تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب ٻيو : موسوي شريعت جون رهيل نشانيون

”ڪتابِ پيدائش“ ۾ لکيل آهي ته جڏهن فلسطين ۾ ڏڪر پيو ۽ ماڻهو بک مرڻ لڳا، تڏهن حضرت يعقوب پنهنجن يارهن پٽن ۽ انهن جي اولاد کي ساڻ وٺي مصر هليو ويو. اتي سندس ننڍو (ٻارهون) پُٽ يوسف فرعون جو وزير هو. يوسف پنهنجن گهر-ڀاتين جي ڏاڍي آجيان ڪئي. اهي ڪل 66 هئا. فرعون جي موڪل وٺي انهن کي جشن جي علائقي ۾ آباد ڪيو ۽ رعمسين جو علائقو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ زرخيز علائقو هو، کين جاگير ڪري ڏنو، جڏهن ته يعقوب جي اولاد جو اباڻو ڌنڌو جانور پالڻ هو.
هوري هوري انهن جو نسل وڌڻ لڳو ۽ هو ٻارهنِ قبيلن ۾ ورهائجي ويا. هي قبيلا حضرت يعقوبؑ (اسرائيل) جي ٻارهنِ پٽن جو اولاد هئا.
بني اسرائيل (اسرائيل جو اولاد) مصر ۾ 430 سال رهيا پر هنن مصرين جي مذهب، رسمن، رواجن ۽ تهذيب کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي اباڻي مذهب، قومي روايتن ۽ ريتن رسمن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. هو رڍون، ٻڪريون چاريندا يا ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ مصرين کان ڌار پنهنجين وستين ۾ رهندا هئا، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن انهن جي آبادي وڌي لکن تائين پهچي وئي ۽ فرعون جي ڏنل زمين انهن جو پيٽ ڀري نه سگهي، ته هو شهرن ۾ محنت مزوري ڪرڻ تي مجبور ٿيا. هو پٿر ٽوڙيندا، سرون ٺاهيندا ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح ڏينهن جي ماني حاصل ڪندا هئا. ٻئي طرف مصري حڪومت جو رويو اهو نه رهيو هو، ڇو ته يوسف کي گذاري زمانو ٿي ويو هو ۽ مصر جا ماڻهو بني اسرائيل جي قومي انفراديت ۽ قبيلائي ٻڌيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا هئا. بس پوءِ فرعون ۽ ان جي سردارن بني اسرائيل تي سختيون شروع ڪري ڏنيون. هو انهن سان غلامن جهڙو سلوڪ ڪندا، انهن کان بيگر وٺندا ۽ انهن جا جانور زوريءَ کڻي ويندا هئا.
تڏهن بني اسرائيل جو نجات ڏياريندڙ حضرت موسىؑ پيدا ٿيو. هن پنهنجي قوم کي مصر ۾ رهائش ختم ڪري، اباڻي وطن فلسطين موٽي هلڻ تي راضي ڪيو، ڇو ته ”فلسطين ۾ ماکيءَ ۽ کير جون نديون وهنديون آهن ۽ خداوند يهوداه وعدو ڪيو آهي ته توهان کي فلسطين ۾ حڪمراني عطا ڪندو.“ بني اسرائيل حضرت موسى جي ڳالهه مڃي، پنهنجا خيما، ديرا، رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ميڙيا ۽ ”ڳوٿل اٽي ۾ خمير وجهڻ کان سواءِ ڪڻڪ سميت ڪپڙن ۾ ٻڌي پنهنجن ڪلهن تي رکيو ۽ مصرين کان سونَ ۽ چاندي جا زيور ۽ ڪپڙا به گهري ورتا“ ۽ فلسطين روانا ٿي ويا. ان وقت انهن جي ڳڻپ ڇهن لکن جي ويجهو هئي. پر تحقيق ڪندڙن جو اندازو آهي ته هو لڳ ڀڳ چاليهه هزار هئا. هي واقعو ٻارهين صدي ق.م جو آهي.
بني اسرائيل جي قبائلي زندگي اهڙي ئي هئي جهڙي رڍون ۽ ٻڪريون پاليندڙ ڌنارن جي پراڻي زماني ۾ هوندي هئي. هر قبيلو هڪ سماجي ۽ اقتصادي وحدت هوندو هو. قبيلي جو بزرگ ۽ ذهين مرد قبيلي جو سردار هوندو هو. قبيلي جي هر فرد تي قبيلي جي قائدن ۽ ضابطن جي پابندي لازمي هئي. ان جي موٽ ۾ قبيلو پنهنجي هر فرد جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ذميدار هوندو هو. هنن جا جانور سڄي قبيلي يا گهراڻي جي گڏيل ملڪيت هوندا هئا ۽ انهن تي هر ماڻهوءَ جو هڪ جيترو حق هوندو هو.
بني اسرائيل مصر کان فلسطين تائين سفر 40 سالن ۾ پورو ڪيو. ان سفر ۾ هنن کي سُڪن ۽ سُڃن برپٽن ۽ سڙندڙ ۽ تپندڙ وارياسن علائقن مان لنگهڻو پيو، جتي منزلن جي مسافريءَ تائين نه ڇانوَ ميسر هئي، نه ساوڪ ۽ نه پاڻي. نيٺ هو تنگ ٿي چوڻ لڳا ته هن آزاديءَ کان ته فرعون جي غلامي سٺي هئي، جنهن ۾ کين ٻن ويلن جي ماني ته ملي پوندي هئي، هن برپٽ بيابان ۾ بکيو اڃيو مرڻ کان وڌيڪ سٺو هو ته مصر ۾ ئي جهڙي تهڙي زندگي گذارين ها. تڏهن خداوند انهن لاءِ آسمان مان مَن جي برسات وسائي ۽
”موسى هنن کي چيو ته هيءُ اهو رزق آهي جيڪو خداوند توهان کي کائڻ لاءِ ڏنو آهي. خداوند جو اهو حڪم آهي ته توهان ان کي پنهنجي پنهنجي کاڌي جي مقدار جيترو يعني پنهنجن ماڻهن جي ڳڻپ موجب هڪ ماڻهوءَ تي هڪ اومر گڏ ڪجو ۽ هر ماڻهو ايترن ماڻهن لاءِ گڏ ڪري جيترا هن جي ديري ۾ هجن ۽ بني اسرائيل جيستائين آباد ملڪن ۾ نه آيا يعني چاليهن سالن تائين من کائيندا رهيا.“ (خروج ب-16)
هن واقعي جو ڌيان طلب پاسو قبائلي برابريءَ جو اهو اصول آهي جنهن مطابق موسى خداوندي نعمت کي ورهايو. هي رزق بني اسرائيل جي محنت جو ثمر نه هو، پر انهن کي مفت مليو هو، پوءِ به ماڻهن کي اها موڪل نه ڏني وئي ته جيترو وڻين اوترو کڻن. هو رڳو پنهنجي ديري وارن لاءِ گڏ ڪري پئي سگهيا ۽ اهو به هڪ ماڻهوءَ تي هڪ مقرر مقدار ۾، ۽ جنهن لالچ ۾ اچي پنهنجي روزاني ضرورت کان وڌيڪ کنيو ان جي ذخيري ۾ ڪينئان پئجي ويا. (خروج ب-16)
مطلب ته بني اسرائيل جو هي قافلو من ۽ صلوى سان پيٽ ڀريندو ۽ چاليهن منزلن تي ترسندو، نيٺ اچي اردن نديءَ جي ڪناري تي پهتو جنهن موآب جي ميدانن ۾ تنبو کوڙيا. ڪنعان جي دعوى ڪيل زمين اردن جي هُن پار هئي.
”۽ خداوند موسى کي چيو ته بني اسرائيلن کي چئه ته جڏهن توهان اردن پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ داخل ٿيو ته ان ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهجو، ڇو ته مون اهو ملڪ توهان کي ڏنو آهي، ته جيئن توهان ان جا مالڪ ٿيو ۽ توهان ڪڻا وجهي ان ملڪ کي پنهنجن گهراڻن ۾ ميراث طور ورهائجو. جنهن خاندان ۾ وڌيڪ ماڻهو هجن، ان خاندان کي وڌيڪ ۽ جنهن ۾ ٿورا هجن ان کي ٿوري ميراث ڏجو ۽ جنهن ماڻهوءَ جو ڪُڻو جنهن جڳهه لاءِ نڪري، اهو حصو ان کي ملي. توهان پنهنجن اباڻن قبيلن مطابق پنهنجي ميراث وٺجو.“
هن ٽڪري مان خبر پوي ٿي ته بني اسرائيل ان دؤر مان گذري چڪا هئا، جڏهن زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي. اهو به ممڪن آهي ته انهن تي شايد اهو دؤر ڪڏهن به نه آيو هجي، ڇو ته انهن جو اباڻو ڌنڌو ٻني ٻاري ڪرڻ نه، پر چوپايو پالڻ هو، پر جڏهن مصر ۾ هنن کي آباد ڪرڻ لاءِ زمين ملي هئي، ته هنن مصرين جي قائدي موجب گهراڻن ۾ ورهائي ڇڏي. موسوي شريعت ان اصول کي قبول ڪيو، پر قبائلي انصاف ۽ برابريءَ جي گهر هئي ته جنهن گهراڻي ۾ ماڻهو گهڻا هجن انهن کي وڌيڪ ۽ جنهن گهراڻي ۾ ماڻهو گهٽ هجن انهن کي نسبتن گهٽ زمين ڏني وڃي. مطلب ته زمين جي هيءَ ورهاست ڪُڻا وجهي ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به گهراڻي کي شڪايت جو موقعو نه ملي.
حضرت موسى بني اسرائيل جي بزرگن ۽ سردارن کي ”گڏجاڻيءَ واري خيمي“ ۾ گڏ ڪيو ۽ شريعت جا حڪم انهن کي ڏاڍي تفصيل سان سمجهايا ۽ چيو ته ڏسو، خبردار، شريعت جي حڪمن ۽ تلقينن کان ڪڏهن به پاسو نه ڪجو، بني اسرائيل جي واحد خدا يهوداه کان سواءِ ڪنهن بُت، ڪنهن ديوتا، ڪنهن خدا جي عبادت نه ڪجو، پنهنجي پيداوار مان هر سال خيرات ڏجو، بيواهن ۽ يتيمن جي خبرچار ڪجو، هر ستن سالن کان پوءِ پنهنجي قرضدار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجو، مفلسن جي گهرج پوري ڪجو ۽ انهن کي فراخدليءَ سان قرض ڏجو، پاڙيسرين جي مال تي لالچي نظر نه وجهجو، جيڪڏهن ڪو عبراني مرد يا عورت قرض جي بدلي توهان وٽ وڪامي ۽ ڇهن سالن تائين توهان جي خدمت ڪري، ته ستين سال ان کي آزاد ڪجو، پر ان کي خالي هٿ وڃڻ نه ڏجو، پنهنجن ڳوٺن ۾ انهن ماڻهن کي قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪجو جيڪي سچائيءَ سان انصاف ڪري سگهن، انصاف جو خون نه ڪجو، نه ڪنهن سان ڇڏڇوٽ ڪجو ۽ نه ئي رشوت وٺجو، توهان پنهنجن ڀائرن مان ئي جيڪڏهن ڪنهن کي چاهيو ته بادشاهه به بڻائي سگهو ٿا، پر اهو پنهنجي لاءِ گهڻا گهوڙا نه رکي ۽ گهڻيون زالون نه رکي ۽ نه پنهنجي لاءِ سونَ ۽ چانديءَ جو ذخيرو ڪري، پر شريعت ۽ دستور جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي. ڪنهن اسرائيليءَ کي وياج تي قرض نه ڏجو، پنهنجن نوڪرن تي ظلم نه ڪجو ۽ سج لهڻ کان اڳ مزدور جو اجورو ادا ڪجو.
ڪتابِ استثنا جا صفحا ان قسم جي نيڪ تلقينن ۽ تنبيهن سان ڀريا پيا هئا. انهن مان ڪجهه حڪم اخلاقي آهن ۽ ڪجهه اقتصادي. حڪمن جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي، ته ڪنعان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي اسرائيلي سماج ۾ طبقا پيدا ٿي ويا هئا ۽ قبيلي جي زميني ملڪيت کان سواءِ ذاتي ملڪيت جو رواج به شروع ٿي چڪو هئو. جيڪي ماڻهو ڪلهه تائين فرعوني شهنشاهيت ۾ غلامن جهڙي حياتي گذاري رهيا هئا، اهي هاڻي پاڻ تخت ۽ تاج جي آرزو ڪرڻ لڳا، پر بادشاهه کي وڌيڪ عيش عشرت جي اجازت نه هئي. انهن ۾ هاڻي ڪجهه ماڻهو دولتمند هئا، جيڪي ٻين کي قرض ڏيندا هئا (پر وياج شرعي طور ناجائز هو) ۽ باقي ضرورتمند هئا. ڪجهه آقا هئا ۽ ڪجهه غلام، پر ڪو اسرائيلي جيڪڏهن غلام بڻجڻ تي مجبور هوندو هو ته ستن سالن کان پوءِ قانوني طور آزاد ٿي ويندو هو. ڪجهه ماڻهو واپاري هئا ۽ ڪجهه مزور، پر واپارين کي حڪم هو ته مزورن جو اجورو ڏيڻ ۾ دير نه ڪن. مطلب ته هن سماج ۾ هاڻي نه گڏپ رهي هئي ۽ نه برابري.
۽ جڏهن بني اسرائيل ڪنعان تي زوريءَ قبضو ڪيو ته مال ۽ ملڪيت جو فرق اڃا وڌي ويو، جڏهن ته هن زرخيز ملڪ ۾ پاڻيءَ جي گهڻائي هئي ۽ ڪڻڪ، جَوَ جون جهولندڙ ٻنيون هيون ۽ انگور، انجير ۽ زيتون جا باغ هئا ۽ ٽامي ۽ لوهه جون کاڻيون هيون، تڏهن ته خداوند يهوداه چيو هئو ته:
”هن ملڪ ۾ تو کي کوڙ ماني ملندي ۽ تو کي ڪنهن شَي جي کوٽ نه هوندي، تون کائيندين ۽ پيٽ ڀريندين.“ (استثناب)
پر طبقاتي نظام جي پنهنجي ”شريعت“ ۽ پنهنجو ”دستور“ هوندو آهي. ان ”دستور“ مطابق دولت پيدا ڪرڻ جا سمورا وسيلا ـــــــ ٻنيون، کاڻيون، باغ، واپاري ڪاروبار، غلام ـــــــ هڪ مخصوص طبقي جي ملڪيت ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ هڪ سٺو آقا پنهنجن غلامن سان انسانن جهڙو سلوڪ ته ڪري سگهي ٿو، پر هو پنهنجي مالڪيءَ جي حق تان هٿ نه کڻندو، نه ته آقا سڏائڻ جو حقدار نه رهندو. اهڙيءَ طرح زميندار جيڪڏهن رحمدل هجي ته هو پنهنجن هارين سان نرمي ته ڪري سگهي ٿو پر هُو پنهنجيون ٻنيون هارين ۾ وراهي نه ٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ايئن ڪري ته پوءِ زميندار ئي نه رهندو. اهڙيءَ طرح قرض ڏيندڙ پنهنجي قرض موٽائڻ ۾ سختيءَ کان پاسو ته ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي رقم معاف نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن هو ايئن ڪري، ته پوءِ هن کي ڏي وٺ جو ڪاروبار ختم ڪرڻو پوندو.
موسوي شريعت جو بنيادي تضاد اهو ئي هو ته اها هڪ طرف سڄيءَ قوم بني اسرائيل کي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي بشارت ٿي ڏئي، ته ٻئي طرف آقا ۽ غلام، بادشاهه ۽ رعيتَ غنيءَ ۽ محتاج جي طبقاتي فرق کي به جائز ٿي سمجهي.
بني اسرائيل جي سردارن ڪنعانين جي ٻنين، باغن، شهرن، محلن، صنعتن ۽ واپاري مڏين تي قبضو ڪيو، هر جاءِ پنهنجيون بادشاهيون قائم ڪيون ۽ شانَ شوڪت سان زندگي گذارڻ لڳا، پر ان ڦر جي مال مان عام يهودين کي دسترخوان جي بچيل پاروٿين مانين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو ۽ انهن جي حالت اڳي کان به خراب ٿي وئي. پراڻي قبائلي نظام ۾ انهن کي سڄي قبيلي جو تحفظ حاصل هو ۽ سڀني کي رزق ۽ روزگار جي برابر ضمانت ملندي هئي. هاڻي هر ماڻهو بکون ڪٽڻ يا ڍاپڻ لاءِ ”آزاد“ هو. قبائلي نظام ۾ قانون سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ رکندو هو ۽ عدالت مان ڪو به فريادي انصاف کان محروم ٿي نه موٽندو هو. نئين نظام ۾ قانون سيٺين جو ساٿ ڏيندو هو، عدالتن جا فيصلا دولتمندن جي حق ۾ هوندا هئا ۽ سرڪاري عملدار مال ملڪيت وارن جي پٺ جهليندا هئا.
پر ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسرائيلي پيشوائن هر موقعي تي ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مذمت ڪئي ۽ مظلومن جي حق ۾ آواز اٿاريو. هنن جو خيال هو ته سماجي نابرابريءَ جي ڪري دولتمند طبقي موسوي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي ۽ عيش عشرت ۾ پئجي ويو آهي، تنهنڪري عاموس بني ملڪيت جي مالڪن کان ڏاڍو خفا هو، ڇو ته هو ماڻهو پٿر جي محلن ۾ رهندا هئا، عاج جي پلنگن تي سمهندا هئا، ريشمي لباس پائيندا هئا، چانديءَ ۽ سونَ جي ٿانون ۾ کائيندا هئا، عمدا مهانگا شراب پيئندا هئا ۽ ناچ گاني جون محفلون سينگاريندا هئا، پر محتاجن ۽ مسڪينن جي پرواهه نه ڪندا هئا. جيڪڏهن هو پنهنجين حرڪتن کان نه مڙيا ته انهن تي ڄاڻ خدا جو قهر نازل ٿيندو.
”سامريه جي جبلن تي جمع ٿي وڃو ۽ ڏسو ته هن ملڪ ۾ ڪهڙو جهيڙو ۽ ظلم هلي پيو، ڇو ته اهي نيڪي ڪرڻ نه ٿا ڄاڻن جيڪي پنهنجن محلن ۾ ظلم ۽ ڦر گڏ ٿا ڪن، ان ڪري خداوند اهو ٿو فرمائي ته دشمن تنهنجي ملڪ جو گهيرو ڪندو ۽ تنهنجي قوت کي توکان ڌار ڪندو ۽ تنهنجا محل لُٽجي ويندا.“ (عاموس ب 3)
۽ هوسيع بني للڪاري چوي ٿو ته:
”فلسطيني سڌي راهه، شفقت ۽ خداشناسيءَ کان پري ٿي ويا آهن. بدزباني ۽ واعدي خلافيءَ ۽ قتلام ۽ چوريءَ ۽ حرامڪاريءَ کان سواءِ هتي ڪجهه نه آهي. هو ظلم ڪن ٿا ۽ خون مٿان خون ٿئي ٿو.“ (هوسيع ب 4)
هوسيع بنيءَ جو خيال هو ته ”بني اسرائيل جي سردارن شرارت جو هَر ڪاهيو، بدڪردارن جو فصل وڍيو ۽ ڪوڙ جو ميوو کاڌو. بس جيڪڏهن توهان عذاب کان بچڻ ٿا گهرو، ته سچ جو تخم پوکيو، شفقت جو فصل وڍيو ۽ پنهنجي برباد ٻنيءَ ۾ هر هلايو.“ (هوسيع ب 10)
۽ ميڪاه غضبناڪ ٿي آواز ٿو ڏئي ته:
”اي بني يعقوب جا سردارو ۽ بني اسرائيل جا حاڪمو! ٻُڌو! توهان ماڻهن جون کلون لاهيو ٿا ۽ انهن جي هڏين تان گوشت پَٽيو ٿا ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ٿا ــــــ اي بني يعقوب جا سردارو ۽ بني اسرائيل جا حاڪمو! جيڪي انصاف سان دشمني رکو ٿا ۽ شرافت کي ماريو ٿا، هيءَ ڳالهه ٻڌو! توهان جيڪي صيون کي قتلام ۽ يروشلم کي بي انصافيءَ سان اَڏيو ٿا، ان جا سردار رشوت وٺي انصاف ڪن ٿا ۽ ان جا ڪاهِنَ (عبادتگاهه جا نگران) اجورو وٺي تعليم ڏين ٿا ۽ ان جا بني مٺائي وٺي ڦارون (تعويذ) ڪيو ٿا ــــــ ان ڪري صيون توهان جي ڪري ئي ٻنيءَ جيان کيڙيو ويندو ۽ يروشلم کنڊر بڻجي ويندو.“ (ميڪاه ب 3)
جهڙيءَ طرح اسان جو دولتمند طبقو مذهبي رسمن تي دل کولي خرچ ڪري ٿو ۽ اهو ٿو سمجهي ته خدا خوش ٿي ويندو، اهڙيءَ طرح يهودين جو دولتمند طبقو به انهيءَ غرور ۾ هو ته يهوداه انهن جي قربانين سان خوش ٿيندو، پر اها انهن جي ڀُل هئي.
”اي سِـدوم جا حاڪمو! خدا فرمائي ٿو ته توهان جي قربانين جي گهڻائيءَ سان ڪهڙو واسطو! مان دنبن جي ٿلهين قربانين کان ۽ چرٻي چڙهيل پاڏن جي چرٻيءَ کان بيزار آهيان ۽ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڇيلن جي خون ۾ منهنجي خوشي ڪانهي. جيئن مون کي بخور کان نفرت آهي، تيئن چنڊ ۽ پوري چنڊ ۽ عيد جي گڏجاڻيءَ کان به نفرت آهي، ڇو ته مون کي بدڪرداريءَ واري ڪيل عيد قبول نه آهي. منهنجيءَ دل ۾ توهان جي نون چنڊن ۽ توهان جي مقرر عيدن کان نفرت آهي. اهي مون تي بار آهن. توهان جا چنبا رت ۾ ٻڏل آهن. پنهنجن برن ڪمن کي منهنجين اکين کان پري ڪيو. بدفعليءَ کان بس ڪريو. نيڪي ڪرڻ سکو. مان انصاف چاهيان ٿو. مظلومن جي مدد ڪريو. يتيمن جي فرياد ٻڌي پوري ڪريو. بيواهن جا حامي ٿيو. توهان جا سردار قاتلن ۽ چورن جا ساٿي آهن. انهن مان هر هڪ رشوت، دولت ۽ انعام گهري ٿو. اهي يتيمن سان انصاف نه ٿا ڪن ۽ انهن تائين بيواهن جي فرياد نه ٿي پهچي.“ (يسعياب ب 1)
يهودي پيشوا اصولي طور ذاتي ملڪيت جا مخالف نه هئا پر ذاتي ملڪيت جي حد کان وڌي وڃڻ ڪري جيڪي سماجي ۽ اخلاقي برايون پيدا ٿين ٿيون، انهن جي مذمت ڪندا هئا. انهن کي ملوڪيت (موروثي بادشاهيءَ) تي به اعتراض ڪو نه هو، پر هنن چاهيو پئي ته بادشاهه پنهنجي رعيت جو نگهبان ۽ محافظ هجي. هو واپارين جا به دشمن ڪو نه هئا پر هنن چاهيو پئي ته اهي پنهنجي ڪاروبار ۾ بي ايماني نه ڪن. هو دولتمندن کي اهو ڪو نه ٿا چون ته توهان پنهنجي سڄي ملڪيت عوام ۾ ورهايو پر اهو ضرور چاهيائون پئي ته ان دولت جو ڪجهه حصو محتاجن، مسڪينن، بيواهن ۽ يتيمن جي ڀلائيءَ تي به خرچ ڪن. مختصر طور هي، ته هو طبقاتي نظام جي خلاف ڪو نه هئا پر سماج ۾ اهڙيون سٺايون پئي چاهيائون جن جي ڪري ماڻهن جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي.
ان سماجي اڻ برابريءَ جو ردعمل هڪ سوشلسٽ فرقي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. عبراني ٻوليءَ ۾ ان فرقي جا ڪيترائي نالا آهن. مثال طور حشيم (ماٺ رهندڙ)، عساه يا عنشي ماسح (عمل ڪرڻ وارا ماڻهو)، وتيقـم ۽ بنائيم (اَڏيندڙ/معمار). يوناني، لاطيني ۽ انگريزيءَ ۾ ان کي ايسين (Essene) چوندا آهن. البيروني (وفات 1048ع) ۽ شهرستاني (وفات 1153ع) ان فرقي کي مغاريه يعني غارن ۾ رهندڙن جي لقب سان ياد ڪندا هئا. هي فرقو قديم ڪميونزم جي اصول تي سختي سان عمل ڪندو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪندو هو. هن فرقي جو ڪو هڪ شخص اڳواڻ نه هو، پر شايد ڪيترن ئي بزرگن ملي ان جو بنياد وڌو هو. مئڪس بيئر جو خيال آهي ته هي فرقو ٻي صدي ق.م ۾ وجود ۾ آيو. پهرين صدي عيسويءَ جي ٽن مـشهور تاريخدانن فيلو (20 ق.م ـــ 50ع)، جوزيفـس (37 ــ 95ع) ۽ پلائني ڪبير (23 ــ 79ع) هن فرقي جي پوئلڳن جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. فيلو اسڪندريه ۾ رهندڙ يهودي فلاسافر هو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”فلسطين ۾ چار هزار متقي ماڻهو رهندا هئا جن کي ايسين سڏبو هو. اهي ڳوٺن ۾ آباد هئا ۽ شهرن کان پاسو ڪندا هئا، ڇو ته شهرين ۾ برائي عام هئي. انهن مان گهڻا ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ باقي پرامن ڌنڌا ڪندا هئا. هو سونُ ۽ چاندي گڏ نه ڪندا هئا ۽ نه ئي زمينون وٺندا هئا ته جيئن پنهنجي آمدني وڌائن، پر رڳو ضروري گذر سفر لاءِ پورهيو محنت ڪندا هئا. اهي ئي آهن جيڪي ملڪيت جا مالڪ ناهن، ان ڪري نه، جو انهن جي قسمت ۾ ملڪيت ڪانهي پر ان ڪري جو انهن وٽ دولت جي لالچ ڪانهي. حقيقت ۾ اهي ئي سڀني کان وڌيڪ دولتمند آهن ڇو ته انهن وٽ اصل دولت قناعت ۽ توڪل آهي. توهان کي انهن ۾ تير، ڀالا، تلوارون، ڍالون، لوهي ٽوپلا ۽ زرهون ٺاهڻ وارا ڪو نه ملندا ۽ نه ئي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو جنگي هٿيار ٺاهيندو هجي يا جنگ سان تعلق رکندو هجي. واپار، شراب، صنعت ۽ جهاز راني انهن جي ذهن ۾ ڪا نه ٿي اچي، ڇو ته هو انهن سڀني شين کان پاسو ڪندا آهن جنهن سان حرص ۽ حوس پيدا ٿئي. انهن ۾ ڪو به غلام نه هوندو آهي. سڀ ماڻهو آزاد هوندا آهن ۽ هڪٻئي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي حاڪمن ۽ صوبيدارن کان نفرت ڪندا آهن ڇو ته انهن ماڻهن برابري ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ فطرت جي دين کي ڇڏي ڏنو اٿائون. اهو فطرت جو دين ماءُ جيان آهي جيڪو سڀني کي هڪ جيترو پيار ڪندو آهي ۽ سڀني جي پرورش ڪندو آهي، ته جيئن ڀائرن جيان پيار محبت سان رهن، پر هي رشتو دغابازيءَ ۽ لالچ جي ڪري ٽٽي پوي ٿو ۽ ڀروسي جي جاءِ تي بي اعتمادي ۽ پيار جي جاءِ تي نفرت پيدا ٿئي ٿي. ايسين کي خدا ترسيءَ، نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ جي تعليم ڏني ويندي آهي. گهريلو معاملن ۾ به ۽ قومي مسئلن ۾ به انهن کي خير ۽ شر جو فرق سيکاريو ويندو آهي. انهن جا ٽي بنيادي اصول هي آهن: خدا سان محبت، نيڪيءَ سان محبت ۽ انسانذات سان محبت. انسانذات سان محبت جو اظهار سخاوت، برابري ۽ ملڪيت ۾ شريڪ هئڻ وسيلي ٿيندو آهي. انهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي. سوشلسٽ رهڻيءَ جي باري ۾ آءٌ ڪجهه وڌيڪ چوڻ به چاهيان ٿو. پهرين ڳالهه اها آهي، ته ڪنهن وٽ به اهڙو گهر ڪونهي جيڪو سڀني جي ملڪيت نه هجي. ان کان سواءِ هو سماجي طور گڏجي رهندا آهن، هر گهر جو دروازو پري کان آيل هر ساٿيءَ لاءِ کليل رهندو آهي. گهر جو سڄو مال متاع به سڀ لاءِ هوندو آهي، ويندي لباس به. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن لاءِ به کاڌو ڪڍي رکيو ويندو آهي جيڪي لنگر (گڏجي کائڻ) وقت پهچي نه سگهندا آهن. گڏجي رهڻ ۽ کائڻ جو رواج انهن ماڻهن کان وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ ايترو سٺو ۽ مڪمل نه آهي. هو ڏينهن جو جيڪو ڪمائيندا آهن ان کي پنهنجي گهرن ۾ لڪائي نه رکندا آهن، پر بيت المال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا آهن، جيئن سڀني جي ڪم اچي. بيمارن ۽ پوڙهن جي خبرچار ڏاڍي پيار سان ڪئي ويندي آهي.“
جوزيفس به ان فرقي جو ذڪر ڏاڍي احترام سان ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”ايسين دولت کان نفرت ڪن ٿا. انهن جي گڏيل زندگي حيرت جهڙي آهي. انهن ۾ اهڙو هڪ ماڻهو به نه ملندو جيڪو مال ملڪيت جي ڪري پاڻ کي ٻين کان مٿاهون سمجهندو هجي، ڇو ته انهن جو قانون آهي ته جيڪو ماڻهو انهن جي برادريءَ ۾ داخل ٿئي، اهو پنهنجو سڀ مال متاع برادري جي حوالي ڪري. ان ڪري نه انهن ۾ غربت آهي، نه بک، نه زيانُ ۽ نه عيش.“
ان فرقي يا برادريءَ جا باقائدي قانون هئا. فرقي جي ميمبري ورثي ۾ نه ملندي آهي، پر اهي ماڻهو شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي برادريءَ جي قانونن کي قبول ڪن ۽ انهن تي سچيءَ دل سان عمل ڪن. ميمبري گهرڻ وارن ماڻهن کي ٽي سال اميدوار ٿي رهڻو پوندو آهي. ان عرصي ۾ انهن کي برادريءَ جي اصولن جي سکيا ڏني ويندي هئي ۽ انهن جي ڪردار ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي نظرداري ٿيندي هئي. انهن جا ڳوٺ گهڻو ڪري مُردار سمنڊ (Dead Sea) جي الهندي ڪناري تي آباد هئا، پر هو شهرن ۾ به رهندا هئا. انهن جو لباس ۽ کاڌو ڏاڍو سادو هوندو هو تنهنڪري انهن جي لنگرخانن ۾ هڪ وقت ۾ رڳو هڪ ڀاڄي پچندي هئي. سيءُ هجي يا گرمي، هو سدائين ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجندا هئا. ان درويشاڻي حياتيءَ باوجود انهن جو رهبانيت سان ڪو به تعلق ڪو نه هو، پر هو عام ماڻهن جي غمن ۽ خوشين ۾ برابر شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن جي مسئلن سان گهري دلچسپي رکندا هئا، تان جو ملڪ جي سياسي جدوجهد ۾ به حصو وٺندا هئا، تنهنڪري رومين جڏهن فلسطين تي حملو ڪيو ته بنائين وڏي بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو.
هن فرقي جي تعليم جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ڪو چئي ٿو ته سوشلسٽ رهڻي ڪهڻيءَ جو اثر بنائين حڪيم پِٿاگورس جي سوشلسٽ برابريءَ مان ورتو. ڪن جو خيال آهي ته هي ماڻهو گوتم ٻڌ جي ڀڪشُن جي زندگيءَ کان متاثر ٿيا. ڪن جي راءِ آهي ته ايئن نه آهي پر يهودين جون پراڻيون روايتون ئي ان قسم جون هيون ۽ يهودي بني به اهڙي ئي زندگيءَ جي تلقين ڪندا هئا. تنهنڪري بنائين جيڪڏهن طبقاتي زندگي ڇڏي، گڏيل زندگيءَ جي طريقن کي پنهنجو ڪيو هو، ته ڪا عجب جي ڳالهه ڪا نه ڪئي هئي پر يهودي قوم فلسطين ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجين جن پراڻين روايتن کي وساري ويٺي هئي، انهن کي ٻيهر جياريو هو. اها ئي ڳالهه وڌيڪ صحيح لڳي ٿي. اهو به ممڪن آهي ته بنائي، حڪيم پٿاگورس ۽ گوتم ٻڌ جي تعليمن کان واقف هجن ۽ پنهنجي برادري قائم ڪرڻ ۾ کين انهيءَ تعليم مان مدد ملي هجي، ڇو ته ان زماني ۾ فلسطين جا واپاري لاڳاپا يونان ۽ اٽليءَ سان به هئا ته هندستان سان به، تنهنڪري بنائين لاءِ پٿاگورس يا گوتم ٻڌ جي سوشلسٽ برادرين کان واقف ٿيڻ ڪا عقل کان پري جي ڳالهه ڪانهي.
فلسطين جي تاريخ ۾ بنائين جو نشان ٻي صدي عيسويءَ کان پوءِ ڪو نه ٿو ملي، پر انهن جي تاريخي ڪردار کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي. هنن طبقاتي هيٺ مٿاهين جي ماحول ۾ رهندي سوشلسٽ اصولن کي نه رڳو هلايو پر ڪاميابيءَ سان عمل ۾ آندو. اها به حقيقت آهي ته پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي سمورين خوبين باوجود اهي فلسطين جي سماجي ڍانچي، جيڪو ذاتي ملڪيت جي طبقاتي بنيادن تي ٻڌل هو، بدلائي نه سگهيا. انهن ان تبديليءَ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ۽ شايد ضرورت به محسوس نه ڪئي. شايد انهن جو خيال هو ته انهن کي ڏسندي (۽ رِيس ڪندي) ٻيا ماڻهو به انهن جي اصولن تي هلڻ لڳندا. پر ظاهر آهي ته ملڪيت وارو طبقو پنهنجي دولت ۽ اقتدار تان کل خوشيءَ سان هٿ نه کڻندو آهي پر ان کي زوريءَ بي دخل ڪيو ويندو آهي. اهو زور عوام جي سمجهه ۽ ٻڌيءَ سان پيدا ٿيندو آهي. پر بنائين اها زور جي تنظيم ۽ اڳواڻي پنهنجو فرض نه سمجهندا هئا تنهنڪري جنهن سوشلسٽ نظام جو تجربو هنن ڪيو هو، اهو انهن سان گڏ ئي دفن ٿي ويو ۽ فلسطين جي سماج تي ان جو ڪو چٽو اثر نه پيو.
1947ع ۽ 1952ع جي وچ ڌاري مُردار سمندر جي الهندي ڪناري قمران جي غارن مان کَل تي لکيل جيڪي ٽڪرا هٿ آيا آهن، انهن مان به هن سوشلسٽ فرقي جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ عقيدن تي اڃا وڌيڪ روشني پوي ٿي. اهي ليک-کلون لڳ ڀڳ ٻه هزار سال پراڻيون آهن. انهن مان ڪجهه ته پراڻي عهد نامي جو نقل آهن پر ڪجهه تي مغارين جا اقتصادي سماجي قانون ۽ ضابطا ۽ دعائون لکيل آهن. انهن مان پهرين صديءَ جي تاريخدانن جي بيانن جي پوري تصديق ٿئي ٿي. قديم آثارن جي ماهرن تمران جي جبلن ۾، جيڪي بيت المقدس کان رڳو ويهه ميل پري آهن، کوٽائي ڪري مغارين جو هڪ پراڻو ڳوٺ به لڌو آهي. اهو ڳوٺ 135 ق.م لڳ قائم ڪيو ويو ۽ 70ع تائين يعني لڳ ڀڳ ٻه سَو سالن تائين آباد رهيو.
ٻي صدي ق.م ۾ فلسطين جو علائقو سڪندراعظم جي پوئلڳن جي قبضي ۾ هو. 135 ق.م ۾ جڏهن بادشاهه هرسانوس پروشلم جي يهودين کي يوناني تهذيب قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ته مغارين جي هڪ ٽولي يونانين جي ظلمن کان تنگ ٿي قمران جي جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ پوءِ اتي ئي لاڳيتو آباد رهيو. انهن جي پيشوا يا اڳواڻ جو نالو صدوق (سچو) هو، ان ڪري هو پنهنجو پاڻ کي صدوقي يا بني صدوق چوندا هئا. 70ع ۾ رومي فوجن جي هٿان پروشلم جي تاريخي برباديءَ کان پوءِ قمران جو صدوقي ڳوٺ تباهه ٿي ويو ۽ ان جو نالو نشان به نه رهيو.

_______________________
 ڪتابِ پيدائش. باب 26
 ڪتابِ خروج. باب 12
 ڪتابِ استثناب. باب 13
 ڪتابِ خروج. باب 12
 Max Beer: Social Struggles in Antiquity. P-20. Landon. 1922.
 Encyclopaedia Brittanica. Vol. 8. P-718.