽ ڪو چمڙو سينگاريندڙ (شمعون) هو. مطلب ته سڀني جو تعلق هيٺئين طبقي سان هو.
هي نئون مذهب سنئون سڌو دولتمندن جي خلاف هو، تنهنڪري حضرت مسيح صاف صاف لفظن ۾ انهن جي مذمت ڪندو هو. پاڻ چوندو هو ته ”توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري نه ٿا سگهو“ ۽ سندس فيصلو هو ته دولتمند خدا جي بادشاهت جا ڏوهاري آهن.
”يسوع هڪ دولتمند کي ڏسي چيو ته دولتمندن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي، ڇو ته سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ جو ٽپي وڃڻ ان کان وڌيڪ سولو آهي ته دولتمند خدا جي بادشاهي ۾ داخل ٿئي.“
پاڻ فقيهن ۽ صدوقين کي به برو سمجهندا هو ۽ انهن جي ظاهري ڏيکائن ۽ رياڪارين تي ٽوڪ ڪندو هو.
”فقيهن کان خبردار رهجو جيڪي ڊگها ڊگها لباس پائي گهمڻ ڦرڻ جو شوق رکن ٿا ۽ بازارن ۾ سلام ۽ عبادتگاهن ۾ اعلى درجي جي ڪرسين تي ۽ ضيافتن ۾ صدر ٿي ويهڻ پسند ڪن ٿا. اهي بيواهن جي گهرن کي ڦٻائن ٿا ۽ ڏيکاءَ لاءِ نماز کي ڊگهو ڪن ٿا.“ 
حضرت مسيح کي پنهنجن خيالن جي تبليغ لاءِ رڳو ٽن سالن جي وٿي ملي، پر ان ٿوري عرصي ۾ به فلسطين جا هزارين ماڻهو سندس مريد ٿي ويا ۽ يهودي پيشوائن کي اهو خطرو ٿي پيو ته جيڪڏهن هن نئين فتني کي منهن نه ڏنو ويو ته فلسطين جي صدوقين ۽ فريسين جي طبقاتي مفاد کي نقصان پهچندو، تنهنڪري حضرت مسيح تي مذهب ۽ رومي سلطنت سان بغاوت جو الزام هنيو ويو ۽ کيس صليب تي چاڙهيو ويو. حضرت مسيح جي تعليم کي سندس چئن شاگردن ــــــ متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا ـــــــ مرتب ڪيو آهي. اهي تصنيفون انجيل جي نئين عهدنامي جي نالي سان مشهور آهن. انجيل ۾ اسان کي پراڻي سوشلزم جو ڪو چِٽو تصور ڪو نه ٿو ملي. حضرت مسيح نه طبقاتي فرق جي مخالفت ڪري ٿو ۽ نه ئي زمين کي هارين ۾ ورهائڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ نه برابريءَ جي تلقين ڪري ٿو. ان هوندي به سندس همدرديون محتاجن، غريبن ۽ مظلومن سان گڏ آهن ۽ پاڻ دولتمندن ۽ ڪاهن سردارن جي طبقن جو سخت مخالف هو.
سندس روزاني زندگي به انهن جي فڪر جي شهادت ڏئي ٿي، تنهنڪري سندس ڏينهن ۽ راتيون غريبن ۾ گذرنديون هيون. پاڻ ۽ سندس شاگرد غريبن جهڙا ٿلها پراڻا ڪپڙا پائيندا هئا، غريبن جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ انهن جهڙو کاڌو کائيندا هئا. دولت جي لالچ کين نه ٿيندي هئي ۽ شان شوڪت، عهدي، رتبي جي خواهش کين ڪڏهن به نه ستائيندي هئي. اهي صحيح معنى ۾ انسان دوست هئا ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ سندن حياتيءَ جو مسلڪ هو، تنهنڪري حضرت مسيح جي ٻارهن شاگردن مان هڪ، يعقوب، ان ڳالهه تي ڪاوڙ ظاهر ٿو ڪري ته دولتمند طبقو پورهيتن جو استعمال ڪري ٿو ۽ کين سندن حق کان محروم ڪري ٿو.
”اي دولتمندو! توهان پنهنجين مصيبتن تي، جيڪي توهان تي اچڻ واريون آهن، رؤ، پِٽيو، واويلا ڪيو. توهان جو مال خراب ٿي ويو ۽ توهان جي لباسن کي ڪينئان کائي ويا، توهان جي سونَ ۽ چانديءَ تي ڪَٽ چڙهي وئي ۽ اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهه جيان توهان جو گوشت ڳاريندي... ڏسو، جن مزدورن توهان جا فصل لڻيا انهن جي اها مزدوري، جيڪا توهان دغا ڪري رکي ڇڏي آهي، رڙيون ڪري ٿي ۽ فصل لڻندڙن جون دانهون فوجن جي خدا جي ڪنن ۾ پهچي ويون آهن.“
حضرت مسيح جي وفات کان پوءِ به سندس شاگردن جي زندگي انهيءَ راهه تي هلندي رهي، پر پنهنجي انفراديت برقرار رکڻ لاءِ هنن پنهنجي حياتيءَ جي نموني کي سوشلسٽ انداز ۾ ڦيرائي ڇڏيو. هو گڏجي رهندا هئا، گڏجي کائيندا هئا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت هنن گڏ ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري لوقا ”عملن جي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته:
”۽ جن ايمان آندو هو اهي سڀ گڏجي رهندا هئا ۽ سڀني شين ۾ شريڪ هئا ۽ پنهنجي ملڪيت ۽ سامان وڪڻي هر هڪ ۾ ضرورت موجب ورهائي ڇڏيندا هئا.“ 
اڳتي هلي هو ان ٽولي جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”۽ ايماندارن جي جماعت هڪ دل ۽ هڪ روح هئي ۽ ڪنهن به پنهنجي مال کي پنهنجو نه چيو پر انهن جون سڀ شيون گڏيل هيون. انهن ۾ ڪو به محتاج نه هو، ان ڪري جو جيڪي ماڻهو زمين يا گهرن جا مالڪ هئا انهن کي وڪڻي، وِڪيل شين جي قيمت آڻيندا هئا ۽ رسولن جي پيرن ۾ آڻي رکندا هئا. پوءِ هر هڪ کي ان جي ضرورت جيترو ورهائي ڏنو ويندو هو.“
ٻڌمت جي ساڌن جي زندگيءَ جو نمونو به ان قسم جو هو، تنهنڪري شروعاتي دَور جا عيسائي پيشوا ۽ سندن مريد جيڪڏهن گڏجي زندگي گذاريندا هئا، ته اها ڪا انوکي ڳالهه نه هئي ۽ نه ئي وري ان مان ڪو نتيجو ڪڍڻ گهرجي ته هنن سوشلسٽ نظرين کي قبول ڪري ورتو هو. انهن ضرورت جي ڪري ايئن ڪيو هو، عقيدي جي ڪري نه. ان جي ضرورت ان ڪري هئي جو کين نئين مذهب جي تبليغ ڪرڻي هئي ۽ جن ماڻهن رومي ۽ يهودي تشدد باوجود مسيح تي ايمان آندو هو، انهن جي حفاظت ڪرڻي هئي. انهن جو پاڻ ۾ ڀائيچاري، سهڪار ۽ ٻڌيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻو هو ته جيئن انهن ۾ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ اهي دشمنن کان نه ڊڄن، تنهنڪري اسان کي عيسائين جي ننڍن ننڍن سوشلسٽ ڳوٺن جو نشان تاريخ جي صفحن تي ته گهڻو ئي ملي ٿو، پر اسان کي اهڙا عيسائي مبلغ ڪڏهن ڪڏهن نظر اچن ٿا جن کي ٻين به سوشلسٽ انداز ۾ رهڻ يا سوچڻ جي تلقين ڪئي هجي يا انهن سوشلسٽ سماج قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.
بهرحال مسيح جي شاگردن پنهنجي ۽ پنهنجن ٿورن عقيدتمندن جي لاءِ سوشلسٽ زندگيءَ جي جيڪا روايت قائم ڪئي هئي، اها مذهبي پيشوائن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سَو سالن تائين جاري رهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته جڏهن عيسائي مذهب يوناني ۽ لاطيني (اٽليءَ وارن) علائقن ۾ پکڙيو، ته شروع ۾ اهو انهن علائقن ۾ به مظلومن ۽ غريبن جو مذهب ٿي رهيو ــــــ اهي ماڻهو قدرتي طرح دولتمندن کان نفرت ڪندا هئا تنهنڪري انهن جي پيشوائن کي به سندن هم آواز ٿيڻ ۾ زندگيءَ جو اهڙو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو هو جيڪو دولتمندن کان مختلف هجي، تنهنڪري ارنيسٽ رينان لکي ٿو ته:
”بس سڀ ماڻهو سوشلسٽ زندگي گذاريندا هئا، انهن جون دليون ۽ انهن جا روح پاڻ ۾ هم آواز هئا. ڪنهن وٽ ڪا به اهڙي ملڪيت نه هئي جنهن کي هُو پنهنجو چئي سگهيو پئي. مسيح جو پوئلڳ پنهنجي سڀ جائداد وڪڻي رقم سوسائٽيءَ (پنهنجي جماعت) جي حوالي ڪندو هو.“
اهي ماڻهو مسيح جي شاگردن جي زندگيءَ کي پوئواريءَ لائق سمجندا هئا ۽ انهن جي ڪوشش هوندي هئي ته عوام ۾ رلي ملي رهڻ گهرجي. اهڙن درويش صفت مسيحي پيشوائن جي لسٽ ڊگهي آهي. مثال طور، سنت باربناس، جيڪو ٻي صديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي، چوي ٿو ته:
”پنهنجين سڀني شين ۾ پنهنجن پاڙيسرين کي شريڪ ڪيو، ڪنهن شَي کي پنهنجي ملڪيت نه سمجهو، ڇو ته توهان جن شين جي گڏيل استعمال جا قائل آهيو ۽ جيڪي خراب نه ٿيون ٿين (هوا، روشني، پاڻي وغيره)، ته پوءِ انهن شين جو گڏيل استعمال ڪيترو نه لازمي آهي، جيڪي فنا ٿي وڃن ٿيون.“
اهڙيءَ طرح جسٽن شهيد (100-165ع)، جنهن کي روم ۾ صليب تي چاڙهيو ويو، چوي ٿو ته:
”اسان جيڪي هاڻي کان اڳ سڀني شين کان وڌيڪ دولت ۽ ملڪيتن جي راهه کي پسند ڪندا هئاسون، گڏجي پيدا ڪيون ٿا ۽ ماڻهن ۾ سندن ضرورت جيترو ورهايون ٿا.“
پادري ترتولين (23ع-150ع) اٽلين هو ۽ لبيا ۾ مسيحي دين جي تبليغ ڪندو هو. هو چوندو هو ته ”اسان ۾ زال کان سواءِ باقي سڀ شيون گڏيل آهن.“ ساڳيءَ طرح لبيا جو هڪ ٻيو مشهور پادري سنت سپرين (وفات 258ع) چوندو هو ته:
”جيڪو ڪجهه خدا طرفان عطا ٿئي ٿو، اهو سڀني جي گڏيل استعمال لاءِ آهي. ان جي فضل ۽ ڪرم کان ڪنهن کي به محروم نه ٿو ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن سڄي انسانذات ان جي سخاوت ۽ عنايت مان برابر هڪجيترو فائدو حاصل ڪري.“
ليڪٽئنشيئس (Lactantius) (260ع-340ع) وڏو عالم ۽ فاضل آفريڪي پادري هو. هُو افلاطون جي تعليمن کان ڏاڍو متاثر هو، تنهنڪري عورت کان سواءِ هو سڀني شين ۾ گڏپ جو زبردست حمايتي هو ۽ انهن سونهري ڏينهن کي اڪثر ياد ڪندو هو جڏهن دنيا ۾ نيڪيءَ جي حڪومت هئي ۽ سڀ شيون گڏيل هيون ۽ ماڻهو کل خوشي سان گڏجي رهندا هئا.
سنت بازيل اعظم (330ع-379ع) يوناني هو ۽ قيصريه ۾ پادريءَ جا فرض نڀائيندو هو. هو به دولت کي نفرت سان ڏسندو هو:
”دولت جي قوت جو ڪو به مقابلو ڪري نه ٿو سگهي. ان جي زور آڏو هر شَي جهڪي پوي ٿي... ڇا توهان (دولتمند) چور ۽ ڌاڙيل ڪو نه آهيو؟ توهان وٽ جيڪو کاڌو آهي، اهو بکين جي ملڪيت آهي، جيڪو لباس توهان پائي گهمو ٿا، اهو اگهاڙن جي ملڪيت آهي، جيڪو جوتو توهان پاتو آهي، اهو اگهاڙن پيرن جي ملڪيت آهي ۽ جيڪي چانديءَ جا ذخيرا توهان گڏ ڪيا آهن، اهي حاجتمندن جي ملڪيت آهن.“
پر هو رڳو دولت ۽ دولتمندن جي لعنت ملامت تي بس نه ٿو ڪري، پر گڏيل ملڪيت جي هدايت ڪري ٿو:
”اسان ماڻهو، جن کي عقل عطا ٿيو آهي، انهن جانورن کان به وڌيڪ ظالم آهيون جيڪي بي عقل آهن. جانور ته زمين جي پيداوار کي گڏيل شين طور استعمال ٿا ڪن، ڌڻ هڪ ئي گڏيل چراگاهه ۾ چرن ٿا، گهوڙا گڏجي هڪ ئي جهنگ ۾ چرن ٿا، پر اسان انهن شين کي پنهنجي ذاتي ملڪيت بڻائي ڇڏيون ٿا جيڪي سڀني لاءِ گڏيل آهن... اچو، اسان يونانين ۽ انهن جي حياتي گذارڻ جي طريقي جي پوئواري ڪيون، جيڪا انسان دوستيءَ تي ٻڌل هئي. اهي ماڻهو هڪ ئي دسترخوان تي گڏجي ويهي کاڌو کائيندا هئا.“ (اسپارٽا جو سماج مراد آهي).
جان ڪراءِ سوستم (Chrysostom) (347ع-407ع) قسطنطنيه جو اعلى پادري هو. بازنطيني بادشاهه سان سندس اڪثر جهيڙو هلندو رهندو هو، ڇو ته هو پنهنجن واعظن ۾ ظلم ۽ نا انصافيءَ جي مخالفت ڪندو رهندو هو، تنهنڪري 403ع ۾ هن کي شهنشاهه ٿيوني لس جي حڪم سان لاٿو ويو ۽ جڏهن ماڻهن سندس حق ۾ مظاهرا ڪيا، ته شهنشاهه ان کي بحال ڪيو ۽ پوءِ جلاوطن ڪري ڇڏيو. هو مسيح جي شاگردن جي اختيار ڪيل گڏيل زندگيءَ جو حمايتي هو. پنهنجي هڪ خطبي ۾، جيڪو قسطنطنيه ۾ 400ع ۾ هن ڏنو، چيو هو ته:
”انهن (شاگردن) پنهنجي وچ ۾ سموري اڻ برابري ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ڏاڍو سٺو انتظام ڪيو هو. اهو ثابت ڪرڻ لاءِ، ته ڌار ڌار گهرن ۾ رهڻ ڏاڍو مهانگو هوندو آهي ۽ ان جي ڪري غريبي وڌندي آهي، ان ڪري هڪڙو ئي گهر هجي جنهن ۾ مڙس، زال ۽ ٻار سڀ گڏ رهن.
”عورت اُنَ ڪَتي ۽ مرد ڪم ڪري ۽ ڪمائي آڻي. هاڻي ٻڌايو ته انهن کي ڪفايت ڇا ۾ ٿيندي، گڏجي کاڌو کائڻ ۽ هڪ ئي گهر ۾ رهڻ وسيلي يا ڌار ڌار رهڻ وسيلي؟ بي شڪ گڏجي رهڻ وسيلي، ڇو ته ڏهه ٻار جيڪڏهن ڌار ڌار رهن ته انهن کي ڌار ڌار ڏهه ڪمرا، ڏهه ميزون ۽ ڏهه نوڪر گهربا. اهڙيءَ طرح آمدني به ورهائجي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو جتي غلامن جو گهڻو تعداد هوندو آهي، اتي انهن کي هڪ ئي ميز جي چوڌاري ويهاريو ويندو آهي، ته جيئن خرچ گهٽ ٿئي. ان مان ثابت ٿيو ته ورهاست کوٽ جو سبب بڻبي آهي ۽ گڏ ٿيڻ ۾ برڪت هوندي آهي. خانقاهن ۾ پادري اهڙيءَ طرح رهندا آهن جيئن مسيح جا شاگرد گڏ رهندا هئا. ڇا انهن مان ڪو به بکن وگهي مئو؟ پر اڄ ڪلهه ماڻهو ان قسم جي زندگيءَ کان ايترو ته خوف ٿا کائن جيترو انڌي کوهه ۾ ڪرڻ کان به نه ٿيندو هوندن.“
پادريءَ جا دليل اسان توهان کي ڏاڍا ٻاراڻا لڳندا پر انهن جي محرڪن ۽ مقصدن سان ڪنهن جو به اختلاف نه ٿو ٿي سگهي. هو رڳو اهو ثابت ڪرڻ ٿو چاهي ته ”سوشلسٽ سماجي زندگيءَ ۾ خرچ گهٽ ۽ سهولتون وڌيڪ ٿينديون آهن.“
سنت امبروز جي لکڻيءَ جو ٽڪرو اسان هن باب جي شروع ۾ ڏئي آيا آهيون. هُو اٽليءَ جي مِلان شهر جو پادري هو ۽ پنهنجي انسان دوستيءَ ۽ انصاف پسنديءَ جي ڪري پوپ ۽ شهنشاهه ٻنهي جي اک ۾ ڪَنڊي جيان پيو چُڀندو هو. هن شهنشاهه جي عتاب کان لاپرواهه ٿي سالونيڪا جي باغين جي کلي عام حمايت ڪئي ۽ شهنشاهه کي باغين جا مطالبا مڃڻ تي مجبور ڪيو.
عيسائيت جو مشهور پادري سنت آگستين (354ع-430ع) سندس شاگرد هو. پاڻ شروع ۾ ماني جو معتقد هو، پر سنت امبروز جي تعليم کان متاثر ٿي عيسائي ٿيو. هو توريت جو تفسير بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”منهنجا پيارا ڀائرو! ذاتي ملڪيت جي ڪري مقدمي بازيون ٿين ٿيون، ماڻهن جي وچ ۾ لڙايون ٿين ٿيون، جهيڙا ٿين ٿا، بغض ۽ ڪِينو پکڙجي ٿو، قتل ۽ ٻيا گناهه ٿين ٿا ۽ اهي سڀ ڪنهن لاءِ؟ ان ڪري، جو اسان جون جائدادون ڌار آهن، تنهنڪري منهنجا ڀائرو! اسان کي ذاتي ملڪيت کان بچڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن بچي نه سگهون، ته گهٽ ۾ گهٽ ان سان محبت ته نه ڪيون.“
پر جڏهن اتر آفريڪا جي عيسائي هارين پنهنجن غريب پادرين جي اڳواڻيءَ ۾ عيسائي نوابن ۽ جاگيردارن خلاف بغاوت ڪئي ته انهيءَ ئي سنت آگستين روم سلطنت ۽ رومي ڪليسا جي حمايت ڪئي ۽ باغين جي مخالفت ۾ رسالا لکيا.
مطلب ته تاريخ شاهد آهي، ته حضرت مسيح جي دؤر کان لڳ ڀڳ 400 سال پوءِ تائين، اهڙا ڪيترائي بيشمار مسيحي پيشوا ٿي گذريا آهن جيڪي دولت ۽ دولتمندن کان نفرت ڪندا هئا. اهي درويشن جهڙي سادي زندگي گذاريندا هئا ۽ هنن پنهنجي ۽ پنهنجن مريدن لاءِ گڏجي رهڻ وارن طريقن کي چونڊيو هو. اهي ذاتي ملڪيت کي سڀني براين جو بنياد سمجهندا هئا ۽ عيسائين کي ذاتي ملڪيت کان پري رهڻ جي هدايت ڪندا هئا.
پر هوري هوري جڏهن دولتمندن ۽ خود روم سلطنت جي حڪمرانن عيسائي مذهب قبول ڪيو، ته مسيحي ڪلسيا جو ڪردار بدلجي ويو. ان وقت تائين عيسائي پادري سرڪاري درٻار کان پري پنهنجي خانقاهن ۾ رهندا هئا ۽ مظلومن ۽ محتاجن جي دلجوئي ڪندا هئا، پر هاڻي ته پاڻ ئي دولت جا مالڪ ٿي پيا هئا. حضرت مسيح کي صليب ڏيڻ کان اڳ ڪَنڊن جو تاج پارايو ويو هو، پر هاڻي ان جا پويان سونَ ۽ جواهرن جو تاج پائڻ لڳا هئا. اهي عاليشان گهرن ۾ رهندا هئا ۽ ڪلسيا جي لکن جي ملڪيت کي واهپي ۾ آڻيندا هئا. اڳ هو پنهنجن واعظن ۾ ذاتي ملڪيت جي مذمت ڪندا هئا، هاڻي هو ذاتي ملڪيت کي خدا جي عنايت چوندا هئا ۽ عوام کي اطاعت ۽ قناعت جو سبق ڏيندا هئا. مطلب ته مسيحي ڪليسا سلطنت جو اهم ٿنڀو بڻجي پئي. ان جو مفاد رياست سان ڳنڍجي ويو ۽ رياست جي ظلم ۽ ستم، لٽ ڦر جي لاءِ مذهبي جواز ڳولي پيش ڪرڻ لڳي. اها سوشلسٽ زندگي، جنهن تي حضرت مسيح جا شاگرد ۽ ٻيا عيسائي پيشوا ناز ڪندا هئا، هاڻي خواب ۽ خيال بڻجي وئي. ان جي ابتڙ ڪليسا عوام جي هر تحريڪ جي مخالفت کي ئي پنهنجو ڪم بڻائي ڇڏيو.
ان هوندي به عيسائن جو عام عقيدو اهو ئي هو ته حضرت مسيح ڄاڻ ٻيهر ظهور ڪندو ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کي دنيا مان ختم ڪري خدا جي بادشاهي قائم ڪندو، اها بادشاهي هڪ هزار سالن تائين رهندي، ان ۾ عدل، ڀائيچاري ۽ مساوات جي حڪومت هوندي، ڪو به ڪنهن جو محتاج نه هوندو، پر هر ماڻهو آسودِي ۽ خوشحال زندگي گذاريندو. ان کي ”عدل جو هزار ساله دور“ (millennium/ ملينيم) چوندا آهن، تنهنڪري اڄ به مغربي ٻولين ۾ ملينيم جو اصطلاح انهيءَ ئي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، پر نه حضرت مسيح ٻيهر ظهور ڪيو ۽ نه ئي مسيحي عقيدتمندن ڌرتيءَ جي جنت جو بهار ڏٺو.
رومن ڪلسيا جي اميراڻي رعب تاب (شان شوڪت) ۽ عام عيسائين جي زبون حاليءَ ڏانهن وڏن پادرين جي غفلت جي خلاف، ردعمل طور، يورپ ۾ اهڙيون مذهبي تحريڪون هَر هر اٿنديون رهيون جن جو مقصد ان اشتراڪي سماج ۽ قلندراڻي زندگيءَ جي تجديد هو جنهن کي مسيح جي شاگردن رواج ڏنو هو ـــــــ (ساڳئي قسم جو ردعمل مسلمانن ۾ تصوف جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو).
ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري اهڙو ئي هڪ مذهبي فرقو ڏکڻ فرانس ۽ اتر اٽلي ۾ پيدا ٿيو. چوَن ٿا ته ان فرقي جو باني پطروس والدوس نالي ليون شهر جو هڪ امير سوداگر هو، پر ان تي انجيل جو ڪجهه اهڙو اثر ٿيو، جو هن پنهنجو سموري ڌن دولت غريبن ۾ ورهائي ۽ مذهب جي تبليغ ڪرڻ لڳو. جلد ئي هزارين ماڻهو سندس مريد ٿي ويا خاص طرح ننڍا ننڍا ڪاريگر ۽ ڪوري. (1176ع).
ان فرقي جي پادرين لاءِ گڏيل اشتراڪي زندگي گذارڻ ۽ رهبانيت لازمي هئي پر عام مريدن کي شادي جي اجازت هئي. هُو جنگ ۽ فوجي خدمت جا سخت مخالف هئا ۽ پنهنجو گهڻو وقت غريب ٻارن جي تعليم تي صرف ڪندا هئا. شروع ۾ انهن جو رومن ڪلسيا کان ڌار ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه هو، پر انهن جي اشتراڪي تنظيم ڪلسيا کي صفا پسند نه هئي، تنهنڪري پوپ 1477ع ۾ انهن تي ڪاهه ڪئي ۽ هزارين والدوسي قتل ٿيا. جبر ۽ تشدد جو اهو سلسلو اڻويهين صديءَ تائين جاري رهيو.
برطانيا ۾ ”دهقاني اشتراڪيت“ (هارِي سوشلزم) جي تحريڪ تيرهين صديءَ ۾ شروع ٿي. اها تحريڪ انهن نوابن ۽ جاگيردارن جي دست درازين جي خلاف هئي جيڪي هارين جي گڏيل زمينن تي قبضو ڪري، انهن جي چوڌاري لوڙهو ڏيڻ لڳا هئا، ته جيئن اتي رڍون پاليون وڃن ۽ انهن جي اُنَ ڏيساور موڪلي وڃي. هارين بغاوت ڪئي ۽ لوڙهن کي ڀڃي ڇڏيو. انهن جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻا علائقا ۽ چراگاهَه جيڪي سڄي ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت هوندا آهن، کين موٽائي ڏنا وڃن.
هارين جي بغاوت کي ڪچليو ويو پر سندن قربانيون اجايون نه ٿيون، تنهنڪري چوڏهين صديءَ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي، جيڪا انهن ڏينهن ۾ برطانيا جو ذهني ۽ روحاني مرڪز هئي، مان اهڙا دانشور نڪتا، جن نوابن جي انهن ناانصافين کي مسيحي دين جي نفي سمجهيو. انهن هارين جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجن واعظن ۾ ”ڪميونزم کي خدا پرستيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو اقتصادي سماج قرار ڏنو“. ان وقت جو هڪ شاعر، جيڪو ڪميونزم جو مخالف هو، شڪايت ڪري ٿو ته:
اهي ماڻهو افلاطون جي تعليم ڏين ٿا
۽ سينيڪا جو مثال پيش ڪن ٿا
ته آسمان هيٺان سڀ شيون گڏيل هئڻ گهرجن. (لينگ لينڊ)
انهن دانشورن مان سڀ کان وڏو جان وائڪلف (وفات 1384ع) هو. هُو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ استاد هو، پر پوءِ پادري ٿي ويو. هو اعتدال پسند ڪميونسٽ هو، پر ان جو شاگرد جان پال ان کان اڳتي نڪري ويو. جان پال هارين ۾ واعظ ڪندو هو ۽ انهن کي اميرن (سفيد پوشن) خلاف بغاوت جي تلقين ڪندو هو. هُو چوندو هو ته شروع ۾ خدا سڀني کي برابر پيدا ڪيو، پر خود غرض انسانن هيٺ مٿاهين پيدا ڪري ڇڏي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو، ٻنين تي قبضو ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي خشڪ پنن جيان رستي تان هٽائي ڇڏيو جيڪي سوشلزم جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿين.
”عزيزو! انگلستان جي حالت ان وقت تائين سڌري نه ٿي سگهي جيستائين سڀ شيون گڏيل ملڪيت نه هجن. جيستائين آقا ۽ غلام باقي آهن، اسان ۾ مساوات نه ٿي ٿي سگهي. جن کي اسان اشرافيه (امير، سفيد پوش) چئون ٿا، انهن جي وجود جو ڪهڙو جواز آهي؟ هو اسان کان ڪهڙيءَ ڳالهه جي ڪري افضل آهن؟ هو اسان کي غلام ڇو ٿا بڻائن؟ جيڪڏهن اسان سڀ هڪ ئي آدم ۽ حوا جو اولاد آهيون، ته پوءِ هو ڪيئن اهو ثابت ڪري سگهن ٿا ته هو اسان جا آقا آهن ۽ اسان انهن جا غلام؟ هو اسان کي دولت پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ پوءِ ان دولت کي پنهنجي واهپي ۾ آڻن ٿا. هو پاڻ ته ريشم ۽ ڪيمخواب پائن ٿا ۽ اسان کي ٿلها پراڻا سوٽي ڪپڙا پائڻ تي مجبور ڪن ٿا. هو شراب، گوشت ۽ ميدي جي ماني کائن ٿا ۽ اسان کي سرنهن جي ماني به ميسر ڪانهي. هو عاليشان محلن ۾ رهن ٿا ۽ اسان ٻنين ۾ مينهن ۽ طوفان جون سٽون سهون ٿا، ۽ اسان ئي اهي آهيون جن جي ڪري سندن سڄو شان شوڪت قائم آهي، پر اسان نوڪر چاڪر سڏجون ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جو حڪم نه مڃون، ته اسان کي مار ملي ٿي.“
اهي باغياڻيون ڳالهيون هيون، تنهنڪري جان پال کي 1381ع ۾ ڦاهي ڏني وئي. انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻيو سوشلسٽ مذهبي فرقو بوهيميا (چيڪوسلواڪيا) ۾ پيدا ٿيو. ان جو پيشوا پادري جان هُس هو. جان هس کي رومن ڪلسيا جي حڪم سان باهه ۾ ڦٽو ڪري ساڙيو ويو (6-جون 1415ع) ۽ سندس لکڻين کي باهه ۾ ساڙيو ويو. هس جي پوئلڳن کي طابوري چوندا آهن، ڇو ته طابور شهر انهن جو مرڪز هو. هنن طابور ۾ ڪميونسٽ سماج قائم ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته مسيح جو هزار ساله حڪومت جو دؤر شروع ٿي ويو آهي. هاڻي هتي آقا ۽ غلام جو فرق نه هوندو پر عدل ۽ مساوات جو نظام رائج ٿيندو. اهڙا ئي مرڪز ٻين به ڪيترين ئي جاين تي کلي ويا. طابور ۾ سونَ جون کاڻيون هيون تنهنڪري صنعت ۽ هنر کي ڏاڍي ترقي ملي ۽ ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي اچي اتي آباد ٿيڻ لڳا. شهر جا رهاڪو هڪ ٻئي کي ”ڀاءُ“ ۽ ”همشير“ سڏيندا هئا ۽ پنهنجي پرائي جي فرق کي تسليم نه ڪندا هئا. انهن جي مذهبي پيشوائن جو چوڻ هو ته ”زمين تي نه ڪو بادشاهه هئڻ گهرجي ۽ نه مالڪ ۽ نه ئي وري ڪا رعيت. سڀ محصول ختم ٿيڻ گهرجن، ڪنهن تي به جبر ڪرڻ جائز نه آهي، سڀ شيون سڀني جي گڏيل ملڪيت هئڻ گهرجن، ان ڪري ذاتي ملڪيت وڏو گناهه آهي.“
پر طابور جو ڪميونزم صارفين جو ڪميونزم هو، دولت پيدا ڪرڻ وارن جو ڪميونزم نه هو. طابور جو هر گهراڻو ڌار ڌار دولت پيدا ڪندو هو ۽ رڳو وڌيڪ دولت خزاني (بيت المال) ۾ جمع ڪرائيندو هو، پر انهن جي تنظيم ڏاڍي سٺي هئي. هو ٻارن جي تعليم ۽ جوانن جي فوجي تربيت تي ڏاڍو زور ڏيندا هئا. انهن جو سوشلسٽ تجربو لڳ ڀڳ ويهن سالن تائين ڪاميابي سان هلندو رهيو پر هنن جو پيداواري طريقو سوشلسٽ نه هو، تنهنڪري سماج ۾ هوري هوري دولتمند طبقو اڀرڻ لڳو. ٻيو ته انهن جو علائقو چئني طرفن کان جرمن رياستن ۾ گهيريل هو. رياستن جا والي اهو ڪڏهن به برداشت ڪري نه پئي سگهيا ته انهن جي وچ ۾ ڪو سوشلسٽ تجربو ڪيو وڃي. هنن مئي 1424ع ۾ طابور تي ڪاهه ڪري ڏني. ان جنگ ۾ 18 هزار طابوري سپاهين مان 13 هزار وڍجي ويا ۽ طابوري ”اشتراڪيت“ جو خاتمو ٿي ويو.
مسيحي ڪليسا ۾، جيڪا پاڻ هڪ سلطنت بڻجي وئي هئي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان پوءِ هڪ زبردست انقلاب آيو. ان انقلاب جو محرڪ اهو سماجي، معاشي ۽ تهذيبي ”ٻيو دؤر“ (نشاة ثانيه) هو جيڪو چوڏهين صديءَ ۾ اٽليءَ جي واپاري بندرگاهن کان شروع ٿيو ۽ هوري هوري سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويو. ان انقلاب کي سڌارو (ريفارميشن، اصلاح) چوندا آهن. ريفارميشن ظاهري طرح مذهبي، پر حقيقت ۾ يورپ ۾ اڀرندڙ سرمائيدار قومي رياستن جي ڪلسيائي اقتدار خلاف اقتصادي ۽ سياسي احتجاج هو. ان تحريڪ جو اڳواڻ مارٽن لوٿر نالي هڪ جرمن پادري هو. هيءَ تحريڪ جرمنيءَ، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏاڍي مقبول ٿي ۽ اهڙيءَ طرح رومن ڪيٿولڪ جي جواب ۾ پروٽسٽنٽ (احتجاجي) فرقو ٺهيو. پر مارٽن لوٿر ۽ ان جا ساٿي قومي رياستن جا حامي هئا، جن جا اڳواڻ بادشاهه، رياستن جا والي يا نواب هئا. پر يورپ ۽ برطانيا ۾ ڪجهه اهڙيون تحريڪون به اٿيون جيڪي هڪ طرف رومن ڪليسا ۽ ٻئي طرف بادشاهن، نوابن ۽ جاگيردارن جي خلاف هيون. انهن تحريڪن جا رهنما اهي پادري هئا جيڪي پنهنجو رشتو مسيحت جي پراڻي دؤر (عهد اُولى، اڳوڻي دؤر) سان ڳنڍيندا هئا. انهن جو عقيدو هو ته دولت ۽ حشمت جي هوس مسيحي ڪليسا کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. رومن ڪليسا جا پادري مسيح جي تعليمن جي اصل روح کان منحرف ٿي ويا آهن ۽ هنن زندگي جي انهن قدرن کي ڇڏي ڏنو آهي، جيڪي مسيح کي عزيز هئا. مظلومن ۽ محتاجن جو سهارو ٿيڻ بدران، اهي پاڻ ظالمن ۽ ڦورن جي صفت ۾ شامل ٿي ويا آهن.
ان تحريڪ جا وڏا اڳواڻ ٿامس ميونزر، ڪارل اسٽاٽ ۽ جان آف ليڊن هئا. ٿامس ميونزر (1498ع-1525ع) ڪجهه عرصي تائين مارٽن لوٿر جو ساٿي رهي چڪو هو، پر جڏهن هن ڏٺو ته مارٽن لوٿر کي عام عيسائين جي بدتر حالت سان ڪا به همدردي ناهي، پر هن جرمنيءَ جي نوابن ۽ رياستن جي والين سان رشتو ڳنڍيو آهي، تڏهن ميونزر لوٿر کان ڌار ٿي، جرمنيءَ جي غريب هارين جي انقلابي تنظيم ۾ شامل ٿيو.
ٿامس ميونزر (Muenzer) جرمنيءَ جي اسٽالبرگ شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءَ کي شهر جي نواب جي حڪم سان ٽڪٽڪي ٻڌي ڦاهي ڏني وئي. ميونزر مذهبي تعليم حاصل ڪئي، دينيات ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي ۽ هال شهر جي خانقاهه جو پادري مقرر ٿيو. ان دوران هو انجيل ۽ مسيحي دين جي شروعاتي پيشوائن جي تعليم جي ڳوڙهي اڀياس مان ان نتيجي تي پهتو ته ڪلسيا جون مذهبي رسمون فضول آهن.
انهن ڏينهن ۾ مارٽن لوٿر جي تحريڪ ”اصلاح“ جو ڏاڍو زور هو ۽ عام ماڻهن ۾ ڏاڍي بيچيني پکڙيل هئي. ان مان ميونزر اهو نتيجو ڪڍيو ته جنهن هزار ساله سونهري دؤر جي اڳَ ڪٿي ڪئي وئي هئي، اهو اچي پهتو آهي. 1520ع ۾ کيس تبليغ واسطي زوئيڪا وڃڻو پيو. اتي سندس ملاقات پادري نڪولس اسٽارڪ سان ٿي. اسٽارڪ جي دعوى هئي ته کيس خواب ۾ بشارت ملي آهي ته حساب جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ دنيا ۾ جلد ئي خدا جي بادشاهي قائم ٿيڻ واري آهي تنهنڪري ”اي انسانو! ذاتي ملڪيت حاصل ڪرڻ کان پرهيز ڪيو، ڇو ته خدا اوهان کي بنا ڪنهن ملڪيت جي اگهاڙو پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين، پاڻي ۽ آسمان ۾ آهي، اهو سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت آهي.“ اسٽارڪ سمورن عهديدارن ــــــ مذهبي يا سرڪاري ــــــ سڀني جي ڏاڍو خلاف هو ۽ عيسائن کي تلقين ڪندو هو ته انجيل جو اڀياس ٻي ڪنهن وسيلي کان سواءِ پنهنجو پاڻ ڪيو ۽ پادرين جي ورغلائڻ ۾ نه اچو.
ميونزر کي پادري اسٽارڪ جون ڳالهيون ڏاڍو وڻيون ۽ هو به انهيءَ انداز ۾ واعظ ڏيڻ لڳو، پر شهر جا پادري جلد ئي سندس خلاف ٿي بيٺا ۽ اسٽارڪ ۽ ميونزر ٻنهي کي شهر ڇڏڻو پيو. ميونزر اتان پراگ ويو ۽ طابوري فرقي جي ماڻهن سان مليو پر جلد ئي کيس پراگ مان به ڀڄڻو پيو. تڏهن هو 1422ع ۾ جرمني موٽي آيو ۽ آيسٽيٽ جي علائقي ۾ تبليغ ۾ مصروف ٿي ويو. ان وقت تائين انجيل جي تعليم رڳو لاطيني ٻوليءَ ۾ هوندي هئي. ميونزر اها رسم ڇڏي ڏني ۽ پنهنجن واعظن ۾ انجيل جو ترجمو جرمن ٻوليءَ ۾ ٻڌائڻ لڳو ۽ ماڻهو سندس واعظ ٻڌڻ لاءِ پري پري کان اچڻ لڳا.
ميونزر ڏاڍو روشن خيال پادري هو. هو تصوف طرف لاڙو رکندو هو، تنهنڪري هو چوي ٿو ته ”سچائي ڪنهن هڪ ڪتاب يا مذهب تائين محدود ناهي ۽ عقل ئي اڪيلو جيئرو الهام آهي. الهام جي اها قوت سڀني انسانن ۾ هر زماني ۾ موجود هئي ۽ آهي.“ سندس عقيدو هو ته ”روح القدس (پاڪ روح) اسان جي عقل کان سواءِ ڪجهه نه آهي ۽ عقيدو انساني عقل جي سجاڳي مان ٺهيل آهي. عقل جي سجاڳيءَ سان ئي انسان ۾ الاهي صفتون پيدا ٿينديون آهن. جنت جي ڳولا هن دنيا ۾ ئي ڪرڻ گهرجي، نه ڪي آخرت ۾، پر هن جنت، ان خدائي بادشاهيءَ کي قائم ڪرڻ لاءِ مڪمل جدوجهد لازمي آهي.“
ميونزر جا سياسي نظريا سندس مذهبي نظرين سان ملندڙ جلندڙ هئا، پر جيئن سندس مذهبي تصور پنهنجي دؤر جي چالو تصورن کان گهڻو اڳتي هئا، ايئن سندس سياسي نظريا به پنهنجي وقت جي سماجي ۽ سياسي حالتن سان ڪو نه ٿا ٺهڪن. هن جي مذهبي فلسفي جو حدون همه اوست (جتي ڪٿي اهو ئي آهي) سان ۽ سياسي فلسفي جون حدون ڪميونزم سان ملن ٿيون. ”آءٌ زمين تي خدا جي بادشاهي قائم ڪرڻ جو خواب ڏسان ٿو.“ خدا جي بادشاهيءَ مان سندس مراد هڪ اهڙو سماج هو جنهن ۾ طبقاتي فرق نه هجي، ذاتي ملڪيت نه هجي ۽ نه ئي ڪو رياستي ڍانچو قائم هجي، جيڪو عوام تي مٿان مڙهيو ويو هجي، جيڪي ان انقلاب جي مخالفت ڪن، انهن جو تختو اونڌو ڪيو وڃي، سموري ملڪيت گڏيل هجي ۽ سڀ ماڻهو گڏجي محنت ڪن ۽ سڀني کي هڪ جيترا حق هجن. رياستن جي والين ۽ نوابن کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن هو انڪار ڪن ته انهن کي لاٿو يا قتل ڪيو وڃي.
ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ ميونزر هڪ يونين ٺاهي. سندس واعظن ۾ لهجو ڏينهون ڏينهن تکو ٿيندو ويو. هو پادرين سان گڏ رياستن جي والين (جرمني انهن ڏينهن ۾ ننڍين ننڍين ڪيترين ئي خودمختيار رياستن ۾ وراهيل هو)، نوابن ۽ رئيسن جي شدت سان مخالفت ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي دؤر جي ظلم، ناانصافيءَ ۽ اڻ برابريءَ جي ڀيٽ ان هزار ساله سونهري دؤر سان ڪندو هو جنهن جو خاڪو سندس ذهن ٺاهيو هو. هن ڪيترائي انقلابي رسالا لکيا ۽ پنهنجن سفيرن وسيلي ڏورانهن علائقن ۾ موڪليا ۽ پاڻ آيسٽيٽ جي علاقي ۾ پورهيتن جي يونين ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن آيسٽيٽ جي ويجهو هڪ گرجا گهر کي باهه ڏني. سيڪيسني رياست جي واليءَ کي يقين ٿي ويو ته اها باهه ميونزر جي چُرچ تي ڏني وئي آهي تنهنڪري کيس نواب جي محل ۾ سڏايو ويو. هن پنهنجي صفائي ڏيڻ بدران پادرين، نوابن ۽ رئيسن کي اصلي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو ته ”وياج، چوري، ڌاڙي ۽ قتل جا اصل محرڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن خدا جي مخلوق کي پنهنجي ذاتي قبضي هيٺ آندو آهي ـــــــ پاڻيءَ ۾ رهندڙ مڇين کي، هوا ۾ اُڏامندڙ پکين کي ۽ زمين مان ڦٽندڙ ٻوٽن کي ـــــــ ۽ اهي ئي غاضب ماڻهو غريبن کي چون ٿا ته توهان چوري نه ڪيو، جڏهن ته پاڻ انهن سڀني شين کي ڦٻايون ويٺا آهن ۽ هارين ۽ هنرمندن کي ڦريو آهي ۽ انهن چٿيلن مان ڪنهن کان به ٿوري به لغزش ٿي وڃي ٿي ته ان کي ڦاهي ڏني وڃي ٿي ۽ ”لاٽ“ پادري ”آمين“ چئي تنهن جي روح کي ثواب پهچائي ٿو. آقائن پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن جن ۾ غريب ماڻهو سندن دشمن ٿيڻ تي مجبور آهي ۽ جيڪڏهن هنن عوام جي بي چينيءَ جا سبب ختم نه ڪيا، ته حالتن جو سڌارو ڪيئن ٿيندو. اي منهنجا شريف زادو! جڏهن خدا انهن پراڻن ٿانوَن کي لوهه جي لٺ سان ٽوڙيندو، ته اهو لقاءُ ڏاڍو ڊيڄاريندڙ هوندو ۽ جڏهن آءٌ اهو چوان ٿو ته مون کي باغي قرار ڏنو وڃي ٿو.“
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏکڻ-اولهه جرمنيءَ جي مختلف علائقن ۾ هارين جي بغاوتن جو سلسلو شروع ٿيو ـــــــ 1518ع ۽ 1523ع جي وچ ۾ ڪڏهن هڪ علائقي ۾ هارين ويڙهه پئي ڪئي ته ڪڏهن ٻئي ۾. هارين جون اهي بغاوتون هٿياربند هيون. انهن کي جتي به ڪاميابي ٿيندي هئي اهي ڪلسيا جي زرعي زمين کي ضبط ڪندا ۽ ڪلسيا جي خزاني کي جنگي بيت المال ۾ تبديل ڪندا هئا ۽ نوابن جي محلن کي باهه ڏئي ڇڏيندا هئا.
انهيءَ دوران انقلابي رهنمائن فيصلو ڪيو ته ان طريقي سان ڪم نه هلندو تنهنڪري سڀني علائقن ۾ گڏجي هڪ ئي وقت بغاوت جي شروعات ڪئي وڃي. ان لاءِ پهرين مئي 1525ع جو ڏينهن مقرر ٿيو. عمل جي انقلابي مجلس ٺاهي وئي ۽ ميونزر کي ان جو صدر مقرر ڪيو ويو.
فريڊرڪ اينجلس پنهنجي ڪتاب ”جرمنيءَ ۾ هارين جي جنگ“ ۾ ميونزر جي قيادت تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
”ڪنهن کاٻي ڌر جي جماعت تي سڀ کان وڌيڪ ڏکيو وقت اهو هوندو آهي جڏهن اها ڪنهن اهڙي دؤر ۾ حڪومت جي قيادت ڪرڻ تي مجبور هجي جڏهن ان طبقي جي اقتدار جي تحريڪ پوري طرح تيار نه هجي جنهن جي اهو طبقو نمائندگي ڪري ٿو ۽ نه ئي انهن منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ وقت سازگار هجي جن کي پورو ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي ٿي. هو جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ان جو دارومدار ان جي عزم ۽ ارادي تي نه هوندو آهي پر مختلف طبقن جي مفاد جي وچ ۾ ويڙهه جي تيزي تي هوندو آهي، وجود جي مادي وسيلن جي ترقيءَ جي درجي تي هوندو آهي ۽ انهن پيداواري رشتن ۽ پهچ جي ذريعن ۽ رسائل جي وسيلن تي هوندو آهي جيڪي طبقاتي ويڙهه جو بنياد هوندا آهن. جيڪو ڪجهه ان کي ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه سندس پارٽي کانئس مطالبو ڪندي آهي، ان جو دارومدار به ان جي ذات تي طبقاتي جدوجهد جي ترقي ۽ حالتن تي نه هوندو آهي. هو ته پنهنجن نظرين ۽ مطالبن جو پابند هوندو آهي جڏهن ته اهي مطالبا ۽ نظريا هڪ مخصوص وقت ۾ موجود سماجي طبقن جي باهمي رشتن جي اندران نه ڦٽندا آهن ۽ نه ئي پيداواري رشتن ۽ رسل رسائل جي وسيلن جو نتيجو هوندو آهي. پر اهي نظريا سماجي ۽ سياسي تحريڪ جي عام نتيجن تي ذڪر ڪيل ماڻهوءَ جي گهري نظر جو نتيجو هوندا آهن. بس هو پنهنجو پاڻ کي اڻٽر نموني ڍڳي جي ٻن سڱن ۾ ڦاٿل محسوس ڪندو آهي. جيڪو ڪجهه هُو ڪري سگهي ٿو ان ۾ ئي سندس پنهنجيءَ جدوجهد جي تجربن ۾، ان جي اصولن ۽ پارٽي جي فوري مفادن ۽ گهرجن ۾ تمام گهٽ لاڳاپو هوندو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ان کي ڪرڻ گهرجي اهو حاصل نه ڪري سگهبو آهي (يا قابل حصول هوندو). مختصر طرح هي، ته هو پنهنجي جماعت يا پنهنجي طبقي جي نمائندگي ڪرڻ بدران ان طبقي جي نمائندگي ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي جنهن جي غلبي لاءِ حالتون سازگار هونديون آهن. خود تحريڪ جي مفاد واسطي ان کي هڪ ايلين (Alien) مخالف طبقي جي مفاد جي حفاظت ڪرڻي پوندي آهي ۽ پنهنجي طبقي کي واعدن ۽ لفاظيءَ سان آسودو (مطمئن) ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهو ڄاڻائڻو، يقين ڪرائڻو پوندو آهي ته ان مخالف طبقي جو مفاد حقيقت ۾ توهان جو ئي مفاد آهي. جيڪو ماڻهو به پنهنجو پاڻ کي ان پوزيشن ۾ رکي ان جي تباهي لازمي آهي.“
ميونزر جي حالت ان کان به وڌيڪ نازڪ هئي. هو جن خيالن ۽ نظرين کي حقيقت جو روپ ڏيڻ گهري پيو، ان جي لاءِ اها صدي ته تيار نه هئي، مٿان وري هڪ محدود علائقي جي هاري تحريڪ. جنهن طبقي جي هو نمائندگي ڪري رهيو هو ان اڃا ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ نه ئي هُو ان لائق هو ته سڄي سماج کي تبديل ڪري سگهي يا ان تي غالب اچي. اهو ته اڃا وجود ۾ اچي رهيو هو. جنهن سماجي انقلاب جو خواب ميونزر پنهنجي تخيل ۾ ڏسي رهيو هو، ان جي لاءِ اقتصادي (معاشي) حالتون ئي پيدا نه ٿيو هيون، پر جيڪي معاشي حالتون پيدا ٿيل هيون ۽ جيڪو سماجي نظام اڀري رهيو هو، اهو ته هن جي خوابن جي صفا ابتڙ هو. ان باوجود ميونزر مسيحي مساوات ۽ گڏيل ملڪيت جي اصولن جو پابند هو ۽ انهن جي تلقين ڪندو هو. ان ڪري هن اعلان ڪيو ته آئيندي سموري ملڪيت گڏيل هوندي، هر ماڻهوءَ کي برابر هڪ جيترو پورهيو ڪرڻو پوندو ۽ ڪنهن کي به حڪومت ڪرڻ جو اختيار نه هوندو.
شايد ميونزر کي پنهنجن نظرين ۽ چوڌاري پکڙيل حقيقتن جي وچ ۾ جيڪا تضاد جي وٿي هئي، ان جو احساس هو، پر هارين جي هٿياربند بغاوت کان پاسو ڪرڻ انقلاب کان غداري هئي، تنهنڪري هو پوري ذهني قوت سان انهن جي اڳواڻيءَ ۾ مصروف ٿي ويو. هارين جي فوج ڪل اٺ هزار هئي ۽ غير تربيت يافته به هئي، ان کي هن منظم ڪيو ۽ رياست جي والين جي فوج سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو. 16-مئي 1525ع تي مقابلو ٿيو ۽ ڏاڍي زوردار لڙائي لڳي. پنج هزار هاري جنگ جي ميدان ۾ ماريا ويا ۽ سندن مرڪزي شهر موئل هاؤِزن تي دشمن جو قبضو ٿي ويو. ميونزر، جنهن جي مٿي ۾ سخت زخم رسيا، گرفتار ڪيو ويو. ان جا عضوا وڍيا ويا ۽ پوءِ هن کي چڪيءَ ۾ پيهي ماريو ويو.
پر ان جو ڪهڙو سبب آهي ته قرون وسطى (وچين دؤر)، اڃا به ان کان اڳ جي سوشلسٽ تحريڪن تي مذهب جو رنگ غالب هوندو هو ۽ سوشلسٽ رهنما پنهنجن خيالن کي مذهب جي زبان ۾ بيان ڪندا هئا. ان جو سبب اهو آهي ته وچين دؤر ۾ (جنهن مان اسان جي مراد سماجي ارتقا جو اهو دؤر آهي جنهن ۾ زراعت ۽ زرعي رشتا صنعت ۽ حرفت تي غالب هوندا هئا) سڀ کان اهم ذهني ۽ جذباتي عنصر مذهب جو هو. تعليم جو سڄو نظام مذهب تي ٻڌل هو. استاد به مولوي، پادري يا ڪاهن هوندا هئا. سياست، فقهه، سائنس، تاريخ، مطلب ته سمورا مروج علم دينيات جون ئي مختلف شاخون تصور ڪيا ويندا هئا ۽ دينيات جي اصولن هيٺ انهن جي تشريح ۽ تاليف ٿيندي هئي. شريعت جا قانون (يهودي، زرتشتي، عيسائي، اسلامي سڀني سماجن ۾) سماج لاءِ دستور جو حڪم رکندا هئا. ملڪي قانون شريعت مطابق ٺاهيا ويندا هئا ۽ عدالت جا فيصلا شريعت مطابق صادر ڪيا ويندا هئا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو شريعت کان منحرف ٿي ويندو هو ته ان تي بدعت، ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون هنيون وينديون هيون ۽ سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. نتيجو اهو نڪتو ته پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪو ڪجهه به سوچيندا يا محسوس ڪندا هئا، ان جو اظهار مذهبي اصطلاحن ۾ ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن هو ائين نه ڪن ها ڪنهن کي انهن جي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ها. مطلب ته انسان جي سڀني ذهني ڪاوشن تي مذهب جو غلبو هو.
ظاهر آهي ته غلاميءَ يا جاگيرداريءَ جي دؤر ۾ حڪمران طبقن تي لڪل اعتراضن لاءِ به مذهب جو ئي سهارو وٺڻو پوندو هو. ان باوجود گهڻن انقلابين تي بدعت ۽ ڪفر جون فتوائون هنيون ويون، ڇو ته يهودي، زرتشتي ۽ مسيحي ڪلسيا جاگيري نظام تي هر حملي کي ڪلسيا تي حملي سان تعبير ڪيو ۽ هر ان نظريي کي، جنهن سان ڪلسيا جي تائيد جو پهلو نه نڪرندو هو، شيطاني حرڪت قرار ڏنو ويندو هو.

______
 سنت (پادري) امبروز (339-397ع) ڪتاب پادرين جا فرض. ڪتاب 1. باب 26.
 Bertrand Russell: Western Philosophy. P- 277.
 لوقا. ب 4. ص16-19.
 لوقا. ب 6.
 لوقا. ب 18.
 لوقا. ب 21.
 يعقوب جو خط. ب 2-6.
 ب 2: 44، 45.
 ب 4: 34-35.
 Ernest Renan: Quoted By Max Beer. P- 199.
 ميڪس بيئر. ص 21.