تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب ايڪويهون : پهرين انٽرنيشنل

مارڪس ۽ اينجلس انقلابي نظريي ۽ انقلابي عمل کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل سمجهندا آهن. هنن وٽ اهوئي انقلابي نظريو درست هو جيڪو زندگيءَ جي پڪين پختين حقيقتن مان ورتو وڃي، نه ڪي اهو جيڪو اسان جي ذاتي خواهشن جو عڪس هجي. ۽ اهوئي انقلابي عمل صحيح هو جنهن جو بنياد انقلابي نظريي تي هجي. ان ڪري اها سوشلسٽ انقلاب لاءِ ”تنقيد جو هٿيار“ ۽ ”هٿيار جِي تنقيد“ ٻنهي کي هڪ جيتري اهميت ڏيندا هئا.
ٻئِي ڄڻا شروعات کان ئي سوشلسٽ نظريا مرتب ڪرڻ سميت پورهيت عوام کي به منظم ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ڪندا رهيا، ڪڏهن اخباري مضمونن ذريعي ڪڏهن خط لکي، ڪڏهن مزورن جون ننڍيون ننڍيون انجمنون ۽ تفريحي ڪلبون ٺاهي، ڪڏهن جرمنيءَ جي جمهوري جدوجهد ۾ سنڌيءَ ريت شريڪ ٿي ۽ ڪڏهن ڪميونسٽ ليگ کي انقلابي راهن تي هلائي. سندن دل جي خواهش هئي ته گهٽ ۾ گهٽ يورپ جي ترقي يافته ملڪن جي مزورن ۾ فڪِري ۽ تنظيمي ٻڌي ٿي پوي ۽ اهو قوم پرستيءَ جي دائري مان نڪري پنهنجي بين الاقوامي ڪردار کان واقف ٿين. هنن 1848ع ۾ ”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ کي هن جملي تي پورو ڪيو هو: ”سڄي دنيا جا مزدورو! متحد ٿيو “ پر تنهن وقت هڪ ته دنيا ۾ مغربي يورپ ۽ اتر آمريڪا کانسواءِ صنعتي مزورن جو تعداد نالي ماتر هو، ٻيو ته برطانيا، فرانس ۽ جرمنيءَ وغيره ۾ پڻ مزورن کي ٽريڊ يونين ٺاهڻ جي به اجازت نه هئي ۽ نه ئي منجهن پنهنجي تاريخي حيثيت جو شعور پيدا ٿيو هو، ان ڪري مارڪس ۽ اينجلس جي اتحادي نعري تي تمام ٿورن ماڻهن ڌيان ڏنو.
پر 1848ع کان پوءِ يورپ ۾ ڪيئي انقلاب آيا، مزورن ۽ فوجن وچ ۾ ويڙهيون ٿيون، صنعتي مزورن جو تعداد وڌيو ۽ انهن وڙهي سِڙهي ڏهه ڪلاڪ ڏهاڙي ڪم ڪرڻ جو حق مڃرائي ورتو. ان کان سواءِ بين الاقوامي سياست به ڪجهه اهڙو رخ ورتو جو هوري هوري مزورن جي بين الاقوامي تنظيم جي حق ۾ حالتون ٺهڻ لڳيون. 1857ع وارو اقتصادي بحران، آمريڪا ۾ نيگرو قوم جي آزاديءَ جي مسئلي تي اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي وچ ۾ گهرو ويڙهه، ان جي ڪري برطانيا جي سوٽي صنعت ۾ ٻاڙائي ۽ مزورن کي ڪڍڻ، لنڊن جي وڏي نمائش ۾ فرانسي مزورن جي 200 چونڊيل نمائندن جي شرڪت ۽ برطانوي مزورن پاران سندن دل گهريو آڌرڀاءُ، پولينڊ ۾ هٿياربند بغاوت ۽ ان بغاوت سان برطانيا ۽ فرانس ۾ عام ماڻهن جي همدردي ۽ لنڊن ۾ آمريڪي صدر ابراهام لنڪن جي حمايت ۾ مزورن جا وڏا وڏا مظاهرا، جن جي ڊپ کان برطانوي حڪومت ڏاکڻين رياستن جي مدد لاءِ فوج موڪلڻ جي همت نه ڪري سگهي. اهي اهڙا واقعا هئا جن سان مزورن ۾ عالمي برادريءَ جو احساس ڏاڍو تيز ٿيو.
پهرين انٽرنيشنل، جنهن جو سڄو نالو ”انٽرنيشنل ورڪنگ مينس ايسوسيئيشن“ هو، 28- سيپٽمبر 1864ع تي لنڊن ۾، انگريزن، فرانسي ۽ جرمن مزورن جي هڪ وڏي جلسي ۾ قائم ٿي. اهو جلسو فرانسي مزورن جي هڪ ڀائپيءَ واري وفد جي اعزاز ۾ ٿيو هو. البت منتظمن لنڊن ۾ رهندڙ جرمنيءَ، اٽليءَ، سوئٽزرلينڊ وغيره جي نالي وارن انقلابين کي به وفد طور شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. انگريز مزورن جي آجياڻي خطبي جي جواب ۾ فرانسي وفد جي اڳواڻ پولينڊ جي بغاوت جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پولينڊ جي ڌرتي جيالن سپوتن جي رت سان رڱيل آهي پر افسوس ته اسان منظر جا بيوس تماشائي آهيون. هن مزورن جي اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي گڏجي موجوده نظام جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ سرمائي جِي ڏاڍ ڀري طاقت کي ٽوڙڻو پوندو.
مارڪس ان جلسي ۾ جرمن نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ته ٿيو، پر هن تقرير نه ڪئي. البت 50 رڪنن تي ٻڌل جيڪا مرڪزي ڪاميٽي چونڊي وئي، تنهن ۾ مارڪس جو نالو هو. ايسوسيئيشن جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻ لاءِ جيڪا ذيلي (ننڍي) ڪاميٽي مقرر ٿي، ان ۾ به مارڪس کي کنيو ويو. جلسي ۾ اهو به طَي ٿيو ته انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس 1865ع ۾ برسيلز ۾ ٿئي جنهن ۾ قاعدا ۽ ضابطا منظوريءَ لاءِ پيش ڪيا وڃن.
مارڪس انهن ڏينهن ۾ ”سرمائي“ کي پورو ڪرڻ ۾ گهڻو مصروف هو، ان ڪري تنظيمي سرگرمين کان پرڀرو رهندو هو، پوءِ به هن انٽرنيشنل جون ذميواريون ان ڪري قبوليون ته متان هيءَ انجمن مزورن جي بين الاقوامي تنظيم جو بنياد بڻجي. تنهنڪري جلسي جا تفصيل ٻڌائيندي هو هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ مان سالن کان تنظيمن ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪندو پيو اچان، پر هن ڀيري مان شريڪ ٿيو آهيان ڇو ته مون کي صحيح معنيٰ ۾ ڪجهه سٺو ڪم ڪرڻ جا امڪان ڏيکارجن پيا.“ (ساڳيو. مهرنگ. ص 323)
انٽرنيشنل جي قاعدن ۾ ضابطن جو مسودو جڏهن ذيلي ڪاميٽيءَ ۾ پيش ٿيو ته ڪاميٽيءَ اهو متفقه طور رد ڪري ڇڏيو ۽ مارڪس کي نئون مسودو ٺاهڻ تي مقرر ڪيو. مارڪس راضي ٿيو پر مسئلو هيءُ هو ته انٽرنيشنل جي اڳواڻن جا ذهن نه ته مقصدن ۽ غرضن بابت چٽا هئا ۽ نه ئي منجهن تنظيم جي حڪمت عمليءَ جي سلسلي ۾ فڪر جي وحدت هئي. انگريز نمائندا، جن جو لاڳاپو ٽريڊ يونين تحريڪ سان هو ۽ جيڪي سياست کان صفا اڻڄاڻ هئا، چاهن پيا ته انٽرنيشنل به بين الاقوامي ٽريڊ يونين بڻجي ۽ پنهنجي عمل جي دائري کي اجورن ۾ واڌاري ڪم جي وقت ۾ گهٽتائيءَ ۽ هڙتالي سرگرمين تائين محدود رکي. فرانسي نمائندا، جن تي پروڌان جي تعليمن جو گهاٽو اثر هو، هڙتالن خلاف هئا ۽ طبقاتي مفاهمت تي زور ڏين پيا يا گڏيل سهڪار جي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ چاهن پيا. لَسال جا پوئلڳ جرمنيءَ جي فولادي مرد بسمارڪ جي هٿن ۾ کيڏي رهيا هئا ۽ رياستي سوشلزم جا حامي هئا. اٽليءَ جا ۽ اسپيني نمائندا، جيڪي اٽليءَ جي سياستدانن ميزِي نِي جا پوئلڳ هئا، لاقانونيت جي پرچار ڪري رهيا هئا. اهي رياست کي رد ڪرڻ ۽ عالمي انقلاب کان هيٺاهينءَ کان ٻي ڪا ڳالهه ئي نه پيا ڪن. انهن حالتن ۾ ڪو اهڙو مسودو لکڻ جيڪو سڄيءَ دنيا جي مزورن جي سياسي حقن ۽ اقتصادي مطالبن جي ترجماني ڪندو هجي ۽ جنهن کي سڀني گروهن جي تائيد هجي، وڏو ڏکيو ڪم هو.
مارڪس انٽرنيشنل جا جيڪي قاعدا ۽ ضابطا لکيا، اهي جمهوري اصولن مطابق هئا ته جيئن ڪنهن به گروهه کي حق تلفيءَ جي شڪايت نه ٿئي. ان سان گڏ هن انٽرنيشنل جو هڪ اعلان به لکيو، جيڪو 1848ع کان وٺي 1864ع تائين مختصر پر انتهائي جامع تبصرو ئي نه هو، پر مارڪس ان دستاويز ۾ مزورن جي آئنده فرضن ۽ ذميوارين جي نشاندهي به ڪئي هئي. هن انگلينڊ جي انگن اکرن سان ثابت ڪيو هو ته سورهن سالن جي عرصي ۾ جيتوڻيڪ صنعت يقين کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ درآمدي ۽ برآمدي واپار وسيع کان وسيع تر ٿيندو ويو پر ”دولت ۽ طاقت ملڪيت رکندر طبقن تائين ئي محدود رهي “ ۽ مزورن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي وئي. ان ڪري اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ”توڙي مشينون ڪيڏيون به بهتر ٿينديون وڃن، پيداوار ۾ واڌاري لاءِ سائنس جو استعمال ڪيڏو به وڌي وڃي، اچ وڃ جا ذريعا ڪيڏي به ترقي ڪري وٺن، توڙي ڪيڏا به ماڻهو وطن ڇڏي نين بيٺڪين ۾ وڃي رهن ۽ نيون بازارون کلن ۽ آزاد واپار وڌي، پر صنعتي عوام جون تڪليفون ۽ مصيبتون نه گهٽبيون، بلڪ پورهيي جي سٺي پيداواري قوت ۾ هر نئين واڌاري سان سماجي هيٺ مٿاهين اڃا وڌندي ۽ سماجي دشمنيون اڃا ڏاڍيون ٿينديون.“
1848ع وارن انقلابن کان پوءِ مزورن جي تنظيمن ۽ تحريڪن کي هر ملڪ ۾ بيدرديءَ سان چٿيو ويو هو. ان جا تفصيل ٻڌائيندي مارڪس لکي ٿو ته مزورن جون قربانيون اجايون نه ويون پر هنن ڏهه ڪلاڪ ڏهاڙي ڪم جو مطالبو کٽي ورتو آهي ۽ سندن گڏيل سهڪار جي تحريڪ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. گڏيل سهڪار (هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ) جي تحريڪ کي ڪامياب بڻائي هنن ”دليل بدران عمل سان ثابت ڪيو آهي ته وڏيءَ سطح تي ۽ جديد سائنس مطابق پيداوار جو نظام مالڪن (آقائن) جي طبقي کان سواءِ چڱيءَ طرح هلائي سگهجي ٿو“، پر سرمائيدار طبقا گڏيل سهڪار/ امداد جي تحريڪ کي وڌڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندا. ان ڪري ”مزور طبقن جو فرض آهي ته سياسي اقتدار تي قبضو ڪري وٺن.“ پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پورهيتن جي پنهنجي سياسي پارٽي هجي. ”ڪاميابيءَ جو هڪ عنصر انهن جو تعداد آهي پر تعداد جو وزن تڏهن ئي محسوس ٿيندو آهي جڏهن مزور متحد هجن ۽ علم انهن جي رهنمائي ڪندو هجي.“
آخر ۾ مارڪس مزورن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي سرمائيدار ملڪن جي پرڏيهي پاليسيءَ تي سخت نظر رکن ڇو ته بين الاقوامي سياست جي رمزن کان واقفيت رکڻ سندن فرض آهي.“
ذيلي ڪاميٽيءَ مارڪس جي ٻنهي دستاويزن _ قاعدن ۽ ضابطن جو مسودو ۽ انٽرنيشنل جو اعلان نامو _ کي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان جي باوجود انٽرنيشنل جي اڳواڻن جا نظرياتي اختلاف ختم نه ٿيا. مثال طور هڪ گروهه، جنهن ۾ ڪسال ۽ پروڌان جا پوئلڳ اڳيان اڳيان هئا، جو چوڻ هو ته مزورن جي مزوري وڌائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته سرمائيدار هڪ هٿ سان مزوري وڌائيندا ته ٻئي هٿ سان قيمتن ۾ واڌ ڪندا آهن. ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته مزورن کي پنهنجي اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ يا اجورو وڌائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪرڻ گهرجي، پر پنهنجو پاڻ کي مالڪن جي رحم تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. مارڪس ان سوچ جي صفا خلاف هو. هو مزورن جي اقتصادي جدوجهد کي سياسي جدوجهد جو اهم جزو سمجهندو هو. ان ڪري هن ان موضوع تي هڪ نظرياتي مضمون ”اجورا، قيمت ۽ منافعو“ نالي سان لکيو ۽ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڙهيو. (20 جون ۽ 27 جون 1865ع).
مارڪس پنهنجي مضمون ۾ برطانيا جي سرڪاري رپورٽن جي حوالي سان ٿابت ڪيو هو ته مزورن جي اجوري ۽ بازاري شين جي قيمتن ۾ واڌاري ۾ ڪارڻ ۽ ڪارڻيءَ جو رشتو ناهي. ڪڏهن اجورو وڌندو آهي پر شين جو ملهه ناهي وڌندو. ڪڏهن شين جو ملهه وڌندو آهي پر اجوري ۾ واڌارو ناهي ٿيندو. ان کان پوءِ مارڪس پنهنجي فاضل (اضافي، واڌو) قدر جي نظريي جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته سرمائيدار جي نفعي جو دارومدار ان اضافي قدر تي آهي جيڪو مزورن جي پورهيي جي سگهه کي معاوضو ڏيڻ کان سواءِ واهپي ۾ آڻڻ سان پيدا ٿيندو آهي. مثال طور سرمائيدار انهن کان ڏهه ڪلاڪ ڪم وٺندو آهي پر معاوضو صرف پنجن ڪلاڪن جو ڏيندو آهي. ڄڻ هو هر هڪ مزور جي پنجن ڪلاڪن جي پيداوار مفت حاصل ڪندو آهي. مارڪس چيو ته اهو درست آهي ته اجورن ۾ واڌ سان سرمائيداري نظام جو سماجي حل نه ٿيندو پر ٽريڊ يونين جون سرگرميون انتهائي ضروري آهن. ان ڪري، جو هڪ ته ٽريڊ يوينين جي جدوجهد سان سرمائيدار کي مزورن جي حقن ۽ هنن جي حياتيءَ جي معيار تي ڌاڙو هڻڻ جو موقعو ناهي ملندو، ۽ ٻيو ته ٽريڊ يونين اهڙو سکيا جو ادارو آهي جتي مزور طبقو سرمائيداري نظام سان وڙهڻ جو هنر سکندو آهي.
انٽرنيشنل جي تنظيمي ڪمن جي ڪري مارڪس جون مصروفيتون ٻيڻيون ٿي ويون، ان ڪري هو اينجلس کي لکي ٿو ته ”ڪتاب لکڻ کان سواءِ منهنجو گهڻو وقت انٽرنيشنل حوالي ٿي وڃي ٿو، ڇو ته حقيقت ۾ مان ئي ان جو اڳواڻ آهيان.“ هو سڄو ڏينهن انٽرنيشنل جو ذميواريون نڀائيندو ۽ رات جو ٻي ٽين وڳي تائين ”سرمايو“ لکڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو. نتيجو اهو نڪتو ته سندس جيري جي تڪليف وري وڌي وئي ۽ کيس آبهوا جي تبديليءَ لاءِ هالينڊ پنهنجي مامي وٽ وڃڻو پيو. اتي سڀئي محبت منجهان مليس ۽ مارڪس ٽي هفتا سڪون سان گذاريا. اتي ئي هن ”اعتراف نامو“ لکيو جيڪو اصل ۾ وچين ڌيءَ لارا جي سوالنامي جو اڌ سنجيده ۽ اڌ مزاحيه جواب هو پر ان ۾ به مارڪس جي زندگيءَ جي اصول ۽ جمالياتي ذوق جون جهلڪيون چٽيون ڏيکارجن ٿيون:
توهان جو وڻندڙ خوبي..... سادگي
توهان جو نظر ۾ امتيازي خاصيت...... مقصد جي وحدت
توهان جي خوشيءَ جو تصور.... جدوجهد ڪرڻ.
توهان جي ذلت ۽ پستيءَ جو تصور....... اطاعت
اها برائي، جنهن کان اوهان سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪيو ٿا: غلامي
توهان جي پسنديده مصروفيت.... ڪتاب پڙهڻ
توهان جو پيارو شاعر ايمڪِلس شيڪسپيئر، گوئٽي
توهان جو پيارو نثر نويس.... ديدرو
توهان جا هيرو..... اسپارٽيڪس، ڪيپلر
توهان جو وڻندڙ رنگ..... ڳاڙهو
توهان جو وڻندر کاڌو..... مڇي
توهان کي وڻندڙ نالا...... لارا ۽ جيني
انٽرنيشنل جي مقبوليت هوري هوري وڌندي پئي وئي ۽ ان جون شاخون اسپين، هالينڊ، بيلجيم، فرانس، روس، جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ قائم ٿي رهيون هيون. مارڪس جي مسلسل اها ڪوشش رهي ته انٽرنيشنل جو بين الاقوامي ڪردار اڀري اڳيان اچي ۽ عالمي مزورن جو اتحاد مضبوط ٿئي. انٽرنيشنل ۾ سندس قيادت جيتوڻيڪ مڃيل هئي، پر مارڪس پنهنجن سوشلسٽ نظرين کي انٽرنيشنل تي ڪڏهن به نه ٿاڦيو پر اهوئي سياسي ۽ اقتصادي پروگرام پيش ڪيو جيڪو وڌ ۾ وڌ پورهيتن کي قبول هجي.
انٽرنيشنل کي يورپ جي لکين مزورن جي حمايت هئي پر بورجوا رياستن جي پاڻ ۾ جهيڙن جو اثر مزورن جي بين الاقوامي اتحاد تي به پئي پيو، ان ڪري جو سرمائيدار پنهنجي طبقاتي مفاد کي قومي مفاد جو رنگ هڻي پيش ڪندا هئا ۽ حب الوطنيءَ جا پڙها ڏيارائيندا هئا، ان ڪري انٽرنيشنل کي ڪيئي ڀيرا انهن آزمائشن مان به گذرڻو پيو. آسٽريا ۽ جرمنيءَ جي جنگ آئرلينڊ ۾ بغاوت، اٽليءَ ۾ فرانسي مداخلت، فرانسي ۽ جرمنيءَ ۾ جنگ، مطلب ته اهڙا ڪيئي موقعا آيا جڏهن انٽرنيشنل شاونزم (نسل پرستيءَ، Chauvinism) جي مخالفت ۽ بين الاقوامي اتحاد جي حمايت ۾ آواز اٿاريو، انٽرنيشنل جو ٻيو اهم مسئلو انارِڪسٽن (ڇڙواڳن، فسادين، Anarchists) جي انتهاپسندي هئي. انهيءَ دوران فرانس جنگ ۾ جرمنيءَ کان هار کاڌي، لوئي بونا پارٽ کي اقتدار ڇڏڻو پيو. مزورن پيرس ۾ ڪميونسٽ حڪومت قائم (مارچ 1871ع) ڪري ورتي ۽ فرانس جي انقلاب دشمن فوج سان ٻن مهينن تائين وڙهندا رهيا. نيٺ مزورن کي هار ٿي ۽ فرانسي فوج 28- مئي تي شهر ۾ داخل ٿي وئي. فوجين بدلي ۾ ڏاڍي وحشيت جو مظاهرو ڪيو ۽ ويهه هزار ماڻهن، جن ۾ گهڻائي عورتن ۽ ٻارن جي هئي، کي ماري ڇڏيو.
پيرس ڪميون جي ناڪاميءَ سان انٽرنيشنل جي تنظيم ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. سيپٽمبر 1873ع ۾ ان جو مرڪز فلاڊيلفيا (آمريڪا) منتقل ڪيو ويو، پر انٽرنيشنل پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري چڪي هئي ۽ هاڻي منجهس زندگيءَ جي توانائي نه رهي هئي، ان ڪري جولاءِ 1876ع ۾ ان کي ختم ڪيو ويو. البت ستن اٺن سالن جي ٿوري عرصي ۾ انٽرنيشنل مزور تحريڪ جي جيڪا خدمت ڪئي، سا وساري نه ٿي سگهجي.

______
 الميه (ڏک وارن) ڊرامن جو مشهور يوناني ليکڪ (525- 456 ق م)
 فرانس جو مادي فلسفي ۽ اديب (1713ع- 1784ع)
 اطالوي غلامن جي بغاوت جو اڳواڻ جيڪو 71 ق م ۾ وڙهندي ماريو ويو.
 جرمن، فلڪيات جو عالم (1571- 1630ع)